الطاف شيخ ڪارنر

دُنگي منجهہ درياھہ

دنگي منجهه درياهه، جيڪو هئڻ ته دنگي وچ درياهه کپندو هو، ڪيترن قومن، قبيلن، معاشرن جي مزاجن ۽ روين جو مجموعو ۽ مختلف ملڪن جي ترقيءَ جي ليول جي دري آهي جا سٺي اسٽائيل ۾ قلمبند ڪيل آهي.
مظهر الحق صديقي
  • 4.5/5.0
  • 2347
  • 741
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دُنگي منجهہ درياھہ

ڄامشوري جي رات......

شامَ جو نائين وڳي ڌارين سنڌ يونيورسٽيءَ پهتس. مونکي لاڙڪاڻي تائين وڃڻو هو پر سخت ٿڪل هجڻ ڪري رٿيل پروگرام مطابق رات ڄامشوري ۾ گذارڻ چاهيم. رضا حُسين گهلوءَ کان سندس ٽيچرس هاسٽل واري خالي ڪمري جي ڪُنجي انهيءَ ڪري اڳواٺ وٺي ڇڏي هيم ته متان ڪڏهن ڄامشوري ترسڻو پوي ته سندس غير موجودگي ۾ به رهي پوان. جيتوڻيڪ پهريون دفعو هو پر ٽيچرس هاسٽل کي ڳولڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي جو هاءِ وي تان مڙڻ وقت بس جي انتظار ۾ بيٺل همراهن کان پڇڻ تي هنن ڏس ڏنو ته اها اتي ئي آهي ”ٿورو اڳيان کاٻي پاسي ڇوڪرين جي مارئي هاسٽل جو دروازو آهي، ان بعد ڪجهه وکون اڳيان ساڄي پاسي ٽيچرس هاسٽل جو گيٽ آهي.“
گيٽ وٽ پهچي وڌيڪَ پڪ ڪرڻ بنا سڌو اندر گهڙي آيس. هڪ جيپ ۽ ٻه ڪارون ٻيون به اندر بيٺيون هيون، جن جي پاسي ۾ ڪچي تي ئي پنهنجي ڪار به پارڪ ڪيم. ڪار جي روشني ۾ مين گيٽ کان هاسٽل جي در تائين قطار ۾ لڳل وڏا، اڻ ڇهيل ۽ تکي ڳاڙهي رنگ جا گلاب جا گل سهڻا لڳي رهيا هئا. انهن کان علاوه ٻارين ۾ ٻيا ٻوٽا لڳل هئا جن جا نالا يا قسم ته اهم نه لڳي رهيا هئا پر اها ڳالهه ضرور ڌيان ڇڪائڻ جهڙي هئي ته ههڙي گرم جابلو علائقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي به مالهيءَ چڱي محنت ڪئي آهي.
