عالمي معيشت جو عروج ۽ زوال
يقينن مغرب جا سڀ ئي ملڪ جيڪي صنعتي طاقتور آهن سي به پنهنجن شهرين کي ڪو رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وڃن ته پوءِ يقيين انهن ملڪن ۾ سياسي بحران جنم وٺندو، وٺي رهيو آهي ۽ پاڻ جنهن مغربي تهذيب ڳالهه ڪري رهيا آهيون اها يقينن پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، پنهنجي ارتقائي دور کان هن عروج ۽ ڪمال جي دور تائين ان جي هڪ جداگانه اهميت اهي پر جيڪڏهن ڪا تهذيب وڌي ويجهي به ٿي ته خصوصن انساني معاشري جي مادي ضرورت جي پورائي لاءِ پر جيڪڏهن اها تهذيب فرد جي مادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته ان تهذيب جي سڃاڻپ ظالماڻه ٿيندي آهي ۽ اها گهڻو وقت پنهنجو وجود قائم نه ٿي رکي سگهي، هن مغربي سرمائيداراڻه تهذيب ئي انساني تاريخ جي وڏي تهذيب رهي آهي، جيڪا ٺوس ۽ ٺوس انساني مادي ترقي ۽ بنياد تي ٻڌل رهي آهي، جنهن ۾ گذريل سڀني تهذيبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جدت پسند آهي، پنهنجي جوهر ۾ گذريل سڀئي انساني تاريخ جون تهذيبون ايتريون جدت پسند ڪو نه رهيون آهن، جنهن ۾ انساني شعور ايڏي ترقي ڪئي هجي.
هن وقت مغرب جي سرمائيداري، دنيا جي سڀني قومن ۽ ملڪن تي لاڳو آهي، انهن جي سرواڻي يورپ يا مغرب جا ترقي پذير ملڪن ڪري رهيا آهن ،جيڪي ڪجهه ادارن جي شڪل ۾ پوري دنيا جي معاشي فيصلن جو تعين ڪن ٿا، جيڪي آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ڊبليو ٽي او جهڙن ادارن جي شڪل ۾ آهن، هڪ طرح دنيا جي سرمائيداراڻي معيشت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڳنڍيل آهي،ان جي زوال يا استحڪام پوري دنيا جي ملڪن تي هڪ جيترو ئي اثر انداز ٿيندو الڳ الڳ نه، جنهن جو مثال اسان هن وقت جي صورتحال مان لڳائي سگهون ٿا، جو 2008ع کان سرمائيداري ۾ معاشي غير استحڪام جو شروع ٿيڻ سڀني مضبوط سرمائيدار ملڪن جي ڳڻتي جو سبب بڻجندو پيو وڃي، اها آمريڪا هجي يا چائنا يا يورپ جا ڪي ٻيا سرمائيدار ملڪ انهن کي پنهنجي معاشي مسئلن کان وٺي سماجي ۽ سياسي مسئلن تائين هڪ ڀرپور عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن ۾ هر ملڪ جا اڳواڻ هڪٻئي تي الزام هڻڻ ۽ پنهنجي معيشت کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، چاهي پوءِ اهي سياسي اڳواڻي کي تبديل ڪرڻ جا، تازو چائنا کي پنهنجي پوري تاريخي معاشي ڍانچي جي حوالي سان فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن ته جيئن چائنا پنهنجي اڀرندڙ سماجي تضادن کي حل ڪري سگهي ۽ ڪيل (گروٿ ريٽ) برقرار رکي سگهي، جيڪو تمام مشڪل ٿيندو پوي وڃي، ساڳئي طريقي سان جاپان هجي، پورو يورپ هجي يا آمريڪا انهن سڀني اڳواڻ سرمائيدار ملڪن کي گهڻي ليکي ساڳي نوعيت جون مشڪلاتون سامهون آهن ، جنهن ۾ ڏسڻو اهو آهي ته اهي معاشي پيدا ٿيل خرابيون ڪٿي دنگ ڪن ٿيون، ها هن وقت جيڪي معاشي خرابيون هلي رهيون اهن انهن جو اهو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته هاڻي مغرب جو عروج ختم ۽ زوال شروع ٿي ويو آهي.
