آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

توکي مون ساريو

ھي ڪتاب زيب سنڌيءَ جي يادگيرين، خاڪن، مضمونن، مھاڳ، جيون ڪٿائن ۽ سفرنامي جو مجموعو آهي. سندس ھيءَ تخليق ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي زندگيءَ تي روشني وجهي ٿي. پاڻ هِن ڪتاب ۾ انھن نامور شخصيتن جي مکيہ پھلوئن جا عڪس پنھنجي لکڻيءَ وسيلي پسايا آهن. زيب سنڌي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار کان و ٺي هڪ ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي درد ۽ سوچن جا نقش چٽي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيا آهن. سندس تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. پاڻ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ تجربي ۽ تلخيءَ جي وِهہ کي ماکيءَ ۾ بدلائي عجب جھڙو ڪم ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book توکي مون ساريو

الطاف شيخ: سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ

(الطاف شيخ جي ڪتاب ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“ جو مھاڳ)

ڪنھن زماني ۾ سنڌي ادب جي سفرنامي واري حصي ۾ اهڙي کوٽ موجود هئي، جھڙي کوٽ سنڌي ادب جي ناول واري حصي ۾ اڄ تائين بہ موجود آهي. ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سفرنامو شايع ٿيندو هو، پر جڏهن الطاف شيخ دنيا جي سفر تي نڪتو، تہ سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ڪتاب وڌندا ئي ويا. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻئي ليکڪ جو سفرنامو بہ نظر اچي ٿو، پر الطاف شيخ جي لڳاتار سفر ۽ سفرناما لکڻ ڪري، سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ايترا ڪتاب موجود آهن، جو هاڻي اها خالي نٿي لڳي.
دنيا تہ گهڻائي ماڻھو ڏسن ٿا ۽ اهي گهمي ڦري، ڏسي وائسي، کائي پي، عياشيون ڪري موٽي اچن ٿا، پر الطاف شيخ پنھنجي هر سفر جون يادگيريون کڻي موٽي ٿو ۽ جڏهن هو اهي يادگيريون سنڌ واسين سان ونڊي ٿو، تہ سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ڪتاب جو واڌارو بہ ڪري ٿو. سندس اهو سلسلو چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي ۽ ستر کن ڪتاب سنڌي ادب کي ڏئي چڪو آهي، پر هن ڪڏهن بہ ڪو نماءُ يا نعريبازي ناهي ڪئي. سندس سنڌ سان محبت ڪنھن بہ نعري کان مٿاهين آهي. پنھنجي مٽيءَ سان محبت سندس خمير ۾ موجود آهي ۽ دنيا جا داستان ٻڌائيندي بہ سنڌ کي ساريندو رهي ٿو. هو ڏورانھن ڏيھن جا سفر ڪندي بہ نہ فقط سنڌ کي ساري ٿو، پر جڏهن انھن ملڪن جا احوال اوري ٿو تہ گڏوگڏ سنڌ جو ذڪر بہ ڪندو رهي ٿو. هو دنيا جي جنھن بہ ڪنڊ ۾ هجي، سنڌ سندس سار ۾ رهي ٿي. اهوئي سبب آهي تہ سندس ڪيترن ڪتابن جا نالا ڏيھہ کان پرڏيھہ جي عڪاسي بہ ڪن ٿا. جيئن، ”مڪليءَ کان ملاڪا تائين“، ”ملير کان مالمو“، ”ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن“، ”نيو هالا کان نيويارڪ“، ”ڪراچيءَ کان ڪوڪورا“ ۽ ”بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور“.
