مُهاڳ : سماجي تبديلي لاءِ سياسي شعور ۽ عمل گهرجي
اهم ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ لکجندڙ ۽ پڙهجندڙ مواد جي معيار جي پرک ڪهڙي آهي. ڇا واقعي به اسان وٽ لکيو ويندڙ مواد سماجي ۽ سياسي ڪارج رکي ٿو. ۽ ليکڪن پاران سرجندڙ ليک ۽ لکڻيون سماجي ۽ سياسي تبديليءَ واري مقصد تي آڌاريل آهن ۽ انهن لکڻين ۾ ڪي آٺوس، تُز ۽ تنقيدي ريايا، تشريحون ۽ تجزيو به آهن يا نه، منهنجي خيال ۾، ڪنهن به معياري ليکڪ ۽ لکڻي جي پرک ان معيار تي ڪري سگهجي ٿي ته ان ۾ تنقيدي راءِ، تشريح ۽ تجزيو ڪيترو ۽ ڪهڙي نوعيت جو آهي، ليکڪ جي تجزيي ۽ تنقيدي راءِ پٺيان ڪهڙي شعوري، علمي وابستگي آهي، يعني ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ ۾ جيڪي ڄاڻ پيش (Knowledge Prodia) ڪري رهيو آهي ان جو شعوري ۽ تنقيدي حوالي سان سماج ۽ سماجي مسئلن سان ڪيترو تعلق آهي. ڇا اها ڄاڻ سماج جي روز مرهه جي وارتائُن ۽ م سئلن ڏانهن تنقيدي نشاندهي به ڪري ٿي. سکڻو لکڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ لکيل آهي. مان جڏهن ڄاڻ، علم ۽ تعليم جي تنقيدي، تجزياتي شعوري پاسن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ته ان جو قطعي طور مقصداهو آهي ته ڄاڻ ۽ علم جو سماجي شعور ۽ جاڳرتا سان تعلق نه هجڻ ان کي فضول ۽ بي معنيٰ ۽ رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اُڇلڻ برابر آهي. مان هيءَ ڳالهه ان ڪري به زور ڏئي ڪري رهيو آهيان جو سيمانده سماجن ۽ رياستن ۾ علم ۽ ڄاڻ جو مقصد ۽ تعلق سماج ۾ تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ کان قطعي طور وانجھيل رهيو آهي ۽ خاص ڪري اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ جتي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ته ڄاڻ ۽ علم جي تنقيدي پاسي ۽ ان کي سماجي تبديليءَ لاءِ هٿيار بنائڻ واري عمل کان بلڪل ڪٽيل ۽ لا تعلق بڻيل آهن. ڄاڻ، علم ۽ تعليم جي سماجي تبديلي واري عمل کان لا تعلقي واري سبب جي ڪري، اسان وٽ جيڪا سرمائيداراڻي، جاگيرداراڻي، شخصيت پرستي، ۽ ڪامورڪي ڪلچر جي اثرن هيٺ سماج جي ڀينگ ٿيل آهي ان جي خلاف ڪو به ڀرپور سماج شعوري، رد عمل ۽ تحريڪ نٿي اُڀري. ڄاڻ طاقت آهي (Knowledge is Power) هڪ مشهور ۽ نالي چڙهيو مفروضاتي جملو آهي. اسان عام طور ان خيال ۽ مفروضي جي آڌار تي علم ۽ تعليم جي وضاحت ۽ تشريح ڪندا آهيون. پر جي گهرائي سان جانچبو ته پتو پوندو ته ڄاڻ ته هڪ مخصوص استحصالي ڦورو ٽولي ۽ طبقي لاءِ پاور آهي. عام ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ ته ان خيال ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو خاص ڪري، جڏهن اسان پنهنجي سماج کي ڏسون ٿا جتي وڏي حد تائين سماجي، معاشي اڻبرابري آهي، سماجي انصاف، قانون ۽ ادارن جي بهتر ڪارڪردگي ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ سندن ڪردار ته ٻڙي آهي. بس هڪـڙو مخصوص موقعي پرست، ڦورو سياسي ۽ ڪامورڪو ڪلاس آهي جنهن وٽ طاقت به آهي ته ان طاقت جي آڌار تي ڦر لٽ جا سڀ جائز ۽ نا جائز طريقا به آهن. ان حوالي سان منهنجي راءِ اها آهي ته ان جو وڏو ۽ اهم سبب ڄاڻ، علم، تعليم جو سماجي تبديلي واري عمل کان لا تعلقي وارو رويو ۽ نظام آهي. ۽ اکيون ٻوٽي ”ڄاڻ ۽ علم طاقت آهي“وارو خيال اسان جهڙن سماجن ۾ هڪ مفروضاتي تصور کان وڌيڪَ حيثيت ۽ معنيٰ نٿو رکي. مان اها ڳالهه وري به ورجائڻ ٿو چاهيان ته علم، تعليم ۽ ڄاڻ جو تعلق سماجي، معاشي انصاف، ترقي، سياسي شعور، آزادي ۽ خودمختياري سان لاڳاپيل آهي جيڪڏهن سماجي انصاف، سماجي تبديلي ۽ ترقي سان جڙيل اهڙو ڄاڻ ۽ علم جو تصور ۽ عمل جيڪو سماج ۾ موجود طبقاتي، نسلي، صنفي، گروهي ۽ مذهبي اڻبرابري کي ختم ڪري برابري، انساني آزادي ۽ خوشحاليءَ کي هتي ڏي. تعليم سان سلهاڙيل سماجي انصاف جي تصور بابت برازيل جي تمام وڏي پايي جي تعليمي ڏاهي پالو فراري جو ڪتاب ”علم مظلومن لاءِ“ ان حوالي سان تمام اهم ڪم ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ علم ۽ تدريسي عمل کي هن آزادي ڏياريندڙ عمل (Practice of Freedom) سان مشروط ڪيو آهي. پالو فراري مطابق تعليم يا علم اهو آهي جيڪو فردن اندر تنقيدي شعور کي بيدار ڪري ۽ فرد ان تنقيدي شعور کي استعمال ڪندي سماجي تبديلي ۽ انصاف جي راهه هموار ڪبو. ان سڄي تنقيدي ڄاڻ ۽ علم واري ڊسڪورس جي روشنيءَ ۾ جڏهن اسان پنهنجي سماج تي نظر وجھون ٿا ته ائين لڳي ٿو ته اسان جا ادارا، اسڪول، يونيورسٽيون ۽ تعليمي نظام ان سموري تصور اکن عملي طور بلڪل پري بيٺل آهي ۽ نتيجي ۾ سماجي تبديلي جو عمل اُتي جو اُتي بيٺل ۽ جمود جو شڪار آهي“. ان ڪري اسان جيستائين پنهنجي ڄاڻ وسيلي عام ماڻهن جي تنقيدي صلاحيتن ۽ عمل کي تيز نه ٿا ڪيون تبديلي ۽ آزادي جو عمل اڻپورو ئي رهندو. خاص ڪري سنڌي سماج ۾ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي انڌوڪار ۽ استحصال جي پيش نظر ته ان قسم جي شعوري ڪوشش جي وڌيڪَ ضرورت آهي.