منهنجي پهچڻ کان ٿوري دير اڳ لائيٽ هلي ويئي هئي. شايد جهڪ يا طوفان ڪري ـــ جيڪو رستي تي مونکي به مليو هو. ڪار ۾ ويٺي ويٺي بوٽ لاهي اتي ئي ڇڏيم ۽ پوئين سيٽ هيٺان هٿوراڙيون ڏيئي چئپل ڪڍي پاتم. پوءِ ڪار جا شيشا چاڙهي ڊڪيءَ مان ڪپڙن جي بئگ، ٿيلهو، ٽارچ ۽ ٿرماس کڻي ڪمرن ڏي وڌيس. هاسٽل جي اڳيان کلئي آسمان هيٺان ڏهه ٻارهن ليڪچرار/پروفيسر سنڌي ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا. هڪ ٻن جي لهجي مان هو اتر پاسي جا ٿي لڳا. هڪ شڪارپور پاسي جو ۽ هڪ سنئون سڌو ٺٽي يا اوسي پاسي جي پٽ جو لڳو ٿي. چانڊوڪي رات ته نه هئي پر تارن جي جهڙي تهڙي روشني ۽ سندن سگريٽ دکائڻ جي تجلي ۾ ڏٺم ته هو ڪرسين تي ٽي ويءَ اڳيان ويٺل هئا. ٽي وي ڏسندي ڏسندي ڪا لائيٽ هلي ويئي هئي ۽ هاڻ ٽي ويءَ جو ڪو پروگرام ڏسڻ بدران اتي ويٺي ويٺي ڪچهري ٿي ڪيائون. هونءَ به اسان جي ملڪ جي ٽي وي وندر جو هڪ باجو يا کيل تماشو هجڻ بدران مذهب ۽ مسجد، اسڪول ۽ پڙهائي، حڪومت ۽ پارٽي پروپيگنڊا جو اهڙو دٻو ٿيندي وڃي جنهن اڳيان سمورو وقت فقط صابرين ئي ويهي سگهن ٿا يا اهي جن جا فوٽا ان دٻي تي اچڻ وارا آهن. بقول هڪ خارباز (يا حقيقت پسند) يونيورسٽي گريجوئيٽ جي، اهڙي ٽي وي ڏسڻ کان بهتر آهي ته سپر هاءِ وي تي ويهي موٽرون ۽ لاريون ڳڻجن جو ان ريت وڌيڪَ سٺو وقت گذري سگهي ٿو.
ليڪچرارن جي اڳيان لنگهڻ وقت هنن جو ڳالهائڻ ٿوري دير لاءِ جھڪو ٿي وري ساڳي لس ۽ رفتار ۾ اچي ويو ـــ شايد اهي لمحا هنن جو ڌيان، ڳالهائڻ توڙي ٻڌڻ وارن جو مون ڏي هليو ويو ته هي اوپرو آيل ماڻهو ڪير ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ ٿي سگهي ٿو ته مونکي به هن هاسٽل جو هڪ رهاڪو سمجي پنهنجين پچارن ۾ لڳي ويا . روشني هجي ها ته ٿي سگهي ٿو، انهن مان ڪو مونکي سڃاڻي ها ۽ آئون به هنن مان ڪنهن کي سڃاڻي وٺان ها پر اوندهه ڪري سڃاڻپ ٿي نه سگهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن مونکي ويجھڙائيءَ ۾ ڏٺو هجي يا منهنجو ڪو ڪِتاب به پڙهيو هجي، پر ان وقت هنن جي خواب خيال ۾ به نه هوندو ته آئون اڳيان لنگهي ويس. هنن جي ليکي آئون سمنڊ جي ڇولين تي هوندس يا ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾. پر کين ڪهڙي خبر ته آئون هن گهڙي لاءِ ڪيترن سالن کان سڪي رهيو هوس. جهاز ڪراچيءَ ۾ بيٺل هجي. ٻئي سفر لاءِ سندس انجڻ ۾ ڪو ڪم يا مسئلو نه هجي. پوءِ هفتو کن موڪل وٺي سنڌ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ چڪر ڏجي. ڪيترا ننڍپڻ جا ڪلاسي، ڪاليجي، ڄاڻا سڃاڻا ۽ اديب دوست سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڄڻ ٻرڪيا پيا آهن. انهن سان ملڻ جي سڪ. ان کان علاوه سنڌ جي پراڻين ۽ تاريخي جاين ڏسڻ جو شوق.
