شھيد راڻي۽ هڪ سوال!
مارئي جي اباڻي لوئي مون کي گهڻي پياري آهي
مارئيءَ کان مون پرايو آهي
۽ پڻ صوفي سنتن کان....
سنڌ جي صوفياڻي خمير مان جنم وٺندڙ ۽ مارئيءَ جيان وطن سان محبت ڪندڙ بينظير ڀٽو جڏهن هڪ عظيم ليڊر ٿي اڀري تہ، نہ فقط هن ملڪ تي حڪمراني ڪئي، پر شھيد ڀٽي جيان عوام جي دلين تي بہ حڪمراني ڪئي ۽ خاص طور تي سنڌ جي مارو ماڻھن جي دلين جي راڻي بڻجي وئي. اسان جي ملڪ تي حڪمراني تہ آمرن بہ ڪئي آهي، پر انھن آمرن جمھوريت، توڙي بنيادي انساني حقن کي لانگ بوٽن هيٺان چيڀاٽي، بندوق جي زور تي حڪومت ڪئي. اسان جي ملڪ تي حڪمراني انھن ماڻھن بہ ڪئي آهي، جن آمريت جي پاڇي ۾ خودرو ٻوڙن ۽ ڪانڊيرن جيان جنم وٺي، درخت هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. فقط شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو ئي اهڙا حڪمران نظر اچن ٿا، جن نہ فقط ووٽ جي طاقت سان حڪمرانيءَ جو حق حاصل ڪيو، پر انھن جي محبت جون ميخون عوام جي دلين ۾ بہ موجود هيون. دنيا جي تاريخ ۾ تمام گهٽ اهڙا حڪمران رهيا آهن، جن زمين سان گڏ دل جي ڌرتيءَ تي بہ حڪمرانيءَ جو درجو حاصل ڪيو هجي، پر جڏهن ڪنھن حڪمران کي اهڙو عوامي درجو ۽ قبوليت حاصل ٿي آهي تہ، اهي آمر قوتن جي اک جو ڪنڊو بڻجي پيا آهن ۽ انھن آمر قوتن راتاهو هڻي عوامي راڄ ۽ ڀاڳ تي ڌاڙو هنيو آهي. جن ذوالفقار علي ڀٽي کي رات جي اونداهيءَ ۾ اسير بڻايو هو ۽ ڪال ڪوٺڙيءَ جي ٻن سالن جي ڊگهي رات کان پوءِ، صبح ٿيڻ کان اڳ کيس تختئہ دار تي چاڙهي دارالبقا ڏانھن روانو ڪيو هو، انھن ساڳين ”مڊ نائيٽ جيڪالس“ ئي بينظير ڀٽو جي عوامي راڄ تي ٻہ دفعا راتاهو هنيو هو ۽ پوءِ آمريت خلاف جدوجھد جي راھہ تان هٽائڻ خاطر کيس شڪار بڻائي شھيد ڪيو ويو هو. انھن عقل جي انڌن تہ اهو نٿي ڄاتو تہ شھيد ڪڏهن بہ مرندا ناهن، پر سنڌ ڄاون پيءُ ۽ ڌيءُ اها ڳالھہ چڱيءَ طرح ڄاتي ٿي. تڏهن ئي تہ شاعراڻي دل رکندڙ، سنڌ جي شھزاديءَ بينظير شھيد پنھنجي نظم ۾ چيو هو تہ:
هڪ وٽ طاقت هوندي آهي
ٻئي وٽ حق
هڪ وٽ تلوار هوندي آهي
ٻئي وٽ قلم
هٿيار ڪٽجي ۽ زنگجي ويندا آهن
۽ پري وڃي ڪرندا آهن
پر خيال سدائين جيئرا رهندا آهن....
ڪيڏا بہ وس ڪيا وڃن، پر خيال ۽ فڪر جو موت ڪڏهن بہ نٿو ٿئي. دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي ڪتاب مورخن جا لکيل نہ، پر منشين کان لکرايل آهن. مورخن بجاءِ منشين کان پنھنجي مرضيءَ ۽ منشا جون تاريخون لکرائيندڙ وقت جي جابر حڪمرانن جيان، اسان وٽ بہ وڏا وس ڪيا ويا ۽ حيلا هلايا ويا تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي خون تي منفي تاثر جو ڍڪ رکي سگهجي، پر شھادت جي سختي نسورو ئي نينھن هوندي آهي. عشق ۽ مشڪ کي لڪائي ناهي سگهبو ۽ نہ ئي واءَ کي ڌاڳا ٻڌي سگهبا آهن. ان ڪري آمرن، توڙي آمريتي سوچ وارن سڀني ماڻھن جا سمورا حيلا ۽ وسيلا شڪست کائي ويا. شھيد ڀٽي، فڪر ۽ خيال جي جنھن زمين کي پنھنجي رت جو ريج ڏنو هو، فڪر جي انھيءَ سرزمين مان ئي ”پنڪيءَ“ جھڙو گلاب ڦٽو تہ فضائن ۾ وري هڪ نئين مهڪ ڦھلجي وئي. ”پنڪيءَ“ جھڙي گلاب جي خوشبوءِ ۾ آمريتي ۽ دقيانوسي سوچ جو ساھہ ٻوساٽجڻ لڳو، جنھن ڪري انھن سنڌ جي هن گلاب کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو، پر انھن ڪانئرن کي ناهي خبر تہ شھيدن جي رت سان ڳاڙهي ٿيل ڳڙهي خدا بخش جي مٽي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي، جو نہ فقط شھيد، پرخيال ۽ فڪر جو موت بہ ڪڏهن نٿو ٿئي. خيال تہ بيشڪ سدائين جيئرا رهندا آهن. جيڪڏهن خيال ۽ فڪر جي روشني سلامت نہ رهي ها تہ هيءَ دنيا اڄ اوندھہ جو ٻيٽ هجي ها، پر هڪ انسان جي خون کي سڄي انسانيت جو خون بہ تہ چيو ويو آهي... ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ اسان سنڌ اندر ٻہ دفعا اهڙا منظر ڏٺا آهن، جن کي ڏسي لڳو آهي تہ، بيشڪ هڪ انسان جو خون سڄي انسانيت جو خون آهي....۽ اهي ٻئي منظر اسان کي ڳڙهي خدا بخش جي شھيدن جي خون سبب نظر آيا آهن.
بيشڪ قيد، بند، جلاوطنيون ۽ موت جون ڌمڪيون بہ بينظير ڀٽو جو ڪنڌ جهڪائي نہ سگهيون ۽ هن شھادت ماڻي پنھنجو ڳاٽ اوچو ئي رکيو، پر چار سال گذرڻ جي باوجود سنڌ جي شھيد راڻيءَ جو رت ۽ روح انصاف جو منتظر آهي! اڄ بہ سائين محمد ابراهيم جويي جي لفظن سان، سنڌ اهو ئي سوال ٿي پڇي تہ:
اسان تہ پنھنجن جا لاش ڪلھن تي
ڍوئي ڍوئي ٿڪيا آهيون
ڪيسين ڪانڌيءَ وارو ڪردار اسان جي
حصي هوندو
هي سورهيہ: جن جان ڏني
ڇا تن جو رت ائين وئرٿ ويندو!؟
(27- ڊسمبر 2011ع)