سنڌي نوجوانن جي سياسي جدوجهد ۽ تاريخ
چوندا آهن ته جڏهن سڪندر اعظم سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو ۽ سنڌ جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو ماريا جڏهن هو سنڌو درياهه پار ڪري صحرا واري علائقي ۾ پهتو ۽ هن جي لشڪر هڪڙي نوجوان سنڌي ٻڪرار کان رستو معلوم ڪيو ان سحرا مان نڪرڻ لاءِ ته ان ٻڪرار کي اهو پتو هئو ته هي اهو سڪندر آهي، جنهن هن جي ڌرتي جي ماڻهن کي ماريو آهي، ۽ هن جي وطن تي حملو ڪري آيو آهي، تنهن نوجوان ٻڪرار سڪندر جي لشڪر کي اهڙو ته مشڪل رستو ڏيکاريو جو ان صحرا مان نڪري نه سگهن، جڏهن سڪندر جو لشڪر ان نوجوان ٻڪرار جي ٻڌايل رستي سان ويو تڏهن سڪندر جو لشڪر اهڙوته سحرا ۾ ڦاٿو جو انهن کي ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا ۽ ڪيترائي سڪندر جي لشڪر جا سپاهي اڃ ۽ بک وگهي ان سحرا جي طوفان ۾ دفنائجي ويا ۽ سڪندر ۽ ان جا ڪجهه سپاهي پنهنجي جان بچائي نڪتا هئا.
اهڙي طرح هزارين سنڌي نوجوان جا قصا ۽ واقعا پنهنجي وطن سان محبت جا ملن ٿا، سنڌ جي تاريخي هر دور ۾ اهو دولهه درياهه خان هجي يا دودو سومرو، بلاول، سارنگ، هوشو، هيمون ۽ روپلو ڪولهي تائين، اهي اهڙا سنڌي نوجوان هئا جن پنهنجي جواني جي عمر پنهنجي سنڌ وطن لاءِ مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجي جان به واري ڇڏيائون، پنهنجي وطن جي محبت ۾ اهڙي سنڌي بهادر نوجوان جون قربانيون سنڌ جي تاريخ ۾ هر دور ۾ ورجايون وڃن ٿيون ۽ اهي سڀ سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ نوجوانن لاءِ اتساهه بخشيندڙ آهن ۽ سنڌ جو نوجوان انهن پنهنجي هيروز کي هميشه پنهنجي سنهري يادن ۾ سانڍيو پيو اچي، جڏهن به سنڌ تي اهڙو تاريخ جو مشڪل دور اچي ٿو ته اهي تاريخ جا سورما انهن نوجوانن جي روپ ۾ اڀري اچن ٿا ۽ پنهنجي وطن جي آزاديءَ ۽ تحفظ لاءِ جنگ وڙهندا آهن، اهو هن ڌرتي جي نوجوانن جو تاريخي دستور ۽ روايت رهي آهي، سنڌ جي قديمي تاريخ ۽ جڏهن برطانيا سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هن سنڌ وطن تي هوشو جهڙا بهادر سپاهي موجود هئا، جنهن انگريز سامراج کي للڪاريو هئو، وطن جي آزاديءَ لاءِ هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي ۽ سورهيه بادشاهه هئو، جنهين 23-24 سالن جي نوجواني جي عمر ۾ برطانيا سامراج سان وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي جان جي به قرباني ڏني هئي، پر انهن انگريزن کي اهو ثبوت ڏنائون ته سنڌي نوجوان پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪن ٿا ۽ پنهنجي وطن کي آزاد ۽ خودمختيار ڏسڻ چاهين ٿا، سنڌ ڌرتي جي اهڙن نوجوانن جون پنهنجي وطن سان محبت جي تاريخ ايتري پراڻي آهي، جيتري سنڌ جي تاريخ آهي.
