ڪوثر ٻرڙو: ننڍڙي ڪمري ۾ رهندڙ وڏي دل وارو ماڻھو
۽ پوءِ آيل ڏينھن ۾، ڪوثر جي ساٿ سبب واقعي ڏاڍو مزو آيو.
حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ، مون شروعاتي ٻہ مھينا، گاڏي کاتي ۾ منظور چيمبر جي هڪ ڪمري ۾ گذاريا هئا. انھن ڏينھن ۾ حيدرآباد جي رستن تي دهشتگرديءَ جو راڪاس پيو ڦيرا پائيندو هو. گاڏي کاتي ۾ روز رات جو فائرنگ جا آواز پيا ٻڌبا هئا. مون منظور چيمبر جي چوٿين فلور تان ڪيترا دفعا کڙڪي کولي، هيٺ نھار ڪري ڀاڄ جا منظر بہ ڏٺا تہ ڪڏهن رستن تي پاڻ بہ ڀاڄ جو حصو رهيس. هڪ رات ٺڪا ٺوڪيءَ جي مسلسل آوازن سبب ننڊ ڪري نہ سگهيس. صبح جو وقت تي آفيس نہ پھچڻ سبب پروگرام ميٽنگ ۾ بہ شريڪ ٿي نہ سگهيس. ان ڏينھن آفيس ۾ دوستن سان ذڪر ڪيم تہ ڪنھن چڱي هنڌ تي رهڻ جي مسواڙي جاءِ ڳولي ڏيو. ڪوثر منھنجي ڳالھہ ٻڌي هڪدم چيو، ”نہ جاءِ جو فڪر ڪر. نہ مسواڙ جو، اڄ شام ئي تنھنجا ٽپڙ کڻي ٿا هلون.“
شام جو منظور چيمبر مان وڃي سامان کنيوسين ۽ ڪوثر مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. اتي وڃي خبر پئي تہ ٻن ڪمرن جي هڪ ننڍڙي جاءِ هئي. وڏي ڪمري ۾ ڪوثر جو بئنڪر دوست اقبال عمراڻي ۽ سندس پلٽڻ مھمانن جي رهندي هئي ۽ ننڍڙو ڪمرو، جنھن ۾ فقط هڪڙي کٽ ۽ چار ڪرسيون رکيل هيون، تنھن ۾ ڪوثر رهندو هو. حيرت مان پڇيومانس، ”هن ننڍڙي ڪمري ۾ ڪيئن رهنداسين ٻہ ڄڻا؟“
ڪوثر وڏو ٽھڪ ڏئي چيو، ”ٻہ ڄڻا تہ هن ڪمري ۾ اڳي ئي رهندا آهيون. هاڻي ٽي ڄڻا رهنداسين هتي.“ خبر پئي تہ مون کان مھينو کن اڳ خضدار کان بدلي ٿي آيل پروڊيوسر خليل چنا جا ٽپڙ بہ هن ڪمري ۾ موجود آهن. ڪوثر جو ڪمرو تہ ننڍڙو هو، پر سندس دل ڏاڍي ڪشادي هئي. اهو ئي سبب آهي تہ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ اسان ٽن ڄڻن جي رهندي بہ گهٽ ۾ گهٽ مون کي ۽ خليل کي تہ ڪابہ تڪليف محسوس نہ ٿي، پر مان ۽ خليل، ڪوثر لاءِ ڏچو بڻجي وياسين. بلڪہ اسان ٻئي گڏجي ڪوثر لاءِ روز ڪونہ ڪو نئون ڏچو پيدا ڪندا هئاسين. خليل ۽ مون کي رات جو جاڳڻ جي عادت، ۽ صبح جو بہ يارهين وڳي ميٽنگ جي ٽائيم تي آفيس وڃون. جڏهن تہ ڪوثر کي هڪ تہ سوير ننڊ ڪرڻ جي عادت ۽ ٻيو وري صبح جو پروگرام ڪرڻ سبب کيس سخت سياري ۾ اٿڻو بہ صبح سان سوير پوي. رات جي اڍائي ٽين وڳي تائين خليل ۽ منھنجي ڪچھري بہ هلندي تہ ٽھڪ بہ گونجندا ۽ ويچارو ڪوثر پيو پاسا ورائيندو ۽ رڙيون ڪندو. ”اڙي چٻرئو. سمھو نٿا؟“ ۽ اسان شرارت مان ٽھڪ ڏئي چونداسين، ”نٿا سمھون، ڇا ڪندين؟