ذوالفقار راشدي: ڪير اسان کي موٽائي ڏي
27 آگسٽ تي صبح سان منھنجي دوست محمد علي پٺاڻ ننڊ مان اٿاري، مون کي اها ڀيانڪ خبر ٻڌائي تہ ذوالفقار راشدي گذاري ويو! ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مان ٽريفڪ جي وچ مان تيزي سان موٽر سائيڪل ڊوڙائيندو اسپتال پھتس. ڊيوٽي آفيسر چيو، ”ها، ذوالفقار راشدي گذاري ويو. کيس رات جو هڪ وڳي ڳوٺ کڻي ويا!“ دل چاهيو، ڊيوٽي آفيسر سان وڙهي پوان ۽ کانئس انھيءَ جي ترديد ڪرايان، پر مان هڪ ٿڌو ساھہ کڻي اسپتال کان ٻاهر نڪري ويس.
1975ع ۾ پھرين ئي ملاقات ۾ هن مون کي موهي ورتو هو ۽ پوءِ اسان هڪٻئي جي ويجهو ايندا وياسين. هڪ ٻئي لاءِ اسان جو ڪو راز، راز نہ رهيو ۽ ڪو ڏک، ڪو سک، هڪٻئي کان ڌار نہ رکيوسين. هن جا هزارين مريد، ڪيترائي هاري، سوين ملڻ وارا ۽ کوڙ دوست هئا، پر ڇا انھن مان ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو تہ هن راشدي صاحب کي رئندي بہ ڏٺو هجي!؟ مان سمجهان ٿو، سواءِ منھنجي ٻيو اهڙو ڪو شاهد نہ هوندو، جنھن جي اڳيان راشدي صاحب رنو بہ هجي. جڏهن هن جي اندر جا ڏک شدت اختيار ڪري ويندا هئا، تڏهن هو ڳوٺ کان ڪھي مون وٽ هليو ايندو هو ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ائين بہ ٿيندو هو تہ ٻاهر سندس ماڻھو ڪار ۾ ويٺا انتظار ڪندا هئا ۽ اندر هو مون وٽ روئي پوندو هو، پر ڪجهہ ئي دير کان پوءِ هو مرڪي بہ پوندو هو ۽ ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي موڪلائيندو هو.
مون حياتي پئي گذاري، مرڪندي.
عيب ناهي ڪا گهڙي روئي ڏسان.
(ذوالفقار)
مون کي ياد ناهي تہ ڪڏهن هو مون سان هٿ ڏئي مليو هجي. جڏهن بہ ملندو تہ ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائي ملندو هو، موڪلائڻ مھل گهٽ ۾ گهٽ ٻہ يا ٽي دفعا ورائي ڀاڪر پائيندو هو، پوءِ ڀل کڻي هڪڙي ڏينھن ۾ چار دفعا ملجي. ملندو تہ هر شخص سان هو ڏاڍي قرب سان هو، پر جيڪڏهن ڪوئي ليکڪ، فنڪار يا دوست هوندو تہ ان جي عزت مون راشدي صاحب وٽ ڏٺي. هزارين مريدن جي جماعت موجود هجي، راشدي صاحب لاءِ ڪار جو دروازو کولڻ لاءِ ڀل ڏھہ ڏھہ ماڻھو ڊوڙن، پر دوست لاءِ راشدي صاحب ڪار جو دروازو پاڻ کوليندو. اڳ ۾ دوست، اديب يا فنڪار کي ويھاريندو ، پوءِ پاڻ وهندو.
1982ع ۾ جڏهن مون هڪ ادبي اداري جو بنياد وجهڻ ٿي چاهيو، تڏهن انھيءَ جو نالو ”سڳنڌ پبليڪيشن“ راشدي صاحب ئي چونڊيو هو ۽ انھيءَ اداري طرفان مون پھريون ڪتاب راشدي صاحب جو شعري مجموعو ”سوچ کي لوڇ“ ڇپرايو هو. ”سوچ کي لوڇ“ جي بروشر ۾ مون لکيو هو، ”اها ڳالھہ تہ بھر:حال مان يقين سان چئي سگهان ٿو تہ راشدي صاحب جي ادبي/ذاتي دوستن مان جيترو ويجهو ساڻس مان رهيو آهيان، اوترو ويجهو شايد ئي ساڻس ڪو رهيو هجي ۽ ساڻس ويجهي رهڻ ڪري ئي، مون کي ڄاڻ آهي تہ هن نہ فقط پنھنجي محبتن سان محبت ڪئي آهي، پر هن پنھنجي اندر جي تنھائين، دکن، پيڙائن ۽ ويندي جڳ وٽان مليل نفرتن سان بہ عشق ڪيو آهي.