ويهه پنجويهه سال اڳ جڏهن مئٽرڪ يا انٽر ۾ هوس ته سنڌو نديءَ جي ٻنهي پاسن وارن شهرن: ڪراچي، حيدرآباد کان وٺي خيرپور سکر تائين ۽ روهڙي لاڙڪاڻي کان وٺي دادو سيوهڻ تائين اختر عباسي، شوڪت جماڻي، ميجر نجم قاضي ۽ مرحوم عبدالرحمان ميمڻ انجنئير وارن سان گڏ انهن شهرن ۾ وڃي رهيو هوس. خيرپور ۽ سکر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم الطاف عباسي ۽ رشيد ڀٽي وارا روهڙي، ساڌ ٻيلو ويندي ڪالڪا ديويءَ جي مندر ۽ الور جهڙين ڪيترن ئي تاريخي جاين تي وٺي هليا هئا. اها ٽرپ مونکي اڃا نٿي وسري ۽ ان جهڙي ئي ٻي ٽرپ هڻڻ جي شوق، سڪ ۽ سڌ ۾ اڄ سالن بعد وڃي وقت مليو هو. هونءَ ته ڄامشوري وارو حصو سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، ميڊيڪل ڪاليج گهمڻ معنيٰ سڄي سنڌ جي چپي چپي جي ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ڇو جو سڄي سنڌ جا هوشيار، ذهين، ڳوڙهي سوچ رکندڙ شاگرد، شهرن توڙي ڳوٺن جا رهاڪو، وڏيرن توڙي غريب ڪڙمين جا ٻار ـــ سڀ هتي ئي ملن ٿا. پر ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ڪراچي ويجھو هجڻ ڪري اتي ٻئي ڪنهن دفعي هڪ ڏينهن جي موڪل تي به اچي سگهجي ٿو. ان ڪري هن دفعي هتي ڄامشورو ۾ ڪنهن سان به ملڻ بدران سڌو سيوهڻ دادوءَ مان ٿيندو لاڙڪاڻي تائين وڃڻ جو پروگرام هوم. ۽ واپسيءَ تي روهڙي، سکر، خيرپور، نوابشاهه وغيره ۾ ترسڻ جو. جيتوڻيڪ چئن پنجن ڏينهن جي موڪل ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي پر جتي سڄي دنيا جا ائين ئي چڪر پيا هڻجن اتي ڪجهه نه ڪجهه پنهنجو وطن به ڏسڻ جي ويچار کان نڪتو هوس.
منهنجو جهاز ان رات ٻي بجي ڪولمبو کان ڪراچي پهتو هو. سڄو ڏينهن انجڻ روم جي گرميءَ ۾ ڪم ڪندي هيڪاندو ٿڪ هو. پنجين بجي جهاز ڇڏي سڌو سپر هاءِ وي ڏي رُخ رکيم ۽ هتي پهچڻ تي لائيٽ نه هجڻ ڪري اها به خوشي ٿي ته هاڻي ڪنهن سان ملڻ جلڻ بدران چپ چاپ يڪ ساهيءَ ست اٺ ڪلاڪ سمهڻ جو موقعو ملي ويندو ۽ گذريل ٻن ٽن ڏينهن جي اوجاڳي جو ٿڪ ته هليو ويندو پر اڳتي جي سفر لاءِ به تازو ٿي وڃبو. هڪ اهو به سبب هو جو حيدرآباد شهر ۾ ڪنهن دوست يا مٽ مائٽ وٽ ترسڻ بدران هن هاسٽل ۾ رهڻ بهتر سمجھيم.
