ٽالپر دور، انگريز سامراج ۽ سنڌ
سنڌ سميت پوري برصغير ۾ سماجي ۽ معاشي طرح جديد ترقي جي شروعات انگريز سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ئي ممڪن بڻي، انهن جي ڏيڍ سئو سالا حڪومت ۾ اسين ڪجهه نئين انداز سان سماجي فڪر ۽ ترقيءَ سان سلهاڙجڻ شروع ڪيوسين، تنهن کانسواءِ سياسي سماجي، وسيلن کي ڪتب آڻڻ، جديد انساني حقن کي سامهون رکي پنهنجي سياسي ۽ سماجي حقن جي گهر ڪئي وئي پوءِ اها ڪيتري مضبوط هئي يا نه اها هڪ الڳ ڳالهه آهي، اهڙي طرح 20 هين صدي جي شروعاتي ڏهاڪن دوران پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ لڳي ۽ بيٺڪيتي دور جي پڄاڻي طرف وڌڻ شروع ڪيو ۽ برصغير جي سماجي سياسي شعور ان برطانوي سامراج جي مزاحمت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ مجبورن انهيءَ طرح سان سياسي آزادي جي شروعات ٿي، انگريز سرڪار انهن سئو ڏيڍ سالن جي حڪمراني دور دوران اهڙا ته سماجي ۽ مذهبي معاشي ڌڙا قائم ڪيا جن پوري سماجي جي حالت ئي بدلائي ڇڏي، بلڪل ائين جيئن سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”ڪيڏانهن مهن مريم جو، ڪيڏانهن رهيو ٽنڊوالهيار“. ايترا ته سماجي، مذهبي ۽ سيا سي اختلافات کي پيدا ڪيو ويو جو پوري خطي جي حالت ئي بدلجي وئي.
بهرحال سنڌي جا گرافيائي سماجي حالت وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهي اها حالت ساڳي نه رهي جيڪا برطانوي راڄ کان اڳ هئي، برطانوي راڄ دوران ئي سنڌ جي آجپي لاءِ هڪ الڳ جداگانه سياسي گهرج هئي، جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان برطانوي راڄ ڪچلي ڇڏيو، جيئن برطانوي 1843ع کانپوءِ سنڌ جي سياسي اقتدار اعليٰ کي بمبئ پريزيڊنسي هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن جي سنڌ مان گهڻي قدر ان سياسي فيصلي جي تيستائين مداخلت ٿيندي رهي جيستائين 1936ع ۾ ان جي جداگانه حيثيت کي بحال ڪيو ويو، اهڙي طرح ان ئي عرصي دوران سنڌ مان سياسي، ساجي ۽ معاشي حالتون هڪ نئين انداز ۾ اڀري سامهون آيون، جهڙي طرح ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جون سماجي حالتون تمام مختلف هيون، جيئن ته ٽالپر سنڌي نه هجڻ ڪري هنن جي ايتري توجهه نه رهي ته اهو اتان جي اصل رهاڪن سان بهتر سلوڪ ڪن ۽ سرڪاري سطح تي انهن کي انتظام هلائڻ يا وري ڪجهه اهم فيصلا ڪرڻ ۾ کين شريڪ ڪن، نه ئي وري عام ماڻهن کي اهو پنهنجو بڻائي سگهيا، ان ڪري پنهنجي سرڪاري، سماجي توڙي معاشي فيصلن جي نتيجن ۾ انهن ويڇا هميشه قائم رکيا ۽ ٽالپر حڪمرانن گهڻي ڀاڱي فوج ۾ انهن کي ڀرتي ڪيو جيڪي هتان جا مقامي ماڻهو نه هئا، ان کانسواءِ ميرن ڀرپاسي جي حڪمرانن سان سڌي يا اڻ سڌي ريت غير ضروري تعاون ڪندا رهيا، جهڙوڪ: پنجاب رنجيت سنگهه يا افغانستان جي مدد ان جي ڀوکان ائين ئي ڪندا رهيا، جيئن هنن مير حڪمرانن کي چيو ويندو هئو، سنڌ جون معاشي حالتون بد کان بدتر ٿينديون ويون پر ٽالپر ڪنهن به طرح ڪو سياسي، سماجي يا معاشي سڌارا نه آڻي سگهيا ۽ نه ئي وري ان وقت سياسي يا سماجي حالتن پٽاندر ڪان تحريڪ جنم وٺي سگهي، جيڪا ٽالپرن جي ان نااهل حڪومت کي چئلينج ڪري سياسي قوت بڻجي هان.
