ڪالم / مضمون

سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

شهبان سهتو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس لکڻين جو محور ۽ مرڪز ”سنڌ“ آهي. سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلا هُجن يا وري سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ جا رنگ، اِهي سڀ موضوع شهبان سهتي جي قلم هيٺ اچي تاريخ جو حصو بڻجن ٿا. شهبان سهتو هڪ شعور وند ليکڪ آهي، ڌرتي ۽ ديسَ جي مڙني معاملن سان سندس ڪمٽمينٽ، سندس لکڻين مان جھلڪا ڏيندي رهي ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 4651
  • 861
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شهبان سهتو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

ڇا سنڌ کي صوفي نظريي جي ضرورت آهي؟

سنڌ ۾ هن وقت ڪجهه سنڌي صحافي يا وري ڪجهه سنڌ جي پڙهيل طبقي جا ماڻهو صوفي نظريي ۽ ان جي پرچار ڪرڻ ۾ رڌل آهن، صوفي نظريي جي پرچار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ صوفي راڳ جون محفلون ۽ تقريبون ڪرايون وڃن ٿيون ، اهڙو رجحان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ ان ڪري اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هن وقت پاڪستان رياست مذهبي انتهاپسندي جي گهيري ۾آيل آهي، پوري پاڪستان ۾ انهن مذهبي انتهاپسندن تنظيمن طرفان خدڪش بمباري ڪئي وڃي ٿي، جتي اهڙي جگهه ناهي بچي جنهن تي دهشتگرد حملو نه ڪيو هجي اسڪول، مسجد، پبلڪ جگهيون ۽ حساس سيڪيورٽي ادارا. اهڙي طرح سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ بمباري ٿيڻ کان وٺي سنڌ جي باقي ٻين ننڍڙن شهرن شڪارپور ۽ سکر جهڙا شهر به انهن خدڪش حملن جو شڪار ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري سنڌ جو پڙهيل طبقو اهو سمجهي رهيو آهي، ته اهو سنڌ جي روايتن جي خلاف آهي ۽ جڏهن ته سنڌ تاريخي حوالي سان صوفين ۽ مذهبي رواداري سماج جي سرزمين رهي آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ اهڙن خدڪش حملا ٿيڻ ۽ مذهبي شدت پسندي جو سنڌي سماج ۾ وڌارو ٿيڻ ۽ سماجي سطحه تي شدت پسنديءَ جي واقعن ڪري سنڌي سماج جي تاريخي شناخت تي وار ٿي رهيو آهي.
تنهن ڪري ، سنڌ ۾ اهڙين صوفي تقريبون ۽ صوفي راڳن جون محفلون ڪرايون وڃن ٿيون يا وري سنڌ ۾ صوفي نظريي جي ادارن ٺاهڻ کان وٺي سنڌ ۾ هن وقت ڪيترائي اين جي اوز طرفان مختلف پراجيڪٽس شروع ڪيا ويا آهن، جنهن جي فنڊنگ ۽ سهڪار مغرب ملڪن ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد آهي ته سنڌ ۾ انهيءَ انتهاپسنديءَ کي روڪي سگهجي. جڏهن ته سنڌ جي اندر صوفي نظري جي پرچار يا ان جي بحالي سان سماج ۾ اهڙيون مذهبي رواداريون يا سهپ واريون روايتون واپس موٽي ڪو نه اينديون، جڏهن ته انتهاپسند قوتون هن ملڪ ۾ هڪڙي سياسي نظريئ طور پيدا ڪيون ويون هيون ۽ آهن، انهن مذهبي تنظيمن کي هڪڙي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. اهڙي قسم جي ماحول ۽ علائقائي سياسي سازشن جي سياسي ماحول ۾ جڏهن اسين سنڌي انهيءَ خام خياليءَ ۾ رهون ۽ سنڌ ۾ ويهي سڀني سماجي معاملن جو حل هڪڙي اهڙي صوفي يا غير سنجيده طريقن سان ڪڍون جنهن سان ڪا حاصلات نه ٿيئي، نه وري سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڪا ترقي ٿئي يا سنڌ هڪ جديد دور جي سماج ڏانهن قدم کڻي، اهڙين قسمن جون ڪوششون ڪرڻ سان سنڌ ۾ ڪا سماجي يا معاشي تبديلي رونما ڪا نه ٿيندي، نه وري ڪا سماجي رواداري جنم وٺندي، اهڙي طرح جون سياسي ۽ سماجي حڪمت عملين سان نه رگو سنڌ ۽ سنڌي سماج جو نقصان ٿيندو پر تاريخي حوالي سان سنڌي سماج پوئتي رهجي ويندو.