هڪ سياح ۾ نہ فقط ڪنھن ماڳ کي ڏسڻ جو تجسس موجود هجڻ گهرجي، پر ڪنھن نئين سماج، شھر ۽ ملڪ کي پنھنجائپ واري انداز سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت بہ هجڻ گهرجي، جيڪا بيشڪ تہ الطاف شيخ وٽ آهي. جيئن هن سفرنامي جي پھرين ئي صفحي تي الطاف لکيو آهي، ”پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾، بسن ۾، جئه موتياڻي، ريٽا شھاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾ ۽ ويندي چندرو موهيناڻيءَ جي موٽر سائيڪل تي، پوني جي رستن تي ايترو هليو آهيان، جو هيءَ بس جڏهن پوني ڇڏي رهي آهي، تہ خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا منھنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نہ پر حيدرآباد مان گذري رهيو هجان.“ اسان جو هي سنڌباد سيلاني الطاف، جيڪو ڪجهہ ڏسي پَسي ۽ محسوس ڪري ٿو، سو جيئن جو تيئن اسان سان ونڊيندو رهي ٿو.
هن سفرنامي ۾ جتي بمبئيءَ جي روڊن رستن، درگاهن، اسپتالن، يونيورسٽين، لائبريرين جو ذڪر آهي، اتي بمبئيءَ جي راڳين، اداڪارن، سئنيمائن، فلمن، فلم اسٽوڊيوز جو ذڪر بہ ملي ٿو. الطاف پنھنجي پڙهندڙن کي بمبئيءَ جو سير ڪرائيندي جتي بمبئيءَ جي تاريخ تي نظر وجهي ٿو، اتي هو بمبئيءَ سان لاڳاپيل سنڌ جي تاريخ جا ورق بہ ورائي ٿو، جو انگريزن جي دور ۾ هڪ وڏي عرصي تائين سنڌ، بمبئيءَ سان لاڳاپيل رهي هئي ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪيو ويو هو. هي ڪتاب پڙهندي نہ فقط ڄاڻ ملي ٿي، پر پڙهندڙ پاڻ کي بمبئيءَ جي گهٽين ۾ گهمندي بہ محسوس ڪندو، تہ الطاف جي اثرائتي تحرير سبب ماڻھن سان ملندي بہ محسوس ڪندو. هن ڪتاب ۾ جتي ٻين ڪيترن ئي اهم توڙي ناميارين شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي مشھور ناول ”شانتا رام“ جي آسٽريلوي ليکڪ گريگري ڊئوڊ رابرٽس جو ذڪر بہ انتھائي دلچسپ انداز سان موجود ملي ٿو. ناول نگار رابرٽس، جيڪو هڪ مشھور ڌاڙيل مان ليکڪ بڻيو هو ۽ اڄڪلھہ بمبئيءَ ۾ رهي ٿو.
بمبئيءَ ۾ تہ منھنجو دوست منوهر مٽلاڻي بہ رهي ٿو، جنھن بابت گذريل چوٽيھن سالن کان مان لاعلم هئس. منوهر جي 1977ع ۾ لاڙڪاڻي کان هليو وڃڻ کان پوءِ، مون کي ڪابہ خبر نہ هئي تہ هو ڪٿي آهي! پر الطاف شيخ جي هن سفرنامي ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“ مون کي منھنجو وڇڙيل دوست ڳولي ڏنو آهي. الطاف پاران اِي ميل ڪيل هن ڪتاب جو مواد پڙهندي مان اوچتو ڇرڪي پيس. هن ڪتاب مان ئي مون کي پھريون ڀيرو خبر پئي آهي تہ هند جو ناميارو سنڌي ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي گهر سامھون رهندڙ اهوئي ٻلديو آهي، جنھن جي امڙ ڪوشيلا منھنجي امڙ جي سھيلي هئي ۽ منھنجو دوست منوهر، جيڪو ٻلديو جو ننڍو ڀاءُ آهي، اهو بہ ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي ۽ منوهر مٽلاڻيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. عجيب اتفاق آهي تہ منھنجو دوست منوهر، بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ اهوئي ساڳيو سنڌي سبجيڪٽ پڙهائي ٿو، جيڪو حيدرآباد (سنڌ) جي هڪ ڪاليج ۾ مان پڙهايان ٿو!
