شبنم گل: سنڌي نياڻين لاءِ هڪ مثالي شخصيت
شبنم کي مون پھريون ڀيرو 1986ع ۾ ڪراچي ٽي وي جي اسٽوڊيوز ۾ هڪ ڊرامي جي سيٽ تي اداڪاري ڪندي ڏٺو هو. سندس پھريون ئي ڊرامو هو، پر هن ڏاڍي خوداعتماديءَ سان پرفارم پئي ڪيو. ٻن اڍائي سالن کان پوءِ 1988ع ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر جي حيثيت سان مون نوڪريءَ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن هڪ ڏينھن سنجيدہ طبعيت واري هڪ ڇوڪري منھنجي ڪمري ۾ لنگهي آئي هئي، ”مان شبنم بلوچ آهيان.“
مون کي سندس چھرو شناسا لڳو هو ۽ ذهن تي گهڻو زور ڏيڻو نہ پيو هوم. سندس پھرين (۽ هيل تائين آخري) ٽي وي ڊرامي ۾ بھترين پرفارمنس سبب مون کيس سڃاڻي ورتو هو.
هوءِ اڪثر ريڊيو تي ايندي هئي. هڪ ڏينھن چيو هئائين، ”مان لکندي بہ آهيان.“ ۽ پنھنجي ڊائري جي وچ مان اردو اخبارن جي عورتن وارن صفحن ۾ ڇپيل ننڍڙيون ننڍڙيون تحريرون ڪڍي ڏيکاريون هئائين. پھرين تہ مون انھن مختصر لکڻين ڏانھن ڌيان نہ ڏنو هو، پر جڏهن پڙهي ڏٺيون هيم، تہ سندس خيال جي گهرائي مون کي حيران ڪري وڌو هو! ٻڌايو هئائين تہ هن اهڙيون ڪيتريون ئي لکڻيون لکيون آهن ۽ کوڙ سارا انٽرويوز بہ ڪيا آهن. تڏهن مون کانئس هڪ سوال پڇيو هو، ”اردو اخبارن ۾ ايترو ڪجهہ لکڻ کان پوءِ بہ، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ توهان کي ڪا سڃاڻپ ملي آهي؟“
هوءَ مون کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏئي نہ سگهي هئي. پوءِ مون کي جيڪو بہ ليڪچر ڏيڻو هو، سو مون کيس ڏنو هو. هوءَ خاموشي سان مرڪي مرڪي منھنجون ڳالھيون ٻڌندي رهي هئي.
ڪجهہ وقت کان پوءِ، جڏهن مون کي ڊرامي جو سيڪشن مليو هو، تڏهن هن هڪ اسڪرپٽ آڻي مون کي ڏنو هو ۽ چيو هئائين، ”توهان مون کي سنڌي ۾ لکڻ لاءِ چيو، سو مون هي ڊرامو لکي ورتو آهي.“
اهو ڊرامو، سندس پھرين سنڌي تحرير هئي، جيڪو هن 1989ع ۾ لکيو هو ۽ اهائي پھرين لکڻي هئي، جيڪا شبنم بلوچ بجاءِ، شبنم گل جي نالي سان لکي هئائين. اهو ڊرامو مون ريڊيو تان پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ هن ڪي ٻيا ڊراما بہ مون کي لکي ڏنا هئا، جيڪي ان وقت ريڊيو تي لکندڙ اڪثر سينئر ليکڪن جي ڊرامن کان وڌيڪ سٺا هئا. ائين، هن ريڊيو کان سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو، تہ پوءِ اهو سلسلو جڙندو ئي ويو. ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪھاڻيون، اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڪالم، مضمون، ڪھاڻيون، شاعري… سندس پھرين ڪھاڻي 1989ع ۾ ۽ پھريون شعر 1990ع ۾ ڇپيو. شبنم ريڊيو لاءِ ڪي ڊراما چند ڪلاڪن جي نوٽيس تي بہ لکي ڏنا هئا، پر ان جي باوجود هن پنھنجي تحرير جي معيار کي برقرار رکيو هو. پرنٽ ميڊيا ۾ پنھنجي حيثيت مڃائڻ سان گڏوگڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا (ريڊيو ۽ ٽي وي) سان بہ سندس رشتو جڙيل رهيو.