اهڙي ئي سماجي، سياسي شعوري ڪوشش جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اسان جا ڪيترائي دوست پنهنجي قلم ذريعي سنڌي سماج ۾ حد درجي تائين وڌندڙ سماجي ۽ معاشي بي چيني ۽ نا انصافين خلاف لکي ۽ وڙهي رهيا آهن ۽ مان سمجھان ٿو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ وقت ۽ هالتن جي ڦيري جي نتيجي ۾ اُٿل ۽ بي يقيني واري صورتحال آهي. سنڌ جو نوجوان. سنڌ جي ڦورو حڪمران ۽ ڪامورڪي ٽولي طرفان تباهي ۽ برباديءَ کان اڻ واقف ۽ ڪن لاٽار ڪيو ناهي ويٺو.
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي استاد ۽ سماجي، سياسي طور باشعور نوجوان دوست شهبان سهتو جو هي تازو ڪتاب ”سنڌ جو سياسي سماجي شعور“ جيڪو گهڻ پاسائين تنقيدي راءِ عام تي ٻڌل مضمونن تي مشتمل آهي. پڻ ان ساڳي شعوري جاڳرتا جو نتيجو آهي جنهن ۾ سندس پاران ڪيل تُز تنقيدي ۽ تجزياتي رايا سنڌي سماج جي اهم مسئلن جي نه صرف نشاندهي ڪن ٿا پر شهبان مؤثر انداز سان انهن مضمون ۾ زير بهث آندل ڪيترن ئي مسئلن جي حل بابت پڻ پنهنجي راءِ پيش ڪئي آهي. شهبان سان ساڳي سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ دوست ۽ پٽي ڀائي جي تعلق طور تمام گهڻن سماجي، سياسي موضوعن ۽ مسئلن تي خيال ونڊيندا رهيا آهيون ۽ مون کي شعبان جي گهڻ رُخي تنقيدي ۽ مختلف انداز سان مسئلن جي تجزيي واري صلاحيت هميشه هن سان ڳنڍي رکيو آهي. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي سياست کان ويندي عمران خان جي پي ٽي آءِ ۾ نوجوان قيادت کان ويندي پيپلز پارٽيءَ ۾ رحمان ملڪ ۽ رياض ملڪ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي زمينن تي قبضه گيري جو جيڪو وڏو راز فاش ٿيو آهي اِها ڳالهه هڪ سال پهين شهبان ڪچهريءَ دوران سنڌ ۾ زرداري ۽ ملڪ رياض جي سنڌ ۾ سرمائيداري سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان پنهنجي راءِ ذريعي شيئر ڪئي هئي.
هن ڪتاب ۾ شهبان تقريباً 31 کن گهڻ رخي موضوعن تي سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ سياسي تجرباتي رايا پيش ڪيا آهن جنهن ۾ سنڌي سماج جي مسئلن، سماجي ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي پسماندگي وارو سوال، سنڌي نوجوان جون ذميواريون، سياسي جدوجهد، سنڌ ۾ موقعي پرستي ۽ استحصالي ٽولن جي فرمار عالمي طور تبديل ٿيندڙ حالتون ۽ سنڌ جا سماجي معاشي مسئلا، سول سوسائٽي ، پاڪستاني رياست، سنڌي سماج ۽ سول سوسائٽي سنڌ ۾ ڪامورا شاهي ۽ ان جو سماجي، ترقيءَ ۾ ڪردار، سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ سنڌ جي سياست ۾ سياسي جماعتن جو ڪردار وغيره جهڙن اهم پهلوئن ۽ مسئلن تي بحث ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪل مضمونن جي موضوعن مان اڪثريت سنڌ جي سماجي ۽ سياسي مسئلن بابت تجزيي تي ٻڌل آهي. جنهن مان ليکڪ جي پنهنجي ماڻهن، ڌرتيءَ، روز مرهه جي عام مسئلن ڏانهن سندس سنجيدگي ۽ وابستگيءَ جي چِٽي نشاندهي ڪري ٿو. جنهن مان پنهنجي شروع وارن نقطن ۾ واضح ڪري آيو آهيان ته ليکڪ يا لکڻي جو تعلق جيڪڏهن پنهنجي سماج ۽ ان جي مسئلن سان آهي ته اِها هِڪَ سنجيده روش آهي جو هڪ ليکڪ پنهنجي سماج سان پنهنجي لکڻين ذّريعي تعلق ۽ وابستگي جو اظهار ڪندي سماج ۾ موجود اوڻاين تي پنهنجي تنقيدي شعوري سگهه جو پڙاڏو ڪري رهيو آهي. هڪ پسمانده ۽ تباهه ٿيل سماج ۾ هڪ ليکڪ کان ان قسم جي سنجيده رويي جي توقع هڪ وڏي اُميد ۽ اُتساهه پيدا ڪندڙ ثابت ٿئي ٿي.
