ڪالم / مضمون

سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

شهبان سهتو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس لکڻين جو محور ۽ مرڪز ”سنڌ“ آهي. سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلا هُجن يا وري سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ جا رنگ، اِهي سڀ موضوع شهبان سهتي جي قلم هيٺ اچي تاريخ جو حصو بڻجن ٿا. شهبان سهتو هڪ شعور وند ليکڪ آهي، ڌرتي ۽ ديسَ جي مڙني معاملن سان سندس ڪمٽمينٽ، سندس لکڻين مان جھلڪا ڏيندي رهي ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 4651
  • 861
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شهبان سهتو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور

سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جي سياسي جدوجهد

سنڌ جي سياست برصغير ۾ پنهنجي جداگانه تاريخي حيثيت رکندي آئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي تشخص، تمندن، ٻولي، ثقافت، خدمختياري يا اقتداراعلي جو سوال اهم رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن تڏهن به مزاحمت ڪئي هئي جڏهن برطانيا سامراج 1843ع ۾ سنڌ جي مٿان ڪاهه ڪئي هئي، جڏهن وري ان برطانوي حڪومت زبردستي سان سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ کي ختم ڪري، سنڌ کي بمبئي سان ملائي ڇڏيو ۽ سنڌ جي خودمختياري بمبئي جي هيٺ آڻي ڇڏي هئي، انهيءَ برطانوي راڄ جي خلاف سنڌ جي تقريبن هر طبقي جي ماڻهن ان برطانوي فيصلي جي نه صرف مذمت ڪئي پر سنڌ جي عوامي قيادت ۽ سياسي اڳواڻن سئو سالن تائين سنڌ بمبئي کان الڳ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، جيڪا سئو سالن کانپوءِ وڃي سنڌ جي جداگانا ۽ خدمختياري کي انگريز سرڪار قبول ڪيو، سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر تاريخ ۾ 1936ع ۾ پنهنجي تاريخي حيثيت کي بحال ڪيو ويو.
سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ سياسي جدوجهد جو هي هڪ الڳ باب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي خدمختياري ختم ڪري بمبئي هيٺ سئو سالن تائين رهي، ان دوران سنڌ جي سياست کي سمجهڻ جي لاءِ سنڌي باشعور ماڻهن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته ان وقت ڪهڙيون سياسي ۽ سماجي جماعتون هيون، انهن پنهنجي ڪهڙي نقطه نظر جي سياست ڪئي پئي، انهن جماعتن ۾ اهڙيون به ڪي جماعتون ۽ ڌريون هيون، جنهن سنڌ جي سياسي خدمختياري تي سودو ڪري رهيون ۽ انهن کي پنهنجا انفرادي مفاد سنڌ جي خدمختياري ۽ آزاديءَ کان وڌيڪ پيارا هئا، انهيءَ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي سنڌ جي تاريخي خودمختياري واري حيثيت جي ڪا به پرواهه نه رهي هئي، انهن کي صرف انگريز سامراج جي خوشنودي حاصل ڪرڻي هئي ته جيئن اها سنڌ جي سياسي تاريخ سان غداري ڪري، سنڌ جي عوام کي غلامي هيٺ اڇلائي پنهنجي لاءِ جائدادون حاصل ڪيون، اهڙيون کوڙ ساريون شخصيتون هيون.
