عالمي سرمائيدار، ترقي پسند قوتون ۽ پاڪستان
انهيءَ خيال کان ڪو به باشعور انڪار ڪو نه ڪندو ته هر ڪنهن سماج ۾ انقلابي سوچ وارا ماڻهو هميشه ان ڪوشش ۾ رڌل هجن ٿا ته انقلابي ۽ ترقي يافته معاشري کي هميشه اڳ کان اڳتي وٺي وڃجي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي حقيقي سماجي اصول آهي ته هر دور جي سماج جي ماڻهن کي نت نوان قانون ۽ اصول ٺاهڻا ٿا پون، جنهن ۾ هو پنهنجي آزادانه زندگي گذاري سگهي نه بلڪ اهو ته هو پراڻن کي اڳ جي نسل جي ٺاهيل اصولن ۽ قدرن کي پاڻ تي زوري مڙهي، جيڪو هن جي آزاديءَ جي خلاف آهي، اهو سڀ ڪجهه يورپ جي 18 هين صديءَ ۾ ٿيو، جنهن کي يورپ جا ڏاها ۽ فلسفي ايڏي وڏي سياسي ۽ سماجي انقلابن کي جنم ڏنو هيو ۽ هنن جي زندگي تبديلي ٿي وئي ۽ ان صديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ سوچ ۽ انقلابي خيال هلندڙ تحريڪن کي روشن خيال دور سڏين ٿا، جنهن ۾ روشن خيال جي تصويرن انهن سڀني مغربي ۽ ماضي جي مزارن کي ڊاهي پٽ ڪيو، ان روشن خيال جي تحريڪن جي ڪاميابي کانپوءِ اسان ڏٺوسين ته تاريخ ۾ هر شيءِ جا تصور بدلجي ويا، نوان سماج ۽ قانون ٺهيا، زندگي جي شڪل بدلجي وئي، ان کان اڳ انسان جي اهميت ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جهڙي هئي ۽ انسان کي اهميت ملڻ لڳي، ترقي جا نوان دڳ معلوم ٿيا، انسانن کي پنهنجي سوچ جي آزادي ملي، جنهن پنهنجي مرضي سان زندگي گذاري سگهي پيو، انهيءَ دور ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي ايتري ته تيزي سان وڌي جو انسان ان کان اڳ پوري تاريخ ۾ اهڙي ترقي خوشحالي نه ماڻي سگهيو هئو. ان روشن خيال جي تحريڪ پورو جگ مگايو ۽ ايندڙ نسلن کي به اها سوجهه بوجهه ڏني ته هو آزاد آهن ۽ آزاديءَ سان زندگي گذارن، هنن جو بنيادي حق آهي، انهيءَ خيال سان اڄ تائين جيڪي انساني ۽ قومي سماج هن دنيا ۾ آهن اهي پنهنجي انهن رجت پرست قوتن سان ۽ اڄ جي استحصالي قوتن سان پنهنجي قومي سماجن کي نجات وٺي ڏيڻ ۾ رڌل آهن، اها روشن خيالن واري تحريڪ اڄ به مڪمل طرح سان انساني سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي مڪمل آزادي نه وٺرائي سگهي آهي، سواءِ ڪجهه ملڪن ۽ قومن کي انهيءَ ڪري ان روشن خيال جي تحريڪ اڄ به جاري ساري آهي ۽ ان جي ڪا پڄاڻي نه آهي، ڇاڪاڻ ته انساني ڦرلٽ ۽ انساني سماج جي آزاديءَ جون دشمن قوتون پنهنجون شڪليون مٽائي ماڻهن ۽ سماجن کي ڦرينديون وتن ٿيون، اهي مذهبي رجت پرستي واريون قوتون هجن يا وري سرمائيداري جون قوتون جيڪي چاهين ٿيون اهي ئي طاقت حاصل ڪري سماجن ۽ محڪوم طبقي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪن ۽ انهن جي ڦرلٽ کي جاري رکي سگهن،
اهڙيون ئي قوتون هن 21 هين صديءَ ۾ عالمي سامراجي جي شڪل وٺي چڪيون آهن، انهن عالمي استحصالي قوتن وري ملڪي ۽ قومي استحصالي قوتن سان اتحاد ڪري ورتو آهي، جيڪي گڏجي ڪري پوئتي پيل ۽ ڪمزور قومي سماجن جو مڪمل استحصال ڪري قومن جي ڀينگ ڪري رهيون آهن، انهن پنهنجي ڦرلٽ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ محڪوم قومن جي مختلف اندروني اختلافن کي جنم ڏئي انهن کي ويهڙائي، مارائي ايترو ته ڪمزور ڪري ورتو آهي، جو اهي ويچاريون پنڊ پهڻ ٿي ويون آهن، اهي آفريڪي کنڊ جون قومون هجن يا ايشيائي ۽ ليٽن آمريڪي، اتان جي ملڪن تي ڊگهو عرصو مٿئين طبقي سان مغرب جي سرمائيداري قوتن حڪمراني ڪري انهن قومن جي هر پاسي کان ڦرلٽ ڪري انهن جي ثقافتي، سماجي ۽ معاشي تباهي ڪري پنهنجا ٽپڙ گول ڪيا، پوئتي پيل سماجن اتان جي ڀائيوار استحصالي قوتن جي حوالي ڪري ڇڏيو ته جيئن اهي انهن ئي پنهنجي نويت جي داخلي سامراجيت قائم ڪن ۽ انهن جو اڳتي هلي ڪري ساٿ ڏين.