اٽڪلي تالو کولي، ڪمري ۾ گهڙي ٽارچ ٻاريم. در وٽ ڪنڊ ۾ رکيل رئڪ تي ميڻ بتين جا ڍير اڌڙ ۽ ماچيس رکيل هو جنهن مان لڳو ته لائيٽ جو وڃڻ روزمره جي روٽين آهي. ميڻ بتي ٻاري ٽيبل تي رکيل ڦلهيرداڻيءَ مٿان رکيم ۽ پوءِ کٽ تي ويهي ڪمري جو جائزو ورتم. وڏو شاهي ڪمرو هو. هڪ ڪنڊ ۾ چئن خانن وارو ٽيبل رکيل هو، ٻيءَ ۾ وڏو لوهي ڪٻٽ، ٽي ڪنڊ تي ٻن خانن وارو ڪٻٽ هو ۽ چوٿين ڪنڊ ۾ رکيل ٻماڙ ٽيبل تي بوٽ، شيونگ جو سامان، ڏندن ڀڳل ڦڻي، ڪٽ لڳل ڪري ۽ مر لڳل صابڻ داڻي رکيل هئي. پلنگ چڱو ويڪرو ۽ لوهه جو هو جيڪو ڀت سان لڳل هو. وچ تي ڪاٺ جي ٽيبل ۽ چار ڪرسيون. ايتري سامان هوندي به ڪمري ۾ هلڻ چلڻ لاءِ چڱي بچيل جاءِ هئي. مٿي ڇت وارو پنکو. اهي سڀ شيون هاسٽل طرفان مليل هيون. اسان جهڙي غريب ملڪ جي اسٽئنڊرڊ کان تمام اعليٰ رهائش چئبي. آمريڪا ۽ يورپ جي امير ملڪن جي ڪجهه شهرن ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ کڻي رهائش لاءِ ان کان سٺيون هاسٽلون هجن پر انهن ملڪن جي تعليم لاءِ رکيل بجيٽ به ته اسان کان ڏهوڻي ٿيندي. بهرحال بنا ڪنهن شڪ شبهي جي سريلنڪا ۽ بنگلاديش کان ملايا، ٿائلنـڊ ۽ برما تائين ۽ ڏکڻ آمريڪا جهڙن ملڪن جي شاگرد هاسٽلن سان اسان جي ملڪ جون هاسٽلون مقابلو ڪري سگهن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان شاگردن جو تعداد وڌايو ويو آهي پر سندن رهائش جو بندوبست نه هجن ڪري هر ڪمري ۾ شاگرد ائين سٿيا وڃن ٿا ڄڻ هاسٽل نه ٿي علي بابا جو ڊرامن ٿيو، جنهن ۾ کٽڻ بدران هر قسط ۾ ڪردار وڌندا وڃن.
پر هن هاسٽل جا همراهه وري به خوش نصيب آهن جو پلان موجب هڪ ماڻهوءَ لاءِ هڪ ڪمرو ٺهيل آهي. ته هڪڙو ئي ماڻهو ٽڪيل آهي پر هتي جيڪو رهيل هوندو ان کي ڪهڙي سڌ ته هو ڪيترو خوش نصيب آهي. يا شايد جهاز جي ننڍڙين ڪئبنن ۾ رهڻ ڪري مونکي هي ڪمرو وڏو لڳي رهيو هو.
ٻاهر نڪري، ورانڊي جي ڪنڊ ۾ ۾ رکيل ڪولر مان ٿرماس کي ڀري آيس. ٻاهر ڪرسين تي اڃان تائين ماستر صاحب ويٺا هئا. هونءَ ماستر کي ماستر چوڻ آهي ته خراب ڳالهه پر جيئن ته آئون پاڻ به سال سوا کن ماستر رهي چڪو آهيان ان ڪري آئون اها حجت ڪري ماستر کي ماستر لکڻ جي همت ڪريان پيو، پوءِ چاهي اڳلو ليڪچرار هجي يا پروفيسر، پر ٿيو مڙيئي ساڳيو ڌنڌو ”پڙهائڻ“، يعني ماستري جو . ٻه چار سال اڳ جهازران ڪمپنيءَ طرفان ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن سان گڏ مونکي به مئرين ڪاليج ۾ پڙهائڻ لاءِ رکيو ويو ۽ اهو عرصو انجڻن جي گوڙ گهمسان ۽ دنيا جي بندرگاهن جي هل هنگامي مان نڪري ڪلاس روم جي دنيا ۾ ڏاڍي فرحت ۽ مزو ماڻيو هوم. ٽانءَ ۾ ڀرجي جهازراني ۽ جهاز سازي جي مختلف عنوانن تي شاگردن اڳيان ائين