سنڌي سماج ۽ ڪمزور سول سوسائٽي
مغرب جو سماج جنهن صرف ٻه هزار کن سال اڳ اهڙي سماج جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن ڪاميابي 18 هين ۽ 19 هين صديءَ کانپوءِ ٿي، جڏهن ته سنڌ جي تهذيب اعليٰ سماج جي جوڙجڪ 5000 هزار سال اڳ ڪري چڪي هئي، جنهن کي پوءِ انهن وچ ايشيا، ويسٽ ايشيائي جي باربرڪ قبيلي ۽ حملي آورن هزارن سالن تائين حملا ڪري هن کي سنڌ جي تهذيبي تاريخ کي اجاڙي ڇڏيو، جنهن ۾ توهان اسان کي موجوده سنڌ تباهه ۽ برباد سنڌ ملي ٿي، هن وقت سول سوسائٽي جو تصور مغربي سماج جو ٻڌايو وڃي ٿو، انهيءَ ۾ به ڪي ٻه رايا نه آهن ته هن وقت پوري دنيا ۾ قومي سماجن ۽ ملڪن ۾ يورپي طرز عمل جا سڀ ادارا آهن، جيڪي رياست کان وٺي سياسي، معاشي ۽ سماجي سڀني ادارن جا ماڊل يورپ کان ورتا ويا آهن، يورپ ئي هن وقت اسان جي ملڪن جي جديد ادارن جي شروعات ڪئي، هاڻي هڪ ٻيو سوال آهي ته انهن يورپي ۽ مغربي ادارن اسان جي سماج کي ترقي وٺرائي يا اسان کي ڌڪي پوئتي ڪيو، هن وقت انهن سڀني سياسي ۽ معاشي نظرين سميت سول سوسائٽي به يورپي تاريخ جو نظريو آهي، انهيءَ جو اهو هرگز مطلب ڪونهي ته هن يورپي سول سوسائٽي جي نظرئي کانسواءِ، اسان جي سماج ۾ ڪو سول سوسائٽي جو نظريو موجود ڪو نه هئو، هي يورپي سول سوسائٽي اسان جهڙي سماج ۾ هڪڙي اڄڪلهه جي ڳالهه آهي، يعني مڪمل طرح سان سول سوسائٽي جو تصور بر صغير ۾ آهي، جنهن کي مقبوليت به سرد جنگ (Cold war) کانپوءِ ملي آهي، اڄڪلهه ته سنڌ ۾ سول سوسائٽي جي لفظ جو استعمال عام جام ٿي رهيو آهي پر سول سوسائٽي جي تصور کان واقف تمام گهٽ ماڻهو آهن، اسان جي سنڌ ۾ جنهن تصور کي سمجهڻ لاءِ مان مٿي ان جي تاريخ ارتقائي تصفيل سان بحث ڪري چڪو آهيان ته سول سوسائٽي آهي ڇا ۽ ان جا ڪهڙا تصور رهيا آهن، وقت به وقت ۽ هي اسان وٽ ڪهڙي شڪل ۾ پهتي آهي؟
مان هت اها ڳالهه ڪندس ته سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن مطابق هن سنڌي سماج ۾ سول سوسائٽي موجود رهندي آئي آهي، اهو تصور هن سماج ۾ ڪو نئون نه آهي، صرف اهو فرق آهي ته اصطلاح نئون ڏنو ويو آهي ۽ اسان ڪجهه اصطلاح جي ڪري منجهيل (Confuse) آهيون ۽ وري ڪجهه سماج ۾ نون ادارن جي جوڙڻ جي ڪري به اسان منجهي پياسين ته انهن ادارن جي مطابق سماج کي ڪيئن ٺاهيون، سول سوسائٽي سنڌ جي اندر هن بيٺڪيت جي زماني کان اڳ جي آهي پر اها کلي ڪري سامهون تڏهن آئي آهي جڏهن سماج ۾ نوان قانون ٺهيا ۽ رياست جي نئين سر تشڪل ٿي، ان رياست وري نوان قانون ۽ ادارا ٺاهيا، جڏهن ته وري بيٺڪيت کان اڳ جي دور ۾ ڳوٺن جي اندر پنهنجين پنهنجين ذاتين جي بيادن تي پنچائت به هوندي هئي، ان پنچائت مطابق هڪڙي قسم جي سماجي نظام هلندو