شهبان پنهنجي مضمونن ۾ جنهن سنجيدگي ۽ تُزُ شعوري تعقيدي سگههس ان تجزيو ۽ راءِ پيش ڪئي آهي ان حوالي سان مان هتي ڪجهه مضمونن تي پنهنجو جائزو پڙهندڙن آڏو پيش ٿو ڪيان. جائزو پيش ڪرڻ کان پهرين ايترو ضرور چوندس ته هي ڪتاب نئون لڳي پر ڪتاب ۾ شامل موضوعن ۾، جن تي اڳ۾ سنڌ ۾ ڪافي دوستن لکيو آهي ۽ لکن پيا، شهبان جيڪو تجزيو ۽ راءِ عام پيش ڪئي آهي ان جا گهڻا پاسا ۽ نقطا نوان ۽ شعوري سگهه سان ڀرپور آهن. ۽ ڪجهه پاسن ۽ پهلوئن ته بلڪل نئين سر تجزيو پيش ڪيو ويو جن کي سمجھڻ سان سنڌي سماج ۾ موجود سماجي معاشي وارتائُن کي نئين رُخ سان ڏسي، پرکي ۽ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
مثال طور ڪتاب ۾ شامل پهريون مضمون سنڌ ۾ صوفي ازم يا صوفي نظرين جي باري ۾ آهي. اسان وٽ سنڌي سماج ۾ عام طور صوفي ازم بابت اکيون پوريل عام راءِ مفروضو اِهو آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌي صوفي آهن، صوفين سنڌ کي بچائي رکيو آهي، يا سنڌ جي مسئلن جو حل صوفي ازم ۾ آهي وغيره وغيره. اهڙن عام بڻجي ويل مفروضن ۽ خيالن بابت ڪڏهن ڪڏهن اسان شعوري ۽ لاشعوري طور پنهنجي نقطه نظر ۽ نظرياتي سوچ کي غير تنقيدي بآڻائي ڇڏيندا آهيون. ۽ اهڙا کوڙ سارا خيال سماجي خيال ۽ تصور اسان جي سوچ ۽ عقل جو (World View)جو غير تنقيدي طور حصو بڻجي ويندا آهن. ۽ اسان انهن تصورن کي بغير ڪنهن تنقيدي نقطه نظر ۽ انداز بيان سان قبول ڪري چڪا هوندا آهيون. جڏهن ته سماجي نمائش جي عملن مطابق سماج ۾ موجود خيال، تصور، سوچون، نظريا، عقيدا، ڄاڻ سڀ جو سڀ ڪنهن نه ڪنهن سماجي، سياسي، معاشي طاقت واري جوڙجڪ جو حصو ۽ لقاءُ هوندا آهن. ٻيو ته ڪنهن به ثقافتي سماجي ڍانچي ۽ نظام اندر سماجي خيال ۽ نظريا هميشه هڪ هڪ جهڙا ناهن رهندا، بلڪه اُهي بدلجندڙ حالتن جي آڌار تي تبديل ٿيندا آهن، انهن جي استعمال ۾ تبديلي ايندي آهي، ۽ انهن خيالن، نظرين ۽ عقيدن کي طاقت (Power) واري عنصر کان الڳ ڪري به نٿو پرکي سگهجي. ضروري ناهي ته هڪڙا خيال، تصور، نظريا ۽ عقيدا هڪڙي رزماني ۾ جنهن معنيٰ ۽ مفهوم سان استعمال ٿيندا هئا، اُهي ان روح سان ته سماجي سائنس اندر ڪنهن به سماجي خيال، حقيقت ۽ لقاءَ بابت هڪ طرفي راءِ يا تجزيو نٿو ڪري سگهجي پر ان بابت مختلف رايا ۽ تشريحون (Interpretations) ٿي سگهي ٿيون.
شهبان هن مضمون ”ڇا سنڌ کي صوفي نظريي جي ضرورت آهي“ هڪ سماجي سائنس جي شاگرد ۽ استاد وارو تجزيو پيش ڪيو آهي. يعني جهڙي اسان وٽ عام خلق جو تصور صوفي ازم بابت اهو آهي ته سنڌي سماج جو سڀ ڪجهه صوفي ازم بابت اهو آهي ته سنڌي سماج جو سڀ ڪجهه صوفي ازم ۾ آهي. يا سنڌي سماج صوفي سماج آهي، ان غير تنقيدي سماجي راءِ عام ۽ نقطه نظر کي شهبان رد ۽ چئلينج ڪيو آهي، خاص ڪري سنڌ جي موجوده سماجي سياسي حالتن تي روشني ۾ صوفي ازم جي خيال ۽ نظريي جي ڪهڙي ضرورت آهي جهڙي بنيادي سوالن تي شهبان انتهائي تنقيدي تجرباتي راءِ پيش ڪئي آهي جنهن کي نه صرف سمجھڻ جي ضرورت آهي پر سنڌ جي دانشور ۽ سياسي سوچ سمجهه رکندڙ لڏي کي ان سوال بابت سنجيدگي سان غور ڪري سنڌي سماج اندر تبديلي واري سوال سان ڳنڍڻ گهرجي سنڌ جي موجوده سياسي حالتن ۾ خاص ڪري ان صوفي ازم بابت اهو ڊسڪورس ٿيڻ گهرجي ته سنڌ کي ڇو ۽ ڪهڙي قسم جو صوفي ازم وارو برانڊ ۽ فارمولو گهرجي ڇو ته صوفي ازم خود هڪ نقلي وضاحت تي ٻڌل خيال، نظريو يا پرريڪٽس انهي ۽ ٻيو ته صوفي ازم جو جيڪو موجوده سنڌ ۾ ايڪٽورم ۽ پرچار ٿي رهي آهي جنهن جي نشاندهي شهبان پنهنجي هن مضمون ۾ ڪئي آهي. اها پرچار ۽ شهبان جي نشاندهي مطابق اين جي اوز، مغربي ملڪن جي ادارن جي فنڊنگ ۽ صوفي راڳ رنگ جي محفلن جي شڪل ۾ ٿي رهيو آهي. ان کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي. ڇا صوفي ازم وارين محفلن ۽ ايڪٽوزم واري حڪمت عملي سان مذهبي انتهاپسندن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. يا ڪو ٻيو سياسي لاحئه عمل ۽ نظريي جي ضرورت آهي. شهبان جو خيال آهي ته: ”صوفي ازم کي انتها پسندي کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪندي ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته سنڌ ۾ صوفي نظريي جي پرچار يا ان جي بحالي سان مذهبي رواداري ۽ سهپ واپس بحال ڪونه ٿيندي ڇو ته انتها پسند قوتون هن ملڪ ۾ هڪ سياسي نظريي طور پيدا ڪيو ويون آهن ۽ انهن مذهبي تنظيمن کي هڪڙي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، اهڙي سياسي سازشن واري ماحول ۾ صوفي ازم واري پرچار ۽ عمل خام خيال ۾ رهڻ آهي“. شهبان جي راءِ آهي ته اهو هڪ قسم جو غير سنجيده رويو آهي سماجي ۽ سياسي مسئلن کي سنڌ ۾ حل ڪرڻ جو، اهڙي قسم جي ڪوششن سان سنڌ ۾ ڪا سماجي ۽ معاشي تبديلي ڪانه ٿيندي ۽ اهڙي طرح جي سياسي ۽ سماجي حڪمت عملين سان نه سنڌي سماج جو نقصان ٿيندو“.
مان سمجان ٿو شهبان هن مضمون ۾ صوفي ازم بابت سنڌ ۾ ويجھڙائي وارن سالن ۾ اُڀريل ايڪٽوزم ۽ پرچار بابت جيڪا راءِ ڏني آهي ان کي مڪمل طور تي رد نٿو ڪري سگهجي پر مان ان راءِ جو آهيان ته شهبان طرفان اها راءِ سندس حد کان وڌيڪَ رد عمل واي نقطه نظر تي ٻڌل آهي. سنڌ ۾ ويجھڙائي وارن سالن ۾ صوفي ازم واري ايڪٽوزم کي جنهن طريقي سان ثقافتي ۽ آرٽ جي مورچي طور سنڌ جي نوجوانن جي شموليت سان ملهايو ويو آهي اهو خود هڪ مثبت عمل آهي. سنڌ جي نوجوانن جي وڏي اڪثريت صوفي ازم واري ڪلچرل ۽ آرٽ ايڪٽوزم ذّريعي مذهبي انتها پسندي ۽ بنياد پرستي خلاف جيڪو ڪائونٽر ڊسڪورس جوڙيو ۽ پيش ڪيو آهي ان کي مثبت پاسي طور ڏسڻ گهرجي. ها اِها الڳ ڳالهه آهي ته ان سان گڏ ٻين سنجيده سياسي موبلائيزيشن واريون عملي حڪمت عملين جي پڻ اهم ضرورت آهي. جڏهن اسان سماجي ۽ سياسي تبديلي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان تبديلي لاءِ مختلف محاذ هجن ٿا جن تي رهي ڪري سنجيدگيءَ ۽ منظم طريقي سان تبديلي جي عمل کي گهڻن رخن ۽ حواصن کي تيز ڪري سگهجي ٿو. بهرحال شهبان هن مضمون ۾ سنڌ ۾ صوفي ازم واري پرچار بابت جيڪي خيال پيش ڪيا آهن نه اهو هڪ سست ۽ غير سائنسي نظريو آهي، سنڌ کي سماجي، معاشي ۽ سياسي مشڪلاتن جڳو حل صوفي ازم ۾ ناهي، خاص ڪري ان تي ٻاهرين فنڊنگ جهڙن سوالن تي جيڪا تنقيدي راءِ ڏني آهي اها سماجي سائنس واري نقطه نظر سان ڏسڻ ۽ سمجھڻ گهرجي.
”سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم“ مضمون ۾ شهبان سنڌ جي قومي حقن جي تحفظ ۽ ان حوالي سان تاريخي طور تي سنڌ جي سياسي، سماجي قيادت واري سوال جو قومپرست تجزيو (Nationalist analysis) پيش ڪيو آهي هن مضمون مڪمل طور نه سنڌي سماج جي قومي حص جي تحفظ بابت سياسي، تجزيو آهي جنهن ۾ شهبان انتهائي تنقيدي رايا ڏنا آهن. جيتوآڻيڪ هن مضمون جو موضوع پڻ ڪو نئون ناهي پر جنهن طريقي سان سياسي تاريخي تجزيو پيش ڪيو ويو آهي اهو پڙهندڙ کي سماج ۽ سياسي تبديليءَ واري سوچ ۽ عمل سان جهڙوڪ ڳنڍي ٿو. مضمون جي شروعات ۾ ئي شهبان سياسي بيان (Hypothesis) بيان ڪري ٿو ته: ”سنڌ جون سياسي ۽ سماجي قيادتون تاريخي حوالي سان سنڌ جي قومي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.“ سنڌي سماج جي ترقي نه ڪرڻ وارو سوال سياست ۽ سياسي قيادت سان ڳنڍڻ هڪ اهم نقطو آهي جنهن کي شهبان پنهنجي سياسي تجزيي واري نقطه نظر سان انتهائي سگهاري انداز سان پيش ڪيو آهي. عام طور تي اسان سياست واري اصطلاح کي منفي ۽ مبهم انداز سان سمجھندا آهيون پر هن مضمون ۾ پڙهندڙن لاءِ سياست جو سماج ۽ سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ ڪيترو اهم ڪردار آهي سمجھڻ ۾ نهايت مددگار ثابت پيو ٿئي. خاص ڪري سماجي سائنسز جي شاگردن کي سماجي تبديلي ۽ ترقي کي سمجھڻ لاءِ سياست جي اصطلاح کي ضرور سمجھڻ گهرجي. جيڪو اڪثر ڪري اسان سمجھڻ ۽ ان کي ڳنڍڻ ۾ غير سنجيدگي ۽ نا سمجھي جو مظاهرو ڪندو آهيان. هي مضمون پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالهه جي اهميت جو پتو لڳائي سگهجي ٿو ته سياست ۽ سياسي عمل ۾ تجزيي جو سماج جي ترقيءَ ۾ ڪيترو نه اهم حصو آهي. ڪنهن به سماج جي تبديليءَ ۽ ترقيءَ ۾ سياسي جماعتن. انهن جي قيادتن ۽ خاص ڪري انهن پارٽين ۽ قيادتن جو طبقاتي مفاد کان هٽي ڪري، پنهنجي عوام ۽ پورهيت طبقن سان گڏ بيهڻ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرن ئي ترقي جو سبب بڻجي ٿو. شهبان هن مضمون ۾ واضح ڪيو آهي ته ورهاڱي کان اڳ کان وٺي هيل تائين سنڌ ۾ سياسي جماعتون جاگيردار طبقي جي قبضي هي رهيون آهن جن سنڌ جي عوام جي مفادن جو تحفظ ناهي ڪيو. يعني سياست جي جاگيردار طبقي جي قبضه گيري تحت سنڌ جي سماجي ترقي جو عمل جمودَ جو شڪار رهيو آهي. هن مضمون ۾ ڪجهه جايُن تي جذباتي قومپرستي وارا لاڙا ليکڪ طرفان ظاهر ٿيا آهن پر مضمون جو اصل موضوع ۽ خيال پختي سياسي تجزيي تي ٻڌل آهي نه سياسي قيادت سماج جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ”سماجي ٽوڙ ڦوڙ“ مضمون ۾ شهبان سماجي سڌارن تي ڳالهايو آهي ته ڪنهن به سماج اندر موجود مسئلن جو حل سماجي سڌارن (Social reforms) ۾ هوندو آهي. هي هڪ اهم ڳالهه آهي. جنهن جو هن مضمون ۾ تفصيل سان تجزيو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ مضمون ڪافي هنڌن تي انتهائي خشڪ ۽ بي ربط آهي پر خيال ۽ تجزيي جي حوالي سان سنڌي سماج جي سماجياتي پهلوئن ۽ مسئلن جو تجزيو ڪيو ويو آهي خاص ڪري سنڌ جي سماج ۾ موجود منفي لاڙن (Trends) جي تفصيلي نشاندهي وارو تجزيو پڙهندڙ، خاص ڪري نوجوان شاگردن لاءِ، کي سماجي سڌارن ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن سان هم آهنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ وٺندڙ شڪل بابت آگاهي ڏئي ٿو. هن مضمون ۾ جيڪا اهم تجزياتي راءِ ليکڪ پيش ڪئي آهي ته: ”سنڌي سماج ۾ ڀڃ ڊاهه جو لقاءُ ان ڪري ٿي رهيو آهي جو تمام وڏي عرصي کان سماجي تبديليءَ لاءِ ڪا منظم ڪوشش ئي نه ٿي آهي ۽ نه طويل عرصي کان ڪا سياسي تبديلي آئي آهي نه وري ڪي سماجي سڌارا“. اها راءِ انتهائي اهم آهي ته سماجي تبديليءَ جي عمل کي منظم شعوري سماجي سڌارن واري تحرڪ جي روشني ۾ ڏٺو وڃي. يعني جيڪڏهن سماج ۾ ڪا به شعوري طور منتظم سماجي تحريڪ نٿي هلائي وڃي ته سماج پسماندگيءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ۽ خاص ڪري جيڪڏهن اها سماجي تحريڪ سياست جو حصو نه آهي ته اڃا به سماج بيٺل پاڻي وانگر سينوارجي وڃن ٿا.
