ڪالم / مضمون

سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

شهبان سهتو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس لکڻين جو محور ۽ مرڪز ”سنڌ“ آهي. سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلا هُجن يا وري سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ جا رنگ، اِهي سڀ موضوع شهبان سهتي جي قلم هيٺ اچي تاريخ جو حصو بڻجن ٿا. شهبان سهتو هڪ شعور وند ليکڪ آهي، ڌرتي ۽ ديسَ جي مڙني معاملن سان سندس ڪمٽمينٽ، سندس لکڻين مان جھلڪا ڏيندي رهي ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 4651
  • 861
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شهبان سهتو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

سنڌي نوجوان طبقو ۽ ان جون سماجي ذميواريون

ڪنهن به قوم جي ترقي انهيءَ قوم جي نئين نسل کانسواءِ نه صرف اڌوري پر ناممڪن هوندي آهي، دنيا جي هر قوم ۽ نسل جي ماڻهن جو نوجوان طبقو ان قوم جو ڳر هوندو آهي، جيڪو اڳتي هلي ڪري مڪمل حوالي سان اهو سماج جي سڃاڻپ ٿئي ٿو ۽ ان سماج کي سنواري ۽ سڌاري ٿو، ساڳئي وقت اهو نوجوان طبقو انهيءَ سماج کي اڳتي وٺي وڃي ٿو، ڪن سياڻن چيو آهي ته نوجوان قوم جا معمار ٿين ٿا، اهو انهيءَ لاءِ شايد چيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي اڳتي هلي ڪري پنهنجي ان سماج کي پنهنجي نئين ضرورتن ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن مطابق نئون سماج جوڙن ٿا، اهو هڪ سماجي ۽ سائنسي اصول آهي ته بدلجندڙ حالتن مطابق هر سماج جي قدرن، روايتن جي تبديلي جي اهم ضرورت هوندي آهي، سماج به هڪ وهندڙ پاڻي وانگي ئي رکيو وڃي ته اهو وڌيڪ ترقي ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن سماج کي پراڻين روايتن ۽ قدرن مطابق رکيو ويو ته پوءِ اهو سماج ان بيٺل پاڻي جي تلاءَ وانگي ٿي ويندو، جنهن ۾ بدبوءِ ۽ ڌپ ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح هن سماج کي گهرجي ته هو ايندڙ نسل کي تيار ڪري سنواري روشن خيال بڻائي، انهن کي سماجي ذميواري ڏني وڃي ته جيئن هو انهيءَ سماجي تلاءَ کي تازو ۽ ٽمٽار رکي سگهن، جيڪڏهن ڪو سماج پنهنجي نوجوان نسل کي جلد از جلد ذميواري سنڀالڻ نٿو ڏئي ۽ پراڻي پيڙهي انهن سماجي ادارن تي قبضو ڪري ويهي رهي ٿي ته پوءِ ان قوم جي سماجي ۽ معاشي ترقي ڪرڻ کان رڪجي وڃي ٿو ۽ اهو سماج دنيا جي ترقي ڪندڙ سماجن ۽ قومن جو مقابلو به نٿو ڪري سگهي، هر قوم جي سماج لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي نوجوان نسل کي ان جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري ۽ انهن کان بهتر لاڀ حاصل ڪن، نوجوان نسل بهتر ۽ روشن خيال واري تعليم ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي سماج ۾ ترقي جي صلاحيتن کي بهتر ڪري سگهن، پوءِ اها پراڻي پيڙهي جلد کان جلد انهن نوجوان کي تعليمي ميدان ۾ لاهن ته هو حاصل ڪيل تعليم ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪن ۽ انهن صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڪن، اهڙي طرح اهي قومي سماج جديد ترقي ڪري سگهن ٿا پيا.
هن وقت سنڌ ۽ سنڌي سماج جي وڏي آبادي هڪ نوجوان سان تعلق رکي ٿي، سنڌ جي نوجوان جا لاتعداد مسائل آهن، اهي هر طرف کان سماجي ۽ معاشي مسئلن ۾ گهيريل آهن، اسان جي هڪڙي پيڙهي جيڪا هن وقت سنڌي سماجي ادارن ۾ ويٺل آهي، انهيءَ پيڙهيءَ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪي موثر اپاءُ نه نه وٺي سگهيا آهن، يا اهي ناڪام ويا آهن، سنڌي نوجوان کي بهتر ۽ سائنسي تعليم ڏيارڻ ۾ يا وري سنڌ جي نوجوان وڏي اڪثريت ۾ اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو آهي، مختلف سماجي سياسي ۽ معاشي مشڪلاتن جي سببن ڪري جنهن جي ڪري سنڌ جي قومي سماج کي تاريخي نقصان ٿيو آهي، ان تاريخي سماجي نقصان جي ڪري نه سنڌي قومي سماج جي ڪا معاشي ترقي ٿي سگهي آهي، نه وري سنڌ جي آرٽ ۽ فن ۾ ڪا خاطر خواهه ترقي ممڪن ٿي سگهي آهي، انهيءَ جو سڄو سارو نقصان سنڌ جي تاريخي سماج جو ٿيو آهي، انهيءَ پوري سنڌ جي سماجي نقصان جو ڪير ذميوار آهي؟ جيڪڏهن هن وقت سنڌي نوجوان اڳتي وڌي نه سگهيو آهي يا اهو اعليٰ سائنسي ۽ جديد علمن ۾ بڙ نه ٿي سگهيو آهي ته ان جو ذميوار به هيءُ سماج آهي،جيڪي هن وقت سماجي ڪاروهنوار هلائيندڙ آهن. اهي پيڙهيون آهن جن کي ذميواريون مليل هيون ۽ اهي انهن ادارن جا سربراهه بڻيل هئا ۽ هنن پنهنجي نوجوانن لاءِ ڪي بهتر اپاءَ نه ورتا ۽ نه ئي انهن نوجوانن کي مستقبل لاءِ انهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو، تنهن ڪري هي سڄو سارو سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جو نقصان ٿيندو رهيو آهي،