اليڪٽرانڪ ميڊيا سان شبنم جو رشتو اداڪاري جي حوالي سان جڙيو هو، پر هن هڪڙي ئي ڊرامي ۾ پرفارم ڪري ڇڏي ڏنو، جيتوڻيڪ ڪيترائي دفعا کيس تمام سٺن ڪردارن جون آفرز بہ مليون. ڪمپيرنگ هن اسٽيج کان (ادبي فنڪشنس ۾) 1986ع کان شروع ڪئي. پوءِ 1991ع ۾ ريڊيو کان ٿيندي، هو ٽيليويزن جي مقبول ترين سنڌي ڪمپيئر بڻجي وئي. ٽي.وي تي هن هڪ سال تائين مسلسل ”سنڌ رنگ“ پروگرام کان سواءِ مختلف وقتن تي ٻين پروگرامن جي ڪمپيئرنگ بہ ڪئي. ان کان پوءِ، ”لوڪ ميلا“ ۽ شاھہ سائين بابت ”سر لطيف“ جھڙو سنجيدہ پروگرام سندس حصي ۾ آيو.
خاموشي، سنجيدگي ۽ بولڊنيس (Boldness) سندس فطرت جو حصو آهن ۽ سندس فطري سنجيدگيءَ سبب هر هنڌ مٿس اعتماد ڪيو ويو آهي. سندس طبعيت ۾ جهجهڪ ڪڏهن بہ ناهي رهي، تنھن ڪري هڪ ڇوڪري هئڻ جي باوجود هن معاشرتي روين ۽ روايتي مسئلن کي اهميت نہ ڏني آهي.
سنجيدہ طبعيت هئڻ جي باوجود شبنم شاعرن جو مذاق اڏائيندي هئي. هن وٽ شاعر جو وکريل وارن وارو روايتي تصور هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ سندس نثر ۾ شاعري واري سونھن موجود هئي. هڪ ڏينھن هن پنھنجي شاعري بہ مذاق مذاق ۾ مون کي ڏيکاري هئي، پر سندس جمالياتي حس (Aesthetic sence) کي محسوس ڪري، مون کيس سنجيدگيءَ سان شاعريءَ ڏانھن ڌيان ڏيڻ لاءِ چيو هو. جيتوڻيڪ هن پنھنجي شاعريءَ کي ڊائريءَ تائين محدود رکڻ لاءِ سوچيو هو، پر تڏهن بہ هن منھنجي راءِ کي مان ڏنو هو ۽ شاعريءَ ڏانھن سندس رويي ۾ سنجيدگي اچي وئي هئي. ان کان پوءِ شاعر جي تصور بابت هن جي سوچ ۾ بہ تبديلي اچي ويئي هئي.
جڏهن شاعريءَ جا پکي سندس سوچ- ساگر مٿان اڏرڻ لڳا، تڏهن کيس احساس ٿيو هو تہ شاعر، زندگيءَ فطرت ۽ ڪائنات جي وڌيڪ ويجهو آهي، جتان جذبن کي نئون موڙ ۽ امرتا ملي ٿي. ڪوتا- ڪاڪ پسڻ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ کيس تخليقي تحرير جي اهميت جو اندازو ٿيو هو ۽ انٽرويوز ۽ ڪالمن کي ڇڏي، فقط تخليقي لکڻين، شاعري، ڪھاڻي ۽ ڊرامي ڏانھن مڪمل ڌيان ڏنو هئائين. سندس خوشقسمتي هئي تہ هن کي هر تخليقي صنف تي ريسپانس مليو، پر ذهني طور تي هوءَ سمورين صنفن کان وڌيڪ شاعري کي ويجهو آهي ۽ سندس چواڻي هوءَ انھي ۾ ئي وڌيڪ Clear آهي.