ليڪچر انگهائي ڏيندو هوس جيئن ڳوٺ جي مسجد جو ملون جمع نماز تي ڳوٺاڻن اڳيان خطبو پڙهندو آهي. اهو سڄو سال سوا زندگي چاڪن، بلئڪ بورڊن، اوورهيڊ پروجيڪٽر، ٽرانسپرنسيز (سلائيڊن)، هئنڊ آئوٽ ڏڻن ۽ انجڻين جا ماڊل ڏيکارڻ جي چوڌاري ڦرندي رهي. چانهه جي ٽائيم تي به جهازن، بندرگاهن، رفتار ۽ لنگر کڻڻ جون ڳالهيون ڪرڻ بدران اسين ماستر يعني چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن اهي ئي ڳالهيون ڪندا رهياسين ته اڄ اسٽوڊنٽس گهڻا آيا“. ”هاڻ ڪنهن جو پيرڊ آهي.“ ”سڀاڻي ڪنهن کي پيرڊ نه آهن.“ وغيره وغيره. ڪئپٽن تجمل رکي رکي تن ڏينهن جي تنهن زندگيءَ ۾ چوندو هو ته يار پاڻ کي ”پيرڊ“ بدران ”ڪلاس“ چوڻ کپي. پيرڊ وري ڇا جا. پيرڊ ته عورتن کي ايندا آهن. مهيني جي آخري ڏينهن ۾ ڪئپٽن تجمل کان ڪڏهن چانهه لاءِ کلا پئسا گهرندو هوس ته ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو: ”پارٽنر! هفتي کان کيسو خالي ٿيو پيو آهي. بس ماستريءَ ۾ رڳو مٿو کپائڻو ٿو پوي.“
بهرحال ان ماستريءَ بعد جتي به ڪو ماستر نظر اچي ٿو، چاهي پرائمري اسڪول جو سنڌي ماستر هجي يا ڪنهن پروفيشنل ڪاليج جو پروفيسر صاحب، ته هو پنهنجو ئي لڳي ٿو ڪجهه ڪجهه اهائي پنهنجائپ جيڪا اديب هڪ ٻئي لاءِ محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجائيءَ ڪري پروفيسر چوڻ بدران عام لفظ ماستر ئي استعمال ڪريان ٿو، يعني منهنجي پروفيشن جا ماڻهو. ماستر صاحبن اڃا ويٺي ڪچهري ڪئي. انگلينڊ جي شهر سائوٿ شيلڊ جي هنن ويٺـي ڳالهه ڪئي. شايد اتان ڪو ويجھڙائيءَ ۾ ٿي آيو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽاف ۾ ڪيترائي اهڙا پروفيسر آهن جيڪي ولائتن مان پي. ايڇ ڊي ڪري آيا آهن. ڪيمسٽري فزڪس، فزيالاجي، جيالاجي، مئٿس، ايڪانامڪس وغيره وغيره ۾ ڊاڪٽر مڱريو، منير مهيسر، مشتاق بلوچ ميراڻي، امداد علي، رفيق آرائين، عبدالرزاق ابڙو، عڪس بخاري ۽ ٻيا ڪيترائي جن مان ڪي هتي جا ٻاهر ڏٺا اٿم ته ڪن جا رڳو نالا ٻڌا اٿم.
ڪمري ۾ اچي ٿرماس جي ڍڪ ذريعي ٿڌي پاڻيءَ جو اڌ کن ٿرماس پي پوءِ ليٽي پيس. لائيٽ ته هئي ڪانه جو ڪجهه کڻي پڙهي سگهجي. پنکو به نه پئي هليو. پر ڄام شوري جي ٿڌي ٿڌي هوا دريءَ مان گهو گهٽ ڪندي پئي آئي جنهن کي پسي پيٽارو جو زمانو ياد پئي آيو. پيٽارو ۾ به ڄامشورو وانگر اونهاري ۾ ڏينهن جو کڻي گرمي ٿئي ٿي پر شامَ کان وٺي جيڪي هوائون لڳن ٿيون ۽ رات جنهن (pleasant-temperature) تائين ٺري ٿي، ان جو دنيا ۾ جواب ناهي. ڄامشوري، پيٽاري ۽ حيدرآباد جي شامن ۾ جيڪو نشو يا خمار آهي ان کي ته چاليهه سالَ اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم به وساري نه سگهيا آهن.