اهو به چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن برطانيا سنڌ تي قبضو نه ڪري ها ته پنجاب ۾ رنجيت سنگهه يا وري افغانستان ئي سنڌ مٿان حملو ڪري سنڌ کي پنهنجي تسلط هيٺ آڻي ڇڏين هان، باقي ان وقت ٽالپرن ۾ اهڙي قوت نه رهي هئي جو سنڌ جو اعليٰ اقتدار قائم دائم رکي سگهن ۽ اها حالت رڳو سنڌ جي حڪمران گهراڻي ٽالپرن جي نه هئي پر پوري برصغير جي مختلف حڪمرانن جي به ساڳئي حالت هئي، نه ته برصغير جي ڏاهي ولي الله دهلوي احمد شاهه ابدالي کي خط ڇو لکي هان ته اچي حملو ڪري ۽ برصغير جي مسلمان سلطنت کي بچائي، ڇاڪاڻ ته مغل به پنهنجي حال مان نڪري چڪا هئا، ٽالپر حڪمرانن ۾ ڪو فرق باقي نه رهيو هئو ۽ ٽالپر به اڻ سڌي طرح مغلن جي ماتحت سنڌ جي حڪمراني ڪندا پئي آيا نه ته ٽالپرن جون آزاد معاشي ۽ سياسي پاليسيون قطعه ڪو نه رهيون، ان سڄي صورتحال پوري برصغير جي سياسي سلطنتن ۽ حڪمرانن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جو پورو فائدو برطانوي حڪمران ورتو ۽ سڌي طرح پنهنجي بيٺڪيت قائم ڪئي، ان برطانوي حملن کي يا ته سلطنت جي مختلف هنڌن تان مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کي اسين جنگ آزادي به سڏيون ٿا، اهي مزاحمتون هڪ ته نه منظم هيون ۽ نه ئي وري ٽالپر حڪمرانن جي انهن ۾ ڪا خاص دلچسپي هئي.
جنهن ڪري انهن مزاحمت گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو، بلڪ اهي صرف عام ماڻهن وطن جي حب تحت مزاحمتن ۾ پنهنجو پاڻ نڀايو، جيڪي جلد ئي ڪجهه هفتن يا ڪجهه ڏينهن اندر ئي ختم ٿي ويون، جيئن مياڻي جي جنگ کانپوءِ انگريز 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪري ٽالپرن کي گهر ٻيڙو ڪيو، انگريزن سان ويڙهه لاءِ ٽالپرن وٽ نه ته هٿيار هئا نه ئي وري ڪا سٺي رٿابندي، ان وقت هوش محمد شيدي ئي اهڙو ڪردار هئو جنهن “ مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو بلند ڪيو ۽ جوان مرديءَ سان وڙهيو، جيڪڏهن ٽالپر حڪمران ان وقت جنرل هوش محمد شيدي جي پاليسي کي سمجهي ڪجهه قدم کڻن ها ته ٿي سگهي ان وقت به انگريز ايتري آساني سان سنڌ تي قبضا نه ٿي سگهن هان پر ٽالپرن ڪڏهن به هتان جي مقامي آباديءَ کي اوليت نه ڏني بلڪل ائين جيئن عراق ۾ صدام حسين ملڪ جي عوام سان جٺيون ڪندو رهيو ۽ عراق جهڙو ملڪ به هن جديد دور ۾ آمريڪا پنهنجي فوجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو، سنڌ جي ماڻهن به ٽالپرن جي نااهلي کي ڏسندي چاهيو ۽ جيڪڏهن ٽالپرن جي جڳهه تي ڪي ٻيا حڪمران به نااهل هجن هان ته