مون کي خصوصن اها راءِ ڪجهه عجيب لڳندي آهي ته هاڻي مڪمل مغرب جو زوال ۽ ايشيا جي ملڪن جو عروج ٿيندو، معاشي حوالي سان هيءَ صدي ايشيا جي ملڪن جي آهي ۽ ايشيائي طاقتن جو اڀار ٿيندو، انهن خيالن جو بنياد ڪهڙو آهي،؟ گهڻي ڀاڱي اهي ماهر ڄاڻو، مفڪر، تجزيه نگار جيڪي اهو چئي رهيا آهن ته 21 هين صدي ايشيا جي ترقي ۽ طاقت جي آهي، انهيءَ لاءِ ته مغرب جي صنعتڪار ملڪن لاءِ شيون واپرئيندڙ(ڪنزيومر مارڪيٽ) باقي نه رهيو آهي، اهو صرف ئي صرف ايشيا جي ملڪن ۾ آهي، هاڻي اچون ٿا ته ايشيا جا اهي ڪهڙا ملڪ جيڪي ايشيائي طاقت جي اڳواڻي ڪندا ۽ ايشيائي ملڪن جي صف بندي سان انهن ملڪن ۾ معاشي، سياسي ۽ سماجي استحڪام پيدا ڪندا، انهن مان ڪجهه ملڪ آهن چائنا، انڊيا، جاپان، ڪجهه سائوٿ ايسٽ ايشيا جا ملڪ جهڙوڪ ٿائيلينڊ، سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا وغيره، اهي سڀئي ايشيائي ملڪ جن وٽ گهڻي ڀاڱي چئجي ته مستحڪم سماج جوڙيل آهي، ۽ معيشت جي حوالي سان يا جمهوري نظام جي پائيدار موجود آهي پر انهن ملڪن ۾ اڄ به جيڪي سماجي تضاد آهن اهي گهڻي قدر غير ترقي يافته ملڪن جهڙا آهن، مثلن چائنا ۾ هڪ ٻئي قسم جو سسٽم آهي، جنهن جو معاشي ڍانچو هڪ سرمائيدارانه، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ آمريتي سياسي نظام چون ٿا، مذهبي تضاد، اقليتن جي لاءِ سماج ۾ هڪ جهڙائي جي کوٽ، لساني تضاد، انساني حقن جي حوالي سان کوٽ، اڀرندڙ معاشي اڻبرابري، شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ وڌندڙ تضاد، صحت جون اڻ برابرسهولتون، پوڙهن ماڻهن جو وڌڻ ۽ انهن لاءِ غير موثر ڪوششون، تعليم جي لاءِ ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ اڻبرابري، تيزي سان ڳوٺن کان شهرن ۾ وڌندڙ آبادي، روزگار جي لاءِ غير موثر اپاءَ، جنسي برايون ، اهي سڀ چائني سماج ۾ تمام وڏا ڪر کڻندڙ مسئلا ٿيندا پيا وڃن، ڀلي چائنا معاشي حوالي سان آسمان کي ڇهندڙ ترقي ڪئي هجي پر ان جا اندروني، سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلا بنگلاديش ۽ پاڪستان کان گهڻا مختلف ناهن، ساڳي نوعيت جا مسئلا باقي ملڪن ۾ ٿائيلينڊ جتي اڄ به فوجي آمريت سياسي مضبوط بڻيل آهي، اسان سڀني کي خبر آهي خاص ڪري پاڪستاني ماڻهن کي ته اتي اڄ به وڏي انڊسٽري جنس جي آهي، لساني تضادن کان وٺي مذهبي تضادن تائين، اچون پاڻ انڊونيشيا جتي اڀرندڙ مذهبي انتهاپسندي مذهبي اقليتن سان اڻ برابري، آئيني بحران وغيره، جهڙا مسئلا آهن، اچون ٿا پاڻ هاڻي ڀارت تي جنهن جي فيڪس آمدني آفريڪا جي رهندڙن جهڙي آهي، تمام وڏي تعداد ۾ هيٺين طبقي جي موجودگي، بيروزگاري، شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي ۾ تضاد، تمام وڏي ڪرپشن، سياسي معاشي حوالي سان، انساني حقن جي حوالي سان تمام افسوسناڪ حد تائين، اهي صرف 2012ع ۾ 35 هزار عورتن سان جنسي زيادتي جا مسئلا پيش آيا آهن، هن وقت به ڀارت جي اندر 43 آزاديءَ جون ننڍيون وڏيون هلندڙ تحريڪون، پوليس کي مليل اختيار، اروندوتي راءِ جو ڪتاب پڙهي Walking with comrades انداز ٿي ويندو ته هندستان جي جمهوريت ڪهڙي انداز سان ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي اسان دنيا جي وڏي جمهوري ملڪ جو خطاب ڏنو آهي، جنهن جمهوريت جو صرف اهو ڪم آهي ته انڊيا کي وڪڻي هڪ مڪمل ڪارپوريٽ ڪمپنيز جي حوالي ڪجي ۽ اهي ڪمپنيز ڀارت جي ماڻهن جي مستقبل جو فيصلو ڪن، اڃا به ان جو گهرائي سان اندازو لڳايو ته 2007ع ۾ من موهن سنگهه لوڪ سڀا ۾ ڪيل تقرير ۾ اهو چيو ته هن وقت ڀارت کي سڀ کان وڌيڪ خطرو اندروني تضاد جي ڪري آهي، ڪو خارجي نه، باقي ملڪن جو پاڻ ذڪر نه ٿا ڪريون، جيڪي کاتي ۾ نه ٿا اچن، سو اهو سڀ ڪجهه ايشيا کي طاقتور بڻائڻ ۾ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي.