جڏهن وري ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ اڪثر قومن پنهنجي نالي ماتر آزاديون ماڻيو ۽ انهن قومن جي اندر ڪجهه حقيقي سياسي ۽ معاشي ڌريون پاڻ هڪ منظم ٿي اتان جي سماجي ۽ معاشي حالتن جي حالتن کي بهتر بنائڻ چاهيو يا وري پنهنجي ملڪن کي جمهوري انداز سان هلائڻ جي جدوجهدون ڪيون ته انهن جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن کي عالمي سامراجي ملڪن ڏيهي غير جمهوري قوتن کان ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ وڏين ترقي پسند تحريڪن جي اڳواڻن کي ڦاهي چاڙهائي ۽ مارائي ڇڏرايو، ملڪن جي جابر حڪمرانن کان اهڙي طرح پوئتي پيل مظلوم قومن جي سرد جنگ دوران تباهي ۽ بربادي ڪئي وئي ۽ انهن مظلوم قوم جي ڪا گهڻي تڻي تاريخي حوالي سان ترقي ٿي نه سگهي آهي، اڄ به پوئتي پيل سماج ۽ قومون انهن عالمي سرمائيدار جي هٿ ڪنڊن کان آجيون ٿي نه سگهيون آهن، انهن قومن جي هن وقت اهڙي بري حالت آهي جن ۾ گهڻي تڻي خانه جنگي وارين حالتن ۾ آهن، جهڙوڪ آفريڪي ملڪن ۽ انڊيا، وري هن وقت عرب ملڪن جي اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهيءَ سڀني حالتن جو ذميوار اهي عالمي ۽ ديسي قسم جا لٽيرا آهن، انهن مظلوم قومن جي سماجي ۽ سياسي حالتون اڳ کان وڌيڪ برتر ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي نه رڳو سياسي سماجي ۽ معاشي حالت خراب پئي ٿئي پر ان قومي سماجن جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي بربادي رونما پئي ٿئي، اهو سڀ ڪجهه مغرب جي سرمائيداري جي نتيجي ۾ ئي ٿي رهيو آهي.
