زيبوءَ سان پيار
۽ پوءِ هڪ ڏينهن مالاگاسي ٻيٽ وٽان لنگهندي ياد اچي ويو ته هي اهو ٻيٽ آهي جنهن جو نالو عزيز شيخ کي پسند هو.
عربن ۽ اسرائيلن جي جھڳڙي ڪري سئيز ڪئنال جيترا سالَ بند رهيو اسان کي آفريڪا جي هيٺان ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان ڦري آمريڪا ۽ يورپ وڃڻو پيو ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ جي کلئي ۽ خوفناڪ سمنڊ کان اڳ هڪ ٻئي خوفناڪ هنڌ (موزمبق چئنبل واهه) مان لنگهڻو پيو ٿي. هي واهه ايڏو وڏو آهي جو سندس ويڪر گهٽ ۾ گهٽ سؤ ڪوهه کن ٿيندي ۽ ڊيگهه چار سؤ کن جو تکي جهاز کي به ٻه ڏينهن ٻه راتيون ان کي ڪري اڪرڻ ۾ لڳيو وڃن. تکي هوا يا طوفان ۾ ته هن چئنل جي پاڻيءَ جي تکائي ائين هوندي آهي جيئن ماڊول جي منهن وٽ واٽر ڪورس جي هجي ۽ آفت جيڏو جهاز به ڪک پن وانگر لڙهندو محسوس ٿيندو آهي.
ان موزمبق چئنبل جي هڪ پاسي آفريڪا کنڊ آهي ۽ ٻئي پاسي اسان جو مالاگاسي ٻيٽ ــ جنهن کي ماڻهو ڳجھارتن جو ٻيٽ به سڏين ٿا. ڇو جو سندس ڪيتريون ئي عجيب ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي دنيا لاءِ ڳجھارتن کان گهٽ ناهن.
مالاگاسي ٻيٽ ـــ جنهن تي ڪنهن زماني ۾ فرينچن جو قبضو/ڪالوني هو سو مئڊا گاسڪر جي نالي سان سڏيو ويندو هو. 1947ع ۾ هتي جي ماڻهن جيڪي مالاگاسي سڏيا وڃن ٿا آزاديءَ ڪارڻ فرينچ حڪومت جي خلاف انقلاب آندو. فرينچن ان کي دٻائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا ۽ ٻيٽ کي سندن باشندن حوالي ڪرڻو پيو. آزاديءَ بعد به هي ٻيٽ ڏهه ٻارهن سالن تائين مئڊا گاسڪر سڏبو رهيو پر پوءِ سندس اصلي نالو مالاگاسي رکيو ويو (جيئن آزاديءَ بعد سلون تي سريلنڪا ۽ ڊاڪا تي ڍاڪا رکيو ويو آهي).
مالاگاسي ٻيٽ دنيا جو چوٿون نمبر وڏو ٻيٽ آهي (گرين لينڊ، نيو گني ۽ بورنيو کانپوءِ) . سندس عجيب ڳالهين مان هڪ اها به آهي ته هي ٻيٽ جيتوڻيڪ هندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا کنڊ جي ڀرسان آهي پر هن ٻيٽ جي رهاڪن جي شڪل، رنگ روپ يا سڀاءُ نه ته آفريڪي شيدين جهڙو آهي ۽ نه وري هندستان جي جي ماڻهن جهڙو! هن ٻيٽ جي باشندن جي بنيادي زبان، تهذيب ۽ منهن مهانڊو ملايا ۽ انڊونيشيا ماڻهن سان ملي ٿو ـــ جيڪي ملڪ هندي سمنڊ جي ٻي ڇيڙي تي پئسفڪ سمنڊ وٽ آهن ۽ مالاگاسي کان گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ميل پري ٿيندا. هوڏانهن آفريڪا کنڊ جي ڌرتي جيڪا مالاگاسيءَ کان فقظ ٽي سؤ ميل پري آهي ان سان ڪا به مشابهت نه آهي.
