ڪالم / مضمون

سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

شهبان سهتو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس لکڻين جو محور ۽ مرڪز ”سنڌ“ آهي. سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلا هُجن يا وري سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ جا رنگ، اِهي سڀ موضوع شهبان سهتي جي قلم هيٺ اچي تاريخ جو حصو بڻجن ٿا. شهبان سهتو هڪ شعور وند ليکڪ آهي، ڌرتي ۽ ديسَ جي مڙني معاملن سان سندس ڪمٽمينٽ، سندس لکڻين مان جھلڪا ڏيندي رهي ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 4651
  • 861
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شهبان سهتو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

سنڌين جو سياسي شعور

اسان سنڌي ماڻهن کي هڪڙي وڏي خام خيال رهندي تي آئي آهي ته اسان سنڌين کي پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ سياسي ۽ سماجي شعور آهي يا سنڌ کي وڌيڪ پنهنجي ڀرپاسي جي تبديلين جو اهڃاڻ آهي، پنهنجي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو ادراڪ آهي، يا وري ٻين لفظن ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ قومن کان وڌيڪ پنهنجي سياسي شعوري سگهه آهي ۽ انهن جو هو مقابلو ڪري ٿو، جڏهن ته مان اهڙي راءِ سان بلڪل متفق نه آهيان ته ڪو اسان سنڌي کي ڪو مضبوط يا سگهاري سياسي شعور جو ڪڏهن ڪو مظاهرو ڪيو آهي، يا وري هن وقت تائين ڪو ڪڏهن گڏجي ڪري پنهنجي سياسي ۽ سماجي حالتن جو ڪو رخ موڙيو هجي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪو ڪجهه سنڌي ماڻهو ۽ قوم جو نقصان ٿيو آهي، ان جو اسان سنڌي ماڻهو مقابلو ڪرڻ ته پري پر اسان سنڌي خود پنهنجي قومي مفادن جو سودو ڪرڻ ۾ ڪو وس ڪو نه گهٽايو آهي، سنڌ جي قومي مفادن جو جيڪڏهن ڪو ٻيڙو غرق ڪيو آهي ته اهو به اسين سنڌي پاڻ سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪندا آهيون، پنهنجي ذاتي خصيص مفادن خاطر.
سنڌ ۾ جيڪي سياسي ۽ سماجي تحريڪون ماضي ۽ حال ۾ شروع ڪيون ويون انهن سڀني عوامي جدوجهدن کي ڪجهه مخصوص فردن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر پئي وڪڻيو آهي ۽ انهن جو ڪڏهن اسان سنڌين ڪو حساب نه ڪيو آهي، الٽو اهي فرد ۽ ٽولا اسان جا اگواڻ رهندا پيا اچن، سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ اندر سنڌ جي سياسي ۽ معاشي تبديلي لاءِ ڪا هڪڙي سياسي جماعت به پنهنجو جٽاءُ نه ڪري سگهي آهي ڪا به اهڙي پاپولر جماعت نه اڀري سگهي آهي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي جيڪي سنڌي ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ کڻي هلي سگهي هجي، جڏهن جڏهن سنڌ جي سياست ۾ مشڪل ۽ ڏکيو وقت آيو، تڏهن به سنڌ جي سياست گروهن جي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. ان گروهي سياست سنڌ جي قومي شعورن جي جوڙجڪ ڪرڻ بجاءِ رهندو سنڌ جي قومي شعور کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيون آهي، انهن هلايل سياسي ۽ سماجي تحريڪن حالتن جو رخ موڙڻ ته ٺهيو پر سنڌ ۾ اهڙن موقعي پرستن، سياسي ناگن کي جنم ڏنو، جنهن اڳتي هلي ڪري سنڌ جي سياسي سگهه کي نه رڳو ڪمزور ڪيو پر انهن سنڌ جي سياسي ۽ قومي مفادن جي ڀينگ ڪري ڇڏي، ان کانپوءِ نه رڳو سياست جي ميدان ۾ انهن مفاد پرستن جو راڄ قائم ٿيو بلڪه زندگي جي هر شعبي ۾ اهڙي مطلبي ۽ مفاد پرستن جڳهه والاري اڳتي هلي ڪري آدرشي ۽ سچن پچن ماڻهن کي پنهنجي انهن تحريڪ ۾ جڳهه ئي نه ڏني جو انهن سان گڏجي اچي ڪم ڪري سگهن.