“ ۽ ويچارو ڪوثر ڪنن تي ويھاڻو رکڻ ۽ پاسا ورائڻ کان سواءِ ڪجهہ ڪري بہ نہ سگهندو هو. خليل ۽ منھنجي گهڻي ”هلڙ بازيءَ“ جي باوجود بہ، جيڪڏهن ڪنھن رات گهڻي ٿڪاوٽ سبب ڪوثر کي ننڊ وٺي ويندي هئي تہ گهاٽي ننڊ مان اوچتو ڪوثر کي ڌونڌاڙي ۽ رڙيون ڪري اٿاريندا هئاسين. هو ڇرڪي، اٿي ويھي حيرت مان اسان ڏانھن ڏسي دهشت زدھہ انداز سان پڇندو هو، ”ڇا ٿيو ڇا ٿيو؟“ ۽ اسان ٻئي شرارت مان ٽھڪ ڏئي چوندا هئاسين. ”ڪجهہ نہ ٿيو. سمھي رھہ!“ هو ڪاوڙ مان اسان کي گهٽ وڌ ڳالھائيندو وري سمھي پوندو هو. جڏهن وري گهاٽي ننڊ ورائي ويندي هيس تہ کيس ڇرڪ ڀرائڻ وارو ساڳيو عمل دهرائيندا هئاسين ۽ هڪڙي رات ۾ ساڻس ٽي چار دفعا اها حالت ڪندا هياسين. اسر ويل خليل ۽ مان ٿڪجي سمهندا هياسين تہ، ڪوثر اٿي آفيس وڃڻ جي تياري بہ ڪندو هو تہ گڏوگڏ چپن ئي چپن ۾ مسلسل اسان کي گهٽ وڌ بہ ڳالھائيندو رهندو هو، ”اڙي… زندگي زهر ڪري ڇڏي اَٿوَ. ننڊ ڪرن بہ نٿا ڏيو…!“
خليل ۽ مان دير سان آفيس پھچندا هئاسين تہ ڪوثر اوجاڳي ۽ بي آرامي سبب اکيون ڳاڙهيون ڪيو ويٺو هوندو هو. اسان کي ڏسڻ شرط ڦاٽ کائيندو. ”اڙي توهان ٻنھي کي شرم نٿو اچي. مسواڙ بہ مان ڀريان. سامان بہ منھنجو، سمھان بہ زمين تي، تڏهن بہ ننڊ ڪرڻ نٿا ڏيو.“ خليل ۽ مان وعدو ڪنداسين تہ وري ڪڏهن بہ تنھنجو آرام نہ ڦٽائينداسين، پر جيسين اسان ٽئي گڏ رهياسين، اها رات ڪڏهن بہ نہ آئي، جڏهن اسان ڪوثر جي ننڊ حرام نہ ڪئي.
اسان جي شرارتن سبب مسلسل بي آرامي جو شڪار ٿيل ڪوثر هڪ ڏينھن بيزار ٿي اسان ٻنھي کي چيو. ”اڙي توهان سڌرندؤ يا نہ؟“
مون وراڻيو، ”خليل لاءِ تہ مان ڪجهہ نٿو چئي سگهان. باقي مان ڪڏهن نہ سڌرندس.“
ڪوثر رڙ ڪئي. ”اڙي ڇو، ڇو نہ سڌرندين تون. مون کي تہ ننڊ لاءِ سڪائي ماريو اٿوَ.“
وراڻيم، ”منھنجي سڌرڻ جو ڪوبہ امڪان ان ڪري ناهي، جو مون کي سوير ننڊ ايندي ڪونہ. باقي مان پنھنجي رهڻ جو ڪو ٻيو بندوبست ڪري ٿو وٺان.“
منھنجي ڳالھہ ٻڌي ڪوثر هڪدم اٿي بيھي رهيو. ”اڙي تون جو هليو ويندين تہ پوءِ وري مون کي ننڊ ايندي ڇا...؟“
کلي وراڻيم، ”تہ پوءِ صبر شڪر سان مون کي برداشت ڪر!“
حقيقت اها آهي تہ خليل ۽ مون کي ڪوثر صبر سان برداشت تہ ڪيو، پر شڪر سان قبول بہ ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون. نہ تہ ڪمرو تہ بنھہ ننڍڙو هو، جنھن ۾ فقط هڪڙي کٽ هئي پر هو پاڻ پٽ تي سمھي، کٽ اسان کي ڏئي ڇڏيندو هو، جو اسان جي جاءِ سندس دل ۾ هئي ۽ آهي بہ.
(2003ع)