دنيا جون تبديل ٿيندڙ حالتون: سنڌ کي درپيش سماجي ۽ معاشي مسئلا
انهيءَ جديديت واري دور کانپوءِ وري هن وقت سنڌي سماج کي ڪٿي بيهارجي ۽ ڪهڙي رخ ۾ کڻي وڃجي، اهو هڪ اهم سوال ۽ مسئلو آهي، سنڌ جي سياسي سماجي ۽ انهن ادبي دنيا جي سنڌي باشعور ماڻهن لاءِ انهيءَ ڳالهه سان مان به متفق آهيان ته سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جو نئين انداز سان سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي، سنڌ سائنسي ۽ معيشتي حوالي سان ترقي ڪو نه ڪئي آهي پر ان دنيا جي سائنسي ۽ معاشي ترقي سنڌ تي گهرو اثر ڇڏي رهي آهي ، جنهن کي سمجهڻ ۽ انهن جي پوندڙ اثرن کي سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي، سنڌي سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ ٻيو اهم پهلو آهي سنڌي ادب ۽ فن جي حوالي سان جيڪو تمام گهڻو اهم آهي، جنهن جي حوالي سان سنڌ ۾ مختلف دورن ۾ ڪم ٿيندو رهيو آهي، ان ادب ۽ فن کي نئين سر سان سنڌ ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سنڌي سماج جون کوڙ ساريون شيون تبديل ٿي سگهن ٿيون پيون، جيڪي سنڌي سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مدد فرهام ڪنديون، مثلن سنڌ هن وقت ملڪ نه پر هڪ صوبو آهي، جيڪو هڪ تاريخ جو سچ آهي، ٻيو ته هن وقت سنڌي سماج جي وقت تبديل ٿي چڪو آهي، تاريخي حوالي سان 1947ع کانپوءِ جنهن ۾ ڪيترائي مذهبي نسلي، ٻولي ۽ ثقافتي فرق آهن، انهن سڀني فرقن کي سياسي سماجي حوالي سان قبول ڪرڻون پوندو، ٽيون فرق اهو ته سنڌ هڪ زرعي سماج واري حالت ۾ آهي، جنهن ۾ صنعتي سماج وارا گڻ ۽ قدر نه اچي سگهيا آهن، ڪهڙن به سببن جي ڪري چوٿون اهم هن وقت سنڌ هڪڙي (Globalization) جي چڪرويو ۾ آهي، جنهن مان اسان سنڌ جو فائدو ته وٺي ڏئي سگهون ٿا پر ان کي ختم ڪري نٿا سگهون، انهن سڀني سوالن ۽ فرقن کي سنڌ جي سياسي عمل يا ادب ۽ فن ۾ ڪم ڪندڙن تي تاريخي فرض ٿئي ٿو ته اهي انهن سڀني حوالن سان سنڌي سماج جي نئين سر جوڙجڪ ڪن، جنهن ۾ سياست ڪندڙ سنڌي اڳواڻن تي گهڻي ذميواري عائد ٿئي ٿي، جنهن کي سنڌي سماج کي تاريخي حوالي سان هڪ فيصلاڪن مرحلي مان گذارڻو آهي ۽ انهن سياسي اڳواڻن کان علاوه باقي شعبن جي ماڻهن کي نت نيون تشريهون ڪرڻيون پونديون. سنڌ جي علم، ادب، تاريخ ۽ فسلفي جي حوالي سان سنڌ جو سماج تاريخي حوالي سان انهيءَ سڀني ۾ موجود تضادن ۽ فرقن کي ختم ڪرڻ بجاءِ انهن کي حل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو، جيڪي هن وقت سنڌ ۾ موجود آهن، انهيءَ لاءِ صرف ضرورت آهي، سياسي فراخ دلي سياسي عزم (Political