سنڌ جي سياست ۽ سماج جون انهن ۾ کوڙ سارا پير سيد، وڏيرا، تاجر، سياسي اڳواڻ، نام نهاد سماجي رهنما ۽ آفيسر شاهي جيڪي سنڌ تاريخ سان غداري ڪري رهيا هئا ۽ انگريز سامراج جي اشارن تي سياست ڪري رهيا هئا، اهو ئي هڪ سبب هئو جو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ جنهن جي ڪري سئو سالن تائين سنڌ پنهنجي تشخص وڃائي ويٺي هئي، 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي هئي ته ان جا ڪي ٻيا تاريخي سبب هئا، اسان جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي جدوجهد جي ڪري انگريز سامراج ڊڄي ڪو نه ويو هئو، سنڌي سياسي اڳواڻن جي مزاحمت کان ان وقت جڏهن برطانوي سامراج پهرين مهاڀاري جنگ ۽ ان کانپوءِ ٻي مهاڀاري جنگ هلي رهي هئي، جنهن نازي قوت انهن سڀني اتحادي قوتن جي سياسي ۽ معاشي تباهي ڪري ڇڏي هئي، برطانوي سامراج جنهن جو سب ڪجهه تباهه ٿي ويو، هر طرف هن جي معاشي تباهي ٿي رهي هئي ۽ برطانيا هاڻي ان قابل به نه رهيو هئو ته هو هاڻي دنيا ۾ وڌيڪ حڪومت ڪري سگهن، انهن سڀني مغربي يورپ جي سامراج ملڪ کي بچائڻ وارو آمريڪا هئو 1944ع ۾ اهو واضح ٿي ويو هئو ته هاڻي دنيا ۾ سامراجيت جو ڪم سرانجام آمريڪا ڏيندو ۽ برطانيا هاڻي پنهنجو ڪم مڪمل طرح ختم ڪري ۽ پنهنجي ملڪ اندر بگڙيل معاشي ۽ سماجي حالتن کي سنڀالي، اهڙي طرح جڏهن برطانيا سامراج جو مستقبل کي ٻي مهاڀاري جنگ دوران خطره وڌيا ته ان کانپوءِ برطانيا سرڪار هندستان جي مستقبل جا تڪڙا سياسي حل ڪڍيا. اهي سياسي اختلاف جنهن جو برطانيا سامراج پاڻ تخليقڪار هئو، ان ڏيڍ سئو سالن جي سامراجيت دور دوران، برطانيا ايترو ته هن بر صغير جي سياسي ۽ سماج کي ورهايو۽ ويڙهايو جو هن برصغير جي تاريخي حيثيت ئي وڃائي ڇڏي هئي، هاڻي ڀلا اهو ڪيئن ممڪن هئو جو، انهن ٿوري عرصي ۾ هندستان ۾ سياسي ۽ سماجي اختلافن جو حل ڪڍي سگهجي پيو.
سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ کي اهڙي طرح ان برطانوي سامراج بگاڙيو هئو، جنهن جو حل اهڙو ئي نڪتو جنهن جي ڪري سنڌ اڄ ڏينهن تائين وڃايل تاريخي حيثيت کي بحال نه ڪري سگهي، 1843ع کانپوءِ سنڌ جي اندر ترقياتي حوالي سان کوڙ ساري تبديلي آئي، ان انگريز سامراج سنڌ جي اندر نالي ماتر جديد ترقي وٺرائي ، جنهن ۾ سنڌ جي زرعي اصلاحات ۽ مواصلاتي نظام کي جديد ڪيو، انتظامياتي حوالي سان نواڻ آئي، ڪراچي بندرگاهه جي ترقي ٿي، جنهن جي ڪري سنڌ جي معاشي حوالي سان تيزي آئي، ان کان علاوه پوليس ۽ قانونن جي حوالي سان سنڌ هڪ نئين سياسي، سماجي ۽ معاشي دور ۾ داخل ٿي هئي، ان کان علاوه هندستان جي اندر انگريز سامراج جي سياسي ۽ سماجي فيصلن جي ڪري سنڌ کي ترقي کان به وڌيڪ تاريخي نقصانات کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جو ازالو اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌي عوام نه ڪري سگهيو آهي، جنهن ۾ هڪ تاريخي حوالي سان سنڌ جي تاريخي حيثيت کي انگريز سامراج هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ کي سئو سالن تائين بمبئي جي انتظاميه هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن ڪري سنڌ کي تمام وڏو تاريخي معاشي ۽ سياسي نقصان ٿيو ۽ سنڌ جي سياست ۽ معيشت جا سمورا فيصلا بمبئي انتظاميه ڪرڻ لڳي هئي ۽ ان ۾ سنڌ جي ڪا نمائندگي نه هئي ته ڇا سنڌ ۽ سنڌي عوام سماج لاءِ بهتر آهي يا خراب، ٻيو وڏو منفي