سول سوسائٽيءَ جو تصور ۽ ان جو تاريخي پسمنظر
انساني معاشري ۾ هڪ فرد کي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي سماج ۾ هزارين تاريخي دليل ڏيڻا پيا آهن، انهيءَ وقت جي ڏاهن ۽ فلسفي ماڻهن کي جڏهن وقت جي ڏاهي سڪرات گريڪ جي ماڻهن جي آزاد زندگي گذارڻ جو فلسفو عام ڪيو ته گريڪ جي ان وقت جي قابض حڪومت کي ڄڻ ڌچڪو رسيو هئو، هي ماڻهون وري ڪهڙيون بغاوت جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ شهرين ۽ غلامن کي آزاديءَ جو خواب ڏئي رهيو آهي، سڪرات جون ڳالهيون گريڪ جي عام ماڻهن لاءِ انوکيون هيون، سڪرات کي ٻڌي عام ماڻهون حيرت کائيندا هئا ته اهو به ڪڏهن سچ ٿي سگهي ٿو ڇا ڀلا ته اسان غلامي ختم ڪري پنهنجي مرضي سان جيئون ۽ سوچون، سڪرات جي انهن ڳالهين ان وقت گهڻيون ڪي تبديليون نه آنديون پر هن جي اها ڪاميابي هئي ته هن گريڪ جي ماڻهن کي آزاديءَ جي سوچ کي جنم ڏنو، جيڪا اڳ ۾ موجود نه هئي، ان سڪرات جي سوچ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ان وقت جي بادشاهن ۽ حڪمرانن کي رد عمل لاءِ مجبور ڪيو ۽ ماڻهن ۾ بغاوت جو ٻج پوکيو، سڪرات جو صرف هڪڙو ئي عزم خيال هئو ته سماج جا مسئلا ۽ تضادات جو حل ماڻهن جي بحث مباحثي سان حل ڪري سگهجن ٿا پيا، جهن لاءِ ماڻهن کي سماج ۾ ڳالهائڻ جي اجازت هجي.
انساني سماج جي تاريخ ۾ اهڙا کوڙ سارا قصا موجود رهيا آهن، جيڪي اڄ تائين جاري آهن. ڇاڪاڻ ته اڄ به مختلف سماجن جي اندر ماڻهن کي اها قدرتي مليل آزاديءَ مهيا نه ٿي سگهي آهي، جيڪا هن جي هڪ فطري حق رهي آهي، اڄ به انساني سماج ۾ ماڻهن جي آزادي جي بنيادي حقن کان جنهن قوت پري رکيو آهي، اها آهي هڪ Authority، اهي پنهنجون شڪليون مٽائيندي پئي اچي، جنهن کي اڄ اسين نام نهاد جمهوريت ۽ رياست سڏيون ٿا ۽ وري ان رياست تي قبضو ڄمائيندڙ استحصالي گروهه جيڪو رياست جي ادارن تي قابض آهي. انهيءَ لاءِ بالادستي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڌريون ۽ گروهه سماج ۾اڀريا، جنيهن معاشري ۾ رهندڙ فردن جي آزاديءَ ۽ شهري ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن ته هڪ اهڙو معاشرو ٺاهجي، جنهن ۾ برابري هجي ۽ هر قسم جي سماجي تفريقن کي ختم ڪجي، انهن گروهن ۾ هڪڙي اهڙي تحريڪ به رهي آهي، جنهن کي اڄڪلهه جي سياسي ٻولي (Civil Sociaty) سڏيون ٿا، سنڌ ۾ ان جي معنيٰ ٿيندي (شهري سماج) بلڪ هن وقت سول سوسائٽي جو اصطلاح طور مشهور آهي، هر سنڌي گهٽ پڙهيل به ان اصطلاح کان واقف آهي پر ان سول سوسائٽي جو جيڪو تصور آهي، جنهن جي ڪري مان مٿي سڪرات جي بابت ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ سول سوسائٽي جي اصطلاح کي سمجهڻ خاطر مون ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي سياسي، سماجي حالتن جو به ذڪر ڪيو ته پڙهندڙن کي انهيءَ جي پوري ڄاڻ ملي سگهي ته سماجن ۾ تضاد ۽ سماجي اڻ برابريون ۽ ادارن جون تفريقون ڪيئن موجود آهن، اسان جي ڀرپاسي جي ملڪن جون ته جيئن پنهنجي بحث کي مڪمل طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهون.