ٻي ڪمال يا ڳجھارت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته آفريڪا کنڊ تي شينهن، چيتي ۽ هاٿيءَ جهڙا ڳرا جانور جتي ڪٿي ملندا، پر هن ٻيٽ تي، جيڪو جاگرافي طور آفريڪا جو ئي حصو سمجھڻ کپي ــ انهن جانورن مان ڪنهن هڪ جو نالو نـشان ناهي. ان کان علاوه آفريڪا جو سڄو ڪنارو زهريلي نانگن سان ڀريو پيو آهي پر مالاگاسي ٻيٽ تي اهڙو ڪو به نانگ بلا نظر نه ايندو. خبر ناهي ڇو ـــ؟
سريلنڪا جي ٻيٽ تي ڪيترا اهڙا به گل ٻوٽا، وڻ ٽڻ، جيت جڙا، پکي پکڻ ۽ نانگ بلائون ملنديون جيڪي سندس ڀر واري ملڪ هندستان ۾ نه آهن پر انهن مان ڪيتريون ئي شيون هيڏانهن آفريڪا کنڊ جي ڪناري تي ملن ٿيون. جنهن لاءِ جاگرافي جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته ڪنهن زماني ۾ ـــ جڏهن هيءَ سڄي دنيا مختلف کنڊن ۾ ورهايل هجڻ بدران يڪو هڪ وڏو کنڊ هئي ته سريلنڪا جو ٻيٽ آفريڪا جو هڪ حصو هو جيڪو پوءِ ان کان ڇڄي پري وڃي پيو آهي ۽ زمين هڪ ئي حصي جي هجڻ ڪري منجھس ڪيتريون ئي شيون ساڳيون آهن. پر مالاگاسي ٻيٽ جو اهو به ڪمال آهي ته هن ٻيٽ تي ڪيترائي اهڙا پکي، جانور، پوپٽ، ڀنڀوريون ۽ گاهه ٻوٽا آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ يا ٻيٽ تي نه آهن.
هڪ آڳاٽي مڇي (Coelacaths) ٿي گذري آهي جنهن لاءِ ڪجهه سال اڳ تائين سائنسدانن جو اهو ئي خيال هو ته اها اڄ کان سٺ ملين سالَ اڳ ختم به ٿي چڪي آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اها مڇي مالاگاسي ٻيٽ جي ڪناري تي اڄ به ڪڏهن ڪڏهن نظر اچي ٿي. ايپورنس نالي پراڻي زماني جو کنڀين بنا گهوڙي جيڏو پکي هن ئي ٻيٽ تي وڌيو ويجھيو. هي پکي شتر مرغ کان ڇهوڻو ڳرو هوندو هو ۽ فٽ بال کان به وڏا آنا لاهيندو هو. ان قسم جا آفت نما جانور (ڊائنا سورس) ڪڏهو ڪو حالتن جي سٽ نه سهي مري کپي ويا. پر هن ٻيٽ جي هن آڳاٽي پکيءَ جو نسل ايترو ته ويجھڙائيءَ ۾ ختم ٿيو آهي جو هن ٻيٽ جي ڪيترن ئي جھونن ماڻهن پنهنجن ڏاڏن پڙڏاڏن کان ٻڌل ان پکيءَ جي شڪار جون ڳالهيون چشڪا ڏيئي اسان سان ڪيون ٿي.
ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته هن ٻيٽ جا رهاڪو گهڻو اڳ ملايا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن کان (اٽڪل پهرين عيسوي صديءَ ۾) وڻن جي بنڊن، ڇوڏائين ٻيڙين ۽ ڪاٺائين مڪڙين رستي ڀٽڪندي اچي هتان نڪتا ۽ ڪي ته شايد پيرين پنڌ هندستان، عربستان ۽ آفريڪا جو ڪنارو ڏيئي پوءِ اتان ٻيڙين رستي هتي پهتا. اڄ به هن ٻيٽ تي انهن جي خانداني ورثي واري تهذيب، هنر ۽ ريتون رسمون آهن. زبان جو نمونو به ساڳيو ئي اهو آهي ته کاڌي ۾ به انهن وانگر چانور ٿا کائين ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن ٻيٽ جا ماڻهو اڪثر اهو چوندي ٻڌبا آهن ته: ”اسان نه آفريڪي آهيون ۽ نه ايشيائي. اسان وچان ئي ڪجهه ٻيا آهيون.“
ٻاهر جي دنيا کي هن عظيم ٻيٽ جي خبر 1500ع ۾ هڪ پورچوگالي جهاز جي ڪئپٽن کان پيئي جنهن جو جهاز طوفان ۾ هن ٻيٽ جي ڪناري سان اچي لڳو هو. پر پوءِ چڱيءَ طرح ڄاڻ واقفيت تڏهن ٿي جڏهن يورپ جون ٻيون قومون هن ٻيٽ جي ڪناري تائين ترسڻ بدران گهڻو اندر جابلو علائقن ۾ به گهڙي ويون. هنن ”ملايو ـــ انڊونيشي“ قوم ميزينا بابت اچي ٻڌايو جيڪي هن ٻيٽ تي رهيا ٿي ۽ سڄي ٻيٽ تي قبضو هون. سندن بادشاهه: اندريا نام پوئينيميرينا (نام پوئينا) حڪومت ٿي ڪئي. ان کانپوءِ حڪومت جون واڳون سندس رادما نالي قابل پٽ جي حوالي ٿيون.