انهيءَ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته دنيا جي پوئتي پيل سماجن ۽ قومن هڪ منظم داخلي سامراج ۽ استحصالي قوتون ايتريون ته مضبوط ٿي ويون آهن، جو اهي خارجي عالمي استحصالي قوتن کان وڌيڪ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جيڪو انهن پوئتي پيل قومن جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهي. ته اتان جي سياسي ۽ سماجي قوتن کي گهرجي ته انهن سان ڀرپور مهاڏو اٽڪائي انهن قوتن جون پاڙون پٽي ۽ انهن کان سياسي اقتدار ۽ معاشي بالادستي کي پنهنجي قبضي هيٺ ڪري جيڪي حقيقي جمهوري ۽ ترقي پسند قوتون آهن، هاڻي مان هت انهيءَ پوري تناظر ۾ پاڪستان رياست ۽ ان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن تي بحث کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪندس، پاڪستان رياست جيڪا 1947ع کان گڏيل برصغير جي مذهبي ۽ فرقيوارانه اختلافن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي، جيڪا هڪ گهڻ قومي رياست آهي، جنهن مذهبي تصور طور جنم ورتو ۽ انهيءَ مذهبي تصور طور پاڪستان کي هلائڻ کان پاڪستان جي باني محمد علي جناح خد ئي انڪار ڪيو هئو ته پاڪستان سيڪيولر رياست طور سڃاڻپ حاصل ڪري پر ان جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ان رياست کي مذهب جي عين مطابق يرغمال بڻايو ويو، پاڪستان جي هڪ سياسي ٽولي پنهنجي پنهنجي سياسي ۽ معاشي مفادن خاطر هن ملڪن تي قبضو ڄمائي ڇڏيو ۽ مذهب کي نالي ماتر استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، اڄ تائين اسلام مذهب جنهن جي سياسي بهترين تشريح اها به ٿي ته رياست ۾ رهندڙ ماڻهو، قومون، مذهب ۽ نسل سڀ برابر هجڻ گهرجن، ڪو به مذهبي يا نسلي ڪا بالادستي جي اجازت ناهي مليل، رياست اندر رهندڙ شهرين جي معاشي ۽ سماجي حالت هڪ فلاحي هجڻ گهرجي نه بلڪي استحصالي، عين اسلامڪ رياست ۾ ڪنهن به قسم جي تفريق جي ذري جيتري گنجائش ناهي مليل، اسلام مذهب کان علاوه جيڪي به ٻي مذهبي آبادي آهي، انهن جي سياسي ۽ معاشي حالتون ڪنهن به مسلمان کان گهٽ نه هجڻ گهرجن، اسلامي رياست جو تصور به هڪ مڪمل فلاحي ۽ مڪمل طور عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري جو حڪم آهي، جيڪو پاڪستان ۾ ڪڏهن به اسلامي اصول قائم نه ڪيا ويا آهن، ان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ جيڪڏهن جيڪو ڪجهه اسلام جي نالي تي ڪيو ويو آهي ان سان اسلام ۽ مذهب جي عالمي سطح تي بدنامي ٿي آهي، اسلام جي حقيقي روح، تعليم ۽ فلسفي جي گهٽتائي ٿي آهي نه رڳو پاڪستان کان ٻاهر پر پاڪستان جي پنهنجي معاشري ۾ پڻ،
انهيءَ هٿ ٺوڪي مخصوص سياسي بالادست طبقي جي ڪري پاڪستان 1971ع ۾ ٽٽي ويو، جنهن مان بنگلاديش ٺهيو، پوءِ به هن ملڪ کي نه جمهوريت نصيب ٿي نه وري ڪجهه ٻيو، هن ملڪ جون سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون ان کان به وڌيڪ بدتر کان بدتر ٿينديون پيون وڃن، هن ملڪ ۾ رهندڙ ٻيون قومون مذهب ۽ ثقافتن جا ماڻهو پاڻ گڏجي رهڻ کان بلڪل عاري آهن، پاڪستان ۾ مختلف قومون هاڻي گڏجي رهڻ ناممڪن سمجهي رهيون آهن، هن ملڪ ۾ مختلف قومن ۽ ثقافتن جا ماڻهو هڪ ٿي رهڻ جي اميد وڃائي ويٺا آهن، هر طرف اختلافات نظر اچي رهيا آهن. پاڪستاني سماج ۾ مذهبي، سياسي، معاشي ۽ سماجي حوالي سان هن رياست جي سياسي ايترو وڏو خلفشار هلي رهيو آهي، جو اهو پري ناهي ته هن جو مستقبل عراق، شام ۽ مصر جهڙو ٿئي، انهيءَ پوري صورتحال ۾ هر شهري پنهنجو پاڻ کي پاڪستان ۾ غير محفوظ سمجهي رهيو آهي، عالمي سطح وري هن ملڪ جي لاءِ ڪجهه ٻيون حڪمت عمليون جوڙي رهيون آهن، انهن عالمي قوتن کي پنهنجي پنهنجي مفادن جي هن خطي ۽ ملڪ ۾ ڳڻتي آهي ته انهن جي مفادن جو ڇا ٿيندو؟