سنڌ دوستيءَ جا نام نهاد معيار
ساڳيو حال هن وقت اسان جي سنڌ ۽ سنڌي سماج جو آهي، جتي سماجي اخلاقيات ۽ سماجي قدرن جي مڪمل تباهي ۽ بربادي جو ڏيک ملي ٿو. جڏهن سنڌي سماج هزارين سالن جي تهذيبي ۽ تاريخي قدرن جي ارتقا ڪندو آيو آهي، اڄ انهيءَ سماج جي سماجي قدر ۽ اخلاقيات تباهي ۽ بربادي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جنهن جون سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن، جڏهن اهڙي تباهي مڪمل سماج جو اهڃاڻ هجي ته پوءِ اسان کي گهرجي ته اسان سڀ جو سڀ اهو قبول ڪيون ته اسان انهيءَ بربادي جا سڀ گڏيل ذميوار آهيون نه ڪي مخصوص ٽولا ۽ فرد انهيءَ بربادي جو ڪارڻ يا ذميوار آهن، هن وقت سنڌي سماج ۾ ٿي ائين رهيو آهي، ڪي مخصوص فرد اهو هنگامو برپا ڪن پيا ته تباهي ۽ بربادي ٿي وئي آهي، سنڌ جي مهرباني ڪري اسان سڀني کي اهي واويلا ڪرڻ بند ڪرڻ کپن، بلڪ انهيءَ صورتحال ۾ گڏجڻ کپي ۽ جيڪي فرد يا ڌريون تباهي ۽ بربادي ڪري رهيون آهن، انهن جو گڏيل طور تي کلم کلا مقابلو ڪرڻ کپي، انهن کي انهن جي ڪڌن ڪمن کان روڪجي ۽ انهن کي ظاهر ڪجي ته اهي ماڻهو ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙي طرح سماجي دشمن ڪردار ادا پيا ڪن، انهن جي رستا روڪ ڪجي، پر هن وقت اهو ٿي رهيو آهي جو سنڌي نام نهاد ساڃاهه وند هڪ طرف شديد تنقيد پيا ڪن ۽ ٻئي طرف اهي هڪ ٻئي جا دوست ۽ يا وري انهن جا اڳيان پٺيان پيا چمچاگيري ڪن، ته من ڪو اسان کي به انهيءَ ڦرلٽ مان ڪجهه حصو ملي، هو سڀ ڪجهه اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي ليکڪ ۽ اديب ۽ صحافي طور پاڻ پڏائين ٿا، پنهنجو پاڻ کي دانشور، اديب طور اڳيان اچي سنڌ جي قومي مفادن جي سوديبازي ۾ مصروف ۽ رڌل آهن، اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جيڪي ماڻهو قومي ادارن جي ڀينگ پيا ڪن ڪرپشن جو راڄ قائم ڪيون اچن ۽ اهي ئي ماڻهو انهن دانشور طبقي سان گڏ ويٺا آهن ۽ گڏجي پروگرامن ۾ هڪ ٻئي جي تعريف ويٺا ڪن،
اڄ ڪلهه اسان جي سنڌ ۾ اهڙن دانشورن جو ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي، جڏهن اهي تنقيد ٿا ڪن ته پوري سماج کي برو ڀلو ۽ خراب ٿا سمجهن، جڏهن وري انهن ماڻهن کي اسٽيج تي گهرايو ته ڪنهن تقريب ۾ ڪنهن جي ياد جي ميڙاڪي ۾ يا وري ورسي ۾ ته اهي اهڙا تعريف جا بند ٿا ٻڌن، ڄڻ اهي فرد ڪي فرشتا هجن ۽ انهن زندگي ۾ ڪا به غلطي ڪا نه ڪئي هجي، اسان سڀ اهڙن چمچن ۽ ٻٽاڪي ماڻهن کي چڱي طرح سڃاڻو، انهن جو تعداد سون ۾ موجود آهي جيڪي هر پروگرام ۾ موجود هوندا آهن اهي ئي دانشور سڏرائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪو نه ٿا ڇڏين، هر وقت پنهنجي ڳالهه ميان مٺو لڳا پيا آهن، اهڙن اديبن ۽ دانشورن کي جڏهن به ڪو موقعو ٿو ملي ته پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ ڪا سڻڀي پوسٽ ڪنهن اداري جي ڊائريڪٽر شپ لاءِ ته اهي حضرات وسان نٿا گهٽائن ته انهيءَ قومي اداري جي ڀينگ ڪري پوءِ ٿا هٿ ڪڍڻ، توهان اسان انهن سڀني کي چڱي طرح سڃاڻون ٿا جيڪي اهڙين سرگرمين ۾ رات ڏينهن رڌل آهن، هر وقت هڪ ٻئي جي ٽنگن ڪڍڻ ۽ سازش ۾ مصروف آهن ۽ وڏي ڳالهه ۽ انهن جي سڃاڻپ اها به آهي ته هڪ ٻئي جا دوست ۽ دشمن به آهن، اهو انهن جو ڪمال آهي حرفت گيري جو.