رادما تخت تي ويهڻ شرط غلامن جو وڪرو بند ڪرايو. يورپ کان آيل رهاڪن جي مدد سان اسڪول کولرايا ۽ انگريزي ۽ فرينچ زبانن جي ڏکين اسپيلن کي آسان ڪري مالاگاسي زبان جوڙيائين جيڪا اڄ به دنيا جي آسان زبان سمجھي وڃي ٿي. مالاگاسي ٻوليءَ جي لسائي ۽ نرمائيءَ ڪري کيس هندي وڏي سمنڊ جي اٽلين ٻولي سڏيو وڃي ٿو.
رادما عجيب شاهي قسم جو ماڻهو هو. سن 1828ع ۾ ننڍي عمر پنجٽيهه سالن جي ڄمار ۾ ئي گذاري ويو ـــ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته بغاوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لڳاتار جنگين ۽ هر وقت عورت ۽ شراب سان لڳ لاڳاپن کيس هڻي ٿڪائي رکيو. مرڻ وقت کيس سندن دلپسند ٻارهن جنگي گهوڙن سان دفن ڪيو ويو. ان کان علاوه ساڻس گڏ اهي اسي ورديون به دفن ڪيون ويون جيڪي هن لنڊن مان سبرايون هيون. هن جي موت تي سڄي ٻيٽ کان آيل ڪانڌين جي مانيءَ لاءِ ويهه هزار ڍڳا ڪٺا ويا.
هونءَ مئل سان گڏ سندس گهوڙن ۽ يونيفارمن وغيره کي به دفن ڪرڻ هتي وڏي ڳالهه ناهي. هتي مالاگاسيءَ ۾ مري وڃڻ ڪا ڏک جي ڳالهه نٿي سمجي وڃي. هتي موت ڄڻ هڪ ڪمري کان ٻئي تائين ڄڻ آهي. هتي جا ماڻهو پنهنجي مري ويل وڏن کي اڄ به جيئرو سمجھن ٿا جن جي نه فقط باقاعدي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي ٿي، پر ان سان گڏ ملاقات پڻ. هر خاندان ۾ ڪجهه ڪجهه سالن بعد وڏي دعوت ڪئي ويندي آهي، جنهن تي مٽ مائٽ ۽ دوست اچي گڏ ٿيندا آهن. پوءِ سڀ جلوس ڪري قبرستان ايندا آهن، جتان مري ويل مائٽن مان ڪجهه دلپسند مائٽن جون قبرون کوٽي مردن کي ڪڍي کين سڄي شهر جي سرگس ڪرائين پوءِ نئين ڪفن ۾ ويـڙهي واپس دفن ڪن. بهرحال هتي موت ڏک جو معاملو نه پر خوشيءَ جو معرڪو سمجھيو وڃي ٿو جنهن تي خوب کائڻ پيئڻ ۽ راڳ روپ ٿين ٿا.
جيتري دنيا تکي ترقي ڪري رهي آهي مالاگاسي ٻيٽ ان کان بلڪل آجو آهي. مالاگاسي ٻيٽ جا رهاڪو ترقيءَ جي معاملي ۾ تڪڙ ڪم شيطان جو ٿا سمجھن. اهو صحيح آهي ته اڄ جو ڪم سڀاڻي ته نه ڇڏجي پر اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ٽاري ڇڏڻ ۾ جيڪا راحت آهي ان جي هتي جي ماڻهن کي خبر آهي. هتي اڄ جي ماڊرن دؤر ۾ به پوک جا طريقا اهي ئي پراڻا آهن جيڪي صديون اڳ هئا. نواڻ جي ضرورت محسوس ڪندي به هتي جا ماڻهو نٿا آڻين جو کين ڀؤ آهي ته متان سندن مري ويل ڏاڏا پڙڏاڏا دل ۾ نه ڪن ـــ جيڪي اڄ به خاندان جو هڪ حصو سمجھيا وڃن ٿا.