سنڌي قوم انهن جو به ڪڏهن ساٿ نه ڏئي هان، پوءِ ڀلي ئي انگريز ڇو نه هجن، 1843ع ۾ انگريزن سنڌ کي پنهنجي ماتحت آڻي ڇڏيو ۽ اهڙا فيصلا ڪيا، جنهن جو سنڌي ماڻهن ڪڏهن به خير مقدم نه ڪيو، انهن فيصلن مان پوءِ ڀلي سنڌ بمبي پريزيڊنسي جي ماتحت بڻائڻ جو فيصلو هجي يا ڪراچي جي بندرگاهه کي استعمال ڪرڻ جو هجي، سنڌ به پوري برصغير جي ٻين خطن وانگر ان برطانوي بيٺڪيت ۽ اجارداري جي قائم ڪيل قانونن لاءِ مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي رهي، پوءِ اهو قانون شهرين جي ترقي ۽ ٻهراڙيءَ جي حوالي سان هجي يا وري ڪو سياسي، سماجي توڙي معاشي حوالي سان هجي، بهرحال برطانوي سامراجيت ۽ بيٺڪيت جو هڪ ڊگهو سفر سئو سالن جي عرصي تائين رهيو، جنهن ۾ سنڌ جو عوام به مختلف قومن وانگر انهيءَ سامراجي راڄ جي مدمقابل ٿي ويڙهاند ڪئي ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ لاءِ سياسي ڪوششون وٺندو رهيو، جنهن مان سياسي شعور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ ۽ ڪانگريس سياسي ميدان ۾ لٿيون ته انهن جي ايجنڊا ۾ سنڌ جي خودمختياري جو مسئلو اهو رهيو ته سنڌ کي بمبي پريزيڊنسي کان الڳ ڪري ان کي الڳ جداگانه ۽ تاريخي حيثيت ۾ برقرار رکيو وڃي.
اهڙي طرح سنڌ پنهنجو پورو تاريخي قومي شعور ۽ ان جي خودمختياري ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ان جي سخت مزاحمت جو مثال پاڻ سنڌ جي حر گوريلا جنگ مان لڳائي سگهون ٿا ته برطانيا سرڪار جيڪا برصغير ۾ ئي پنهنجو تسلط قائم ڪندي پئي آئي، اهو نج فوجداري جي ڏنڊي تي قائم هو، جنهن کي مارشل لا ئي چيو پئي ويو پر جڏهن سنڌ ۾ حر گوريلا تحريڪ هلي ته انهيءَ فوجداري سامراج سنڌ ۾ ان مزاحمتي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ هڪ الڳ سخت مارشل لا لڳائڻو پيو، جيڪا اڳ ئي برطانيا سامراج پوري برصغير ۾ لاڳو ڪيو پئي آيو، ائين چئجي ته اها سنڌ ئي هئي جنهن پنهنجي دور ۾ انگريز سرڪار کي ايتري سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري برصغير ۾ پهرين مارشل لا جو سهارو وٺي حُر گوريلا تحريڪ کي ڪچليو.
بهرحال انگريز سامراج سنڌ تي تمام گهرا تاريخي اثر ڇڏيا، جنهن جو سياسي، سماجي ۽ معاشي توڙي نفسياتي ڪلچر کي بدلائي ڇڏيو، جنهن جا اثر اڃا به موجود آهن، اسان جي سماج تي جيڪي هن وقت به انهن ٺهيل قانونن، ادارن، جاگيردارن ۽ ڪامورا شاهي جي شڪل ۾ موجود آهن ۽ انهيءَ گوري سامراج جي اڻ سنڌي طرح سامراجيت اڄ به قائم ۽ دائم آهي، جنهن جو ڄار هو ويندي ويندي وڇائي ويا هئا.