هي مھاڳ لکندي منھنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن پنھنجي ننڍپڻ جي دوست منوهر کي ياد ڪري، جنھن سان گڏ نہ فقط لاڙڪاڻي شھر ۾ رلندو هوس، پر روز شام جو اسان پاڙي جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ رانديون بہ ڪندا هئاسين. سچ تہ مان الطاف شيخ جو ٿورائتو آهيان، جنھن هن ڪتاب ۾، منھنجي ننڍپڻ جي هڪ وڇڙيل دوست سان مون کي ملايو آهي. جيڪڏهن وقت ۽ قسمت ساٿ ڏنو، تہ مان الطاف شيخ جي پيچري تي هلي، ڪڏهن پنھنجي ننڍپڻ جي وڇڙيل دوست منوهر مٽلاڻيءَ سان ملڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ضرور ويندس ۽ جنھن ڏينھن مون منوهر کي ڀاڪر وڌو، تڏهن سمجهندس تہ سڄي ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“ بہ آهي!
سفر انسان تعليم خاطر ڪري، ڌنڌي روزگار لاءِ يا سياحتي مقصد سان، سفر جو مزو هو تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن هن وٽ تجسس هجي ٿو. الطاف شيخ وٽ تہ تجسس واري اها نظر آهي، جو باقي دنيا تہ ڇڏيو، پر جڏهن هو سنڌ ۾ بہ ڪيڏانھن وڃي ٿو تہ سندس اکين ۾ هڪ سياح وارو تجسس هجي ٿو. اهوئي سبب آهي تہ مان حيدرآباد جي جنھن علائقي قاسم آباد ۾ رهان ٿو، ان علائقي جو ذڪر الطاف شيخ جي ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ۾ پڙهيو هوم تہ ائين لڳو هو، ڄڻ منھنجي اوڙي پاڙي جا رستا هڪ نئين انداز سان مونکي الطاف شيخ ڏيکاريا هجن! ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڏينھن الطاف حيدرآباد آيو تہ اهو سڄو ڏينھن مان ساڻس گڏ هيس. کيس ڪجهہ ليکڪ دوستن سان ملڻو هو، جن جا گهر منھنجا ڏٺل هئا، ان ڪري مان ڄڻ قاسم آباد ۽ سندس گائيڊ ٿي ساڻس گڏ هليو هئس. قاسم آباد جي انھن ساڳين ئي رستن تان، جتان اڳ بہ الطاف ڪيئي ڀيرا گذريو هوندو ۽ جن رستن جو هن پاڻ پنھنجي ڪتاب ۾ ذڪر بہ ڪيو آهي، انھن ئي رستن تي هو بار بار گاڏي روڪرائي هيٺ لھي ٿي پيو ۽ مون کي بہ ٻانھن کان ڇڪي، ڪنھن نہ ڪنھن واٽ ويندڙ کي پنھنجون ٻہ ڪئمرائون ڏئي، ٻنھي ڪئمرائن سان فوٽو پئي ڪڍرايائين! مون کي پڪ آهي، تہ جيڪڏهن ان ڏينھن کي ساريندي الطاف ڪجهہ لکيو، تہ سندس اها تحرير پڙهندي مون کي اهوئي محسوس ٿيندو تہ، ڄڻ ان ڏينھن مان هن جو گائيڊ نہ هيس، پر هو منھنجو گائيڊ هيو ۽ هن منھنجي رهڻ وارو علائقو مون کي هڪ نئين (تجسس سان ڀريل سياح واري نظر) سان ڏيکاريو هجي!