”سوچ کي لوڇ“ جڏهن ڇپجي تيار ٿيو هو ۽ مون ڪتاب جون ڪاپيون راشدي صاحب کي ڏنيون هيون، تڏهن هن انھن مان هڪ ڪاپي کڻي، انھيءَ تي ڪجهہ لکي اها ڪاپي مون کي ڏني هئي. لکيو هئائين، ”پنھنجي دل گهرئي ۽ محبوب زيب سنڌيءَ لاءِ، جيڪو بھر:حال منھنجو/ مون کي محبوب ئي آهي.“ جڏهن مان هي سٽون لکي رهيو آهيان. تڏهن دل مڃي ئي نٿي تہ، مونکي پيار ڪرڻ وارو، منھنجو بزرگ دوست مون کان وڇڙي ويو آهي! مان هي سٽون لکندي بہ ور ور ڪنڌ کڻي سامھون رستي تان لنگهندڙ گاڏين کي ڏسي رهيو آهيان. ڄڻ اجهوڪا منھنجي دوست جي گاڏي اچي سامھون بيھندي ۽ هو پري کان ئي مون کي ڏسي، مرڪندو مون ڏانھن هليو ايندو ۽ کليل ٻانھون مون ڏانھن وڌائي مون کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو!
ڪير منھنجو آ هيڏي ميلي ۾
مون کي ڀاڪر تہ ڪو وجهي ئي نٿو
(ذوالفقار)
هن کي پنھنجو ڪتاب ”ڪسوٽي“ ڏسڻ جي ڏاڍي آس هئي. 1982ع ۾ ئي اهو ڪتاب سھڻي پريس حيدرآباد ۾ ڏنو ويو هو، پر 1986ع جي اڌ تائين اهو ڪتاب گردشن ۾ رهيو. اها هڪ الڳ ڪھاڻي آهي، جيڪا مان راشدي صاحب تي تفصيل سان لکڻ وقت لکندس.
راشدي صاحب سان منھنجون ايڏيون گهڻيون ڪچھريون ۽ ملاقاتون ٿيل هن، جن جو ڪو انت شمار ئي ڪونھي. هن جا انيڪ خط، عيد ڪارڊ، ٽيليگرام، تصويرون، هن جا ڏنل ڪتاب ۽ هن جون املھہ يادون… مان يقين راشدي صاحب تي سوين صفحا لکي سگهان ٿو ۽ ڪڏهن ضرور لکندس. اهو عهد مون هن جي چھري تان ڪفن پري ڪري، غلاف جو ڪارو ڪپڙو هٽائي، بند اکين سان ستل، منھن تي هلڪي مرڪ ڦھليل، پنھنجي دوست جو آخري ديدار ڪرڻ وقت ئي ڪري ڇڏيو هو.
ها تہ ڳالھہ پئي ڪيم سندس ڪتاب جي چئن سالن کان وڌيڪ عرصي جي گردشن جي. سالن جي گردشن کان پوءِ ٻہ مھينا کن اڳ وڃي سندس ڪتاب بائينڊنگ جي مرحلي ۾ پھتو. ٽائيٽل بہ ڇپجي ويو. راشدي صاحب کان پڇيم، ”بئڪ ٽائيٽل تي ڇا ڏيڻو آهي.“
هن چيو، ”هفتي کن ۾ ڪجهہ لکي ڏيندوسانءِ.“ ۽ اهو هفتو کن سندس طبعيت مطابق ويو اينگهبو ۽ ٻہ مھينا گذري ويا.
گذريل هفتي مليو تہ چيومانس، ”ڪجهہ لکي ڏيو نہ تہ مان ائين ئي کڻي ڪتاب پڌرو ڪندس، يا وري پاڻ ئي ڪجهہ لکي ڇپي ڇڏيندس.“
چيائين، ”نہ ڏينھن ٻن ۾ ئي ڪجهہ لکي ڏيندوسانءِ.“ ۽ پوءِ نہ اهو ڏينھن آيو ۽ نہ وري ملياسين. سوچيان ٿو، شايد ڪسوٽيءَ جو بئڪ ٽائيٽل مون کي ئي لکڻو هو ۽ ان تي هن جي وڇوڙي جو ذڪر ئي اچڻو هو!