ون يونٽ جي تحريڪ جو جيڪڏهن اسان جائزو وٺون جنهن ۾ ڪيتريون ويساهه گهاتيون ٿيو، سنڌ جي قومي مفادن سان ون يونٽ تحريڪ جيڪا سنڌ جي هن پاڪستان رياست ۾ پهرين وڏي ۽ اهم تحريڪ هئي، سنڌ جي مستقبل لاءِ هن پاڪستان ۾انهيءَ تحريڪ دوران ڪهڙن سنڌي ڪامورن، سياسي اگواڻن يا وري دانشورن سنڌ دشمنيءَ جو ڪردار ادا نه ڪيو. انهن جو به مڪمل کاتو کولڻ کپي ۽ جيڪي قومي ڪارڪن، سياسي اڳواڻن سرڏئي سختيون برداشت ڪيون ۽ اڳتي هلي ڪري انهن به پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ سرڪاري ڪرسيون وٺي پوءِ به پاڻ کي هيرو سڏرائيندا رهيا.
اهي سڀ شيون شايد اسان سنڌي ماڻهن کا جلد وسري ويون آهن ۽ پوءِ به اسان اهو چوندا وتون ته سنڌي سماج پنهنجي ڀرپور قومي شعور جي سگهه رکي ٿو.
ها هڪڙي ڳالهه مان ضروري سنڌي ماڻهون جي هت قبول ڪندس ته اسان هڪ خام خيالي ۽ کوکلو سياسي ۽ قومي شعور ضرور رکون ٿا، پر جڏهن به هنن کي پنهنجي پر ۾ ڪڏهن به ڪو موقعو ملي ٿو ته هو ان وقت قوم ۽ شعور جي انهن وٽ ڪا اهميت ڪا نه رهي ٿي، ان وقت هو صرف اهو ياد رکن ٿا ته هن کي جيڪو موقعو مليو آهي، ان جو هو ڀرپور طريقي سان فائدو حاصل ڪن، ۽ سنڌي قوم ۽ سماج وڃي کڏ ۾ ڪري، ان وقت اهو سنڌي شخص پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ ڪروڙن جو قومي نقصان پنهنجي ذاتي پنج رپين جي لاءِ قربان ڪري ٿو ڇڏي، ها وري ڀلي اسان جو سياسي اڳواڻ، ڪارڪن اديب يا ڪو ئي آفيسر شاهي سان تعلق رکندڙ هجي، اهڙن ماڻهن جي هن وقت سنڌ ۾ ايڏي وڏي اڪثريت آهي، جو هتي سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ڪا اهڙي جڳهه ۽ ادارو، ڪا جماعت يا تنظيم نه رهي آهي، جتي اهڙا ماڻهو نه هجن. وري انهن ماڻهن جي انهن ادارن ۽ سياسي جماعتن ۾ وري الڳ هڪ ويڙهه هلي رهي آهي، جيڪي هڪٻئي پٺيان ڪات ڪهاڙا کنيو پيا وتن، ان قومي لٽ مار مان اسان جو حصو ڪاڏي ويو، ان کي به حصو ملڻ کپي.جيڪڏهن توهان کي اهي .ئي ماڻهو ڪنهن تقريبن ۽ جلسن ۽ ذاتي مجلسن ۾ ملندا, اهڙيون ته ڳالهيون ڪندي نظر ايندا جو لڳندو ته اصل سنڌ جي سورن جو درد هنن ئي ماڻهن کي آهي، ڄڻ هنن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي.اهي ته هئا رڳو سياسي ۽ ادبي دانشورن جو لڏو جنهن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪري آياسين.