جڏهن ته هن وقت سنڌ جي سياسي ڪلچر کي سڌارڻ ۽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ڪجهه ڏهاڪن کان تمام گهڻو بگڙجي ويو آهي، جنهن ۾ جاگيردارانه نفسيات جي سياسي سوچ، خد پسندي، پيداگيري واري سوچ وارن ماڻهن جو سنڌ جي سياست ۽ سماجي جي هر شعبي تي حاوي آهي، جنهن کي درست ڪرڻ سان ئي سنڌ جي ايندڙ سماجي معاشي حالتن ۾ بهتري اچڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي پئي، باقي سنڌ ۾ صوفي خيال ۽ صوفي سوچ کي بحال ڪرڻ ۾ سنڌ جي سماجي ترقي ۾ سڌارو اچڻ هڪڙي قسم جي غير سائنسي سوچ هوندي.

جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ کي ڏسجي ته صوفي نظريي ڪو سنڌي سماج کي اڳتي وٺي هلڻ يا ترقي وٺرائڻ ۾ ڪو گهڻو فائدو به نه ڏنو آهي. صوفي سوچ ۽ نظريي پوري بر صغير ۾ هڪڙي مخصوص سياسي حڪمران طبقي يا سامراجي قوتن هڪڙي پاليسي طور به استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ ٻاهرين سامراجي قوتن کي صوفي نظريو يا مذهب هٿي وٺرائيندو رهيو آهي، ان کان علاوه انهيءَ صوفي نظريو ۽ مذهب هميشه حڪمران طبقي جي فائدي ۾ رهيو آهي ۽ عام ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ انهيءَ نظريي جو ڪو خاص فائدو نه رسيو آهي، سواءِ ڪجهه عرصي ۾ صوفي خيال عام ماڻهن کي مذهبي تعصب کان بچائي رکيو هوندو، ڪن گهڙين ۾ جيڪو به هڪڙو منفي هئو ته ڪي سماجي ۽ سياسي حالتن سڌارڻ بجاءِ نام نهاد اهڙن خيالن جو استعمال ڪيو وڃين، سماجي هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سماج ۾ حڪومتي يا رياستي سڌارا آڻڻ بجاءِ اهڙي صوفي خيالن ۽ نظرين سان ماڻهن کي ريجهائي ماٺ ڪرايو وڃي ۽ اصل سماجي مسئلن جو حل نه ڪڍيو وڃين.
سنڌ جي سماج ۾ تاريخي حوالي سان مذهبي انتهاپسندي جو گهٽ رهڻ يا مذهبي بنياد تي ڪو تعصب گهٽ رهيو آهي، باقي برصغير جي سماجن جي نسبت ۾. ان جو به هڪڙو خاص تاريخي سبب اهو هئو ته سنڌ بر صغير جي ٻين سماجن کان گهڻو وقت اڳ يا پهريان گهڻ ثقافتي (Multicultural) سماج رهندو پيو آيو آهي، جنهن سبب ڪري سنڌ ۾ مذهبي ۽ نسلي رواداري ٻين بر صغير جي سماجن کان وڌيڪ رهي آهي، انهيءَ ۾ صوفي نظريي ۽ سوچ جو ڪو ڪمال نه هئو، جيڪڏهن صوفي نظريي جو اهڙو ڪو ڪمال ۽ جادو هجي هان، ته پنجاب ۾ سنڌ کان گهڻي اڪثريت ۾ صوفي اولياءَ موجود هئا، اهڙي طرح باقي هندستان ۾ به صوفي اوليائن جي گهٽتائي ته ڪو نه هئي، پر جڏهن انهن علائقن ۽ سماجن ۾ مذهبي نفرتون گهٽ ڪو نه ٿي سگهيو، انهيءَ مذهبي جنونيت ۽ غيررواداري جو اظهار پاڪستان ۽ انڊيا جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ ظاهر ٿيون، جنهن ۾ هندستان جي ثقافت ۽ نام نهاد رواداري واري تاريخ کي سواليه نشاني ڏئي ڇڏي هئي.