سڀ کان پهريون مان هت اهو ڄاڻائيندم ته سول سوسائٽي يورپ جي سماج ۽ تاريخ جو تصور ڪيو ٿو وڃين آهي، انهيءَ جي لغوي معني آهي ته سماج جي اهڙن غير حڪومتي گروهن ۽ جٿن جو ميڙاڪ جيڪي ڪنهن رياست ۽ سماج ۾ شهرين جي مفادن جي نمائندگي ڪن، جنهن ۾ هڪ گهر کان وٺي هڪ فرد جي ذاتي زندگي جي مفادن جي اهميت ۽ انهن جي آزاديءَ کي اجاگر ڪندا هجن، جيڪي حڪومت ۽ ڪاروباري معاملا الڳ هجن، هڪڙي صاحب فڪر، جنهن جو نالو آهي ايڊم ميچنڪ ( (Adim Michinkان جي خيال مطابق سول سوسائٽي جو تصور اهو آهي، شهرين جي قدرن تي ٻڌل سماج هجي، جنهن جي لاءِ ڪجهه اهڙيون غير سياسي ڌريون جنهن ۾ (Trade union NGOs) يا وري اهڙيون تنظيمون جيڪي سماجي ترقي وٺرائڻ لاءِ مختلف سماجي حوالي غير سرڪاري طور ڪم ڪنديون آهن ته عام شهرين کي بنيادي رياست جي اندرسهولتون ميسر ڪن ۽ انهن کي آئيني گهرجن ۽ حقن جي فراهمي هجي، انهيءَ سڀني حقن ۽ سهولتن جي لاءِ اهڙي قسم جا گروهه سرگرم ٿي ڪري حڪومت کان عمل ڪرائجي يا وري عام شهرين کي سماجي شعور ڏئي انهن کي همٿائجي ته هو حڪومت کان اهڙي قسم جي گهر ڪن ته جيئن هڪ اهڙو معاشور ٺاهي سگهجي، جنهن ۾ عام شهرين کي روزمرهه جون سهولتون ۽ بهتر زندگي مهيا ڪري سگهجي.
بنيادي حوالي سان سول سوسائٽي کي ٻن دورن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ اهو دور جنهن کي (premodern) سڏيو وڃي ٿو، جنهن جون پاڙون گريڪ ۽ پليٽو (Plato) جي (Classical Republican) کان وٺي روشن خيال جي دور، 16 هين صديءَ جي روشن خياليءَ جي تحريڪ (Entightement) تائين ڳنڍيل آهن، جنهن ۾ حقيقتن سول سوسائٽي هڪڙو سياسي تصور رهيو آهي، جنهن ۾ اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سماج ۾ ڪنهن اهڙي جهڳڙي ۽ تضادن کان بچايو وڃي، جنهن ۾ جاني مالي نقصان نه ٿئي بلڪ ڪنهن پرامن طريقي سان حڪومت سان ڳالهين ذريعي شهرين جي حقن جي حصول لاءِ ڪوشش وٺجي ۽ انهن قانون ۽ ضابطن کي سماج ۽ رياست ۾ نفاذ ڪرائجي، جهڙي طرف سڪرات جي (Dialectic) مطابق ته سماج جي جهيڙن ۽ جڳهڙن جو حل مذاڪرات ذريعي ڪڍيو وڃي ته جيئن سماج ۾ عام ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آڻي سگهجي ۽ حڪومت ۽ بالادست قوتن کان عام شهرين جي حقن جي يقين دلائي ڪرائي وڃي. افلاطون جي ريپبلڪ ۾ به اهڙي قسم جي سماج جي جوڙجڪ جون ڳالهيون دهرايون ويون آهن، جنهن ۾ معاشري جي ڀلائي ترقي ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري جي ارتقا، جنهن ۾ هڪ ڏاهو فلاسفر حڪمران هجي، رياست جو جيڪو عام شهرين جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضمانت ڏئي، افلاطون جو شاگرد ارسطو به انهيءَ استادن جي ڳالهه کي دهرايو هئو ته شهر ۾ هڪ اهڙي گڏيل حڪومت هجي، جيڪا گڏجي شهرين جي بهتر زندگي لاءِ ڪم ڪري.