مان پنهنجي ڳالهه تي موٽي ٿو اچان جيڪو ڪجهه مٿي مان شروع ۾ پيو بحث ڪيو، انهن ادبين، دانشورن ۽ صحافين جو مان انهي ڪري ذڪر آندو ڇاڪاڻ ته انهن دانشور ۽ ساڃاهه وند سڏرائڻ جي اخلاقيائي ۽ قدرن جي ڪيتري نه ڀينگ ٿيندي نظر اچي ٿي، جنهن جو ڪم ئي سنڌي سماج جي قدرن ۽ اخلاقياتون ٺيڪ ڪرڻ آهي، ۽ سنڌي سماج جي گڏيل ترقي کي جنم ڏيڻو آهي، پر انهن تي عام ماڻهن کان به اخلاقيات ۾ زوال پذير آهن.
اچو ته پاڻ ڪجهه مختلف سماجي طبقي تي نظر وجهون ته انهن طبقن جي سنڌ ۾ ڪهڙي حالت آهي ۽ اهي ڪهڙي طرح پنهنجو اخلاقي ڪردار ادا ڪن، يا انهن جي سماجي اخلاقي قدرن جي ڪهڙي حالت آهي، سڀ کان پهريان اسان هت ان ڳالهه تي بحث ٿا ڪيون ته ايمانداري ڇا آهي ۽ ايمانداري کي سنڌي سماج ۾ اڄڪلهه ڪهڙي حيثيت مليل آهي؟
جيئن مان آخر انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌي سماج ۾ هڪ فرد کان وٺي اجتماعي سطح تائين اخلاقيات ۽ قدرن جي مڪمل تباهي ٿي چڪي آهي ۽ اهڙي سماج ۾ ايمانداري جو به ٻيڙو غرق آهي، ايمانداري ۽ ايماندار ماڻهو جي ڪا به وڃي حيثيت نه بچي آهي، جڏهن ته ايماندار ماڻهو سماجن ۾ وڏي اهميت طور سڃاتا ويندا آهن، هن وقت چائنا ۽ جاپان جي ملڪن ۾ ايماندار ماڻهن جي گهڻائي آهي شايد انهن ملڪن جي ترقي جو راز به اهو آهي ته انهن جي قومي سماج انهن ايماندار ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، ۽ اهي تيستائين ترقي يافته رهندو جيستائين انهن وٽ انهن ايماندار ماڻهن جي گهڻائي رهندي. اسان جي سنڌي سماج ۾ ايمانداري ۽ ايماندار فردن جي سخت کوٽ ۽ ڏڪر آهي، خاص ڪري اها کوٽ ۽ ڏڪر تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن سنڌ مان هندو سنڌي هليا ويا، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ م ايمانداري اچي ڏڪر پيو ۽ بيماني، چالاقي ۽ ٺڳي اچي سنڌي سماج جو مقدر بڻي، هن وقت سنڌي سماج ۾ايمانداري ۽ ايماندار ماڻهو کي بيوقوف ۽ بيوقوفي سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو فرد ايماندار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ان جي نه ڪي گهر ۾ عزت ۽ نه ڪي سماج ۾، اهو ماڻهو ڪنهن ڪم جو نه سمجهيو ويندو آهي، اهو ايماندار ماڻهو، جنهن نه ڦرمار ڪئي نه ٺڳي ڪئي ۽ نه وري ڪرپشن ته پوءِ هو سماج ۾ ڪا به عزت ۽ مان لهڻي، سنڌي سماجي اخلاقيات ۽ قدر وڃي ان ڳالهه ۽ نهج تي پهتا آهن ته عزت ۽ مان ان ماڻهو کي ڏنو ويندو جنهن وٽ ڌن، دولت، گاڏيون، بنگلا هوندا، اهي ڪهڙي طرح سان به ڪامياب هجن، اهڙي سنڌي سماج جي اخلاقي روش سنڌ ۾ ايمانداري جو ڏڪر پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ڪو به فرد ايماندار ٿيڻ لاءِ به تيار ناهي ته ڪو ايماندار ٿي هن سماج ۾ بي عزتي ڪمائي، انهن اخلاقي قدرن جي ڪري جيڪڏهن اسان ڏسون ٿا ته سماج ۾ هر طرف تباهي بربادي نظر اچي ٿي، سياست کان وٺي سماجي ادارن تائين اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌي سماج جو گڏيل طور تباهي ۽ بربادي ٿي آهي، انهيءَ پوري صورتحال ۾ سڀ کان پهريان ۽ آخر ۾ نقصان انهيءَ سنڌي سماج جي طبقي جو ٿيو آهي جيڪو اڳ ۾ ئي پوئتي پيل آهي، جنهن جو ڪو والي وارث ناهي،