مالاگاسي ٻيٽ جو جتي اڀرندو حصو ساوڪ ۽ سونهن سال ڀريل آهي اتي ڏاکڻو ۽ الهندو حصو اري ۽ رڻ پٽ آهي. اڀرندي حصي ۾ هر سال ڏيڍ سؤ انچ مينهن وسي ٿو. زمين جو چپو چپو گلن ڦلن، ٻوٽن ۽ ميويدار وڻن سان ڀريو پيو آهي. زندگي آرام ۽ سڪون واري آهي. بلڪه تمام ئي گهڻي آرام ۽ سڪون واري جو هر شيءِ کاڌي پيتي جي، ٿوري ئي محنت سان مليو وڃي. موسم پڻ لاجواب آهي. سڄي رات گهاٽي ننڊ ڪرڻ بعد به ڏينهن جو وري اٻاسين جو ڦهڪو ۽ جھوٽا هوندا آهن. ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي جو غلط وقت تي سامونڊي زندگيءَ ۾ آياسين نه ته اڄ کان سؤ سال اڳ ڪئپٽن ڪڪ جهڙي دؤر ۾ هجون ها ته اسان به انهن ڏينهن جي جهازين وانگر ههڙا ٻيٽ ڇڏڻ تي بغاوت ڪري هتي کئي ڪنهن ناريل جي وڻ هيٺ سمهي رهون ها ۽ جهاز گهنڊ وڄائيندو روانو ٿي وڃي ها يا ڪناري تي ئي بيٺي بيٺي اڏوهي کائي وڃينس ها. پر هاڻ ته سائين اميگريشن۽ پاسپورٽن جا چڪر اهڙا ته سڄي دنيا ۾ ٿي ويا آهن جو عرب ملڪن جهڙا بياباني ملڪ به ڌارئين کي مقرر وقت کان هڪ ڏينهن به وڌيڪَ ترسڻ نٿا ڏين.
ناريل جي وڻ هيٺان سمهڻ تي ڳالهه ياد آئي ته هتي مالاگاسيءَ ۾ يا سريلنڪا، بنگلاديش وغيره جهڙن هنڌن تي ناريلن جي وڻن هيٺان ماڻهن کي بي اونو سمهندو ڏسي تعجب لڳندو آهي ته اسان ته وڌ ۾ وڌ ٻير جي وڻ هيٺان ئي سمهڻ جو جوکم کڻي سگهون ٿا. هتي مالاگاسيءَ ۾ هڪ همراهه کي چيم ته يار ناريل جي وڻ هيٺان سمهندي ڊپ نٿو لڳانو. هڪ هڪ ناريل سير ڏيڍ سير جو ته ٿيندو ۽ ڪي ڪي وڻ ٽماڙ چوئماڙ کان به اتاهان آهن. اتان جي ڪو ناريل ستل ماڻهوءَ جي مٿي تي لڳي ته هڻي ڦهي رکيس. گهاٽي ننڊ وارا خواب ته پري پر هن دنيا جا خواب به اڌورا رهجي وڃنس. وراڻيائين ته ناريل کي اک ٿيندي آهي. هو ڏسندو رهي ٿو ۽ جنهن وقت ڪو هيٺ ستل آهي ته هو هيٺ هرگز نٿو ڪري.
بهرحال مالاگاسيءَ ٻيٽ جو اڀرندو پاسو جيترو سرسبز ۽ سائو آهي اوترو ڏاکڻو حصو گهٽ مينهن پوڻ ڪري سڪل ۽ ٺوٺ آهي. ويندي ڪن هنڌن تي پاڻيءَ لاءِ عورتون ميلن جا ميل پنڌ ڪن ٿيون.