سول سائٽي جي اهم تصور جنهن جي شروعات رومن جي دور ۾ سيسرو (Cicero) مفڪرکان ٿي، جيڪو لفظ رومن جي ٻولي (Sociaty Civilis) مان ورتو ويو، جنهن جو مطلب ته اهڙو سياسي بحث مباحثو جنهن هڪ سٺي سماج جي جوڙجڪ ۽ ان ۾ رهندڙ شهرين جو امن ڀائيچارو هجي، اهڙي طرح هڪ ڪلاسيڪل دور جي فلاسفرن هڪ رياست ۽ سماجي ڳانڍاپي جي تصور کي واضح نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت هڪ رياست جو تصور چٽي طرح موجود ڪو نه هئو، جنهن جي لاءِ هڪ بهتر معاشري جي ڳالهه اهم رهي آهي، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ گڏجي سڏجي هڪ بهتر معاشرو قائم ڪرڻ بجاءِ ان جو اڄ جي حڪومت ۽ رياست کان بهتر معاشري جي گهر ڪجي. جڏهن ته مڊل ايجز (Middle Ages) جي دور ۾ سول سوسائٽي تي وڌيڪ واضح طرح سان ڳالهايو ويو آهي، جڏهن جاگيرداري جو عروج ٿئي ٿو ۽ سماج ۾ لاتعداد اڻ برابريون ۽ جڳهڙا شروع ٿين ٿا، جنهن ۾ صرف جنگيون ئي جنگيون آهن، وڃي سجاڳي (Renaissance) جي وقت تائين، انهيءَ دور دوران سول سوسائٽي جو تصور مڪمل طرح اهميت وڃائي ويهي ٿو، ان وقت جي سياسي سماجي مباحثن ۾ جنگ هڪ اهم موضوع طور اڀري ٿي، ان وقت يورپ ۾ اهم ۽ تاريخي 30 سالا جنگ لڳي ٿي، جنهن کانپوءِ وري هڪ ويسٽ فيليا ٽريٽي (Treaty Westphalia) معاهدو ٿيو، جنهن وري واضح حوالي سان رياست ۽ ان جي خدمختياري جنم ورتو، انهيءَ معاهدي (Treaty of Westphalia) کانپوءِ رياست واضح حوالي سان اڀري سامهون آئي، پر انهن مغربي رياستن ۾ هڪڙي مضبوط (Absolute) حڪمراني کي هٿي ملي، جنهن رياست ۾ رهندڙن تي مڪمل قبضو انهيءَ بادشاهي سان گڏ هڪ مذهبي رياست ۾ رهندڙ عام شهرين کي پنهنجي بنيادي حقن کان وٺي سياسي ۽ معاشي حوالي سان به محروم ڪيو ويو، عام شهري کي ڪنهن به قسم جي آزادي ۽ بهتر زندگي لاءِ رياست ۽ بالادست قوتن وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو منصوبو ڪونه هئو، ان وقت جي يورپي معاشرو ۾ صرف ئي صرف معاشرتي استحصال ٿي رهيو هئو، انهيءَ مذهبي جاگيرداري ۽ بادشاهي گروهن کان جنهن جي نتيجي ۾ هيٺين طبقي جي سماجي ۽ معاشي حالت بدترين ٿي وئي، ها اهو دور يورپ جي وچ ارڙهين صديءَ جو دور هئو، جنهن ۾ روشن خيالي (Enlightment) جي تحريڪ شروع ٿي، ان روشن خيالي تحريڪ کان پهريون ان (Absolutist) طرح جي حڪمراني کي اعتراض جوڳو بڻايو ۽ يورپ جي سجاڳي جي دور ۾ ترقي ڪيل سوالن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو، جهڙو سائنسي انقلاب ۽ انسان دوست معاشري جي اهميت روشن خيالي دور جي فلاسفرن، ڏاهن زندگي ۽ انساني سماج جي اهم سوالن کي اڀاريو ته اهڙو ڪهڙو فطري قانون ۽ اخلاق آهي ته خانداني حڪومتون هجن؟ ڇو حڪومتون بدلجندڙ نه هجن؟ اهو ڪهڙو قانون آهي ته هڪڙي ئي معاشري ۾ ڪنهن مخصوص ماڻهو وٽ سڀ ڪجهه هجي ۽ باقي عام ماڻهن کي جيئڻ جو به حق مهيا نه هجي وغيره، اهڙن سڀني سوالن عام ماڻهن کي هڪڙي خيال تي وٺي آيا ته اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿي رهيو آهي، جو انهن طبقن جي ذهينت ڪري ۽ انهن جي سماجي ۽ سياسي اخلاقي ضابطن جي ڪري، جنهن جي پٺيان انهن جي سياسي اختيارات تي قبضو آهي ۽ انهن پنهنجي (Absolute) مضبوطيءَ جي حڪومت ٺاهي آهي، روشن خيالي تحريڪ جي فلاسفرن اهو عام ماڻهن کي سمجهايو ته اسان فطري طرح سان آزاد آهيون ۽ هن معروضي حالتن جڪڙي ڇڏيو آهي، اهڙي طرح هن مڪمل حڪمراني چرچ جي انساني ترقي جي دشمن آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سماجي رهندڙن جي اخلاقيات مجروح ڪري ڇڏي آهي، اهو سبب ڪجهه يورپ جو سماج ۾ انهيءَ ڪري ٿي رهيو هئو جو چرچ انهن ماڻهن کي اهو سمجهايو هئو ته اهي جيڪي حڪمران آهن، انهن کي خدائي حوالي سان حڪومت جو حق مليل آهي، انهن کي توهان عام ماڻهو نٿا هلائي سگهو، صرف توهان کي انهن جي حڪم جي تعمير ڪرڻي آهي. يورپ جي ٽيهن سالن جي جنگ کانپوءِ ان وقت جي سياسي فلاسفرن جي اها ڪوشش رهي هئي ته سماجي تعلقات کي نئين سر جوڙيو وڃي، جيڪي فطري قانونن کان مختلف هجن، جنهن ۾ ان وقت جي سياسي فلسفي جي ڪوشش سان هڪ نئون سماجي معاهدو ((Social contract لکيو ويو، جيڪو ان وقت جي برپاءِ ٿيل سماجي تعلقات جي خلاف ٺاهيو ويو، ان سماجي معاهدي Social contract)) سماجي تعلقات ۾ اهو ٻڌايو ويو ته انساني فطرت کي معروضي حالتن ۽ فطري قانونن مطابق ئي سمجهي سگهجي ٿو، اهڙي طرح فلسفي ٿامس هابس ان شيءِ جي تائيد ڪئي ته انساني ۽ رياست جي ٺاهيل مثبت قانونن مطابق هڪڙو سماج هجي, جنهن ۾ شيون طئي ٿيل هجن هڪ رياست ۽ ماڻهن جي وچ ۾، ان شيءِ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو ته هڪ طاقتور رياست ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ته هو شهرين جي بهتر زندگيءَ لاءِ امڪاني ڪوشش ڪندي، هابس مطابق ته انسان ذات فطرتن، پنهنجي ذاتي مفادن تحت هوندي آهي ۽ اهي هڪ ٻئي جا ذاتي مفاد مختلف فردن جي اختلافن جو سبب پڻ هوندا آهن، جنهن جو رياست سنڀال ڪندي، بهرحال رياست جي اداري کي به اهميت ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن رياستي ادارو نه هوندو ته سماج ۾ هڪ انارڪي جنم وٺندي، جيڪا سڀني شهرين ۽ ماڻهن کي نبيرڻ لاءِ رياست هجڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو، اهڙي طرح ان کانپوءِ فلاسفر جان لاڪ (John lock) جو الڳ الڳ اهڙو ئي خيال هئو ته انگلينڊ لاءِ جڏهن انگلينڊ جي سياسي حالتون بگڙيل هيون ۽ انگلينڊ جي اندر هڪ شاندار انقلاب (Glorious revolution) هلي رهيو هئو. جنهن ۾ بادشاهي کي خدائي حق حڪمران ۽ پوءِ برطانيا جي پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اتان جا ماڻهو وڙهي رهيا هئا، ان پوري برطانيا جي سياسي تضاد جان لاڪ جي خيالن تي گهرو اثر ڇڏيو پئي، جنهن لاءِ جان لاڪ هڪ نئين سماجي معاهدن جي ڳالهه ڪئي، جنهن ۾ هن اها ڳالهه ڪئي ته محدود رياست ۽ طاقتور سماج (Limited states power full society) جان لاڪ مطابق انساني سماج فطرتن هڪ غير امن (Unpeacful) حالتن ۾ رهندو آيو آهي، تنهن ڪري اهو ممڪن ڪو نه ٿيندو ته انسان ڪنهن بغير ڪنهن مخصوص اختيارات (Authority) واري نظام کان علاوه رهي سگهي، جنهن جي ڪري ڪو مخصوص نظام ۽ سسٽم جو هجڻ لازمي آهي، انهيءَ لاءِ جان لاڪ جي خيال موجب ماڻهن جو ڪو اهڙو جٿو يا گروپ اهڙو نظام هجي، جيڪو ان اختيارات ( (Authorityکي ان شيءِ لاءِ پابند ڪندي رهي ته عام شهرين جي زندگي جي بهبود لاءِ اهڙا قانون ٺاهي، جنهن ۾ روز مرهه جي زندگي جون سهولتون ۽ سٺي زندگي ان رياست ۾ رهندڙ شهرين کي ملي سگهن، جان لاڪ ڪنهن مخصوص نظرياتي ۽ سياسي ڌرين ۽ پارٽيز خلاف آهي ته اهي ڪي عام ماڻهن کي شهري حق وٺي ڏئي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اها سياسي ڌر ڪنهن به وقت ڪن مخصوص ماڻهن جي ور چڙهي سگهي ٿي پئي، جيڪا (Autocratic) سڏي وڃي ٿي، تنهن ڪري جان لاڪ ٻه معاهدا ڪرڻ لاءِ چيو حڪومت سان ڏي وٺ جي بنياد تي هڪڙو اهو ته ماڻهو پنهنجي گڏيل مرضي ڪنهن به رياست جي حوالي ڪن، جنهن کي (Common public Authority) ۽ پوءِ اها گڏيل اختيارات واري رياست يا حڪومت ان جي بدلي ان شيءِ جي ضمانت ڏئي ته هو معاشري ۽ سماج ۾ ٺاهيل قانونن جي پاسداري ڪري ۽ ان تي عمل ڪرائي ۽ اهڙي طرح رياست کي اهڙو ڪو به اختيار نه هوندو ته هو شهرين کي ڌمڪائي ۽ ڊيڄاري، ٻيو اهم معاهدو اهو هو ته رياست جا اختيارات محدود هوندا، جنهن ۾ ڪا زور زبردستي نه هلندي، رياست طرفان ۽ نه وري ان ۾ رهندڙ شهرين جي حقن کي ڪو ڇيهو رسندو، جيسيتائين جان لاڪ جو اهم توجهه اهو هو ته انسان ذات جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، جنهن زندگي آزاديءَ ۽ انهن جي ذاتي ملڪيتن جو انهيءَ طرح سان جان لاڪ ۽ هابس جو اهو اهم خيال هو ته هڪ اهڙو معاشرو تشڪيل ڏجي جنهن ۾ شهري ۽ رياست هڪ پرامن طريقي سان هلي سگهن، جنهن ۾ سول سوسائٽي اها ڪوشش ڪري ته معاشري ۾ رهندڙ شهرين جي زندگي کي بهتر بڻائي ته جيئن هڪ صحت مند سماج اڀري سگهي، جيڪا انساني فطري قانون موجب هجي، انهيءَ فلسفي هن کي انسان تاريخ ۽ فطري قانونن جي هڪ جامع حوالي سان خبر هئي ته انساني معاشرو فطري گهرجن موجب ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو پيو، جنهن لاءِ انهن اهي تاريخي سماجي معاهد ڪرايا ۽ ان وقت جي (Devine rule) خدائي حق حڪمراني کي ختم ڪرايو ۽ اهو ماڻهن جي لاءِ چيو ويو ته انسان پاڻ پنهنجو سياسي نظام ٺاهڻ جو قابل آهي، جيڪو هو چاهي.
هابس ۽ جان لاڪ جي انهن روشن خيالي جي مفڪرن ۽ فلسفين تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو، جنهن ۾ انهن پڻ اهو چيو ته ماڻهو خود پنهنجي قسمت جو مالڪ آهي، جنهن لاءِ جيڪو هو فيصلو ڪري انهيءَ لاءِ ڪنهن مخصوص قسم جي اهڙي اٿارٽي يا قوت (Absolute Authority) جي ضرورت ناهي، جيڪا عام ماڻهن جي قسمت جو يقين ڪري ۽ انهن تي قابض هجي، انهن روشن خيالي واري تحريڪ جا ٻه اهم فلسفي روسو ۽ اميونيل ڪانٽ جي خيال مطابق ته انسان ذات هميشه امن ۽ ڀائيچاري جا خواهشمند رهيا آهن، ۽ انساني تاريخ ۾ اهڙي مخصوص ۽ قابض (Absolute power) قوتن جي ڪري انساني تاريخ ۾ تضاد ۽ جنگيون رهيون آهن نه بلڪي عام ماڻهن جي ڪري انهيءَ لاءِ اميونل ڪاٽ جو اهو به خيال هئو ته سول سوسائٽي جو اهو رول ۽ ڪردار هوندو ته اها انهيءَ جو خيال