پاڪستان تي جاگرافيائي سياست جا اثر ۽ سنڌ جون سياسي حالتون
پاڪستان جون وري پنهنجون تاريخي گهرجون آهن هن خطي ۾ انهيءَ جو پاڪستان جي حڪمران طبقي کي مڪمل ادراڪ آهي ته پاڪستان جي ڪيڏي نه وڏي اهميت آهي، هن پوري خطي ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن جي پاڪستان جي حڪمراني طبقي جون گهرجون آهن، انهن مان سڀ کان وڏي گهرج اها آهي ته انڊيا جيڪو هن جو ازل کان دشمن ملڪ قرار ڏنل آهي، 1947ع کان، انهيءَ انڊيا کي پاڪستان مڪمل طرح سان هيٺ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ جيڪو هنن حالتن ۾ انڊيا جو يار آهي، پاڪستان جو دشمن آهي، ٻيو پاڪستان جي گهر ۽ اهميت ان ڳالهه تي آهي ته هن وقت ڪو به ملڪ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري ۽ نه وري پاڪستان ۽ هلندڙ هن وقت بلوچستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي حمايت ڪري، يا ڪنهن به قسم جي مدد، ان سان گڏ نه وري سنڌ صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ مداخلت يا ڪا مدد ڪنهن نسلي گروهه کي جيڪو هن وقت پاڪستان جو وڏو اهم معاملو هلي رهيو آهي، ٽيون آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ جيڪي عالمي قوت پاڪستان جي عسڪري ۽ ائٽمي قوت جي مدد ڪري ته پاڪستان انڊيا جو مقابلو ڪري سگهي، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جون معاشي حالتون سياسي معاملا انتهائي خراب آهن، انهيءَ حوالي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ۽ معاشي حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪري، جيڪو هن وقت چائنا جي صدر پاڪستان جي دوري تي اچي ڪو تمام وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کي چائنا ۽ پاڪستان اقتصادي راهداري سڏيو وڃي ٿو، اها سيڙپڪاري تقريبن 46 بلين ڊالرز جي آهي، انهيءَ کان اڳ پاڪستان ۾ ايڏي وڏي ڪڏهن به سيڙپڪاري نه ٿي آهي، تاريخ ۾ ياد رهي ته تازي سيڙپڪاري چائنا اڳ ۾ ئي گوادر تي ڪري چڪو آهي، جنهن تي بلوچستان جي سياسي ماڻهن ان گوادر کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان تي هلندڙ ڪم ڪافي عرصي کان روڪيل آهي ۽ بلوچستان جي اندر هلندڙ هن پاڪستان جي خلاف علحدگي پسند قوتن جون ڪارروايون هلي رهيون آهن، جنهن جو تڪڙو حل نظر نه اچي رهيو آهي، فلحال ته اهو سڀ ڪجهه پاڪستان اندر رياست ۾ پاڪستان جا حڪمران اهو سمجهي رهيا آهن ته اهو سڀ ڪجهه بيروني مداخلت جي ڪري ٿي رهيو آهي، جنهن جو پاڪستان تازو ئي الزام ڀارت ملڪ جي خوفيه ايجنسي تي لڳايو آهي ته بلوچستان کان ڪراچي ۽ مختلف پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروايون ڀارتي را ايجنسي ڪرائي رهي آهي ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام نه اچي سگهي، ڪڏهن به پاڪستان ڀارت جو مقابلو نه ڪري سگهي.
انهيءَ ڳالهه ۾ شايد ڪي گهڻا رايا نه هجن ته اهي سڀ گهيريل پاڪستان کي مشڪلاتون جنهن ۾ شايد ئي عالمي قوت جو شامل نه هجن، پر انهيءَ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحصال پاڪستان ٺهڻ کان هن رياست جي حڪمران طبقا ڪندا رهيا آهن ۽ انهن حڪمرانن ڪنهن به انهن سڀني اندروني سياسي اختلافن جو حل سياسي حوالي نه ڪڍڻ چاهيو آهي، اهو ڀلي کڻي اوڀر پاڪستان جو معاملو هجي يا وري هن وقت بلوچستان جو مسئلو، انهن سڀني مسئلن جو حل هن رياست اندر ڏاڍ ۽ بندوق جي زور تي ڪيو ويو آهي، جيڪو هر وقت هر ڀيري هر معاملي جو حل نٿو ڪڍي سگهجي، پاڪستان جي حڪمرانن کي ضرور تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي، نه ته تاريخ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي آهي ،جيڪي ڏاڍا ڪڙا هوندا آهن.