اڃا ڪهاڻي اتي ڪا نه ختم ٿئي، سنڌ جي ٻهروپي عاشقن جو قصو اڃا گهڻو آهي، هنن اهڙو ته وقت به وقت روپ مٽايو آهي، اهڙا ته هنن ماڻهن ناگن جا ٽولا به ٺاهيا آهن جو هاڻي اهي ماڻهو سنڌ جي سڃاڻپ ٿي ويا آهن، اهي ائين ڦهلجي ويا آهن، ڄڻ ڪي ڪنهن ماڻهو جي جسم ۾ رت جي جزن وانگي، پر اهي حقيقت ۾ سنڌ جي سماج ۾ ناسور بڻجي ويا آهن، اهي ڪڏهن به سنڌ کي اسرڻ نه ڏيندا، جڏهن به ڪنهن سماج ۾ اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ئي دشمن، پاڻ ئي دوست بڻجي وڃن، تڏهن اهڙن ماڻهن کي هڪ وڏي انقلاب ۽ هڪ وڏي منظم طريقي سان ختم ڪرڻو پوندو آهي، گهڻو ڪري پنهنجون وقت آهر شڪليون بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ اهي انقلابي ڌرين سان ڪوڙا انقلابي ٿي بيهي رهندا آهن ته ڪڏهن ٿو وري انهن کي موقعو ملي ته هو پنهنجي موقعي پرستي جي چال شروع ڪن، اهڙي ئي قسمن جا ماڻهو وڏن وڏن بالشوڪ انقلابن جون ڌچيون اڏائي ڇڏيون، اهڙي قسم جي ماڻهن جو ئي سنڌ جي سياست ۾ ئي هن وقت راڄ آهي. جيڪي سنڌي سماج کي اوڏهي وانگي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙي قسم جي ماڻهن جا ٽولا سماج جي هر حصي ۾ ڦهلجي ويا آهن، انهن مان ڪي سنڌ جي نام نهاد سول سوسائٽي ۾ ڪاهي پيا آهن، جيڪي سنڌ جي پسماندگي ۽ ترقي جي نالي فنڊ وٺي پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ رڌل آهن ۽ پنهنجون ذاتي مسرتون حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾آهن، انهن جو ڪو ايمان ڌرم ناهي، انهن جو رڳو اهو ڌيان آهي ته ڪٿان اهي فنڊ ڦٻائي راتو رات پنهنجو طبقو بدلايون ۽ پاڻ وٽ بنگلا، گاڏيون ۽ نوڪر چاڪر رکي، پنهنجو پاڻ کي سنڌي هيسايل عوام تي پنهنجو وڌيڪ روعب ڄمايون، انهن ماڻهن ۽ فردن سنڌ جي هڻي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جا سمورا وسيلا ڌارين جي ور چڙهندا وڃن ٿا ۽ انهن کي ڪل ئي ناهي صرف هنن کي ذاتي ڪجهه ڏوڪڙ کپن، باقي وچي سنڌي قوم ڄاڻي قوم جو ڪم، اڄڪلهه انهيءَ سول سوسائٽي ۾ تمام گهڻا ماڻهو ڪا هي پيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي هن وقت وڏي ۾ وڏو اجارادارن ڪمپنيز جو پئسو اچي رهيو آهي، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ، ان ۾ سنڌ جو صحافتي لڏو به وڏي انگ ۾ ڪاهي پيو آهي، ان کان علاوه سنڌي نام نهاد اديب ۽ هٿ ٺوڪيو دانشور جنهن قومي ادارن جي ڀينگ ڪري سياسي ۽ سماجي تنظيم جا بکيا اڊيڙي اچي سول سوسائٽي جي وٽ ورتي آهي ته هاڻي پئسو هت اچي رهيو آهي ته ڳجهن وانگي اچي لٿيون آهن، خدا خير ڪري الائي ڪٿي پنهنجي سنڌ جي موقعي پرستن هنن ٽولن هٿان سنڌ جو حال ٿيندو، اهڙي طرح ئي سنڌ جي سياسي سماجي هلايل جدوجهد جو اهڙي قسم جي ماڻهن تباهي ڪري ڇڏي، جتي وارو مليو آهي، اهڙن موقعي پرست ماڻهن کي انهن سنڌ جي عام ۽ هيٺين طقبي جي مفادن جا سودا ڪيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا، مان ته ڏٺو آهي وڏي اڪثريت عام ماڻهن جي اسان جي سنڌ ۾ انهن ماڻهن کان متاثر آهن، انهن جون ڪوڙيون تعريفون ڪن ٿا، انهن جهڙا ٿيڻ چاهين ٿا، هڪڙي طرف اهي ماڻهو پنهنجي ڪوڙي وطن پرستي جو دعوائون ڪن ٿا ته ٻئي طرف اهي ماڻهو سنڌ کي سنڌي قومي مفادن کي ٽڪن تي وڪڻي سرخرو لڳا گهمندا وتن،