ڪري ته ڪنهن ٺهيل رياست ۾ مليل اختيار واري ڌر کي اهو نه ٿيڻ ڏئي ته اها هڪ ظلم ۽ جبر انهن شهرين تي قائم ڪري، سول سوسائٽي جو تصور ان روشن خيالي جي دور ۽ فرانس جي انقلاب کانپوءِ کلي ڪري سامهون آيو، جڏهن انساني تاريخ جو رخ انهن انقلابن کانپوءِ مٽجي رهيو هئو، پراڻو معاشرو ۽ انهن جي قانون کي عام ماڻهن ۽ فلسفين ٺڪرائي ۽ مستقبل لاءِ نوان سماجي معاهدا ٿي رهيا هئا، نئون دور (Modern History) نئين انساني سماج جي ڏاهي ۽ فلسفي هيگل جيڪو جرمني جو هئو، هيگل جديد انساني تاريخ ۾ تمام وڏو فلسفي ڄاتو وڃي ٿو، جنهن سول سوسائٽي جي تصور کي بنهه نئون رخ ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن جي دور ۾ نئون سماج جڙي چڪو هئو، جيڪو هابس، جان لاڪ، ڪانٽ ۽ روسو جي نون سماجي معاهدن مطابق ۽ انهن نون معاهدن کانپوءِ انساني سماج هڪ مڪمل نئين شڪل وٺي چڪو هئو، جنهن جو شايد انهن کي گهٽ خبر هجي، انهيءَ جديد تاريخ ۽ دور جو هيگل هڪ اهم فلسفي طور اڀريو، جنهن انساني معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ نوان سماجي مسئلا پيدا ٿيا، تنهن ڪري ان جديد دور جي سول سوسائٽي جي اهميت به مٽي، جنهن ۾ هيگل سول سوسائٽي جي وصف به نئين ڏني، جنهن ۾ هن چيو ته سول سوسائٽي مارڪيٽ جي ضرورتن جو پورائو ڪن ٿيو ۽ رياست جي ادارن بالادستي کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ هڪ اهڙو معاشرو ٺاهن ٿيون، جنهن ۾ ماڻهن جي ضرورت جو پورائو ٿئي، هيگل جي خيال مطابق سول سوسائٽي جو ڪم آهي ته انهن ماڻهن کي آزاد معيشت سان جوڙن، جنهن ۾ انهن جو روز مرهه جي اندر معيشت ۽ صنعت جي ترقي ٿي سگهي، اهڙي طرح هيگل جو خيال سول سوسائٽي لاءِ اهو رهيو ته اهي سول سوسائٽي ۾ اڳتي هلي ڪري سرمائيداري سماج ٺاهي سگهن ۽ سرمائيداري جي معاشري ۾ ترقي ٿئي، ڇاڪاڻ ته هيگل جي جديد دور جي شروعات ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ سرمائيدار عام ماڻهن کي جاگيردار ۽ (Absolutation) جي حڪمراني کان آزاد ڪرائي رهي، فرانس جي انقلاب بعد جنهن ۾ ماڻهن چاهيو پئي ته شخصي آزادي ملي ۽ ذاتي ملڪيتن جي تصور کي يقيني بڻائجي، اڳتي هلي ڪري هيگل جي سول سائٽي جي لاءِ اهو خيال هئو ته سول سوسائٽي جو ڪم آهي ته اهي شهر جو سماج ٺاهن پر ان خيال سان گڏوگڏ هيگل اهو به ڄاتو پئي ته سول سوسائٽي هڪ تضادن کي جنم ڏيندي، معاشري ۾ سرمائيداري جي خلاف ڇاڪاڻ ته سرمائيداراڻا مفاد عام ماڻهن جي به خلاف ٿيندا، جنهن ۾ اڻ برابري ۽ ٻيون کوڙ ساريون پيچيدگيون سماج ۾ رونما ٿينديون،
جهڙوڪ، فطرتن جسماني ڪمزوريون، تعليم جي گهٽ وڌ هجڻ، ماڻهن جي صلاحيتن جي اڻ برابري هجڻ، اهڙيون کوڙ ساريون ڪمزوريون سول سوسائٽي کي تضادي بڻائينديون، سرمائيداراڻا سماج ۽ رياست جنهن ۾ پبلڪ کي اهو مشڪل ٿي ويندو ته اهي ڪنهن رياست ۾ اهڙن قانونن جي پاسداري ۽ رياست لاءِ الڳ الڳ سول ڪوڊ ٺاهڻ به هڪ اهم ۽ مشڪل ڪم ٿيو، جنهن لاءِ سول سائٽي جي ضرورت وڌيڪ اهم ٿيندي ته اهي آرستا ڪن رياستن کي ماڻهن جي مفادن لاءِ ۽ انهن جي بهتر زندگي کي يقيني بڻائي سگهجي.