پيٽارو کي الوداع چئي چٽگانگ پهچڻ تي پهرين شيءِ جا مونکي ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽَ ڪري سگهجي. مون به دنيا گهمي آهي ٻين به دنيا ڏٺي وائٺي آهي. آهي ڪو اهڙو ملڪ جتي تارن هيٺ ٿڌي هوا ۾ سمهي سگهجي. ڪا جڳهه هوندي به ته اتي وري گهم به شامل هوندي، يا وري آڌي رات کانپوءِ پارو وسندو هوندو يا واريءَ ۽ ريتي جا چڀندڙ طوفان هوندا يا دونهين ۽ مڇرن جا انبوهه! ”پيٽارو ۾ هيترا سالَ رهڻ دوران ڪڏهن به هنن راتين جو قدر نه ٿيو.“ مون دل ۾ سوچيو، ”جيئن هنن يارن کي نه ٿيندو هوندو، جيڪي ٻاهر ڪچهري ويٺا ڪن، ته هو ڪيتري ته فرحت بخشي موسم جي مزي ۾ آهن ـــ جنهن جو ڪو مٽ ناهي. جنهن جي ڪا قيمت ناهي. جنهن جو ڪو جوڙ جيس ناهي.“
ڪراچي يا جهاز جي گهما گهمي واري زندگيءَ کان ڄامشوري ۾ ڪيڏو نه سڪون هو. ويتر ان رات بتي بندهجڻ ڪري شامَ کان ماٺ مٺوڙو لڳي ويو هو. رکي رکي ٻاهران فقط هنن همراهه جي ڳالهائڻ جو اڻ چٽو آواز يا ٽهڪڙو ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ـــ يا وري ڏيڏرن جو ٽڙڪاٽ. دل چيو پئي ته جيڪر ويجھو وڃي سندس ڳالهيون ٻڌجن. ويجھو وڃي سندن کل خوشين ۾ شامل ٿجي. پر سخت ٿڪل هوس. سڄو ڏينهن هليو هوس. ان کان اڳ واري رات به چڱيءَ طرح ننڊ نه ڪئي هيم ۽ ٿي سگهي ٿو مون ڌارئين جي موجودگيءَ ۾ سندن ماحول ڪجهه پُر تڪلف ٿي وڃي ها. ان ڪري بستري تي ئي ليٽي ليٽي ٿڪ ڀڃندو رهيس. هٿ ۾ ٽوال جھلي وهنجڻ لاءِ تياريون پئي ڪيم. واچ ۾ ان وقت ڏٺم ته رات جا ساڍا نَوَ ٿيا هئا. ڏيڏرن جي رکي رکي رڙ ٿيندي رهي.
”خبر ناهي هيءَ سندن روزمرهه جي routine آهي يا اڄ ڪا abnormal ڳالهه ٿيڻ واري آهي! شايد مينهن وسي.“ مون سوچيو ۽ ان بعد اُٿي کڙو ٿيس.
وهنجڻ جاين ۾ گئس بتي ٻري رهي هئي سو بنا ٽارچ جي اُتي پهچي ويس. ڪمري مان نڪرڻ وقت اها پڪ نه هئي ته ويتر پاڻي هوندو يا نه. پاڻي گهٽ يا نه هجڻ جو مسئلو ته سڄي ملڪ سان لاڳو ٿيندو وڃي. ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ اُهو ساڳيو کٽراڳ آهي ته هالا، بوبڪ، جھڏي جهڙن ڳوٺن ۾ به. سو پاڻ کي ذهن طرح تيار ڪري وهنجڻ لاءِ اُٿيو هوس ته پاڻي نه هوندو ته ائين ئي اچي سمهي رهندس.