جڏهن سنڌ تي برطانيا سامراج جو راڄ هئو، تڏهن به سنڌ جي سياست ڪرڻ وارن ۾ اڪثريت سنڌي نوجوان سياستدانن جي هئي، جنهن ۾ جي ايم سيد، علي محمد راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ايوب کهڙو، شاهنواز ڀٽو، حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترائي هندو ۽ مسلمان سنڌي جنهين سنڌ جي سياسي خودمختياري لاءِ سياسي سماجي جدوجهد پئي ڪئي. برطانيا سامراج جي آخري سالن جي راڄ ۾ سنڌ جي نوجوانن جي وڏي اڪثريت اڳتي آئي، سياسي ميدان ۾ هن برصغير جي تاريخ ۾ جنهن پنهنجو سياسي نظرياتي ڪردار ادا پئي ڪيو، جنهين جي سياسي نظرياتي ميدان ۾ سنڌ وطن جي سياسي خودمختياري واضح هئي، سنڌ جو سياسي مستقبل انهن نوجوان جو اهم نڪتو هئو ته انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ سنڌ جو سياسي ۽ جاگرافيائي بيهڪ ڪهڙي هجڻ کپي، جن ۾ ڪنهن جو نظريو جداگانه ۽ آزاد سنڌ جو هئو، ڪن جو سياسي نظريو ڪانگريس جي سياست وارو هئو، جي ايم سيد وارن جو سياسي نظريو هئو ته سنڌ کي پاڪستان ۾ هجڻ کپي ۽ هي مسلم ليگ جي سياست جا حامي هئا، ۽ سنڌ کي پاڪستان 1940ع واري قرارداد تحت پاڪستان جو حصو بڻايو ويو، 1947ع ۾ جنهن جو هو سنڌ جي سياسي تاريخ جو صحيح فيصلو هئو،يا غلط انهيءَ جو فيصلو سنڌ جي تاريخدانن ۽ نوجوانن کي ڇا ڪرڻو آهي، سنڌ جي تاريخ ۾.
سنڌ جي نوجوان طبقي سنڌ جي خودمختياري لاءِ سياسي جدوجهد برطانوي سامراج جي خاتمي وٽ ختم ڪا نه ٿي، سنڌ جي نوجوانن لاءِ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هڪ ٻيو دور شروع ٿيو، جنهن ۾ انهن سنڌي سياسي باشعور نوجوانن کي اهو يقيني بڻائڻو هئو، 1940ع واري قرارداد تحت سنڌ کي پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي خودمختياري ڏني وڃي، بدقسمتي سان سنڌ کي هڪڙي الڳ ملڪ ٺهڻ کانپوءِ به سياسي حق ۽ شناخت نه ڏني وئي، جنهن تي سنڌ جي شاگرد نوجوانن سڀ کان پهرين سياسي مزاحمت شروع ڪئي ته سنڌ کي سياسي ۽ سماجي حقن لاءِ جنهن ۾ سنڌي شاگردن جي 4 مارچ واري سياسي جدوجهد سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ تمام اهميت واري آهي، جنهن ۾ انهن سنڌي ٻولي کان وٺي سنڌ جي سياسي سماجي ۽ معاشي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ سوين سنڌي نوجوان جيلن ۾ ويا ۽ سخت طرح سان پاڪستان جي وفاقي نظام جي مخالفت ڪئي، ساڳئي طرح سان جڏهن سنڌ جو شهر ڪراچي وفاق حوالي ٿيو ۽ ايوب کهڙي جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ سنڌ جي نالي ماتر شناخت ون يونٽ جي پاليسي تحت ختم ڪئي وئي، ته اهڙو ته مشڪل سنڌ جي تاريخ جو سياسي دؤر شروع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي نوجوان طبقو اهو ڀلي شاگرد هجي يا ڪو مزدور، انهيءَ ايڏي وڏي بهادريءَ سان پنهنجي سنڌ جي سياسي خودمختياري لاءِ اڳتي آيو ۽ جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ تمام وڏا