عورتن جي سماجي پسماندگي بابت مضمون پڻ ڪتاب ۾ ليکڪ طرفان شامل ڪيو ويو آهي. جنهن مان ليکڪ جي سماجي، سياسي شعوري پختگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڇو ته اسان جي سماجي، سياسي ڊسڪورس ۾ عورت جي آزادي ۽ خودمختياري وارو سوال جهڙوڪر ماٺو ۽ غير سياسي رهيو آهي. ۽ ظاهر آهي ته ان جو سبب به اسان جي مرداڻي سماج وارو جاگيرداڻو ڍانچو آهي. جتي عورت جو تشخص ”ذاتي ملڪيت ۽ مالڪاڻا حقوق“ وارا آهن. شهبان هن مضمون ۾ عورت جي پسماندگيءَ واري سوال سنڌي سماج جي معاشِ ۽ سياسي طور ڪمزور هجڻ واري نقطه نظر سان ڏٺو آهي، اها ڳالهه هڪ حد تائين صحيح آهي ته جيڪڏهن سماج معاشي طور سگهارو ۽ ترقي يافته آهي ته اتي صنفي برابري ڪجهه قدر بهتر ٿئي ٿي. شهبان جي خيال مطابق سنڌي سماج جي تاريخي سياسي ناڪامي ۽ سماجي سڌارا نه اچڻ ڪري، معاشي حالتون پوئتي پيل هجڻ ڪري، عورت جي سماجي حالتن ۾ بهتري، ناهي آئي. هن مضمون ۾ پڻ شهبان قومپرست سياسي تجزيي جي اثر هيٺ عورت جي سماجي حيثيت واري سوال کي گهڻو واضح ۽ چٽو ڪري پيش نه ڪيو آهي. مجموعي طور تي هڪو عورت جي آزادي واري سوال کي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي بهتري ۾ ڏسي ٿو. ۽ اها راءِ پيش ڪري ٿو ته سنڌي مرد هر دؤر ۾ سنڌ جي سياسي حوالي سان حفاظت نه ڪري سگهيو آهي ۽ سياسي ناڪاميءَ جي ڪري عورت جي حيثيت آ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي. هيءُ هڪ مڪمل طور تي نئون رايو آهي جيڪو گهڻو ڪري ليکڪ پاران قومپرست سياسي تجزيي جي آڌار تي ڪيل آهي ۽ هڪ حوالي سان وڏي تاريخي جنرلائيزيشن آهي. اصل ۾ ٿيڻ ائين گهرجي ها ته موجوده سنڌي سماج جي حالتن ۾ عورت جي آزادي جو سوال ڪٿي بيٺل آهي ان جا ڪهڙا پاسا آهن ۽ ان ۾ ڪهـڙيون تبديليون ٿيون آهن. ڇو ته ويجھڙائي وارن سالن ۾ سنڌي سماج ۾ ٿوري تعداد ۾ ئي سهي پر هڪ مثبت عورت تحريڪ ۽ نمائندگي اُڀري آهي. باقي ليکڪ طرفان اها اهم ڳالهه آهي ته معاشي حالتون خراب هجڻ ۽ سماجي سڌارا نه اچڻ ڪري عورت جي حالت خراب آهي.
”سنڌ جو قومي شعور“ مضمون ۾ شهبان سنڌي سماج ۾ سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي تباهيءَ جي حوالي سان سنڌ ۾ فردي ۽ گروهي روين ۽ ذميدارين تي بحث ڪيو آهي. سنڌ ۾ جهڙي سماجي، معاشي، سياسي بربادي ٿي آهي ان جو ذميدار هو سڀني کي قرار ڏي ٿو ۽ بربادي ڪندڙن جو گڏجي مقابلو ڪرڻ گهرجي. شهبان پنهنجي سياسي جڙپي مطابق ان راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته بجاءِ گڏيل مقامي ۽ رستي روڪ ڪرڻ جي ڪجهه نام نهاد ساڃاهه وند ان معاملي ۾ ٻٽي معيار جو شڪار آهن. يعين هڪ طرف اهي تباهي ڪندڙ ڌرين ۽ حڪمران ٽولن تي تنقيد ۽ واويلا پيا ڪن ٿا ٻي طرح اهي انهن ئي ڌرين ۽ ٽولن سان گڏ ويٺا آهن ۽ هڪ ٻئي جا دوست آهن جن ۾ اڪثريت ليکڪن ۽ صحافين جي آهي جيڪي حڪمران ٽولن کان پنهنجو حصو پتي پاڻ وٺن ٿا. مطلب ته شهبان سنڌ جي ان قسم جي ٻٽي معيار رکندڙ ليکڪن ۽ صحافين جي رويي ۽ روش ۽ شعور جي نشاندهي ڪئي آهي ته اهو عمل ڪيڏو نه هاڃيڪار آهي ۽ سندس سماج جي ترقي ۾ رڪاوٽ آهي ان ڪري ڪنهن به سماج ۾ جيڪڏهن ڪا سماجي اخلاقيات ۽ قدر ناهن ته تبديليءَ جو عمل ڪيئن اڳتي وڌي سگهندو. مان سمجھان ٿو هي هڪ تمام اهم ۽ سنجيده ڳالهه آهي ته فردن جي انفرادي ۽ اجتماعي سماجي اخلاقيات ۽ قدرتي سماجي تبديلي ۾ اهم محرڪ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڏٺو اهو ويو آهي ته سنڌي سماج ۾ موقعي پرست مڊل ڪلاس طبقي جنهن ۾ دانشور، ليکڪ، استاد ۽ صحافي وغيره اچي وڃن ٿا پنهنجي مفادن خاطر سماجي اخلاقيات انهن وٽ ڪا اهميت نٿي رکي. اسان جي ادارن جي تباهي پڻ ان روش ۽ رويي جي ور چڙهيل آهي. اِهي موقعي پرست مڊل ڪلاس طبقا مفادن وارا فرد ۽ ٽولا هر ناجائز کي جائز ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هونه آهن ته کين ڪو حصو پتي ملي. شهبان انتهائي واضح انداز ۾ ان طبقي جي نشاندهي ڪئي آهي ته ”اِهي ماڻهو رڳو سنڌ دوستي جا ٺلها احوال ڪن ٿا. ۽ اهو هيٺين سطح جو قومي شعور آهي، انهن فردن ۽ سماجي گروهن جو مقابلو ڪرڻو پوندو جيڪي حقيقي طور سماج دشمن آهن، انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ڪو مشڪل ناهي. اِهي ماڻهو جيڪي ادارن تي قابض ٿيا ويٺا آهن ۽ ادارن ۾ ڪرپشن جي ڀرمار ڪيون ويٺا آهن. انهن گروهن کي هاڻي پڌرو ڪرڻ گهرجي جيڪي رڳو گروهي مفادن واسطي ادارن ۾ ويٺا آهن.“
شهبان پاران ڪيل هن تنقيدي شعوري روشني ۾ منهنجي پنهنجي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي جي آڌار تي سنڌي سماج بابت جيڪا راءِ آهي اها بنهه الڳ ناهي. منهنجي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ذاتي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي آئون اها ڳالهه پڪ سان چوان ٿو ته سنڌ جي ادارن جي ڀينگ ڪرڻ ۾ مڊل ڪلاسي لالچي ٽولي جو جيترو حصو آهي ايترو شايد ئي ڪنهن ٻئي جو هجي. سنڌ يوينورسٽي کي ئي هڪ ڪيس اسٽئڊي طور سنڌي سماج جي سماجي اخلاقيات ۽ قدرن جي بربادي واري مفروضي تحت ڏسجي ته خبر پوندي ته ڪيئن نه اسان جا ادارا مخصوص فردن ۽ ٽولن جي حسين انفرادي ۽ لالچي مفادن جي ور چڙهيل آهن.