اهڙي طرح پاڪستان کي جاگرافيائي حالتون هنن خطن جو ڪجهه حالتن ۾ تمام گهڻي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ وري پاڪستان جون پنهنجون اندروني حالتون پاڪستان جي ان جاگرافيائي اهميت کي تمام وڏو نقصان ڏئي رهيون آهن، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان کي پنهنجي بهتر سفارتڪاري تي آهي ته پاڪستان انهن سڀني خطن جي تبديل ٿيندڙ حالتن مان فائدو ٿو حاصل ڪري يا وري پنهنجي ئي ڪيل اندروني ۽ خارجي فيصلا ان کي نقصان ٿا رسائن، انهيءَ جو فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪري سگهي ٿو، هن وقت جي حقيقي حڪمران طبقي پاڪستان جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حوالي سان چائنا کي پنهنجو اتحادي بڻائي رهيو آهي، اهو چائنا جنهن جو انڊيا مد مقابلي طور سامهون اچي رهيو آهي، آمريڪا جو اتحادي ٿي، انڊيا ۽ چائنا جون ڳالهيون هلي رهيون آهن ته انڊيا ۽ چائنا جي وچ ۾ هڪ اتحادي نه سهي پر اهو هڪ هن وقت فطري آهي ته انڊيا آمريڪا جو وڌيڪ اتحادي آهي ۽ اهو چائنا جي سياسي اڳواڻن کي سفارتڪارن کي به بخوبي علم آهي، جنهن جي ڪري چائنا کي انڊيا جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ چائنا لاءِ تمام گهڻو لازم ٿي رهيو آهي، جنهن جي بنياد تي چائنا وڏي پئماني طور پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري رهيو آهي، هر سطح تي اهو ڀلي پاڪستان جي ائٽمي قوت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ يا وري معاشي حوالي، هڪڙي ڳالهه ضروري آهي ته چائنا کي ڪجهه ضرور پاڪستان جي حوالي سان خدشات ۽ تعلقات جي حوالي سان ته ڪٿي پاڪستان جي اصل سياسي حڪمران وري نه آمريڪا جي پٺيان لڳي پون، ڇاڪاڻ ته آمريڪا سڌي طرح سان پاڪستان کي ڊالرز ڏيندا رهن ٿا ۽ آءِ ايم ايف ۽ (world bank) جي (Aid) به هڪ وڏي اهميت رکي ٿي، پاڪستان لاءِ چائنا بلڪل ئي نٿو ڪري سگهي پيو ته هو سڌا سنوا پاڪستان کي پئسا ڏيڻ ائين جيئن آمريڪا ڪندو رهيو آهي، ٻيو اهو آهي ته هن وقت چائنا جيڪي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، ان جي تڪميل ٿيڻ ممڪن آهي، پاڪستان جي اندر يا نه، هڪ ته گوادر ۾ چائنا جي سيڙپڪاري اڳ ئي رولڙي جو شڪار آهي، ٻيو هاڻي ايڏي وڏي چائنا جي 46 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ مرڪز ۾ نواز شريف جي حڪومت ۽ صوبن جون ناراضگيون مرڪزي حڪومت تي هن وقت صوبن جا خدشا ۽ اعتراض اچي رهيا آهن ته چائنا جي ايڏي سيڙپڪاري مان ننڍن صوبن کي حصو ملندو اهي سڀ (Gray Areas) آهن، چائنا جي سيڙپڪاري جي حوالي سان، ان کان علاوه پاڪستان مان ڪجهه مذهبي شدت پسند جماعتون چائنا جي اندر رهندڙ مسلمانن جي آباديءَ تي اثرانداز به ٿي رهيون آهن، جنهن تي چائنا جا ڪجهه تلخ قسم جون شڪايتون آهن، پاڪستان سان هن وقت اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جون اندروني خلفشار ڀريون حالتون ۽ سياسي ۽ سماجي عدم استحڪام خد پاڪستان لاٰ وڏيون چئلينجز آهن، انهن کي قابو پائڻ، هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته چائنا جي پاڪستان سياسي عسڪري ۽ معاشي سرگرميون ۽ تعاون آمريڪا جي حڪمران ۽ سفارتڪارن لاءِ به قابل قبول ڪونهن،اهو هڪ الڳ پاڪستان جي لاءِ مشڪل ۽ امتحان جي گهڙي آهي ۽ پاڪستان ساڳئي وقت ٻن ٻيڙين ۾ به سوار ٿي نٿو سگهي، ٻيو اهو پاڪستان جي حڪمران طبقو ڪوشش ضرور ڪندو ته خوش رهي رحمان ۽ راضي رهي شيطان بهي!
