ڪالم / مضمون

سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

شهبان سهتو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس لکڻين جو محور ۽ مرڪز ”سنڌ“ آهي. سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلا هُجن يا وري سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ جا رنگ، اِهي سڀ موضوع شهبان سهتي جي قلم هيٺ اچي تاريخ جو حصو بڻجن ٿا. شهبان سهتو هڪ شعور وند ليکڪ آهي، ڌرتي ۽ ديسَ جي مڙني معاملن سان سندس ڪمٽمينٽ، سندس لکڻين مان جھلڪا ڏيندي رهي ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 4651
  • 861
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شهبان سهتو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

عورت جي سماجي پسماندگيءَ جو ذميوار مرداڻو سماج آهي

عورت ڪنهن به سماج ۾ هڪڙو تمام حساس وجود رکي ٿي، انهيءَ هر سماج ۾ عورت جنس جون مختلف سماجي شڪليون هجن ٿيون، جيڪڏهن ڪو سماج معاشي حوالي سان سگهارو آهي ته ان ۾ عورت به سماجي ۽ معاشي حوالي سان سگهاري هجي ٿي، جنهن ۾ ان کي سماجي آزادي مليل هجي ٿي، جيڪڏهن وري اهڙو سماج جيڪو سماجي ۽ معاشي حوالي سان پوئتي پيل آهي، جنهن جون معاشي حالتون پوئتي پيل آهن ته ان سماج ۾ عورت جي سماجي حوالي سان آزادي ۽ سماجي حق به بگڙيل شڪل ۾ هجن ٿا.
بهرحال اهو چئي سگهجي ٿو ته جيترو جيڪو سماج مادي ترقي ڪري ٿو اوتري انهيءَ سماج ۾ عورت جي سماجي قوت مضبوط ۽ سڌريل ٿئي ٿي، پر انهيءَ سڌريل ۽ ترقي يافته سماجن ۾ به هڪڙي مخصوص قسم جي عورت جو سماجي پيچيدگيون مڪمل ختم ڪو نه ٿيون ٿين، انساني تاريخ جو هڪڙو الميو رهيو آهي.
اهڙِي طرح سان سنڌ جي عورت سان به اهڙو الميو رهندو اچي ٿو پيو، سنڌي سماج ۾ سنڌي عورت سماجي ۽ معاشي استحصال جا به ڪيترائي تهه چڙهيل آهن، جنهن ۾ هن جو وجود هر لمحي ۽ هر روز پيسجي ۽ پيڙهجي ٿو پيو، جنهن ۾ سنڌ جي عورت هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌي سماج جي هر سماجي برائي ۽ سماجي استحصال جو شڪار ٿي رهيون آهن. جڏهن ته دنيا جي سڀني سماجن جي تاريخ، مرداڻي سماجي بالادستيءَ جي تاريخ رهندي آئي آهي، تهڙي طرح سنڌي سماج جي تاريخ به مرداڻي بالادستي جي تاريخ رهي آهي. جڏهن ته انساني تاريخ هڪڙي مرداڻي بالادستي قائم رهڻ ڪري انهن جون سماجي تاريخ جون ڪاميابيون يا ناڪاميون سماج تي اجتماعي اثر ڇڏينديون آهن، ساڳيءَ طرح سنڌي سماجي تاريخ جي حوالي سان مرداڻي سماج جي هر تاريخي سماجي ۽ سياسي شڪست ۽ ناڪاميءَ جو اثر سنڌي عورتن تي پيو آهي. سنڌي مرداڻي سماج جي شڪست ۽ ناڪاميءَ سنڌي عورتن لاءِ هڪڙو عذاب ٿي ڪڙڪي آهي، جنهن ڪري سنڌ عورتن کي ڀوڳڻو پيو آهي، جيڪڏهن سنڌي مرد سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر ڪري سگهن ها يا هو جديد سنڌ جي ترقي ممڪن بڻائي سگهن هان ته شايد سنڌ جي عورت جي سماجي حالتون به سڌري پوي هان، پر سنڌي مرد هر دور ۾ سنڌ جي سياسي حوالي سان سنڌ جي حفاظت نه ڪري سگهيو، سنڌ جي سياسي حالتن کي مستحڪم نه بڻائي سگهيو، جنهن ڪري جيترا ڀيرا به سنڌ تي ڌارين ۽ حملي آورن سنڌ تي ڪاهو ڪيون اوترا ڀيرا سنڌ جي عورتن جون عظمتون پئمال ٿينديون رهيون ، انهن ڌارين ۽ حملي آورن جي قوتن هٿان سنڌ جي تاريخ ۾ اهو به واضح طرح سان اچي ٿو ته جڏهن سنڌ تي عربن حملا ڪيا ته سنڌ جي عورتن کي وڌيڪ سماجي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو هئو، سنڌي عورتن کي باندي بڻايو ويو، انهن عرب فوج جي لشڪر جي هٿان به سنڌي عورت جنسي ڏاڍاين ۽ بي حرمتين جو شڪار ٿيون. اهڙي طرح جڏهن جڏهن به سنڌ تي ڌارين قوتن حملا ڪيا تڏهن سنڌ جي عورتن کي مختلف سماجي ۽ معاشي ازيتن مان گذرڻو پيوخاص ڪري جڏهن سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن حملا ڪيا ته ويتر سنڌ جي عورت کي وڌيڪ عذاب ڀوڳڻا پيا، اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي مرد جي ناڪامي سبب ٿيندو رهيو . جيڪڏهن سنڌي مرد سنڌ تي انهن ڌارين حملا آور قوتن جي مزاحمت ڪري سنڌ جو تحفظ ڪري هان ته سنڌ جي عورتن کي اهڙيون مصيبتون نه ڏسڻيون پون هان
اهو ته صرف سنڌ جي مرداڻي تاريخي ناڪامي جي سبب ڪري سنڌ جي عورت جو سماجي زوال ۽ پسماندگي ٿيندي رهي آهي. ٻيو اهم سبب سنڌي عورت جي سماجي ۽ معاشي پسماندگي، جنهن ۾ خد سنڌي مرداڻو سماج عورتن لاءِ هڪڙي قسم جو جابراڻو سماجي ٺاهيو، جنهن ۾ عورت جو سماجي تقدس وڌيڪ پئمال ٿيندو رهيو آهي، آهستي آهستي جنهن ۾ سنڌي مرد خود هي ظلم جي شڪل بڻجي ٿو، انهيءَ پنهنجي سنڌي سماج جي عورتن کي اذيتون ڏيندو رهيو آهي، سنڌي مرد پنهنجي تاريخي ناڪاميءَ جو بدلو پنهنجي سنڌي عورت کان وٺندو رهيو آهي، پنهنجي گهر جي هر قسم جو بوجهه انهيءَ پنهنجي زال، ماءُ يا ڌيءَ تي وجهڻ شروع ڪيو آهي ته هوءَ هر قسم جي ذميواري کڻي ۽ هن جي گهر کي پورهيو ڪري هلائي، هاڻي ڀلا هوءَ پنهنجي گهر هلائڻ لاءِ ڪهڙي ڪهڙي قسم جون سماجي استحصالي قوتن مان نٿي گذري جو هوءَ گهر جي معيشت کي بهتر ڪرڻ يا ٻارن کي پالڻ لاءِ هن کي سخت پورهيو ڪرڻو پوي ٿو.