باٿ روم ۾ پهچي در بند ڪرڻ کان اڳ ڦوهاري جو نلڪو ڦيرائي ڏٺم پاڻي پريشر سان ڦوهاري جي مڙني ٽنگن مان ٻاهر نڪري آيو. دل خوش ٿي وئي. ”ايتري گهڻي ۽ تيز پاڻيءَ سان ياد نٿو اچيم ته ڪو ويجھڙائيءَ ۾ وهنتو هجان.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ ڪا دير پاڻ کي پسائيندو رهيس. ٿورو ٿورو ڏوهه جو احساس به ٿيم ته ضرورت کان وڌيڪَ پاڻي وڃايان پيو ـــ پر اهو هوش پوءِ دير سان آيو تيسين چرين وانگر، ڦوهاري جو ٽڪڻ ۽ ڇاتيءَ تي فوڪس رکي وهنجندو ندو رهيس. پوءِ مس مس وهنجڻ جي جند ڇڏي، ٽوال ويڙهي ٻاهر نڪتس. لائيٽ اڃا نه آئي هئي. سامهون ورانڊي مان ايندڙ ٻه همراهه منهنجي اڳيان ڪراس ڪري مٿي ماڙي ڏي ويا. ڀلجي ڪجهه پڇيائون پر ان ئي مهل کين احساس ٿيو ته آئون ڌاريون آهيان ۽ وڌيڪَ ڪڇڻ پڇڻ بنا هليا ويا. آئون به خوش هوس ته اوندهه ڪري هڪ لنڊي ۽ ڦاٽل ٽوال ۾ گذارو ٿي ويو نه ته پرائي هاسٽل جي ورانڊي مان ائين هلڻ ڪيڏو خراب ٿو لڳي. بهرحال ساڳي وقت تيار به هوس ته جي اوچتو لائيٽ اچي ويئي ته يارهين نمبر ڪمري تائين سؤ ميٽرن جي وٺي ڊوڙ پائيندس.
ڪمري ۾ پهچي ڪپڙا پاتم. ميڻ بتي آخري لمحن ۾ هئي ۽ وارننگ ڏيئي رهي هئي ته سمهڻ جي جلدي تياري ڪريان يا ڪو ٻيو سريلو اڌڙ ڳولي ٻاريان. آئون سمهڻ جي موڊَ ۾ هوس سو جلدي جلدي وچ تي رکيل ڪرسيون ۽ ٽيبل ڪنڊ تي پاسائتا ڪيم جيئن رات جو گگھ اونداهيءَ ۾ اٿڻ تي ٿاٻڙجي نه پئجي. ڪٻٽ مان چادر ڪڍي کٽ تي وڇايم ۽ وهاڻي هيٺ عينڪ رکي ليٽي پيس. جلد ئي ننڊاکڙو محسوس ڪيم پر ڏيڏرن جي رکي رکي رڙ تي اک کلي ٿي پيئي. ”خبر ناهي هڪڙو ڏيڏر آهي يا سڄي پلٽون.“ ننڊ کي آڻڻ لاءِ وري هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون سوچڻ لڳس. ”هڪ ڏيڏر جو ايڏو وڏو آواز ته ٿي نٿو سگهي. پر جي هڪ کان وڌيڪَ آهن ته اهو ڪمال آهي جو سڀ هڪ ئي وقت ماٺ ڪن ٿا ۽ هڪ ئي وقت ڦاٽن ٿا. هونءَ لڳي ٿو ته هيءَ هتي جي نارمل ڳالهه آهي تڏهن ته ڪو ٻيو ان کي ڌيان ۾ ئي نٿو آڻي. بس هي ڪم به ائين جيئن بندرگاهه تي سڄي رات جهاز گھگھو پيا هڻندا آهن، جن جو ڦرڙاٽ نئين آيل کي ته ڊسٽرب ڪري سگهي ٿو پر اسان کي ڪو احساس ئي نه ٿيندو آهي يا جيئن ريلوي اسٽيشن جي آس پاس وارا گهر، ريل جي ڪوڪَ جا عادي هوندا آهن.“