انهن لالچي مفادن جو صرف هڪڙو ئي محرڪ آهي ان پٺيان اهو آهي ته ڪلاس ڪيئن مٽائجي بس ڪيئن به ڪري هر ناجائز ۽ ڦرلٽ واري طريقي سان پنهنجو ڪلاس مٽائڻ انهن فردن ۽ ٽولن جي اولين ترجيح هوندو آهي. سماجي اخلاقيات جي انتهائي خطرناڪ شڪل آهي جتي هر ماڻهو ”ڪلاس مٽايو ڪلچر“ کي هٿي ڏيندو هجي، اهو سماج ڪنهن به حوالي سان تبديلي آ۽ ترقيءَ ڏانهن هڪ وِک به اڳتي وڌائي نه سگهندو. مون ڪيترا ڀيرا ان حوالي سان دوستن سان ذاتي گفتگو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پبلڪ فورمس تي پنهنجي راءِ جو تنقيدي حوالي سان اظهار ڪيو پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو. ان ڪري مان سمجان ٿو ليکڪ طرفان هن نهايت ئي سنجيده سماجي تجزيو آهي سنڌي سماج جي تناهيئ منفي سماجي قدرن جو ۽ ان کي اسان جو پڙهيل لکيل نوجوان سنڌ ۾ تبديليءَ واري عمل سان ضرور ڳنڍي ۽ ان خلاف به هڪ منظلم سماجي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي. جيستائين سماجي قدر ۽ اخلاقيات ٺيڪ نه ڪبا سماج جو اڳتي وڌڻ ناممڪن آهي ان معاملي کي قومي شعور ۽ سماجي تبديليءَ واري ڌارا سان ڳنڍڻ جي اهم ضرورت آهي نه ته هيٺين سطه جو، لفري باز قومي شعور ڪنهن به ڪم ۽ سُود جو ناهي.
ان ساڳي مضمون جي موضوع جي تسلسل ۾ ڪتاب ۾ شآمل جيڪو ٻيو اهم مضمون آهي ان جو عنوان آ”سنڌي سماج تي موقعي پرستن جو راڄ“ آهي. هن مضمون ۾ پڻ ليکڪ انتهائي تز سياسي تجزيو ڪيو آهي ۽ سنڌي سماج آ۾ موقعي پرستن ۽ استحصالي ٽولن ۽ قوتن طرفان سماج جي برباديءَ جو سماجي جائزو پيش ڪيو آهي مان سمجھان ته سماجي سائنس جي حوالي سان هي هڪ سنجيده تجزياتي طريقيڪار آهي ته ڪنهن به سماج ۾ موجود بربادين جو ان ۾ موجود مختلف سماجي قوتن ۽ عملن ذريعي ڪيو وڃي. هي ان ڪري به ضروري آهي جڏهن اهي موقعي پرست ٽولا مافيائون ۽ استحصالي صورت اختيار ڪري سماج ۾ چڙون پکيڙي چُڪيون هجن، تنهن انهن جي نشاندهي ۽ مقابلو ڪرڻ سماج جي بقا ۽ تبديليءَ لاءِ نا گزير ٿيو پوي. شهبان هن مضمون ۾ ان جي انتهائي وآصح انداز ۾ نشاندهي ڪئي ته ”سنڌ ۾ هن وقت منفي موقعي پرست ۽ استحصالي ٽولن جو راڄ آهي. اهڙيون قوتون سنڌ ۾ تمام گهڻيون سگھاريون ٿينديون پيون وڃن ۽ اهي قسم جون مافيائون بڻجي چڪيون آهن“. شهبان جو اشارو ۽ نشاندهي ڪنهن غيبي قوتن ڏانهن ناهي رپ هو انتهائي واضح انداز ۾ لکي ٿو ته: ”انهن مافيائُن مٿان کان هيٺ تائين هڪڙي مضبوط قسم جو نيٽ ورڪ جوڙيو آهي جنهن ۾ رياست ۽ ادارن تي قابض ٿي ويلن جي پُٺ ڀرائي آهي“. يعني رياستي ادارن جي سرپرستيءَ ۽ نيٽ ورڪ جي پيشت پناهي آهي. ليکڪ جي نشاندهي انهن ٽولن ۽ گروهن طرف آهي ”جيڪي سماج ۽* رياست جي هر شعبي ۾ آهن، پوليس، بيوروڪريسي، صحافت، سول سوسائٽي، اين جي اوز، استادن جون تنظيمون، قومپرست سياست ۽ سماجي تنظيمون وغيره. انهن سڀني ادارن ۽ شعبن ۾ موقعي پرست مافيائون قابض ٿيو ويٺيون آهن جيڪي سنڌي سماج کي اسرڻ ئي نٿيون ڏين”، ان کان به اهم ڳالهه اها ته شهبان ان مافيائي ٽولن واري ڪلچر جي اُسرڻ اهڙيون ساڳيون ئي لوڀي ۽ موقعي پرست رويو انهن نام نهاد دانشورن ۽ اديبن ۽ ليکڪن جي شڪل ۾ سنڌي سماج ۾ آهي جو اُهي مارڪسي، قومپرست، انسان دوست قوم دوست، تبديلي پسند ۽ خبر ناهي الائي ڇا ڇا سڏائيندا آهن پر سندن سپورٽ ۽ تقريرون انهن ٻهروپي هميشه اقتداري ڌرين جي ڳٽ جوڙ سان مزا ماڻيندڙ ڪنهن به مارڪسواد، سماجواد ۽ تبديلي پسند نظريي جي ابتڙ ڪمن ۾ ملوث ٿيل نام نهاد ماڻهن کي وڏو اديب ۽ ادبي شخصيت ڪري پيش ڪندا آهن. مان سمجھان ٿٿو ته هي هڪ انتهائي هيٺين درجي جي سوچ ۽ روشني هجي جو اسان وٽ ادب، دانش، سياست ۽ سماجي تبديلي جي حوايل سان فرد ۽ گروهن جي پرک ۽ تميز ناهي. اسان جا گهڻا دانشور ۽ ليکڪ دوست نه پنهنجي شخصي ۽ گروهي مفادن خاطر انهن فردن کي به وڏو ڏاهو ڪري پيش ڪندا آهن جن جو ڪو به واضح روشن خيال سياسي نظريو ۽ عمل ناهي هوندو انهن لاءِ اهي ماڻهو به عظيم هوندا آهن جيڪي ڪنهن مري خارج جاگيردار پپيراڻين پارٽين جي سرواڻي به ڪن ۽ پنهنجي پاڻ کي اول درجي جا ڏاها ۽ پيا سڏائين. ادبي تقريبن ۽ مهورتي پروگرامن ۾ پيا هڪ ٻئي جا ڳڻ ڳائيندا آهن.