هئو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جي اندر ويهي پنهنجي سماجي مسئلن جا حل گڏجي مشاورت سان ڪندا هئا، جڏهن کان وري رياست ٺهي شيون بدليو انهن پراڻن ادارن جي جڳهه ڪجهه رياست جي نون ادارن ورتي ۽ باقاعدگي سان انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ڪچهريون ٺهيون، پوليس جو نظام آندو ويو، ماڻهن پنهنجي حوالي سان پنهنجا نمائندا اسيمبلين ۽ پارلياميٽ ۾ موڪليا ۽ لوڪل گورنمينٽ جو قانون جوڙيو ويو ته جيئن عام شهرين جي معياري زندگي کي بهتر بنائڻ لاءِ انهن ادارن جي طرفان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ويو، اهڙي طرح شهرين جي ڀلائي بهبود لاءِ سڄو ذمو ان رياست ۽ ان جي ادارن تي وڃي پيو، جڏهن انهن ادارن ۽ رياستي وهنوار هلائڻ لاءِ مخصوص ڌرين ۽ گروهن پنهنجون ذميواريون صحيح طرح نڀائڻ ڇڏي ڏنيون، انهن ادارن ۾ ڪرپشن ۽ ذاتي اڪربا پروريون شروع ڪيون ته انهيءَ نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ غير جانبدار قوت جيڪي سماج جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ پئي چاهيو ته اهي سماجي ادارن کي پنهنجو ڪم غير جانبدار بنائڻ گهرجي ۽ عام شهرين کي صحت کان وٺي تعليم ۽ روزگار تائين سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن عام شهرين جي معياري زندگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي، اهڙي طرح سماج ۾ ڪجهه قوتون جڙن ٿيون، جيڪي ڪجهه فلاحي ڪم ڪرڻ لاءِ غير منافعائي ۽ آزاد تنظيمون ٺاهي سماجي ڪمن ڪارن ۾ حصو وٺن ۽ ساڳئي وقت اهي رياست جي ادارن ۽ ان ۾ ويٺل يا ڪم ڪندڙ ماڻهن کان اها گهر ڪن ٿيون ته اهي عام شهرين جي سهولتن لاءِ ڪم ڪن، اهڙي طرح رياست ۽ ان جي ادارن جي عام سماج جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافن کي دور ڪن ٿيون ۽ انهن رياستي ادارن کي عوام ۽ سماجي ترقي ۾ ڪوششون وٺرائن ٿيون.
سنڌي سماج جي تاريخ ۾ به اهڙا کوڙ سارا ڪردار ۽ شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن نه صرف سماجي فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ انهن لاتعداد عوامي ۽ سماجي ڀلائي جو ڪم ڪيو، انهن شخصيتن سنڌي سماج جي فلاح لاءِ روڊ رستا، پاڻي جي فراهمي، اسپتالون ۽ اسڪول ٺهرايا ته جيئن عام سنڌي سماج جو ماڻهو انهن مان فائدو وٺي ۽ ان جي معياري زندگيءَ ۾ بهتري اچي سگهي، جهنن کي اسين انگريزي ۾ فلنٿر وفسٽ (Philinthorfist) چئون ٿا، سنڌي سماج ۾ اهڙن ماڻهن جي تمام گهڻائي هئي ۽ ان وقت سماج جي ترقي به ٿي رهي هئي، انهيءَ ۾ مسلمان به هئا، جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي جهڙا ماڻهو جيڪي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا.