ڏيڏر ڦاٽندا رهيا. آئون سوچيندو رهيس. تان جو خبر ناهي ڪنهن ويل ننڊ اچي ويئي. صبح جو اک کلي ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ هر شيءِ صاف نظر اچي رهي هئي. ڇت وارو پنکو آهستي آهستي هلي رهيو هو. رات جو خبر ناهي ڪنهن مهلَ لائيٽ اچي ويئي هئي. ڏيڏرن جي ٽان ٽان بند ٿي ويئي هئي. دريءَ ٻاهران وڻ تي ويٺل ڳيرو ذڪر ڪري رهيو هو. وقت ڏٺم پورا ڇهه ٿيا هئا. هٿ منهن ڌوئي ڪار مان رٻڙ جا ٻوٽ ڪڍي ٻاهر جا گنگ لاءِ نڪتس. چوڌاري ماٺ مٺوڙو لڳو پيو هو. گهڻي ڀاڱي ماڻهو اڃا ننڊ ۾ هئا. بورچي ڇٻو کڻي شهر ڏي ويندڙ بس جو انتظار ڪري رهيو هو. ڀنگي گهرن اڳيان ٻهاري ڏيئي رهيو هو. آئون ٻاهر نڪري مهراڻ يونيورسٽيءَ ڏي مٿي ڊوڙڻ لڳس. واپسيءَ تي ٽيچرس هاسٽل ۽ مارئي هاسٽل جي وچ وٽ فقط عبدالجبار جوڻيجو واڪ ڪندي نظر آيو. ”سڄي يونيورسٽيءَ ۾ ڇا صحت کي صحيح رکڻ جو اونو سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار کي ئي آهي!“ ساڻس سلام دعا ڪري کلي اها ڳالهه چئيمانس.
هاسٽل ۾ موٽڻ تي اڃا سڀ ستل هئا، شايد موڪل جي ڏينهن ڪري! ميس جو بئرو ورانڊي مان لنگهي رهيو هو. ”جوان! چانهه ملي سگهندي؟“ ٻڍاپور جو سنڌي بئرو ادب ۾ نهٺائيءَ سان هائوڪار ڪري ويو ۽ ٿوري دير کانپوءِ ڪٽليءَ ۾ گرم چانهه ۽ ڪوپ کڻي آيو.
”سائين ڪنهن جي نالي لکان؟“
”ابا، منگيءَ جي نالي جيڪو وارڊن واري ڪمري ۾ رهيل آهي.“ مون کيس رضا حسين جي چوڻ مطابق سندس دوست جو نالو لکايو.
چانهه پي ڏاڙهيءَ جو سامان ۽ چپل وغيره ڇونڊي ڪپڙي جي بئگ ۾ وڌم. چادر کي ويڙهي واپس ڪٻٽ ۾ رکيم. انهيءَ وچ ۾ هاسٽل ۾ رهندڙ ماستر به هڪ هڪ ٿي اُٿي ويا جو ٻاهر ڪمرن کلڻ جا آواز شروع ٿي ويا. باٿ روم ۾وهنجڻ جا آواز. وڊيو تان مهنتار ۽ ناهيد اختر جي گانن جا آواز. زندگيءَ جا آواز ۽ خوشيءَ جا شروع ٿي ويا. آخري دفعو روم جي چوڌاري نهار ڪري اُٿيس ۽ پنهنجي ڌوڙاٽيل گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي جي سفر لاءِ نڪري پيس.