زندگي گذارڻ ۽ زندگي سمجهڻ ٻہ مختلف عمل آهن. زندگيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش بذات خود هڪ وڏو ڏک آهي، پر سمجهہ جي ڪوشش کان ئي فن ۽ فڪر جي ابتدا ٿئي ٿي. شبنم گل جي طبعيت ۾ Pessimism جو رچاءُ آهي، پر ان ۾ بہ اميد جي جهلڪ هوندي آهي، ڇو تہ سندس خيال ۾ Pessimism هر شي جي گهرائيءَ ۾ لھڻ جي سگهہ عطا ڪري ٿو، پر ان جي باوجود تصوف (Mysticism) سان سندس لڳاءُ رهيو آهي. تصوف جي فڪري تسلسل کي هن اهم سمجهيو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ سندس شاعري ۾ Pessimism سان گڏ تصوف جو Touch بہ آهي. سندس طويل نظم ”خود ڪلامي“ سندس سوچ جو سفر اهڙي ئي رخ تي آهي، ۽ ”خود ڪلامي“ جھڙا نظم لکيا نہ ويندا آهن، پر لکجي ويندا آهن. ان ۾ شعور جو دخل بلڪل نہ هوندو آهي.
آلي مٽي جي خوشبو هر ان ليکڪ کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي، جنھن جون پاڙون پنھنجي ڌرتيءَ ۾ کتل آهن، ۽ سندس رڳن ۾ ڌرتي جو دک ٿو ڊوڙي. شبنم چواڻي: ”ننڍپڻ کان ئي مٽيءَ جي خوشبو مون کي دل جي گهراين سان وڻندي هئي. ان وقت مون کي ان جو سبب سمجهہ نہ ايندو هو. هاڻي جڏهن تسلسل سان لکيو اٿم، تڏهن محسوس ڪيان ٿي، تہ اهو سڀ ڪجهہ مون کان آلي مٽيءَ جي خوشبو لکرايو آهي،“ ۽ مان سمجهان ٿو تہ، اهو ڌرتي سان مضبوط رشتو ۽ ڌرتي جي دکن جو اولڙو ئي آهي، جو سندس تحريرن ۾ غم جي ڪيفيت مسلسل آهي.
ڪٿي پڙهيو هوم، غم جي زبان خوشي کان وڌيڪ اثرائتي هوندي آهي ۽ اها بہ حقيقت آهي تہ دنيا جي عظيم ادب جي وڏي حصي ۾ غم جي ئي ڪيفيت سمايل آهي، پر شبنم جي پنھنجي لفظن ۾:
هر شعر کي درد جي، ڪا تازگي ٿي گهرجي
شبنم گل جڏهن سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن هو منھنجون تحريرون پڙهي ريس ڪندي هئي، پر هاڻي سچ پچ تہ مان هن سان ريس ڪندو آهيان. حقيقت اها آهي، تہ هن چند سالن اندر جيترو گهڻو ۽ سٺو لکيو آهي، انھي کان ڪنھن بہ صورت ۾ لنوائي نٿو سگهجي. فن جي راهن ۾ هوءَ جنھن رفتار سان اڳتي وڌي آهي، اهو هڪ مثال آهي، ۽ انھي جو ڪريڊٽ مان سندس بابا، ڊاڪٽر بشير احمد لاشاري صاحب کي ضرور ڏيندس، جنھن نہ فقط پنھنجي نياڻيءَ کي پڙهايو لکايو، (شبنم انگريزي ۾ ايم- اي ڪئي ۽ هاڻي ليڪچرر آهي) پر کيس فن ۽ ادب جي دنيا ۾ پڻ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيو- ۽ اڄ جي شبنم، سنڌي نياڻين لاءِ هڪ مثالي شخصيت جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي.
(13فيبروري1994ع)