جڏهن پاڪستان ۽ هندستان ٻه الڳ ملڪ ٺهيا ۽ سنڌ پاڪستان جو حصو بڻي ۽ سنڌ جا اهي سول سوسائٽي ٺاهڻ وارا ماڻهو سنڌ مان نڪري ويا ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي جو خواب اڌورو رهجي ويو ۽ سنڌ ۾ اها سول سوسائٽي اڳتي هلي ڪري ڪمزور ٿي وئي ۽ پاڪستان رياست وارا ادار ٺاهيا ويا ۽ نوان قانون متعارف ٿيا، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جي نمائندگي ڪمزور ٿي ۽ انهن ادارن سنڌي سماج جي ترقي کي پابند نه بڻائي سگهيا، جو هو ادارا عام شهرين کي روزمرهه جي بنيادي سهولتون فراهم ڪن، اهڙي طرح پاڪستان جي رياست ۾ هڪ جمهوريت به نه وڌي سگهي ۽ جمهوري قوتون به ڪمزور ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي سماج ۾ رهيون سهيون سهولتون به ختم ٿي ويون ۽ ادارن جو حال زوال پزير ٿي ويو،
سنڌ جي اندر اڄ به بدقسمتي سان وڏيرا شاهي ۽ عوام وڏيرن ۽ پيرن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي اثر هيٺ رهندو اچي ٿو، سنڌ جي اندر لوڪل گورنمينٽ نظام به نه آندو ويو، جنهن جي ڪري عام سنڌي پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪرڻ جي لائق ٿي نه سگهيو آهي. هن وقت سنڌ جو عوام هن پاڪستان رياست جي ٺهيل ادارن کي پنهنجي سنڌي عوام عام بهتري بلڪل نه بڻائي سگهيو آهي، انهن ادارن جي هن وقت جيتري بي رحمي سان سڀني ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي، اهڙو تاريخ ۾ شايد ڪڏهن به نه ٿيو آهي، سنڌ جي ادارن ۾ جيتري نااهلي ٿي رهي آهي يا هي سنڌي سماج جي ڀينگ ڪري رهيا آهن، اهڙي ڪڏهن به نه ٿي آهي، عام ماڻهن کي هن جديد دور ۾ نه روڊ آهي نه ڪي اسڪول ۽ نه وري صحت جو خاطر خواه بندوست، اڪثر سنڌي ڳوٺن کي اڄ به پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿيل نه آهي، ان لاءِ سنڌ جي سول سوسائٽي مڪمل طرح لاپرواهه بڻيل آهي، جنهن کي تمام گهڻو اثرائتو ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، سنڌي ماڻهن کي بنيادي سهولتون وٺي ڏيڻ ۾ هن وقت اهو افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙي مڪمل طرح هن پنهنجي سوڪ سينس (Civic sens) وڃائي ويٺو آهي، ائين لڳندو آهي،ته جيئن لاتعداد سماجي برايون، ڏوهه، قبيلائي ۽ برادري جهيڙا، ذاتي نفرتون ۽ ساڙ، سماجي منفي رويا، ماڻهن جون غلط روشون هڪ ٻئي لاءِ کڏو کوٽڻ ۽ ٻئي تباهه ڏسڻ منفي انفرادي سوچ، ذميوارين کان لاپرواهي، غير سماجي سوچ، هڪٻئي کي ڦرڻ، ڪو ڪنهن لاءِ چڱائي جو احساس نه رکڻ وغيره، سنڌي سماج ۾ موجوده لقاءُ آهي، هڪڙي سنڌي سوسائٽي اهڙي لاجواب هئي، جنهن ۾ سماجي