هن جي وڇوڙي کان ٽي ڏينھن اڳ، بڙودا کان ليکڪ آنند ٽھلرامائي جو خط مليو هوم، جنھن ۾ آنند لکيو هو، ”اڄڪلھہ راشدي صاحب جو ڪوبہ جواب نٿو اچي...... کيس گهڻا سلام ڏج ۽ سندس صحت بابت بہ لکج.“ ٻئي ڏينھن تي وري بمبئي کان ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي جو خط آيو هوم. ڊاڪٽر صاحب خط جي پڇاڙي ۾ لکيو هوم. ”ادي راشديءَ کي سلام ڏج ۽ ميار بہ ڏجانس تہ احوال ئي ڪونہ ٿا موڪليو. ڪاوڙ آهي ڇا؟“ انھن خطن کان هڪ ڏينھن اڳ هري موٽواڻيءَ سان لاڙڪاڻي ۾ ملاقات ٿي هئم، پر انھن ٽن چئن ڏينھن ۾ راشدي صاحب سان ملاقات ئي نہ ٿي، جو مان اهي سلام ۽ ميارون هن تائين پھچائي سگهان! ڇا هاڻي مان روايتي طرح سان انھن دوستن کي لکان، تہ اسان جو ذوالفقار، اسان کان سدائين لاءِ اوهان جي سلامن ۽ ميارن پھچڻ کان اڳ ئي ڪاوڙجي ويو آهي! ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي!!
چمڪي چمڪي ويئي وسامي هڪڙو ڀيرو لاٽ،
ڀٽڪي ڀٽڪي بيھي رهندين وري نہ ملندئي واٽ.
(ذوالفقار)
پر ڇا ڪجي! موت تہ زهر جھڙو سچ آهي! ڪالھہ صبح سان ئي انھيءَ سانحي جو اطلاع دوستن کي ڏيڻ لاءِ فون اڳيان رکي ويٺس تہ ڪجهہ اخباري نمائندا آيا ۽ راشدي صاحب جي فن، ذات ۽ موت بابت خبر لاءِ مون کي ئي نوٽس کين لکي ڏيڻا پيا ”سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر، نقاد ۽ درگاھہ شاھہ جو ڳوٺ جو سجاده نشين محترم ذوالفقار راشدي اڄ 49ع ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. چيو وڃي ٿو تہ اڱاري ڏينھن شام جو سندس طبعيت جي اسپتال آندو ويو، جتي هو رات جو هڪ وڳي گذاري ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ مٿس ٽيٽنس جو حملو ٿيو.“
ذوالفقار راشدي شاعري کان سواءِ تنقيدي مضمون، علمي مقالا ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون پڻ لکيون. هو ڪجهہ عرصو هاري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو ۽ نئين ديري ۾ هاري ڪاميٽي جو پھريون ڪنوينشن ڪوٺايو هئائين. هو مرحوم حيدر بخش جتوئي جي ويجهن دوستن مان هو. سندس شاعري جو ٻيو مجموعو ۽ ڪھاڻين جو مجموعو ترتيب هيٺ هئا. مرحوم سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو ۽ وسيع مطالعو رکندڙ هو ۽ سندس شمار سنڌي جي اهم شاعرن ۾ ٿيندو هو.“
جڏهن اها خبر اخبارن ۾ لڳي آهي. تڏهن انھي ۾ اهو لکيل آهي تہ هن کي شام جو دفنايو ويو! هن کي دفنائي بہ ڇڏيائون پر هن جي دوستي جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ سڄي سنڌ جي ليکڪن مان ڪوبہ هن جو ڪانڌي نہ هو. سوائي لاڙڪاڻي جي چئن ليکڪن رزاق مھر، مولا بخش ڪلھوڙي، محمد علي پٺاڻ ۽ منھنجي! ۽ اها ڄاڻ مان سمجهان ٿو، منھنجي دوست ذوالفقار کي بہ يقينن هئي...... تڏهن ئي تہ هن لکيو هو:
سوچيان ٿو تہ مري جي ويندس، مون لئہ روئندو ڪير،
منھنجا پنھنجا اڳي مري ويا، باقي سڀڪو غير!
(هي مضمون، ذوالفقار راشدي صاحب کي دفنائڻ کان فقط ڪجهہ ڪلاڪ پوءِ لکيو ويو هو.)
(1986ع)