will) جي، جو دنيا جي هن ڪيترن ملڪن ۽ قومن ۾ اهڙا تضاد ۽ فرق موجود آهن، جنهن کي سهيڙڻ يا گڏائڻ واري پاليسي تحت حل ڪيو وڃي ٿو، ان سان گڏوگڏ سڀني لاءِ هڪجهڙائي سياسي ۽ معاشي موقعا فراهم ڪيا وڃن ٿا، نوان ذاتي ڪوڊ متعارف ڪرايا وڃن ٿا، جنهن کي سڀني هڪ ملڪ ۾ رهڻ جي آزادي مليل هجي ۽ هو انهن شناختن سان زندگي گذاري سگهن، هڪڙي ئي معاشري ۾ جنهن معاشري کي (Multicultural society) سڏين ٿا، اهو آمريڪا کان وٺي انڊيا جهڙي گهڻ رخي فرقن واري رياست ۾ به اهڙي پاليسي حڪومتي سطح تي آندي وڃي ٿي، جنهن ۾ سماجي ادارن جو رخ موڙڻ جي ضرورت آهي، هن وقت سماجي تضادن لاءِ سماجي عمل جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سماج ۾ سماجي اختلافن جو سبب سڀ کان پهريان سماجي ادارن کان شروع ٿئي ٿو ۽ انهن ادارن جي نئين پاليسي تحت ئي انهن تضادن کي ختم ڪري سگهجي ٿو پيو، هن وقت پاڪستان جي رياست ۾ انهن ادارن جي سبب ڪري پاڪستاني سماج ۾ اختلافن جنم ورتو آهي، اهي اختلاف تيستائين ختم نه ٿي سگهندا، مذهبي ۽ نسلي حوالي سان جيستائين هنن رياستي ادارن جو ڍانچو Structure)) تبديل نه ٿيندو، جنهن ۾ سڀني فرقن وارن ماڻهن ۽ نسلن کي شامل نه ڪيو ويندو يا انهن کي برابر جي آزادي ۽ موقعا نه ڏنا ويندا ته پاڪستان رياست جو سماج اڳتي وڌڻ ناممڪن آهي، اڳتي وڌڻ بجاءِ هي سماج ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيندو، جيڪو هن وقت هلي رهيو آهي، پاڪستان رياست اندر.سنڌ ۾ هن وقت جيڪي سماجي، سياسي ۽ معاشي حوالي سان تضاد هلي رهيو آهي انهن کي سمجهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ سياسي بصيرت جي ضرورت آهي، خاص ڪري سنڌ جي سياسي اڳواڻن جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته سنڌ کي اڃا به گهڻيون تڪليفون اينديون، انهن تضادن جي حوالي سان جنهن ۾ نقصان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو جو ٿيندو.
سنڌي سماج ۽ سنڌ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هيٺيون پاليسون ٺاهڻيون پونديون.
سنڌ کي زرعي ترقي وٺرائڻ لاءِ انهي زراعت کي صنعتي بڻائڻو پوندو، هڪڙي فارمن جي شڪلن ۾ جنهن ۾ نئين زرعي ٽيڪنالاجي جي ضرورت پوندي، جنهن جي ذريعي پيداوار بهتر ٿيندي، خاص ڪري سنڌ ۾ اهڙا ميوات ۽ فصل ٿين ٿا، جنهن کي بعد ۾ وڏي پيماني تي ايڪسپورٽ ڪري سگهجي ٿو، انهن فارمن ۾ جدت اچڻ کانپوءِ سنڌ جي اندر هڪڙو وڏي آبادي مزدوري طور ڪم ڪري سگهي ٿي، جنهن سان ذريعه معاش بهتر ٿي سگهي ٿو. سنڌي معاشري جو انهيءَ زرعي تبديلي سان سنڌ جو هڪڙو ننڍو سرمائيدار به ٺاهي سگهجي ٿو پيو.