هن وقت پوري دنيا ۾ سرمائيداراڻي طرز جو معاشي نظام آهي، مغرب کي هن وقت تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو ته اهي هن هلندڙ معاشي بحران مان نڪرن ۽ دنيا ۾ وڙهندڙ جنگيون نيٽو جي حوالي سان اهو سڀ ڪجهه هڪ وڏي خطرناڪ صورتحال آمريڪا ۽ يورپ جي ترقي پذير ملڪن لاءِ اڃا آمريڪا کي هن جنگي، انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ نيٽو کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۾ يورپ جا سڀئي ملڪ آمريڪا سان تعاون ۾ بيٺل آهن، جڏهن هو تعاون ختم نه ٿيندو، تيستائين اهو چوڻ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي رهيو آهي ته هو ايڏو آسان ڪونهي منهنجي نظر ۾، مان مٿي اهو بيان ڪري آيو آهيان ته هن وقت پوري دنيا م سرمائيداري معاشي نظام آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻا نظرياتي اختلاف آهن ۽ ٿيندا رهندا، هن وقت پوري دنيا جي ملڪن ۾ سرمائيداراڻه لبرل ڊيموڪريسي دنيا جي اندر ماڻهن جا مسئلا حل نه ڪري سگهي، بک، بدحالي ۽ ملڪي تضان جو خاتمو نه آڻي سگهي آهي، مغرب جا ملڪ جيڪي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي سڀ مسئلا پوري سرمائيدار نظام جو خاتمو آڻيندا سرمائيدارانه لبرب ڊيموڪريسي دنيا جا مسئلا حل ڪرڻ يا ماڻهن جي ويلفيئر ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، هاڻي ان جو زندهه رهڻ تمام گهڻو مشڪل ۽ ناممڪن آهي، سرمائيداري کي تباهه ٿيڻو آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ اڻ برابري ۽ جبر قائم رکڻ جو سبب بڻجندي پئي اچي، اها به سرمائيدار جي چالاڪي آهي، ۽ سرمائيدارانه چالاڪي تي ٻڌل آهي، پڙهيل لکيل موڳن ماڻهن کي ان خوشفهمي ۾ رکڻ جي برابر آهي. سرمائيدار ڳجهون آفريڪا، ايشيا، ليٽن آمريڪا جي پورهيت طبقن ۽ مظلوم ماڻهن جو ماس پٽي کائي رهيون آهن، ماڻهن کي نسلي، مذهبي، ۽ جاگيرداري اختلافن ۾ ويڙهائي تباهه برباد ڪري ڇڏيو اٿن، غريب عوام هڪ پوري وبا ۾ گهيريل زندگي گذاري رهيا آهن، انڊيا جي غريب عوام جي حالت کڻي ڏسو، هن گانڌي ۽ نهرو جي ٺهيل ڪانگريس جنهن ملڪ ئي ملٽي نيشنلز کي وڪڻدا پيا وڃن، آمريڪا جي اڳيان هٿ جوڙي ڪنڌ نوائي بيٺا آهن مٿان اهو ڊرامو ته هي صدي ايشيا جي ملڪن جي هوندي، سواءِ هن سرمائيداري زوال جي جيڪو مغرب جي ملڪن ۾ شروع ٿيو آهي، اهو وڌندو رهندو، تيستائين جيستائين مظلوم ۽ پورهيت طبقن جو استحصال بند نه ٿيندو.