جڏهن وري سنڌي سماجي تاريخي حوالي سان مختلف سياسي، سماجي ۽ معاشي شڪلن مان گذري ٿو ته اوترو ئي سنڌي سماج ۾ بگڙيل سماجي شڪليون پيدا ٿينديون رهيون آهن، جنهن ۾ عورت ته ڇا پر سنڌ جي مجموعي انداز سان هڪڙي ظالمانا سماجي ۽ معاشي استحصالي قوتون پيدا ٿينديون رهيون آهن، جنهن ۾ سماج هڪڙي طبقاتي شڪل وٺي اوڀريو آهي، سنڌ جي ڪيتري ئي عرصي کان سياسي ناڪامي سبب سماجي سڌارا نه اچي سگهيا، جنهن ڪري سنڌ جي سماجي نفسيات به پسمانده ٿي وئي آهي ، جنهن ۾ مرد جي سماجي حيثيت وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿي ۽ عورت جي سماجي حيثيت بلڪل ئي زيرو وڃي بيهي ٿي، اهڙي سماجي اڻ برابري جو اثر به سنڌي عورت تي وڌيڪ اثر ڇڏي رهيو آهي. سنڌي سماج هڪڙي جاگيرداڻي اثر هيٺ رهڻ ڪري به سنڌ جي عورت جي سماجي ۽ معاشي حالت نه بدلجي سگهي آهي، جاگيرداراڻو سماج به هڪ نيم غلاماڻا روايتون رکندڙ سماج ٿئي ٿو، جنهن ۾ وڏي اڪثريت ماڻهن جي انهيءَ جاگيرداراڻي اثر ۾ رهي ٿي، جنهن ڪري سماج ۾ ماڻهن جي سماجي آزادي نه هجڻ جي برابر هجي ٿي ۽ سماج ۾ مڪمل ڪنٽرول انهيءَ جاگيردار جو ٿئي ٿو، جنهن ۾ عام ماڻهو پنهنجي خيالن ۽ سماجي فيصلن ۾ آزاد نٿو رهي، تنهن ڪري عورت انهيءَ ماحول ۾ يا جاگيرداڻه سماج ۾ هڪڙي بغير خواهش ۽ بنا ساهه کڻڻ واري جنس سمجهي وڃي ٿي، جنهن کي ڪنهن به قسم جي سماجي آزادي نه مليل هوندي آهي، عورتن کي ته هوءَ انهيءَ سماجي ڍانچي ۾ پنهنجو ڪرادار ادا ڪري سگهي يا هوءَ پنهنجي سماجي حقن جي گهر ڪري سگهي، انهيءَ سبب ڪري به سنڌي عورت سماجي ۽ معاشي پٺتي پيل حالتن ۾ رهي ٿي ۽ هوءَ صرف بنا معاوضي وٺندڙ فرد ٿي رهندي آهي، جنهن کان هر مرد جنسي لذت کان ويندي جسماني پورهئي تائين ڪم وٺندو آهي ۽ اهڙي جاگيردار ماحول ۽ سماج ۾ عورت جي سماجي آزادي بلڪل نه هوندي آهي.
اهڙي طرح جڏهن سنڌي سماج مجموعي طرح سان پوئتي پيل آهي ۽ هر سماج جو امتيازي سلوڪ روان هجي، جنهن ۾ مرد جي معاشي حالتون خراب هجن هڪڙي ڊگهي عرصي کان سنڌي سماج ۾ ڪا بهتري نه آئي هجي، انهيءَ سنڌي سماج ۾ سنڌي عورت جون سماجي حالتون ڪيتريون خوفناڪ هونديون! جنهن ۾ هر قسم جون استحصالي قوتون رهنديون هجن ۽ سنڌ سماج هڪڙي پراڻي قسم جي ريتن ۽ رسمن تي هلايو ويندو هجي، انهيءَ ۾ عورت جي حقن جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جو سنڌي عورت ڪو سک جو ساهه کڻي ۽ هوءَ سماج ۾ پنهنجي برابريءَ جي ڳالهه ڪري سگهي، سنڌي عورت کي سماج ۾ برابر جي حيثيت وٺي ڏيڻ يا ان کي سماجي استحصالي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ جيستائين مجموعي سنڌ جون سياسي ۽ سماجي معاشي حالتون بهتر نه ٿينديون تيستائين سنڌ جي عورت جي سماجي حالتن جي بهتري جي اميد ڪرڻ ئي هڪ خواب جي برابر هوندو.