منھنجا ڪيترائي شاگرد هن وقت عرب امارتن کان وٺي برطانيا ۽ آمريڪا تائين موجود آهن. انھن مان اڪثر اهو ٻڌائن ٿا تہ کين الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي پرڏيھہ وڃڻ لاءِ اتساھہ مليو، منھنجو هڪ واپاري مائٽ هر سال دنيا جو ڪو نئون ملڪ گهمڻ ويندو آهي. هو جڏهن بہ ڪنھن نئين ملڪ جي سفر جي تياري ڪندو آهي، تہ ان ملڪ ڏانھن اُسھڻ کان پھرين مون کان پڇندو آهي تہ انھيءَ ملڪ بابت الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو آهي؟ ۽ جڏهن مان الطاف جي ڪتابن ۾ هٿ وجهندو آهيان، تہ ان ملڪ بابت ڪونہ ڪو سفرنامو موجود هوندو آهي. ڪجهہ ملڪن بابت تہ الطاف شيخ جا هڪ کان وڌيڪ سفرناما شايع ٿيل آهن، جيئن سندس هيءُ ڪتاب ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“، هندستان بابت سندس ٽيون ڪتاب آهي. دنيا جي اڪثر اهم ملڪن ۽ ماڳن جو ذڪر الطاف جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. توهان کي آمريڪا وڃڻو هجي يا انگلينڊ، يونان ڏسڻ جو شوق هجي يا اٽليءَ اُسھڻو هجي، سنگاپور ڏسڻ جي سَڌَ هجي يا هانگ ڪانگ جي، ايران جي مذهبي ماڳن ڏسڻ جي خواهش هجي يا ڀلي پار تان ڀيري جي، هر ملڪ بابت نہ فقط تفريح، پر معلومات سان ڀرپور الطاف شيخ جو ڪونہ ڪو ڪتاب ضرور ملي ويندو. سندس سفرناما دنيا ڏسڻ لاءِ ”پَرَ سھائيندڙ“ نوجوان بہ پڙهن ٿا، تہ دنيا ڏسڻ جي حسرت رکندڙ ”پر وڃايل“ ۽ گهرن تائين محدود ٿيل پوڙها بہ.
وقت سان گڏ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾، تفريح سان گڏ ڄاڻ جو عنصر بہ وڌندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي تہ اڳي سندس ڪرائون سائيز ۾ ڏيڍ ٻہ سؤ صفحن جا ننڍا ڪتاب ڇپبا هئا، پر هاڻي سندس ڪتابن جي سائيز وڌڻ (ڊيمي سائيز ٿيڻ) سان گڏ انھن جي صخامت بہ وڌندي رهي آهي. سندس ڪي ڪتاب تہ 500 صفحن کان بہ مٿي جا آهن. نتيجي طور هو پڙهندڙ جي ذهن کي تفريح ۽ ڄاڻ سان سيراب ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ تشنگي نٿو محسوس ڪري. الطاف جي تحرير جي ٻي خوبي سندس ٻولي بہ آهي. بيشڪ تہ سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ۽ مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙن سان گذريو آهي. مسلسل سفر بجاءِ ڪنھن ملڪ ۾ هو سالن جا سال بہ رهيو آهي، پر ان جي باوجود الطاف جي پنھنجي ٻوليءَ ۾ بگاڙ ناهي آيو. هو عام ڳالھائجندڙ سنڌي ڳالھائي ۽ لکي ٿو، ان ڪري سندس سفرناما عام پڙهندڙن ۾ ڏاڍا مقبول بہ آهن.
چون ٿا تہ هر ماڻھوءَ جي هٿَ – تِريءَ تي قسمت جي ٻين ريکائن سان گڏ، سفر جي لڪير بہ هجي ٿي. مون کي هٿ ڏسڻ تہ ناهي ايندو، پر هاڻي جڏهن بہ الطاف شيخ سان ملاقات ٿي، تڏهن سندس هٿ تي سفر واري ليڪ ضرور ڏسندس، تہ اها ڪيتري طويل آهي، جو پاڻيءَ واري جھاز تي نوڪريءَ وارو سڄو عرصو سفر ڪرڻ کان پوءِ بہ، سندس سفر کٽي ئي نٿو! هو نوڪريءَ تان تہ ڪي سال اڳ رٽائر بہ ٿي چڪو، پر سندس سفر اڃا بہ جاري ساري آهي.
دعا آهي تہ سندس هٿ تي سفر جي لڪير سلامت رهي، جيئن اسان جي هٿن ۾ سندس سفرناما پھچندا رهن.۽ آخر ۾ هڪڙي ڳالھہ.... تہ جديد سنڌي ادب جي ٻن شعبن تي ٻہ شيخ بنا ڪنھن شڪ شبهي جي ڇانيل آهن، شاعريءَ تي شيخ اياز تہ سفرنامن تي الطاف شيخ.

(22 فيبروري 2011ع)