اثر سنڌ جي سماج ۽ معيشت تي اهو پيو ته انگريز سرڪار سنڌ جي ايريگيشن جي نظام کي تبديل ڪيو، انهيءَ ۾ به سنڌ ۽ سنڌي سماج جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو، هڪ ته زرعي سڌارن ۾ سنڌي عوام جي خواهش ۽ مفادن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، سنڌ ۾ جاگيرون مخصوص ماڻهن ۽ قبيلن ۽ سردارن کي ڏنيون ويون، جاگيرداري کي سنڌ جي اندر وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو، سنڌ جي اندر جنهن قبيلي ۽ سردار کي هزارين ايڪڙ زمينون آهن، اهي گهڻيون تڻيون انهن کي اهي جاگيرون انهن سردارن ۽ قبيلي جي وڏيرن کي انگريز سرڪار انهن سياسي ۽ سماجي وفاداري جي ڪري ڏنيون، جنهن سنڌ ۽ سنڌي عوام جي غداري ڪرڻ جي بدلي ۾ ڏنيو ويون، ٻيو وري جڏهن سنڌ جي آبپاشي نظام کي سڌاريو ويو، خاص ڪري ويهين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن سکر بيراج جي تعمير ۽ واهه ڪئنال نڪتا، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون نڪتيون، انهن زمينن تي انگريز سرڪار غير سنڌي ماڻهن ۾ زمنيون ڏنيون، جنهن تي سنڌي عوام مزاحمت ڪئي، جنهن ۾ هيمون ڪالاڻي اهم سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخي مزاحمت جو سورمو آهي، جنهن ان وقت سکر بيراج ٺهڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هن اهو خدشو ڏيکاريو هئو ته سکر بيراج ٺهڻ سان سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏنيون وينديون، جنهن جو خدشو اڳتي هلي ڪري سچ ثابت ٿيو ۽ سنڌ جي زمينن جي نيلامي ٿي، ان وقت سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏنيون ويون، جنهن جا اثرات اڄ به سنڌ جي سياست، معيشت ۽ سماج تي هلندڙ آهن،
اهڙي طرح ٻيا کوڙ سارا انگريز سرڪار جي سياسي ۽ سماجي فيصلن سنڌ جي تاريخ تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن، جنهن جو اڄ به سنڌي عوام انهن فيصلن ڪري پنهنجي سياسي، سماجي ۽ معاشي بدحالي کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ جي سياست شروع کان وٺي ڪمزور رهي آهي، جنهن سنڌ جي ۽ سنڌي عوام جي مفادن جو تحفظ نه ڪري سگهي آهي، سنڌ جي سياست شروع کان وٺي انهن جاگيردارن ۽ پيرن، سردارن جي هيٺ رهي آهي، ان طبقي وري سنڌ جي سياست صرف پنهنجي طبقاتي مفادن تحت ڪئي پئي ۽ سنڌ جو پورهيت ۽ هاري طبقي جي ڪڏهن نمائندگي نه پئي ڪئي ۽ جڏهن ته انگريز سرڪار اهڙا سياسي ۽ معاشي فيصلا ڪيا، سنڌ اندر ان طبقي رڳو پنهنجي طبقاتي مفادن جو تحفظ ڪيو، باقي سنڌي عام عوام جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ انهن کي ڪا به سڌ ڪا نه رهي، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جيڪا سئو سال کن هلي ان تحريڪ دوران ان جاگيردار ۽ مفاد پرست طبقي سنڌ جي عوام جي سياسي جدوجهد تي به سودا ڪيا ۽ پنهنجو مراعتون وصول ڪندا رهيا، ان تحريڪ ۽ عوامي مزاحمت جي جيڪڏهن ان وقت سنڌي عوام جي مزاحمت جي قيادت ان سنڌ جي مفاد پرست ۽ جاگيردار طبقي هيٺ نه هجي هان ته شايد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي 70 سال اڳ ٿي وڃي هان ۽ 1936ع نه ٿئي هان، نه وري سنڌ کي ان وقت جي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جهڙين پارٽين جي هٿان بليڪ ميل ٿين هان، سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حيثيت مختلف هجي هان.