سنڌ جي سماجي رواداري ۽ گهٽ مذهبي پڻو هجڻ جو سبب سنڌ جو گهڻ ثقافتي سماج هجڻ به رهيو آهي يا وري ڪجھ ٻيا تهذيبي تاريخي سبب، جنهن ۾ عيسائي هندو، بدھ، مسلمان، فارسي ۽ يهودي اهي سڀ سنڌ ۾ هڪڙي ڊگهي تاريخي عرصي کان رهي رهيا هئا، جنهن ڪري سنڌ ۾ رواداري ۽ سهپ جو عنصر سماج ۾ ڪافي عرصي کان پيدا ٿي چڪو هئو، جنهن ۾ ماڻهن هڪ ٻئي کي سماجي هرشڪل ۾ قبول ڪندا پيا آيا آهن، جنهن ۾ هڪڙي صوفي نظريي يا خيال جو ڪو ڪمال نه هئو، ان سان گڏوگڏ تاريخ جا اهڙا ٻيا کوڙ سبب هئا، سنڌي سماج کي سيڪيولر رکڻ ۾ جيڪي سنڌي سماجي روايتون بڻجي چڪيون هيون. جڏهن وري پاڪستان ٺهڻ جو مرحلو شروع ٿيو ته سنڌ جي انهيءَ تاريخي گڏيل ثقافتي (Multiculural) ۽ روادريءَ (Secular) جي روايتن کي ڪافي ڌچڪو رسيو ۽ مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسندي جي واقعن ۾ تيزي آئي، ڇاڪاڻ ته ٻه قومي نظريي کي جنم ڏنو ويو برصغير جي سماج ۾ جنهن سبب ڪري 1947ع ۾ هن خطي ۾ مسلمانن جي نالي سان هڪ الگ ملڪ ٺاهيو ويو.
هن وقت هن ملڪ ۾ جيڪا انتهاپسندي جا واقعا ٿي رهيا آهن، انهيءَ جا به ڪي تاريخي سبب آهن، جنهن ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن رياست ۾ هڪ مخصوص سياسي حڪمران طبقي مذهبي ڌرين کي اڳتي آڻي ڪري هن ملڪ ۾ پنهنجي حڪومتي طبقي فائدا ورتا آهن ۽ سياسي بالادستي حاصل ڪرڻ لاءِ خاص ڪري اهڙن مذهبي ڌرين کي ٻاهرين قوتن کان ڦنڊنگ ڪرائي وئي، جنهن ڪري انهن ۾ اضافو ٿيو، افغان جنگ دوران انهن کي استعمال ڪيو ويو ۽ ملڪ پاڪستان ۾ ترقي پسند قوتن جي ڊڄ کان به انهن مذهبي جماعتن کي به عام ڪيو ويو، ان کان علاوه هن ملڪ ۾ شروع کان آئين جيڪي ٺاهيا ويا اهي به مذهبي طرز جا رهيا آهن، پاڪستان جي حڪمراني طبقي هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي اها ڪوشش ڪئي وئي ته رياست جو مذهبي هجڻ سان گڏ ٻين مذهبي فرقن جي ڀيٽ ۾ سني مذهبي فرقي کي وڌيڪ ترجيع ڏني وئي، اهو پاڪستان جي حڪمراني طبقي جي سياسي نظريي لاءِ مفيد هئو، معاشي ۽ سياسي حوالي کان خاص ڪري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي سماج ۾ ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي رواداري به گهٽجڻ شروع ٿي وئي، خاص ڪري جڏهن وري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ هندستان کان مهاجر آيا جيڪي گھڻي قدر مذهبي رنگ ۾ ويڙهيل هئا، يا وري انهن مذهبي سوچ ۽ نظريي کي سياسي حوالي سان جڪڙي رکيو، ڇاڪاڻ ته انهن مهاجرطبقي جا سنڌ ۾ سياسي ۽ معاشي مفاد ان مذهب جي آڙهه ۾ ئي پورا پي ٿيا. اهو ئي سبب رهيو جو انهن شروع ۾ اهڙين مذهبي ڌرين ۽ جماعتن ۾ رهيا ۽ سنڌ جي شهرن ۾ مذهب جو استعمال عام زندگي جي معاملن شروع ٿيو. شهر جيڪي تاريخي حوالي سان سماج جي ٻين حصن کان وڌيڪ روشن خيال، سماجي سهپ ۽ رواداريءَ تي ٻڌل هجن ٿا پر سنڌ جي شهرن ۾ ان جي ابتڙ ٿيو، جڏهن ته ورهانگي کان اڳ ڪراچي شهر جي سماجي سڃاڻپ هڪ اعتدال پسنديءَ واري رهندي پئي آئي هئي.
عام ماڻهن ۾ مذهبي ڌرين هڪڙي ڊگهي عرصي کان ڪم ڪنديون رهيون آهن ۽ روشن خيال سياسي ۽ سماجي ڌريون سماج ۾ گهٽ ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ مذهبي جنونيت وڌڻ شروع ٿي. شروع ۾ ته اهي پراڻيون سنڌي سماجي رواداريءَ واريون سوچون ۽ سماجي اخلاقياتون قائم رهيون پر مسلسل سماج ۾ رياستي ادارن جي سماجي ادارن جي نه ٺهڻ ڪري يا وري مذهب کي رياست جو سياسي حصو بڻائڻ ڪري، ٻيو سنڌي جون معاشي حالتون ۽ سياسي حالتون غير مستحڪم ٿيڻ ڪري به اهي سماجي رواداري سنڌي سماج مان ختم ٿيندي وئي ۽ اهڙيون مذهبي انتهاپسند قوتن کي بنا رنڊڪ جي سماج ۾ کليو ڇڏي ڏيڻ سان مذهبي انتهاپسندي جو اثر ٿيڻ شروع ٿي ويو، ماڊرن سوشل سائنس مطابق ته ڪنهن به سماجي کي سيڪيولر رکڻ جو ڪم رياستي ادارن جو هوندو آهي، سماجي پاڻ مرادو سيڪيولر رهڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي باشعور طبقي کي گهرجي ته هو سنڌ کي ماڊرن دور ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪن، سنڌ جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي سڌارڻ جي ضرورت، ان سان گڏ سنڌ کي مذهبي جنونيت کان پاڪ رکڻ لاءِ جديد سماجي ۽ علم ۽ سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سنڌ جي نئين ٽهي کي روشن خيالي واري سماجي ۽ سياسي علمن کي متعارف ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سماجي استحصال جو خاتمو آڻي سگهجي ۽ سماج ۾ اڻ برابري ۽ سماجي برايون ختم ٿي سگهن، بجاءِ ڪنهن اهڙي غير ضروري سوچ ۽ هٿ ٺوڪي نظريئ کي تقويت ڏيڻ سان نه سماجي برايون ۽ نه ئي سماجي اڻ برابري جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. هن وقت سنڌ کي جن به ڪي سياسي سماجي يا معاشي مشڪلاتن جي گهيري ۾ آڻي رکيو آهي، اسان سڀني کي انهيءَ لاءِ پريشان ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي اهڙي سماجي يا سياسي مشڪلاتن کي ڪنهن غير ٺوس صوفي نظريي جي پرچار ڪرڻ يا ان جي سماج ۾ بحالي سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، صوفي نظريو ۽ سوچ هڪڙي سست سوچ آهي، جنهن سان سنڌ جي سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ وڌيڪ پيچيدگي ايندي، جنهن ۾ نقصان سنڌ جو ٿيندو.