سنڌ ۾ هن وقت ڪو به اهڙو ادارو نه بچيو آهي جنهن ۾ ڦرمار نه هجي، هڪڙو ڊاڪٽر هي حيثيت ۾ ماڻهو جيڪو هو پنهنجي نه ڊيوٽي سرانجام ڏئي نه وري هن کي ان ڳالهه جي پرواهه آهي ته غريب ماڻهن جو ڇا ٿيندو، جنهن وٽ نه ڪي ڏوڪڙ آهن، پنهنجي مرضي جي علاج ڪرڻ لاءِ سنڌ جون هزارين اسپتالون بند پيل آهن، جنهن جي ڪنهن کي به پرواهه نه آهي، عام غريب ماڻهن جي صحت جو مستقبل ڇا ٿيندو، ساڳئي طرح اسان جائزو وٺو سنڌ جي تعليم جو جنهن جي سڀ کي خبر آهي ته هڪ يونيورسٽي کان وٺي پرائمري اسڪولن تائين نه ڪي اتي استادن جي حاضري آهي نه وري ڪا تعليم هن وقت سنڌ جي وڏي ۾ وڏي تباهي بربادي جيڪا ٿي رهي آهي اها تعليم جي ميدان تي ٿي رهي آهي، حڪومت جي ذميواري ته پنهنجي جڳهه تي سنڌ جي تعليم جي تباهه ڪرڻ جي پر اسان جا استاد جيڪي پاڻ کي دانشور ۽ قومي ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند سڏرائين ٿا، اهي اسڪولن ۾ استادن جي حيثيت جي باوجود اسڪول وڃڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ بلڪل به تيار ناهن ۽ اسان انهن کي اخلاقي طرح پابند به ناهيون ته انهن کان پڇاڻو ڪيون.
ساڳئي طرح سان سنڌ جي سڀني ادارن جي حالت ۽ بربادي هڪ جهڙي آهي، هميشه سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ غير اخلاق ۽ بي ايمان ماڻهن ۽ فردن کي سرڪاري سطح تي ڪرسين تي ويهاريو ويو آهي ۽ انهن جي هٿان سنڌ جي سماجي ادارن جي بربادي ڪرائي وئي آهي، انهيءَ قومي سماجي برائي ۽ بربادي جي ڪنهن کي ڪل ڪانهي اهو ئي ماڻهو سرخرو آهي، اڄ به هو تباهي ۽ بربادي ڪري رهيو اهي، پوءِ به هو ساڳيو سنڌ دوست ۽ سنڌ پرستي جون ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ ڪندا رهن ٿا، سرعام سنڌ ۾ هرڪو دعوا ڪري ٿو ته مان سنڌ پرست آهيان ۽ جڏهن اهو ماڻهو ڪڏهن ڪنهن پوسٽ تي اچي ٿو ته ان کان اها ڳالهه وسريو وڃي ته سنڌ پرستي ڪهڙي بلا آهي يا ان سان محبت نه ڪرڻ جا ڪهڙا قدر هجن ٿا، اهڙن ماڻهن جي سنڌي سماج ۾ گهڻائي آهي، جيڪي رڳو ٺلا حوال ڪن ٿا، سنڌ دوستي جا مون کي ته محسوس ٿيندو آهي ته پنهنجي سياسي تجربي مان ته اسان سنڌي قومي شعور ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان پوئتي پيل آهيون، جنهن جو قومي شعور سطحي ۽ بي معنيٰ آهي، اسان کي سنڌي سماج جي اخلاقن ۽ سماجي قدرن جي نئين سر جوڙ جڪ ڪرڻي پوندي، نون اخلاقي قدرن کي ترتيب ڏيڻي پوندي، انهن فردن ۽ سماجي گروهن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، جيڪي حقيقي طرح سماجي دشمن آهن، جيڪي نٿا چاهين ته سنڌي سماج ۾ ڪي ايماندار ماڻهو وڌن ويجهن ۽ سماجي ترقي کي هٿي وٺرائن، انهن کي به چڱي طرح پروڙ ڪرڻي پوندي، جيڪي دعوائون ڪن ٿا ته اسان سنڌ پرست آهيون ۽ انهن کي سنڌ جي مستقبل جي ڪا وڏي پروڙ آهي، انهن ماڻهن جي هاڻي وڏي اڪثريت آهي، انهن کي سڃاڻڻ ڪا وڏي مشڪل ڪانهي، هو ماڻهون جيڪي ادارن تي چڙهي قابض لڳا ويٺا آهن ۽ انهن ادارن ۾ ڪرپشن جي ڀرمار ڪيون ويٺا آهن ۽ انهن گروهن کي هاڻي پڌرو ڪرڻ گهرجي ته جيڪي رڳو گروهي مفادن واسطي پنهنجي ادارن ۾ سياست ويٺا ڪن، انهن گروهن جي پاڻ ايتري سياسي دشمنيون وڌي ويون آهن، لڳندو ائين آهي ته انهن کي ڪو ادارن جي بربادي جو وڏو سور آهي پراصل ۾ اهي پنهنجي گروهي مفادن لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيون ويٺا آهن.