ارباب رحيم ٽائيپ ٿاڦيل موقعي پرست سياسي قوتن کي اڀاريو ۽ مڙهيو. ۽ اسان اهو به ڏٺوسين ته سنڌ جا چوٽيءَ جا ۽ ناليوارا اديب ۽ دانشور سڏجندڙ تمام وڏن نظرين جهڙوڪ مارڪسي، رومانوي ادب سان تعلق جوڙيندڙ اهي مها ڏاها پوءِ انهن آمريت زده ۽ ارباب شاهي حڪومت ۾ ڪُرسيون وٺي ويهي رهيا، ۽ اڄ به اهي اسان جي ادبي پروگرامن ۾ صدر جي ڪرسين تي ويهي صدارت جا ڪتاب ۽ القاب ماڻيندا رهن ٿا. سنڌي سماج جي شعوري سگهه ۽ تنقيدي سياسي صلاحيت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن خلاف ڪو به سماجي بائيڪاٽ نٿو ڪري، انهن خلاف پبلڪ فورمس تي ڪو به، انهن جي آمريتن ۽ موقعي پرست مفادن لوڀي انداز خلاف ڪو به نٿو ڳالهايئ. هڪ طرف اهي مارڪسي، قومپرست روشن خيال رومانوي پسند ڏاها ۽ دانشور سڏبا آهن ته ٻئي طرف اهي انهن موقعي پرست ۽ مافيائي استحصالي ٽولي جي پشت پناهي ۾ پنهنجي ڪلاس مٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن. ارباب رحيم جي دؤر ۾ انهن ڪيترن ئي ڏاهن دانشورن جيڪي سنڌ جي ثقافتي، ادبي ۽ ٻوليءَ جي ادارن جون ڪرسيون وٺي ويٺا رهيا، کان سڄي سنڌ واقف آهي پر محال آهي جو ڪو انهن جي انهن ڪڌن ڪمن ۽ مافيائي انداز خلاف ڳالهائڻ جي همت ڪري ۽ پشت پناهي جا تاريخي پيرا ۽ سبب به ڄاڻايا آهن. جيئن هو لکي ٿو ته: ”اهڙين مافيائن جي سنڌي سماج جي اندر شروعات ضياءَ الحق جي دؤر ۾ ٿي جنهن وقت سنڌي ماڻهو پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ان سماجي مزاحمت کي توڙڻ لاءِ اهڙي قسم جي سياسي چال کيڏي وئي“. ليکڪ طرفان هي اٿرائتو سماجي تجزيو آهي ته اهڙن سماجن ۾ جيڪي پنهنجي تاريخي قومي شناخت ۽ بقا لاءِ ڏاڍ ۽ جبر وارين قوتن خلاف وڙهن ٿا ته انهن کي ماٺو ۽ مُڏ ڪرڻ ۾ مخالف سياسي قوتون ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪن ٿيون. مان سمجھان ٿو ته هي ليکڪ طرفان هي تجزياتي رايا پاڪستاني رياست جي مخصوص بحراني، رياستي ڍانچي ۾ ڏسبو ته ڳالهه انتهائي واضح ٿي سامهون بيهندي. شهبان ان نقطي کي واضح ڪيو آهي ته موقعي پرست مافيائن پالڻ واري پاليسيءَ کي مستقل طور سنڌ اندر جاري رکيو ويندو رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ سياسي ۽ سماجي طور ڪمزور ٿيندي رهي آهي. مان سمجھان ته پاڻ تمام گهڻو پري نٿا وڃون صرف پاڪستاني رياست ۾ فوجي دوران ارباب رحيم ٽائيپ ٿاڦيل موقعي پرست سياسي قوتن کي اڀاريو ۽ مڙهيو ويو، شهبان طرفان زير بحث آندل راءِ کي سمجھڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. بهرحال شهبان پاران اٿاريل هن اهم نقطي تي سنڌ جي هر سماجي، سياسي اداري ۽ تنظيم ۾ موقعي پرست، لوڀي، ٽڪي وڪاڻن، مافيائن سنڌ جي سماج کي مڏو ۽ جَڏو ڪري سنڌي عوام جي حقن جو تآحفظ ناهي ڪيو، ان ۾ ڪا به ٻي راءِ ناهي. مطلب ته هيءَ ڳالهه پڌري آهي ته سنڌ ۾ موجود سماجي تنظيمن، اين جي اوز، سياسي پارٽين، ٽوڙ سرڪاري ادارن، يونيورسٽي، ڪاليجن ۾ ادبي ۽ ڇسائپ واري روش جو راڄ آهي. ان سنڌي سماج کي اڳتي وڌڻ بجاءِ ويتر پوئتي ڌڪيو آهي. ويجھڙائي وارن سالن ۾ سنڌ ۾ سول سوسائٽي، ادب ۽ صحافت، استادن ۽ شاگردن جي تنظيمن ۾ خاص ڪري (ڪامورڪي طبڪي جي ڳالهه ئي دور آهي) جهڙي قسم جي موقعي پرستي ۽ ”ڪلاس مَٽايو“ ڪلچر کي هٿي ڏني آهي ان ته هڻي سماج جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هر ماڻهو آ۽ ٽولو هر وقت ان چڪر ۾ آهي ته پنهنجو ڪلاس ڪيئن مٽائجي. مون کي ته حيرت ٿيندي اهي اڄڪلهه فيس بڪ تي اهي عجيب و غريب حرڪتون ان موقعي پرست لالچي ۽ لوڀي فردن ۽ ٽولن جون جن کي جيڪڏهن ڪنهن اين جي اوز يا ادبي پروگرام جي سيمينار ۽ ڪانفرنسز ۾ اسلام آباد، لاهور يا ٻاهرين ملڪن لاءِ ڪا جهاز جي ٽڪيٽ ٿي ملي ته پوـءِ ڏسو ته ڪيئن پاڻ پڏائڻ جهڙن ڇَسن روين جو اظهار ٿا ڪن. اهي موقعي پرست فرد ۽ ٽولا ۽ سندن ادارن کي سنڌي سماج جي تبديليءَ ۽ ترقيءَ سان ڪجهه نه وڃي ٻينانهن کي پنهنجي ذاتي ٺٽ ۽ ڪلاس مٽائڻ جو اونو هوندو آهي. سندن سڄي ڪوشش ان تي هوندي آهي ته هو اهو ثابت ڪن ٿا هاڻي هو پنهنجو ڪلاس مٽائي ٻي ڪلاس جا فرد ۽ شهري ٿي ويا آهن. منهنجو پختو يقين آهي ته ان موقعي پرست مافيائي سوچ ۽ عمل جو سنڌ جي سماجي تبديليءَ جي رڪاوٽ ۾ اهم ڪردار آهي.