تعاون گڏيل احساس هئو، ڳوٺ ۾ يا پاڙي ۾ ڪو غريب هئو ته ان کي هر وقت مدد ڪئي ويندي هئي، ان کي سماج ۾ گڏ کڻي هلبو هئو، هر مسئلي ۾ انهن غريبن جي مدد ڪئي ويندي هئي، رستن تي مسافر گهر ٺاهرايا ويندا هئا، رستن تي وڻ لڳرايا ويندا هئا ته ڪو مسافر سفر ڪندي انهيءَ وڻ جي ڇانو گهڙي کن لاءِ ويهي ٿڪ ڀڃي، رستن تي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ڪئي ويندي هئي، ڪو پڄندي وارو هوندو هئو ته هو هر وقت غريب جي مدد ڪندو هئو، ڳوٺ سطح تي گڏجي ترقي لاءِ ڪوشش ورتي ويندي هئي، اوکي ويل ڪنهن وس واري ڏي هلي ويندو هئو ته ان جي وس آهر مدد ڪئي ويندي هئي. مطلب ته اهڙي سنڌي شهرين جو ڀائيچاري وارو سماج جوڙيل هئو، هاڻي جو هر ڳوٺ ۾ ٽيهن گهرن تي 40 ۽ 50 ٺگ ملندا، هر وقت ڦر ڦران لڳي پئي آهي، ڳوٺن جي رستن تي رڳو رڄ نظر ايندي، ڪو وڻ توهان اسان کي رستي تي ئي نه ملندو، جو ڪو تتي ڌاري ڪو ويهي ٿڪ پٽي، جيڪڏهن ڪو اوپرو ماڻهو ڳوٺ ۾ لهي آيو ته اوطاق ۾ ان کي ڪير نه ملندو، جيڪڏهن ملندو سکڻي پاڻي پيارڻ جي به صلاح نه ڪئي ويندي، ان کي ڳوٺ ۾ رهندڙ لاءِ ڪو به بهتر سهولتون نه نظر اينديون، گهٽيون سوڙهيون، بدبودار پاڻي جا کڏا رڳو گند ڀريل نظر ايندو، اسڪول هوندو ته ان ۾ ڪو ماستر ڳوٺ جو هوندو، اسڪول ۾ ٻار پڙهائڻ لاءِ تيار نه هوندو، ڳوٺ وارا اسڪول جا پکا لاهي ۽ دريون در ڀڃي ڪڍي ويل نظر ايندا، وري ڪنهن کي اهو احساس نه هوندو ته ڳوٺ ۾ ٻار سڀ اڻ پڙهيل ۽ پيري اگهاڙا آهن ۽ عمر جي حساب سان هو انهن ڳوٺن جي سماجي براين جي ور چڙهندي نظر اچن ٿا، انهن ڳوٺ وارن کي اهو به بلڪل احساس نه هوندو جو انهن مسئلا کي گڏجي حل ڪڍجي، مطلب گڏيل سوچ جي سنڌي سماج ۾ مڪمل تباهي هوندي آهي، جيڪڏهن ان پوئتي پيل ڳوٺ جو ڪو سنڌي ماڻهون يا فرد پڙهي اڳتي نڪري به آيو ۽ سٺي نوڪري به ورتائين ته به هن ماڻهن کي ان پنهنجي ڳوٺ لاءِ ڪا به اهڙي سوچ نه نظر ايندي جو هن پنهنجي ڳوٺ لاءِ ڪي بهتر اپاءِ وٺي، هن کي به رڳو پنهنجي ذاتي ترقي جي سوچ حاوي هوندي آهي، جيڪڏهن ائين رهيو ته پوءِ هڙ ختم ٿي ويندو، آخرڪار موجوده سنڌي جي اهڙين سماجي براين ۽ پوئتي پيل سماج جي روين جو ڪهڙي طرح مقابلو ڪري سگهجي ٿو، هن سنڌ جي باشعور يا جيڪي ڪجهه ماڻهو يا فرد سنڌ جي بهتري لاءِ لوچن ٿا، انهن کي انهن سڀني منفي سوچن، ڌرين ۽ سماجي روين جي خلاف ڪم ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي مان مجهان ٿو ته سماج ۾ ڪو بدلاءِ اچي، اهي سڀ سنڌ جي سول سوسائٽي لاءِ پهاڙ جيڏيون رڪاوٽون آهن، سنڌي معاشري کي بهتر بڻائڻ ۽ سنڌي سماج جي ماڻهن کي بهتر زندگي مهيا ڪري ڏيڻ.