سياسي نوجوان شاگرد ان جدوجهد سان سنڌ جي تاريخ کي ورجايو ته سنڌ جا نوجوان پنهنجي ڌرتي جي شناخت ۽ سماجي غلامي کي ڪڏهن به نه قبول ڪندا، جڏهن پاڪستان ۾ ايوب جي آمريتي دور شروع ٿيو، سياسي هلچل ۽ سياسي آزادي تي پابنديون لڳيون، هر قسم جا سياسي ۽ سماجي حقن کي ختم ڪيو ويو، ايوب جي آمريت ۾ تڏهن به سنڌ جي انهن نوجوانن هڪ گهڙي لاءِ خاموش نه ويٺا ۽ ايوب جي آمريت کي للڪاريو، ايوب جي آمريت پاڪستان ۾ ائين هئي جيئن سنڌي سماج جي نوجوانن کي هڪ دفعو ٻيهر انهن جي روح کي جنجهوڙيو ۽ انهن ۾ تاريخي سياسي ۽ سماجي روح ڦوڪيو، جو هڪ آواز ۽ للڪار ٿي پنهنجي سنڌ ڌرتي لاءِ هر قسم جي جسماني روحاني تڪليف کان گذرڻ لاءِ تيار ٿي پيا، انهن سنڌي نوجوانن سنڌ جي هر ماڻهو کي سياسي سماجي سجاڳي ڏني، انهن عام سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سياسي ميدان ۾ لاٿو، انهن کان سماجي سياسي مزاحمتون ڪرايون، اهو اهڙو سنڌ شاگرد نوجوان جو دور هئو، جنهن ۾ سنڌ جي هر طبقي جي ماڻهو ۾ سياسي سماجي سجاڳي آئي، انهيءَ سياسي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو، سنڌ جي انهيءَ دور ۾ تمام وڏا نوجوان سنڌي ادب ۾ انهن ڪمال جون مزاحمتي تخليقون ڪيون، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ تمام وڏي پيماني جي شاعري ٿي ۽ سنڌ ۾ وڏا نوجوان شاعر ٿي اڀريا، جنهن ۾ شيخ اياز، همايون ابراهيم منشي، امداد حسيني، قمر شهباز، استاد بخاري ۽ اهڙا کوڙ سارا مزاحمتي شاعرن ان وقت سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيا، جن نه صرف سنڌي ٻولي ۽ ادب کي شهڪار بڻايو ۽ سنڌي سماج کي سياسي مزاحمت لاءِ اتساهيو، ته جيئن پنهنجي سياسي ۽ سماجي حقن لاءِ هن ملڪ پاڪستان ۾ انهيءَ کان سنڌ جي خودمختياري جي گهر ڪئي وئي ته ون يونٽ ختم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي پنهنجي تاريخي شناخت کي بحال ڪيو وڃي، سنڌ جي هن سياسي سماجي دور ۾ سنڌ جي نوجوان شاگردن ڀرپور طريقي سان پنهنجي سنڌ ڌرتي لاءِ مزاحمت ڪئي، اهو دور هئو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو جنهن سنڌي سماج هڪ نئين انداز سان شعوري طرح اسري سامهون آيو، جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي نظرياتي ترقي ڪئي، کوڙ سماجي سياسي تحريڪون ٺهيون، سنڌ جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حقن لاءِ سنڌ جي اندر سنڌي حوالي سان انهن نوجوانن هڪ سنڌي صحافت حوالي سان تجربا ڪيا، جنهن ۾ سنڌي اخبارون ۽ رسالا شايع ڪيا ويا، انهن ۾ اڪثريتي ڪم ڪرڻ وارا سنڌي نوجوان ئي هئا، جنهن انهن رسالن ۽ اخبارن ذريعي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شعور ۾ اضافو ڪيو، ان ون يونٽ جي سياسي دور ۾ تمام گهڻي اڪثريت سان سنڌي نوجوان پنهنجي سياسي نظرين سان اڳتي آيو، جنهن ۾ کاٻي ڌر کان وٺي ساڄي ڌر ۽ قوم پرستي وارا نظريا سنڌي شاگردن ۽ نوجوانن ۾ آيا، انهن مختلف سياسي ۽ سماجي نظرين باوجود به سنڌي نوجوان طبقو پنهنجي سنڌي قومي سماج لاءِ متحد هئا، گڏجي تحريڪون هلايو، انهن نظرين جي اختلافن باوجود انهن نوجوانن ۾ اڪثر اهي سياسي شاگرد نوجوان اڳتي هلي ڪري سنڌ جي سماجي حوالي سان ڪي ادب ۾ انهن نالو ڪمايو، ڪن وري پنهنجون سياسي، سماجي پارٽيز ٺاهيون، انهن مان اڪثر سنڌي نوجوان سنڌ جي صحافت جي حوالي سان ڪم ڪندا رهيا آهن، ون يونٽ جي خلاف سنڌي نوجوانن جي هلايل سياسي ۽ سماجي جدوجهد هڪ الڳ باب آهي، سنڌ جي تاريخ جو جنهن کي ايندڙ نوجوان سنڌي نسل لاءِ اهم آهي، ان جو مطالعو ڪرڻ ۽ ان سنڌي تاريخ جي دور کي سهيڙڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سياسي سماجي تاريخ ۾ سنڌي نوجوان شاگردن جا ٻيا وڏا اهم تاريخي ڪردار MRD تحريڪ دوران اسان کي ملي ٿو، جنهن وقت پاڪستان ۾ هڪڙي عوامي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي معضول ڪري ۽ انهيءَ کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو، هڪڙي فوجي ڊڪٽيٽر ضياءَ جي هٿان، جنرل ضياءَ جو آمريتي دور به سنڌ جي سماجي ۽ تاريخ لاءِ هڪڙو نادر شاهه وارو دور طور سامهون آيو. جنهن ۾ سنڌي سماجي ۽ تاريخ تي تمام گهرا اثر ڇڏيا، ان جنرل ضياءَ جي آمريت جا اثر 25 سالن گذرڻ کانپوءِ به سنڌ ۾ موجود آهن، مذهبي انتهاپسندي کان وٺي ادارن جي مافيا جي شڪل تائين، جنهن جو اڄ به سنڌي سماج انهن منفي سماجي ۽ سياسي حوالي سان جنهن جو سنڌ ۽ سنڌي سماج جا ماڻهو ازالو نه ڪري سگهيا آهن، انهيءَ جنرل ضياءَ جي آمريت جي خلاف سنڌي نوجوان طبقي ۽ خصوصن شاگردن MRD تحريڪ ۾ سنڌ جي نوجوانن ڀرپور سياسي تحريڪون هلايون، جنهن ۾ يونيورسٽي کان وٺي عام سماج تائين، جنهن ۾ سوين سنڌي نوجوان شاگردن جنرل ضياءُ جي آمريت جي خلاف هجڻ ڪري سخت سياسي ۽ سماجي تڪليفن مان گذريا، جنهن ۾ هنن پنهنجي يونيورسٽي جي تعليم کي ترڪ ڪرڻو پيو، هڪ روپوشي جي زندگي گذارڻي پئي ۽ ڪي ته سوين شاگرد سياسي اڳواڻ جيلن ۾ سالن تائين واڙيا ويا، جنهن نوجوانن کي جيلن ۾ غير انساني طريقي سان انهن سان سلوڪ ڪيو ويو ۽ انهن کي سالن تائين جيلن ۾ سزائون ڏنيون ويون، انهيءَ MRD دور ۾ نظير عباسي جهڙا سنڌي نوجوانن کي جيلن ۾ ڪچلي ماريو ويو، اهڙي طرح ان جنرل ضياءَ جو آمريتي دور ايوب جي دور کان به سخت ۽ غير انساني حوالي سان پيش ايندڙ قانوني پابنديون سنڌي نوجوان کي سهڻيون پيون، انهيءَ پوري مشڪل سياسي ۽ سماجي حالتن باوجود به سنڌي نوجوان پنهنجي سنڌ ڌرتي جا نغما ڳايا، انهن سڀ سختيون برداشت ڪيون، پر سنڌ ڌرتي سان انهن جو ناتو ڪڏهه نه ٽٽو، انهن نوجوانن ۾ دودو، هوشو، هيمو، ۽ سورهيه بادشاهه جهڙن وانگي جوش ۽ جذبي سان پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ جون روايتون قائم رکيون، اهڙين ئي سياسي مزاحمتي ۽ قرباني، سنڌي نوجوانن جون روايتون سنڌ جي سماج ۽ تاريخ کي اڳتي وٺي هلڻ ۾ مدد ڪئي آهي.