سنڌي قومي سماج جي هڪڙي تاريخي بدقسمتي رهندي آئي آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌي نوجوانن کي ناقابل بڻايو ويو ۽ انهن ناقابل فردن کي سماجي ذميواريون ڏنيون ويون ۽ انهن پنهنجي غير قابليتن سان سنڌي سماج کي هلايو، جنهن جي ڪري ايڏو وڏو تاريخي نقصان سنڌي ماڻهو ۽ سماج کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، سماج جي ٻي هڪڙي وڏي خراب ۽ منفي سوچ اسان جي موجوده پيڙهي ۾ عام رهي آهي ته هو انهيءَ ڳالهه ۾ يقين نٿا رکن ته هو ايندڙ نسل کي پنهنجو ڪن ۽ انهن کي سماجي ذميواريون حوالي ڪن، اهو سنڌ جي سينيئر پيڙهي ان ڳالهه کي سمجهي ئي نٿي ته انهيءَ سان نقصان ٿي رهيو آهي ۽ هن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان جدت به ختم ٿي چڪي آهي، عرصو گذرڻ جي ڪري هو اهو سماجي ڪم نون اندازن سان ۽ بدلجندڙ گهرجن مطابق ڪم سرانجام نٿا ڏئي سگهجن پيا پر هو انهيءَ ڳالهه کي سمجهي نه رهيا آهن، صرف شايد ڪجهه ذاتي معاشي فائدن جي ڪري، انهن روين ۽ سوچن کي بدلائڻون پوندو، ڪنهن به حوالي سان سنڌي سماج ۾ سنڌي نوجوان تمام گهڻي قدرتي ۽ تاريخي صلاحيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنن جي قومي سماج جي هڪ طويل تاريخ ۽ تهذيب رهي آهي، اها هن جي تاريخ ۽ تهذيب هن جي لاءِ هڪڙي ڊگهي راهه مشعل آهي، سنڌي نوجوان لاءِ هڪڙو اتساهه آهي ته هو ان جي ترقي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي اڳتي وٺي هلن ۽ انهيءَ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي ترقي لاءِ هن جديد دؤر جي معيارن تي پورو لهڻو پوندو، جنهن ۾ سنڌي نوجوان کي تاريخ جو تمام گهڻو مطالبو ڪرڻو پوندو، پنهنجي ادب ۽ ٻولي کي ترقي وٺرائڻي پوندي، نون سماجي علمن جهڙوڪ ميڊيڪل، سائنس، آرٽس، سماجي علمن ۾ هن کي پنهنجو پاڻ ملهائڻو پوندو. انهن حاصل ڪيل عملن جي ذريعي پنهنجو سنڌي سماج جي ترقي وٺرائي ان کي جديد ۽ سماجي ۽ معاشي قدرن وارو سماج ٺاهڻ جي لائق بڻائي، جنهن ۾ طبقاتي ڪو فرق نه هجي، هموار سماجي ترقي ٿئي، سماج جي پوئتي پيل قدرن کي تبديل ڪري نون سماجي ۽ معاشي قدرن وارو سماج ٺاهڻو پوندس، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي استحصالي قوتون نه هجن، جاگيردار جي اثر ۽ مفاد پرست سياست کي ختم ڪرڻو پوندو، عام سماجي مذهبي، نسلي تضادن کي ختم ڪري، سماج ۾ هر رهندڙ فرد لاءِ بغير ڪنهن سماجي فرقن جي انهن کي ترقي وٺرائي ۽ سماجي برابري قائم ڪري، تڏهن ئي جديد سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جي ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي،
اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي نوجوانن جي ذميواري آهي، مستقبل ۾ ان کان علاوه ٻيو ڪو رستو ڪونهي، سنڌي نوجوان وٽ هن وقت هن دنيا ۾ عالمي طاقتور قومن اهڙو سامراجي سياسي، سماجي ۽ معاشي نظام ترتيب ڏنو آهي، جنهن کي ڊارونزم جو نظريو سڏين ٿا، جنهن ۾ صرف اهي قومون ۽ سماج زندهه رهي سگهن ٿا، جنهن وٽ رهڻ جي قوت هوندي ۽ اهڙي سگهه جنهن ۾ هو پنهنجون حالتون بدلائڻ وقت ۽ حالتن پٽاندڙ، نه ته هنن جو جيئندان ختم ٿي ويندو، اهڙي دنيا جون بي رحم رسمون ۽ قانون مرتب ٿي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ سنڌي سماج کي اسان نوجوانن جون ڪوششون ۽ پنهنجو پاڻ کي ايندڙ حالتن لاءِ تيار ڪرڻ تڏهن سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب زندهه رهي سگهي ٿي، اهڙو ڊارون نظريو بنيادي حوالي سان هڪڙو سماجي طبقاتي بنيادن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ صرف مٿين طبقي جي ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ قومون ۽ سماج به انهن طاقتور ملڪن جا سگهه رکن ٿا زندهه رهڻ جو جيڪو اهي بلڪل سماجي ۽ معاشي حوالي سان ظلم تي ٻڌل آهي، منهنجو اهو يقين آهي ته اهڙا انساني دشمن نظريا هڪڙي ڏينهن پنهنجو پاڻ تباهه ٿي ويندا.