ٻڌڻ ۾ اهو به آيو آهي، ته هن وقت اهڙي صوفي سوچ ۽ خيال کي ڦهلائڻ لاءِ ڪجهه ماضيءَ واريون سامراجي طاقتون فنڊنگ ڪري رهيون آهن، جيڪي ڪجهه وقت اڳ انهن مذهبي شدت پسند قوتن کي فنڊنگ ڪري رهيون هيون، جنهين جو خيال آهي ته سنڌ ۾ اهڙي مذهبي انتهاپسندي جو مقابلو صوفي نظرييءِ سان ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو، هن وقت اهي مغربي قوتون جيڪي اهي فنڊز ڪڏهن مذهبي ڌرين کي پاڪستان ۾ ڏيندو هئو، افغان جنگ دوران هاڻي اهي فنڊز وري سنڌ ۾ صوفي نظريي جي پرچار ڪرڻ لاءِ ڏنا ٿا وڃن، اهڙيون مغربي قوتن جون ڪراچي ۾ قائم ڪيل ڪونسليٽس سنڌ جي اندر ويجهر ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي ويون آهن، جنهن ۾ ڪائونسليٽس جي ڪجهه سنڌي ڪم ڪندڙ ملازمن جي مدد سان سنڌ ۾ ثقافتي سرگرمين ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ معاشي سرگرمين جي ڪري ٿي رهيو آهي ۽ صوفي نظريو سنڌ جو هڪڙو بهانو طور استعمال ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي انهيءَ خوشفهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته سپر پاور قوتون سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي سماج جون خير خواهه ٿي رهيون آهن، اهو سبب ڪجهه موجوده پاڪستان ۽ سنڌ ۾ قدرتي وسيلن جي ڪري ٿي رهيو آهي ۽ اهڙين سرمائيدار مغربي قوتن جي اها خواهش رهي آهي ته سنڌ جي اهڙي معدني وسيلن تي انهن جي اجاره داري قائم ٿئي، بجاءِ ڪنهن چائنا جي اجاره داري پاڪستان جي راهداري پاليسي تحت، ۽ اهو به سنڌ جي باشعور ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته اهڙيون مغربي سرمائيدار قوتون جيڪي MQM جي به سياسي ايجنڊا جي پٺڀرائي ڪنديون رهيون آهن ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم هن وقت سنڌ صوبي جي ورهاست جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ان تي آمريڪا ۽ برطانيه جهڙي سفارتڪاري طرفان اهڙو ڪو به بيان نه ڏنو ويو آهي ته اهي MQM جي اهڙي سنڌ دشمن ايجنڊا سان متفق ناهن يا ان جي اهڙي سياسي چال جي حمايت نٿا ڪن، براءِ مهرباني ڪري سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي کي انهن سڀني شين ادراڪ هجڻ گهرجي، ڪنهن به سامراجي سياسي ۽ معاشي چال کان بچجي جنهن سان نقصان سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جو ٿيندو.
هن وقت جڏهن سنڌي ماڻهو اڳئي گهڻ رخي سياسي سماجي پريشانين ۾ گهيريل آهن ته سنڌي ماڻهو کي پنهنجي سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ ڌاري آبادي ٻوڏ وانگي سنڌ ۾ اچي رهي آهي، جنهن جو ڪو به ازالو ٿي نه رهيو آهي ۽ سنڌ جي پنهنجي سماجي پسماندگي وڌي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ڌاري آبادي جي ڪري معاشي ۽ سماجي حالتون وڌيڪ خراب ٿيندون، انهيءَ ڌاري آبادي جي لحاظ کان هن وقت سنڌ ۾ به اهڙي مذهبي شدت پسندي وڌي رهي آهي ته ان جو به ڪارڻ اها ڌاري آبادي آهي، جيڪا افغان جنگ کان شروع ٿي هئي، اڃا تائين انهيءَ کي نه روڪيو ويو آهي ته اهڙي ڌاري آبادي کي روڪڻ بجاءِ سنڌ ۾ صوفي نظريي جي پرچار سان ڪجهه نه ٿيندو، هن وقت سنڌ ۾ بحريه ٽائونز کان وٺي ذوالفقار آباد ٺاهڻ تائين، اهي سڀ ڪجهه سنڌ ۾ خدڪش حملن کان به وڌيڪ خطرناڪ سياسي سماجي ۽ معاشي سنڌ ۾ نتيجا کڻي ايندا، انهن ميگا پروجيڪٽس ظريعي سنڌ ۾ تمام وڏي خطرناڪ انداز سان ڌاري آبادي سنڌ ۾ منتقل ٿي ويندي، جنهن سان سنڌي ماڻهون هميشه سنڌ ۾ اقليت ۾اچي ويندو، سياسي ۽ قانوني حوالي سان ڪمزور ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ۽ معاشي حالتون هميشه لاءِ سنڌي ماڻهو کان هٿ مان نڪري وينديون،
جيڪڏهن سنڌ جي باشعور سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي پريشان ٿيڻ گهرجي ته انهيءَ حوالي سان، ته ماڻهن جي سياسي شعور جي پالنا ڪرڻ گهرجي۽ هن وقت جي حڪومت تي سياسي دٻاءُ وجهجي ۽ سنڌ ۾ اهڙي قانون سازي ڪرائجي جو انهن مٿين سڀني خطراتن کي مستقل بنيادن تي منهن ڏئي سگهجي، نه بلڪ اهڙي (passive) سياسي سماجي نظرين سان جنهن سان سنڌ ۽ سنڌي سماج جي تاريخ ۽ ثقافت جو نقصان ٿئي.