ڏيڏر حلال يا حرام؟
جيئن اسان وٽ ماڻهو ڪڪڙيون پالين تيئن هِتي ملائيشيا ۾ ماڻهو واپار لاءِ مڇيون ۽ گانگٽ پالين. ڀر واري ملڪ انڊونيشيا ۾ تيل جي ڪمائي گهٽ هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو روزگار خاطر مڇين ۽ گانگٽن کان علاوه ڏيڏر پڻ پالين ٿا جن ۾ چڱي خاص ويجهه آهي ۽ حڪومت به ان لاءِ همٿ افزائي ڪري ٿي جو ان مان سٺو غير ملڪي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. هِتي پاڻيءَ جي ته کوٽَ آهي ڪانه. چوڌاري سمنڊ يا درياهه وهن پيا. سو هي ماڻهو ڪناري ڪناري ننڍين ٽونگن واري ڄاريءَ سان لوڙهو ٺاهي اندر ڏيڏرن جا ٻچا يا آنا ڇڏين. جيئن اهي سڄي سمنڊ ۾ ٽڙڻ پکڙن بدران لوهي ڄاريءَ اندر ئي پيا وڌن ويجھن. هنن کي کاڌي لاءِ پڻ ڪڪڙين جي ڏاري وانگر هٿرادو ٺهيل فيڊ (ڏارو) ڏنو وڃي ٿو.
ڄاريءَ جو لوڙهو هجڻ ڪري نقصان پهچائڻ وارا کيکڙا يا گانگٽ يا ٻيون سامونڊي آفتون اندر اچي نٿيون سگهن. ڏيڏرن جي وڪري لاءِ سٺي مارڪيٽ هانگ ڪانگ ۽ جپان آهي يا وري يورپ ۽ آسٽريليا.
ڪجهه ڏينهن اڳ انڊونيشيا جي ماڻهن ۾ اهو بحث اچي هليو ته ڏيڏر کائڻ، پالڻ ويندي وڪڻڻ حرام آهي ۽ اسلام اجازت نٿو ڏي ان ڪري ڪيترن ته ڏيڏرن کي پالڻ به ڇڏي ڏنو. حڪومت کي به اچي ڊپ لڳو ته هن مهانگائيءَ جي زماني ۾ گهر ويٺي جيڪي چڱا چڏار ڏوڪڙ غير ملڪي ناڻي جا پئي آيا سي ٿا هٿان وڃن. سو هڪدم اهو مسئلو ملڪ جي عالمن جي ڪائونسلر مجلس علماءَ انڊونيشيا (M.U.I) جي حوالي ڪيو جن ٻن ڏينهن جي بحث مباحثي بعد اها فتويٰ جاري ڪئي ته مسلمانن کي ڏيڏر جو گوشت کائڻ نه کپي. پر هو واپار ۽ وڪري خاطر ان کي پالي سگهن ٿا.
جيتوڻيڪ ان فيصلي جي سڄي ڪاروائي بند ڪمرن ۾ هلي ۽ گهڻائيءَ اهو فيصلو ڏنو ته ڏيڏر کائڻ نه کپي پر ٻن ٽن عالمن اهو به خيال ڏيکاريو ته ڏيڏر جو گوشٽ حلال آهي. بهرحال حڪومت ۽ عوام ان فتويٰ بعد ڏاڍو خوش ٿيو ته غربت جي زماني ۾ هڪ سٺو روزگار قائم رهيو.