اهڙا ئي مفاد پرست ٽولا گروهه جنهن به قومي سماج ۾ هوندا آهن، انهن قومن جو مستقبل آفريڪن ملڪن جي پوئتي پيل گهرو خانه جنگي ۾ تباهه معاشري وانگي ٿيندي دير نه لڳندي آهي، اهڙا ڪوڙا وطن پرست چائنا، روس ۾ انقلاب کان اڳ موجود هئا، روس ۾ زاربادشاهه به پاڻ کي وڏو وطن پرست سڏرائيندو هئو، هن روس جون سياسي ۽ سماجي ۽ معاشي حالتون اهڙيون ته خراب ڪيون جو اهي روسي ماڻهن پنهنجو پاڻ کي به نه سڃاڻيندا هئا، روسي سماج جو احوال انهن جي برک وڏن ڪهاڻيڪارن ۽ اديبن پنهنجي لکڻين ۾ چٽيو آهي، توهان اسان ڀلي چيخوف جون ڪهاڻيون پڙهي ڏسو ته ان ڪهاڻين ۾ روسي سماج ۾ رهندڙ فردن جي ڪهڙي حالت ڏيکاريل آهي، ان کان علاوه ٽالسٽاءِ پڙهون يا دوستو وسڪي جا ناول انهن سڀني شاهڪار لکڻين ۾ اسان کي روسي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي هڪ ڪمال جي شڪل سمجهڻ لاءِ ملي ٿي، جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو، اهڙي سماجي حالتن جي باوجود زار بادشاهه رشيا جو پاڻ کي وڏو عاشق ۽ وطن پرست سڏرائيندو هئو ته پوءِ ڇا ٿي پيو، حقيقت اها هئي ته رشيا جي سماج ۾ ان وقت عام ماڻهو تباهه ۽ برباد هئو، ساڳئي طرح سان هن وقت سنڌ جي عام طبقي ۽ عام ماڻهن وٽ باقي ڪجهه نه رهيو آهي، هن جا حال هيڻا آهن، هن جي گهر ۾ هڪ پل لاءِ سڪون نه بچيو آهي، هن سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي، جيڪو اچي ايرو گيرو هن کي ڦريو وڃين، هن جي عزت کي نيلام ڪري ڇڏي، هن وقت سنڌ جي سڃاڻپ تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه نه رهي آهي، توهان ڀلي ٻيا هزارين سالن جي تهڊيب جا راڳ ڳايون ان کوکلي تاريخ سان ڇا ورندو، حقيقت ته اها آهي جيڪا موجود آهي، جنهن ۾ ڪا به تعليم ڪانهي، صحت جي بربادي آهي، ڪو امن امان جو نالو نشان ڪونهي، هر طرف تباهي ڪا به ترقي جو اهڃاڻ نه، هر ڳوٺ، واهڻ ۽ شهر ۾ايترا ته لٽيرا ٿا رهن جو عام ماڻهن جي حصي جو گرهه به کائي رڳو مڙس ماڻهو ٿي ڦرندا وتن ٿا.
انهيءَ سڀني حالتن باوجود به اسان اهو چئون ته اسان سنڌي وڏا باشعور ۽ پڙهيا لکيا ۽ مهذب آهيون هرڪو ماڻهو پنهنجي الو سڌو ڪري وتي ٿو راڄ ڀاڳ جون ڳالهيون ڪندو، مان صرف ايترو ڄاڻا ٿو ته هن وقت سنڌ جي وڏي بربادي ٿي رهي آهي ۽ اها گهڻو تڻو اسان پاڻ سنڌي ساڃهه وند ڪري رهيا آهيون، اسان کي محبت جا معيار پرکڻا پوندا ۽ وطن پرستي جي اصل روح کي سمجهڻو پوندو ۽ سنڌ جي دوست ۽ دشمن جي صحيح پرک ڪرڻي پوندي، انهن ماڻهن جو هٿ روڪڻو پوندو، جيڪي ڪوڙي وطن پرستي ۽ محبت سنڌ سڏرائين ۽ سرعام وطن جا سودا ڪن، صرف پنهنجي کسيس چند مفادن خاطر.