مالاگاسيءَ جو ٽيون حصو ـــ وچ وارو جابلو آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪوئيٽا يا ڪوهه مري آهي ۽ اهو علائقو سڀ ۾ خوبصورت ۽ هن ٻيٽ جي دل سمجھيو وڃي ٿو. هتي سڀ کان بهترين اسڪول آهن، سهڻا ڪليسا گهر (هر هڪ ڳوٺ ۾ هڪ رومن ڪئٿولڪ وارن جو ڪليسا گهر ۽ هڪ پروٽيسٽنٽ عيسائين جو) آهن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ترقي پسند ماڻهو رهن ٿا. رستا ۽ گهر به پڪا ۽ سهڻا آهن. ٻيٽ/ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ٽانا نرائيو (Tana - Narive) به هتي ئي جبلن جي چوٽيءَ تي 4700 فوٽ مٿانهون آهي.
مالاگاسيءَ جو مستقبل ڏٺو وڃي ته تمام روشن آهي ۽ قدرت طرفان ملڪن کي مليل هر نعمت هتي موجود آهي ـــ سواءِ تيل جي. ماڻهن جي حساب کان پوک لاءِ ڀلين زمينن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. ساڳي وقت معدني مالن ۾ به مالا مال آهي. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو گريفائيٽ سريلنڪا بعد هتي ملي ٿو. مائيڪا ـــ جنهن جو استعمال اڄڪلهه اليڪٽرونڪ جي شين ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو ـــ اها ۽ ان کان علاوه راڪيٽن ۽ ائٽم بم ۾ ڪم ايندڙ ڌاتو: مثال طور بيريليم، ٽئنٽاليم، ڪولمبيم وغيره هتي گهڻو آهي ۽ ان کان علاوه ڪروم، نڪل، لوهه ۽ ڪوئلي جون به کاڻيون آهن، جن کي ته اڃا هٿ به نه لڳايو ويو آهي.
ايتري ڌاتوءَ هوندي به ڏٺو وڃي ته هتي نه برابر ڪارخانا ۽ فئڪٽريون آهن. فرينچن پنهنجي حڪومت جي دؤر ۾ ڄاڻي واڻي اهڙي قسم جو ڪو به ڪم نٿي ڪرڻ چاهيو جنهن سان ملڪ جي معاشي ترقي ٿئي. هاڻي آزاديءَ بعد مڙيئي ان ڏس ۾ سڌارو ۽ واڌارو ٿي رهيو آهي ـــ پر تمام ٿورو ٿورو. ان جا سبب ڪجهه پراڻيون روايتون ۽ ريتون رسمون پڻ آهن، جيئن مٿي بيان ڪري چڪو آهيان. انهن مان هڪ عجيب ريت زيبوءَ سان پيار پڻ آهي. زيبو ڪا عورت نه پر هتي جي وڏن سڱن واري ڍڳي آهي، جيئن هندستان ۾ پوڄا پاٺ جي گانءِ ماتا.
سڄي ملڪ/ ٻيٽ مالاگاسيءَ ۾ ماڻهن کان وڌيڪَ هي ڍڳيون ـــ زيبو آهن. اٽڪل هڪ ڪروڙ کن. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي باقي هنڌن تي هي ڍڳيون نه ڪٺيون وڃن ٿيون نه انهن جو کير ڏڌو وڃي ٿو. هندساني گانءِ ماتا وانگر هنن جي ڪا مذهبي حيثيت به نه آهي. بس فقط وڏ ماڻهپي جو نشان سمجھيون وڃن ٿيون. جنهن وٽ وڏو ڌڻ اهو وڏو ماڻهو. جيئن ڪو وڏيرو ڏيک لاءِ گهڻا ڪتا يا سوئر پالي ٿو يا اوطاقون ۽ نوڪر رکي ٿو.
”آخر انهن ڍڳين جو فائدو ڪهڙو ـــ جيڪي نه ڏهڻ جي ڪم اچن ٿيون نه ڪُهڻ جي؟“ مالاگاسيءَ جي رهاڪو کان بحث ڪندي مون پڇيو. جواب ۾ هن منهنجي دوست جي هٿ ۾ پيل منڊيءَ ڏي اشارو ڪري چيو: ”ڀلا ان منڊيءَ ۾ لڳل هيڏي مهانگي هيري مان ڪهڙو فائدو؟ توهان اهوئي چوندائو ته ضروري ناهي ته هر ڳالهه مان فائدو هجي. بس اسان لاءِ زيبو به ائين ئي آهي.“