هن جديد دور جو ٻيو اهم فلاسفر جنهن هيگل جي خيالن کان متاثر ٿيو ۽ هن به هيگل جي ڏنل سول سوسائٽي جي پوئيواري ڪئي، ان جو نالو هو ڪارل مارڪس جيڪو جديد تاريخ جو وڏو ۽ اهم سمجهدار هيو، هو به جرمنيءَ جو هئو ۽ هيگل جو همعصر سياسي ڄاڻو هئو، جنهن ڪميونزم جو خيال ڏنو، ڪارل مارڪس جي مطابق سول سوسائٽي هڪ بنيادي عنصر آهي، ڪنهن به سماج جو جنهن ۾ پيداواري قوتون سماجي تعلقات کي جنم ڏينديون، جنهن ۾ سماج جو اهم قوت سياست هوندي، جيڪا ڪنهن به رياستي سماج جي جوڙجڪ ڪندي، مارڪس، هيگل جي ان ڳالهه سان سهمت ۾ هئو، ته سول سوسائٽي جو تعلق هڪڙي سرمائيدار سان هوندو پر اها سول سوسائٽي آخرڪار نمائندگي ڪندي سرمائيدارن جي، اهڙي طرح رياست جو جيڪو هٿ ۾ هوندو ۽ ان بالادست طبقي جي مفادن لاءِ ئي ڪم ڪندي ۽ بلڪي ڪمزور ماڻهن جي جيڪي رياست ۾ رهن ٿا، ان رياست ۾ بالادستي به انهن سرمائيدار جي قائم ٿيندي ۽ اهي بالادست سرمائيدار ئي رياست کي هلائيندا، جنهن جي ڪري مارڪس رياست جي ڍانچي کي رد ڪري ڇڏيو هئو ته رياست به ڪا سماج ۾ ڪو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، رياست صرف ۽ صرف سرمائيدار مفادن جو تحفظ ڪندي ۽ رياست ئي هڪڙو اهڙو ذريعو هوندو، جنهن بنياد تي سرمائيدار ۽ بالادست قوتن ان کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ڪتب آڻيندا، جنهن ڪري مارڪس چيو هئو ته رياست جي ڊهڻ سان ئي مزدور طبقي جو مفاد آهي ۽ پوءِ ئي مزدور طبقي جي سماج تي جمهوري حڪمراني قائم ٿي سگهي ٿي، اهڙي طرح وري هڪ ٻيو اهم اٽلي جو سياسي مبثر جنهن جو نالو انٽينو گرامچي هئو، هن صاحب مفڪر جو خيال ڪجهه مارڪس جي ابتڙ ۽ تنقيدي هئو، ان جو اهو خيال هئو ته سول سوسائٽي بابت ضروري ناهي ته اها سماج ۾ صرف سياسي ۽ معاشي ڪردار ادا ڪري ٿي، گرامچي جي خيال موجب ته سول سوسائٽي ئي هڪ سياسي ڍانچي جي اهميت رکي ٿي ۽ سول سوسائٽي ئي هڪ اهڙي مشينري رکي آهي، جنهن جي بنياد تي سرمائيدار پنهنجي سامراجيت دنيا ۾ قائم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سول سوسائٽي هڪ مخصوص طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي، ان سان گڏوگڏ سول سوسائٽي ان سرمائيداري نظام جي لاءِ ثقافتي ۽ نظرياتي ضرورتن جو پوراءُ پڻ ڪندي آهي، ٻي اهم اها ڳالهه گرامچي جي ته سول سوسائٽي ان سرمائيدار نظام جا جيڪي مسئلا ٿين ٿا، انهن جو حل ڪڍي ٿي ته جيئن سرمائيداري کي بچائي سگهجي، جڏهن ته وري نئين کاٻي ڌر جي ماڻهن جو خيال آهي ته گرامچي جي اها هڪ محدود سوچ آهي، سول سوسائٽي بابت جڏهن ته شيون ائين نه آهن، سول سوسائٽي رياست ۽ عوام جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جو حل ڪڍي ٿي ۽ متبادل حل تلاش ڪري ٿي، ان کان علاوه نيو لبرل ڌڙي جي خيال مطابق سول سوسائٽي جو اهو ڪم آهي ته اها ڪميونسٽ ۽ غير جمهوري قوتن جي خلاف آهي ۽ انهن قوتن سان ماڻهن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري ٿي، اهڙي طرح سول سوسائٽي جو بحث ڏاڍو اهم رهيو آهي، انهيءَ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي وچ ۾.