مان هاڻي اچان ٿو پنهنجي ڳالهه تي جنهن جي ڪري هي مون ايڏو ڊگهو بحث کي ڇيڙيو آهي، سنڌ جو سوال ۽ ان جو مستقبل هن خطي ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ ان ڳالهه کان شايد ڪو به جاگرافي جو ماهر ۽ استاد انڪار ڪو نه ڪندو ته پاڪستان رياست جي جاگرافيائي اهميت ۾ هن سنڌ صوبي جي تمام گهڻي اهميت بيهي ٿي، پاڪستان جي (Geopolitical) اهميت سنڌ صوبي کانسواءِ باقي ڪا گهڻي ڪا نه بچندي، جيڪڏهن سنڌ صوبي کي رڳو هٽايون ته پوري هن خطي جي سياسي اهميت به ساڳئي نه رهندي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سياسي ڏڦيڙ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه عالمي قوتن جا هٿ موجود آهن.
هن پاڪستان رياست ۾ سنڌ صوبي جون سڀ کان وڌيڪ قربانيون آهن، تڏهن کان وٺي جڏهن کان هي ملڪ ٺهيو آهي، انهيءَ قرباني جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تمام گهڻا گهاو کاڌا آهن. هن صوبي ۽ سنڌي ماڻهن پنهنجي سياسي سماجي ۽ معاشي ترقي جون قربانيون ڏنيو آهن، هن صوبي جي اصل رهاڪن کي ڪجهه نصيب نه ٿيو آهي، هنن جي پنهنجي ٻولي، ثقافت جي تباهي ۽ بربادي پنهنجي جڳهه تي سنڌ جو اصل رهاڪو هن وقت اقليت ۾ تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي آبادي ڪابض ٿي رهي آهي، سنڌ جي راڄڌاني جي شهر ڪراچي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين امن سياسي استحڪام قائم نه ٿيو، سنڌ صوبي جي ايڏي وڏي بندرگاهه مان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو کي رڳو نقصان پهتو آهي، ڪو به معاشي فائدو نه مليو آهي، سنڌ جون معاشي ۽ سماجي حالتون آفريڪا جي پوئتي پيل ملڪن جهڙيون آهن، سنڌي ماڻهن کي نه هن وقت تائين ڪي بهتر روڊ رستا، صحت، روزگار ۽ نه ئي ڪا تعليم ملي سگهي آهي، هي ايڏو وڏو بندرگاهه جيڪو پوري پاڪستان کان وٺي سينٽرل ايشيائي ملڪن تائين رسائي فراهم ڪري ٿو، ان جي بدلي سنڌ کي ۽ سنڌي عوام کي بک ۽ معاشي بدحالي کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو، انهيءَ سنڌ جي بندرگاهه کان سنڌي ماڻهن کي ڪجهه مليو آهي ته رڳو ڪلاشنڪوف، چرس، آفيم ۽ ڌارين جي ڪٽڪ آبادي جن جي ڪري سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي بربادي ٿي رهي آهي، هن وقت سنڌ جي ٻهراڙين جي سماجي ۽ معاشي ڏيک آفريڪي صحرا جهڙو ڏيک ڏئي رهي آهي، جاتي هو پاڻ پنهنجي ننڍين ننڍين قبيلائي تڪرارن ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويا آهن. جاتي نه ڪڏهن ڪا رياست جي قانونن جو نفاذ رهيو آهي نه وري ڪا سياسي حڪمراني، هن وقت سنڌ جي اندروني سماج ۾% 80 کان به گهٽ سنڌي عوام کي بنيادي سهولتن جي رسائي آهي، پوري سنڌ ۾ هڪ طرف وڏي پيماني تي نقل مقاني ٿي رهي آهي، امن امان جي عدم موجودگي ڪري يا وري معاشي تنگيءَ ڪري جنهن جو هن وقت تائين ڪو به حڪومتي سطح تي