سنڌ کي هڪ تعليم جي انقلاب کان گذارڻو پوندو، جنهن ۾ سنڌ جو نوجوان طبقو هن گلوبلائيزيشن جي موقعن مان فائدو وٺي سگهي ۽ انهيءَ گلوبلائيزيشن کي سنڌ جي فائدي ۾ آڻي سگهي، انهيءَ تعليمي سڌارن جي ڪري سنڌ کي پنهنجو هيومن رسورس هوندو، هر شعبي ۾ ته سنڌ کي اهو انتظامي ڪم ڪار ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ سماجي ڀلائي جو ڪم ڏئي سگهندو، جنهن لاءِ سنڌ کي اهي سماجي معاشي يا انتظامي خدمتون ڪنهن ٻئي ملڪ مان خريد نه ڪرڻيون پونديون، شروع شروع ۾ انهيءَ تعليم جي سڌارن سان سنڌي سماج ۽ سنڌ کي گهڻ رخو فائدو رسندو، جنهن سان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ٿي سگهي ٿو، سنڌي ٻولي ۽ ادب فن ترقي ڪندو، سنڌ جي ماڻهن کي دنيا ٻين ڪيترن ئي سماجي ۽ سائنسي علمن جي ڄاڻ ايندي، سنڌي نوجوان ۽ ايندڙ نسلن کي هڪڙو ٻيو اهم ڪم ۽ تبديلي جو اهو ڪرڻو پوندو ته هن وقت تائين سنڌ جي صنعتي پاليسيون ۽ منصوبابندي تمام بري نموني ڪيون ويون آهن، جنهن سان سنڌ جي ترقي هموار نه ٿي سگهي آهي، سنڌ جي صنعتن کي رڳو سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين محدود رکيو ويو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ اهي ٻه شهر سماجي ۽ معاشي حوالي سان ترقيون ڪري سگهيا پر باقي سنڌ جا شهر 50 يا 60 سالن کان اتي جو اتي ئي رهجي ويا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جي اندر هڪڙو ته مڊل ڪلاس نه ٺهي سهگيو آهي، ٻيو ته سنڌي سماج کي زرعي سماج جي طور طريقن کان بدلائي هڪڙي شهري مزاج رکندڙ وارو بڻائي سگهجي، سنڌي ماڻهو کي انهيءَ شهري آباد کي هڪڙي ننڍي ۽ وڏي سرمائيدار ۾ تبديل ڪري سگهجي پيو، پر اهو به ممڪن ٿي نه سگهيو، سنڌ جي حڪمراني جي ناڪامي سبب اهو سڀ ڪجهه هن وقت به ممڪن آهي، صرف انهيءَ منصوبابندي لاءِ سياسي مضبوطي ۽ دلچسپي گهرجي،
اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ کي سماجي حوالي سان ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، يا سنڌ کي شهر ۽ ٻهراڙي واري آبادي تحت سياست ڪئي ٿي وڃي، جيڪو سراسر سنڌ جي ايڪي لاءِ نقصان واريون ڳالهيون آهن، اهو صرف تڏهن ممڪن ٿيو آهي يا سنڌ جي شهر يا ٻهراڙيءَ واري سياسي زبان استعمال ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي صحيح سياسي، سماجي ۽ معاشي حوالي سان متوازن نه رکيو ويو، اهو چوڻ هرگز غلط آهي ته حيدرآباد کان پوئتي ڪراچي تائين شهري سنڌي آهي ۽ حيدرآباد کان پوئتي سنڌ ٻهراڙي آهي، حيدرآباد جهڙو شهر سنڌ جو سکر ۽ لاڙڪاڻو به آهي، انهيءَ کان علاوه ٻيا شهر جن جون وڏيون آباديون، سنڌ جي شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرن کانسواءِ ٻين شهرن جي لاءِ مخصوص منصوبابندي ٿيڻ کپي، ترقي جي هر ميدان ۾ جهڙوڪ بهترين تعليمي ادارا، بهترين صحت جون سهولتون بهتر قسم جا روڊ رستا ۽ ٻيو مواصلاتي سهولتون، سير، سفر ۽ تفريحي گاهون جيڪي اڳئي موجود آهن، تاريخي جڳهيون آهن، جيڪي ملڪ کان علاوه ٻين ملڪن جي ماڻهن جي لاءِ پرڪشش هجن، اهي شيون آساني سان ڪري سگهجن ٿيون، ٻيو صرف حڪومتي توجهه سان ٻي اهم ڳالهه سڀ کان سنڌ جا سڀئي شهر قدرتي حوالي سان سرسبز آهن، انهن جي ڀرپاسي وڏي پيماني تي قدرتي وسيلا آهن. جنهن جي ذريعي انهن شهرن تي صنعتي زون ٺهرايا وڃن، جيڪي تمام گهڻا لاڀائتا ٿيندا، سنڌي جي ترقي لاءِ جنهن ۾ هزارين ۽ لکن ماڻهن کي روزگار ملندو، اهڙين سماجي ۽ معاشي منصوبابندين سان سنڌ جي اندر هڪڙي قسم جي هموار ترقي ٿي سگهي ٿي، جنهن سنڌ جي اندر ڪجهه شهرن جي هڪ هٽي به ٽٽندي ۽ ڪو به سنڌ جو شهر ۽ ان ۾ رهندڙ شهري اهڙي دعوا نه ڪري سهندا ۽ نه وري ڪنهن قسم جي سياسي ۽ سماجي فرق اڀري سامهون ايندا، جنهن سان ڪو سياسي گروپ سياسي ۽ معاشي بليڪ ميلنگ به نه ڪري سگهندو، انهن ئي سڀني فرقن جي ڪري سنڌ جي سياست کان وٺي سماجي ۽ معاشي سطح تي سنڌ ۾ تضاد اڀرندا رهن ٿا، مان ذاتي سمجهان ٿو ته هن وقت به سنڌ کي هڪڙو سماجي حوالي سان تمام گهڻو فائدو اهو آهي ته سنڌ جي اندر وڏيون ڪميونٽيز (Communities) رهن ٿيون، جنهن کي تاريخي حوالي سان تمام گهڻي حرفت ۽ ڏانءِ آهي، سرمائيداري ۽ ڪاروبار جي حوالي سان جنهن سان سنڌ ڇا پر پاڪستان ۾ڪا به اهڙي ڌر انهن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، سرمائيداري جي حوالي سان اهي سنڌ ۾ بچيل هندو سنڌي آبادي ۽ شيخ جنهن جي ڪثير آبادي موجود آهي، سنڌ ۾اهي ئي هڪڙيون سنڌ جون (Indigenous) يا قومي سرمائيدار (Communities) جيڪي سنڌ جي سرمائي جو تحفظ ڪري سگهن ٿيون ۽ سنڌ جي هر شهري کي صنعتي ترقي وٺرائي سگهن ٿيون، صرف انهن جي رهنمائي ٿيڻ جي ضرورت آهي، اهڙيون آباديون اسان جي ڪراچي ۾ به موجود آهن، جيئن خواجا برادري، ميمڻ برادري ۽ پارسي برادري پر انهن کي اسين سنڌي پنهنجي پاڻ سان بيهارڻ ۽ سلهاڙڻ ۾ ناڪام ويا آهيون، پاڪستان ٺهڻ کان، اڄ به وقت موجود آهي، انهن کي اسين پنهنجو ڪري سگهون ٿا صرف سياسي ۽ سماجي حوالي سان انهن کي تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح سان اسين سنڌ جي ٻين ننڍن شهرن ۾ شيخ ۽ هندو برادري کي به تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهيون، جنهن جي ڪري سنڌ جي شهرن جي سرمائيداري ۽ ڪاروباري حوالي سان تباهه ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن اهو نه روڪيو ويو ته اڃا به گهڻي تباهي ٿيندي، سنڌ جي هن وقت سنڌ جا سنڌي سرمائيدار ۽ ڪاورباري ڌرين سان جيڪو ڪجهه تحفظ جي حوالي سان ٿي رهيو آهي، اهو ڏاڍو خطرناڪ آهي، هن وقت گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ هزارين هندو سنڌي لڏي وڃي رهيا آهن، انڊيا يا دبئي طرف انهن جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، انهيءَ برادري جي ماڻهن کي تمام گهڻو عدم تحفظ جو خدشو آهي ۽ انهن جي ماڻهن کي اغوا براءِ تعاون ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جيڪو پڻ گڻتي جوڳو عمل آهي، سنڌ جي مستقبل لاءِ اهڙين سازشن کي روڪڻو پوندو، ڪهڙي به حالت ۾، خاص ڪري انهيءَ لاءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڌرين کي سامهون اچڻ گهرجي.
سنڌ جي تاريخي تمدن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، سنڌ هڪ پنهنجي ماضي جي آڌار تي سنڌي سماج کي ترقي وٺرائي سگهجي ٿي پئي، صرف اهڙن ڪجهه سياسي ۽ معاشي منصوبابندي جي ضرورت پوندي ۽ هر سنڌي کي ان تاريخ کي اڳيان رکي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اهو ڪم ايڏو مشڪل ڪم ناهي صرف هڪڙي سماجي ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، هڪڙي ايمانداري سان سماج ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي ادارن کي سنڌ ۾ مضبوط بڻائڻو پوندو ۽ انهن ادارن ۾ بهتر مستقبل جا سياسي سماجي معاشي ماهرن جي ضرورت آهي، جنهن سان شيون ٺهي سگهن ٿيون ۽ سماج سنوارجي سگهي ٿو پيو.