ڪتاب ۾ شامل ٻه مضمون، نوجوانن جي موضوع سان لاڳاپيل آهن. شعبان ان حوالي سان سنڌي سماج ۾ نوجوان جي سماجي ذميواري ۽ ڪردار بابت تجزيو ڪيو آهي، مان سمجھان ٿو هي هڪ تمام اهم موضوع آهي هڪ اهڙي سماج ۾ جيڪو تباهه ۽ بربادي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ۽ تبديليءَ جو گهرجائو آهي، ڪنهن به سماج ۽ رياست جي تبديلي ۽ ترقيءَ جو يقين ان جو نوجوان مؤثر رول ۽ شعوري سگهه ۽ صلاحيتن کان ساوءِ نٿو ڪري سگهي. ان ڪري اسان جي روز مرهه جي موضوعن ۽ اشوز ۾ نوجوانن جي سماجي تبديليءَ واري سياسي رول بابت تمام گهٽ ۽ غير سنجيدگي وارو لاڙو ڏٺو ويو آهي. عام طور تي اهڙي غير سنجيدگي ۽ نوجوانن ڏانهن لا تعلقي واري رويي جي ڪري اسان وٽ نوجوان طبقي جي سگهه ۽ صلاحيتن کي ليڪي ۾ ناهي آندو ويندو، خاص ڪري اسان جي تعليمي ادارن ته ان حوالي سان ڪي ٺوس، شعوري حوالي سان نوجوانن جي تربيت ۽ ترقي لاءِ جامع شموليتي پروگرام ناهن ڏنا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۾ هزارن جي تعداد ۾ نوجوان ساليانو نڪرن ٿا پر انهن کي صحيح دڳ لائڻ واسطي ڪي به جامع رهنما پروگرام ناهن. نتيجي ۾ سنڌي سماج اندر جيڪا سماجي افراتفري ۽ بي چيني وڏي آهي ان رهندو سماجي، معاشي ترقيءَ جي عمل کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ان پس منظر ۾ شهبان نوجوانن جي سماجي ذميواري ۽ تبديلي واري موضوع کي زير بحث آڻي نوجوانن جي اهميت ڏانهن نشاندهي ڪئي آهي. جيئن هو لکي ٿو ته: ”سماج کي گهرجي ته هو ايندڙ نسل کي تيار ڪري روشن خيال بڻائي، انهن کي سماجي ذميواري ڏني وڃي ته جيئن سماجي معاشي ترقي جو عمل تيز ٿئي“. جيئن مان اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته هي انتهائي اهم مسئلو آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي لاءِ تعليم ۽ ٻين ترقي جي هر شعبن ۾ وسيع موقعا پيدا ڪرڻا پوندا ۽ ان لاءِ هڪ منظم سماجي تحريڪ هلائڻ گهرجي ڇو ته سنڌي سماج جي بيٺل پاڻي ۽ ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ نوجوان طبقي جي صلاحيتن ۽ قيادت تبديليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي. خاص ڪري اسان جون يوينورسٽيز، ڪاليجز، ٽيڪنيڪل ۽ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل سائسز جا ادارا ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ۽ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ، انهن لاءِ ڪئرير جا موقعا ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اسان وٽ روز بروز نوان ڪيمپس نه کوليا وڃن ٿا نه پر انهن جو معيار ڪهڙو آهي ان تي ڪنهن جي به ڪن تي ڪاجونءِ. ڪونه ٿي چُري. هي انتهائي غير ذميواراڻي روش ۽ رويو آهي. سنڌي سماج جي نوجوانن لاءِ معياري ۽ ساک وارا ادارا گهرجن جيڪي سماج، سماج جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. نه ڪي اهي ادارا ڀوتارن جي ڪمدار ۽ ڪاراون ۽ ونگارو مڊل ڪلاسي طبقاتي مفادن جو پورائو ڪن.
هن ڪتاب ۾ شامل مختلف موضوعن تي شهبان مختلف ارخن ۽ پهلوئن بابت سماجي ۽ سياسي تجزيو ۽ راءِ پيش ڪئي آهي جيڪا سندس سياسي سماجياتي تجزيي واري صلاحيت ۽ گُر تي ٻڌل آهي. منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب ۾ شامل سڀ مضمون ۽ انهن جا موضوع پڙهندڙن خاص ڪري سنڌ جي نوجوان لاءِ، تنقيدي شعوري لاڙي کي اجاگر ڪرڻ ۽ پنهنجي سماج اندر موجود سماجي جمود وارين قوتن ۽ استحصالي ٽولن جي نشاندهي ڪن ٿا. سڀ کان اهم ڳالهه نه ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمونن جا موضوع سماج ۽ رياست جي اهم مسئلن ۽ تبديلي واري ڊسڪورس سان جُڙيل آهن ۽ ائين هوا ۾ تير هلائڻ واري رويي تحت ناهن لکيا ويا. ان ڪري سنڌ جي نوجوان شاگردن، سماجي سائنسز ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن، سياسي ورڪرز کي هي ڪتاب سنڌي سماج اندر تبديلي واي سوال سان ڳنڍي نوان تنقيدي ويچار ۽ عمل لاءِ اتساهڻ جي سگهه رکي ٿو.
سنڌي سماج کي بربادي ۽ جمود واري حلت مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي هر باشعور فرد ۽ نوجوان کي تنقيدي صلاحيتن ۽ عمل جي آڌار تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. شهبان سهتي ان حوالي سان هي ڪتاب لکي هڪ حوالي سان لکڻ واري محاذ تي پنهنجي ذميواري ادا ڪئي آهي. پر اسان ان کان وڌيڪَ پنهنجي لکڻين واري تنقيدي شعور کي سنڌي سماج ۾ تبديلي واري عمل ۾ عملي طور ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ۽ جاگيرداراڻي، سرمائيداراڻي ۽ شخصيت پرستي وارن سماجي لاڙن ۽ سماجي اخيلات خلاف منظم سماجي تحريڪ جو ٽئي پوندي. تنهن تي هڪ سنڌي سماج جي اڏاوت سماجي انصاف واري قدرن تي ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي. تنقيدي شعوري سگهه ان حوالي سان بنيادي ڪردار جي گهرجائو آهي.
[b]رفيق وساڻ
[/b]
ـــ اپريل 2016ع
برن يونيورسٽي، سئيزرلئنڊ.