ان جو ازالو ناهي، سنڌ جي ٻهراڙين جو معاشي ڍانچو به هڪ طرف مڪمل تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان ڄڻ ڪا حڪومت نالي ڪا شيءِ موجود ئي نه رهي آهي، زندگي جون سڀ سهولتون هن وقت ختم ٿي چڪيون آهن، ڳوٺن جي ٻارن جي پڙهائي لاءِ اسڪول 60% سيڪڙو بند ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح بنيادي صحت جي مرڪزن جي به ساڳئي حالت آهي، سرڪار پاران ڪي به هن وقت تائين خاطر خواهه اپاءَ نه ورتا ويا آهن، ٻئي طرف سنڌ جي ٻهراڙي جي رهاڪن جو وڏو معاشي ذريعو انهن جي زراعت رهي آهي، جيڪو هن وقت تباهه ۽ برباد آهي، ڪي حڪومتي ٺوس پاليسيون نه ٺاهيون ويون آهن، جنهن سان سنڌ جي زراعت کي ترقي ملي، رهندو ٻهراڙين ۾ منافعي خور واپارين کي ڇوٽ ڏني وئي ته هو وڌيڪ اڃا تباهي ڪن، آبادگارن جو اهو ڏينهن به پري ناهي جو آبادگارن جو سماجي حالتون هڪ خودشڪيءَ واريون بڻجي ويون آهن.
هنن سڀني سنڌ ۽ سنڌي عوام جون بدتر حالتن ۾ هڪ دفعو وري هن خطي ۾ پاڪستان سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ وڏو ڦيرو اچي رهيو آهي، جتي هڪ دفعو وري افغانستان ۾ سياسي عدم استحڪام جنم وٺي رهيو آهي ۽ پاڪستان هڪ دفعو وري عالمي قوتن جي اختلافن جي گهيري ۾ اچي رهيو آهي، جنهن جا خطرناڪ نتيجا نڪرڻ وارا آهن انهيءَ پوري تبديلي ۾ سياسي ۽ معاشي حالتن جا سڀ کان وڌيڪ اثر سنڌ صوبي تي پوندا ۽ پئجي رهيا آهن، انهيءَ لاءِ اسان سنڌي بلڪل تيار نه آهيون نه ڪي اسان سنڌي سياسي حوالي سان مضبوط آهيون ۽ نه وري سماجي معاشي حوالي سان اسان سنڌ جي ماڻهن ۽ سياسي اڳواڻن کي انهيءَ پوري عالمي ۽ علائقائي سياسي تبديلين جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ سنڌين جي سياسي صفن کي مضبوط رکڻو پوندو ته جيئن اسين سنڌ جي مستقبل لاءِ مثبت رکي سگهون، سنڌ جي ماڻهن ۽ سياسي اڳواڻن لاءِ اها به هڪ پريشاني رهي آهي ته اسان سنڌي پنهنجون سياسي ڌرين کي مضبوط نه ڪري سگهيا آهيون، جنهن جي ڪري سنڌ جو عوام ۽ سنڌ جي مفادن جو نقصان ٿيندو آهي ۽ هاڻي به پاڻ ماضي وانگي پنهنجون غير سنجيدگي برقرار رکي هلنداسين، سياست ۾ ته پوءِ يقين سنڌ جو وڏو تاريخي نقصان ٿيندو، شايد توهان اسان کي ان جو ڪو ڪاٿو به نه ڪري سگهيون، هن وقت تائين سنڌ صرف هڪ ئي سياسي جماعت تي ڀاڙيندي آئي آهي، اها آهي پيپلزپارٽي جنهن ڪجهه سنڌ کي فائدا به ڏنا ۽ نقصان به، جڏهن ته سنڌ ۾ هڪ کان وڌيڪ اهڙيون مضبوط سياسي جماعتون هجڻ گهرجن هان، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حالتن جو مقابلو ڪن هان، ائين نه ٿئي جنهن جو وڏو سنڌي عوام جو نقصان ٿيندو رهيو، صرف ان ئي خيال تي به سياسي تبصرو ٿيڻ گهرجي، چلو خير! هن وقت وري ٿي ڇا رهيو آهي، جو جيڪا رهيل کهيل هڪڙي سنڌ جي سياسي جماعت هئي پيپلزپارٽي ان جون به هاڻي پارٽي جي ڪرپٽ قيادت پاڙون پٽي رهي آهي، هڪ ته هنن جي حڪومت هن ٻن دوري حڪومت ۾ ڪا به پرفارمنس يا سٺي حڪمراني نه ڏيکاري آهي، وري ٻيو هنن جي پاڻ اڳواڻن ۾ جهڳڙو جيڪو هن وقت ذوالفقار مرزا جي شڪل ۾ هلي رهيو آهي، جيڪو پيپلزپارٽي لاءِ تمام وڏو خطرناڪ آهي، هنن حالتن ۾ سنڌ جو آئيندو مشڪل ٿي رهيو آهي، سنڌين کي مضبوط سياسي جماعتن جي ضرورت آهي، ۽ وري صحيح سياسي جماعت جي اندر اهڙي کوٽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ تشويڪ کان خالي نه آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ شهبو به نه آهي ته پيپلزپارٽي ۾ موجود تضاد ۽ اختلاف صرف ئي صرف اندروني آهن ۽ ٻاهرين ڌرين جي ڪا مداخلت نه آهي، ته مان نٿو سمجهان اهو صحيح آهي، اهي ساڳيون ئي قوتون جن پيپلزپارٽي کي مرڪز کان هٽائي هڪ سنڌ صوبي تائين محدود ڪيو ويو ۽ وري هاڻي سنڌ صوبي ۾ رهڻ پيپلزپارٽي جو ناگزير بڻايو پيو وڃي، جيڪڏهن پيپلزپارٽي جو اهڙو حشر رهيو ته سنڌي عوام جي لاءِ سياسي هاڄيڪار بڻبو، ڇاڪاڻ ته سياسي جماعتون ڪو ايترو آساني سان نٿيون ٺهن، ڪنهن به سياسي سماج ۾، تنهن ڪري اسان سنڌي پڙهيل لکيل ۽ سياسي سوجهه بوجهه رکڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته هن وقت پيپلزپارٽي تي هڪ مثبت تنقيد ڪيو ۽ ان کي بهتر بڻايو، جيڪڏهن پارٽي جي اندر ڪجهه فرد اڳواڻ پنهنجي صحيح طريقي سان ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن ته انهن تي تنقيد ڪرڻ گهرجي.
ان کان علاوه سنڌ جي ڪجهه ٻين سياسي جماعتن کي به بهتر انداز سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پيپلزپارٽي سان حقيقي سياسي مقابلو ڪرڻ گهرجي، عوامي سطح تي نه بلڪي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهجي ته ڪڏهن ٿيون پي پي جون پاڙون پٽجن ۽ انهن کي وارو ملي، ته اها سوچ سنڌ دوست به نه آهي ۽ مثبت، ڪنهن حوالي سان اهڙي روش ۽ سوچ غير جمهوري آهي ۽ سنڌ جي وسيع مفادن جي خلاف به سنڌ کي جهڙي نوعيت جو سياسي ۽ معاشي مشڪلاتون اچي رهيون آهن، انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجڻ به گهرجي، سڀني سياسي جماعتن کي ۽ ساڳئي وقت انهن سڀني سياسي ننڍين ننڍين جماعتن کي پنهنجي عوامي سگهه به حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ بهتر حقيقي قيادتن کي به اڳيان آڻجي ته جيئن هو وقت اچڻ تي اهي اڳواڻ هڪ بهتر ڪردار ادا ڪن، سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفادن لاءِ سنڌ جي سياسي منظر نامي کوڙ ساريون ماضي ۽ حال ۾ غير سنجيده ڌريون رهنديون پيو اچن، جن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مفادن کي ڏاڍو نقصان ڏنو آهي، جيڪڏهن اڃا به ائين هلندو رهيو ۽ اهڙي سوچ جي قيادت سياسي جماعتن ۾ رهنديون ته ايندڙ هن خطي ۽ ملڪ جي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ سنڌ کي نقصان کان نٿو روڪي سگهجي پيو.