ٻيو اهم دور سول سوسائٽي جي تاريخ ۾ جنهن کي پوسٽ ماڊرن هسٽري (Post modern history) سڏيو وڃي ٿو، ان دور جي شروعات 1980ع کان ٿئي ٿي، جڏهن سويت يونين بلاڪ موجود هئو ۽ ايسٽ يورپ (East Europe) جي ملڪ ۾ ان بلاڪ جي مخالفت ٿي رهي هئي، جڏهن مارڪسزم انهن ملڪن تي حاوي هيو يا وري ڪميونسٽ حڪومتون هيون گهڻي تڻي انهن ملڪن جي اندر،، هي دور تمام گهڻو اهم سمجهيو وڃي ٿو، سول سوسائٽي کي سمجهڻ لاءِ ان دور جي تحقيقي ڪم اهو ٻڌائي ٿو ته ڪميونسٽ ڌرين تمام وڏي پئماني تي اها پروپيگنڊا ڪئي ته اها هڪ ساڄي ڌر وارن جي خواهش آهي ته ايسٽ يورپ جي ملڪن کي کاٻي ڌر جي حڪمراني کي ڪمزور ڪجي ۽ انهن کي نئين سر سياسي سماجي ڍانچو ترتيب ڏجي، جنهن ۾ ماڻهو آزاد هجي، رياست هڪ فلاحي واري هجي، جنهن ۾ شهرين کي پنهنجي مرضي جي مطابق زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجي، جيڪو شايد ان وقت کاٻي ڌر جي حڪمراني هيٺ ڪو نه هئو، ان ڪميونسٽ دور جي اندر انهن ناڪام حڪمرانن ۽ بيوروٽڪ ( (Beauraticانداز حڪمراني سماج ۾ ماڻهن جي بهتر زندگي بڻائڻ ۾ ناڪام وئي پئي ۽ ماڻهن جي سياسي سماجي آزادي منجمند ڪئي وئي هئي، جنهن جي مغرب جي سرمائيدار ملڪن کي انهيءَ کي هڪ فلاحي رياست هجڻ جو خواب ڏيکاريو، جنهن ڪري انهن ملڪن ۾ سياسي ۽ سماجي ڏڦيڙ جنم ورتو، جيڪو اڳتي هلي ڪري ان ڪميونسٽ بلاڪ جو خاتمي ٿيو ۽ ايسٽ يورپ جي ملڪن کي ان بلاڪ مان سياسي آزادي ملي، انهيءَ خيال موجب ته اهڙن سماجن ۽ سياسي ڍانچن کي نئين سر جمهوري انداز سان جوڙجڪ Democratization)) ڪجي ۽ هڪ ويلفيئر welfare)) رياست ٺاهجي، جنهن جو خواب اڄ تائين انهن ۾ پورو نه ٿي سگهيو آهي، اڄ به انهن ملڪن ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي حوالي سان ڏيوالو نڪتل آهي، اهڙي طرح سول سوسائٽي انهن ملڪن جي ماڻهن سماجي ۽ معاشي حالت آزاد ته نه بڻائي سگهي آهي پر ان ملڪن جي اندر نيو لبرل (New libral) يعني سرمائيداراڻي نظام کي هٿ ملي آهي، جنهن مان کوڙ سارا ملڪ اهي يورپين يونين جا ميمبر ٿيا آهن، ان جي باوجود به ڪي سماجي حالتون بهتر ٿي نه سگهيو، آهن، بهرحال اهڙي طرح اهو سڄو سارو سول سوسائٽي جو اهم ڪردار هئو، انهن سڀني حالتن ۾ انهيءَ نئين دور جي سول سوسائٽي جو ڪجهه مفهوم ئي تبديل ٿيو آهي ته سول سوسائٽي هڪ نئون ۽ ٽيون نمبر ايجنٽ آهي، سماج جو هڪ پوليٽيڪل سوسائٽي کان هٽي ڪري ڇاڪاڻ ته هن سرمائيداري جي دور، جنهن ۾ IMF, World bank پوئتي پيل ملڪن کي قرضا ڏيندا رهيا آهن ۽ انهن قرضن ۽ انهن ادارن جي پاليسين جي ڪري پوئتي پيل ملڪن جي سماجي ۽ معاشي حالتون ڏاڍيون بگڙيون آهن، جنهن جي خلاف انهن سول سوسائٽيز جي ڌڙن انهن ادارن جي پاليسين جي خلاف احتجاج پڻ ڪنديون رهن ٿيون، ان کان علاوه هن گلوبلائيزيشن (Globlization) جي نتيجي ۾ لاتعداد مسئلا دنيا بهر ۾ اڀريا آهن، جن جي خلاف عالمي سطح تي ڪروڙين ماڻهو، انهن عالمي ادارن جي خلاف احتجاج ڪن ٿا ۽ انهن تي تنقيد پڻ ڪئي وڃي ٿي، اهڙي سول سوسائٽي جي رول کي ڏسي اهو چوڻ ته سول سوسائٽي ڪا مڪمل سرمائيدارن جي ايجنٽ آهي يا انهن جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿي، هن وقت هن سول سوسائٽيز کي ماڊرن دور ۾ (Third Sector) طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهو ته هن وقت سول سوسائٽي پنهنجو ڪردار هڪ (Neutral) غير جانبدارانه بڻائي سگهي آهي، ڪنهن به رياست يا سماج اندر.