تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا
جپان ۾ به مغرب جي دنيا کان ابتڙ، پاڻ وانگر مال دولت کان وڌيڪَ عزت کي مٿانهون سمجھيو وڃي ٿو. خاص ڪري ماڻهن جي مئي کان پوءِ هن جا گڻ ئي ڳايا وڃن ٿا. مرڻ وقت چاهي هو ڪو ڌن دولت ڇڏي ويو هجي يا نه پر عزت ۽ لڇڻ اهڙيون شيون آهن جن جي ڪري هو پوءِ به ڳائبو رهي ٿو. ان جو مثال اسان وٽ ڪيترائي بزرگ فقير، شاعر اديب ٿي گذريا آهن. ان سلسلي جي جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”تورا واشي شيتي نا اوتو ڪوسو“ يعني شينهن مرڻ بعد پنهنجي کل ڇڏي ٿو ۽ ماڻهو مرڻ کانپوءِ پنهنجي ناموس ڇڏي ٿو.
پاڻ وٽ اهو چوڻ عام آهي ته انسان ڪڏهن گليل کان به پيو ڊڄندو پر ڪڏهن ته هو توب جي منهن ۾ هوندي به پرواهه نه ڪندو آهي ۽ دلير ٿي مقابلي جي ڪوشش ڪندو آهي. سو جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: ”ڪيو سو، يڪو او ڪامو“ (گهيري ۾ آيل ڪوئو ٻليءَ کي به چَڪي رکندو آهي.)
جپان ۾ رهندڙ اسان جا سنڌي همراهه ”ڏٺو پير پني مراد“ پهاڪي جو نعم البدل جپاني پهاڪو ”تائي زان مي اي دوشيتي نيزومي اپيڪي“ ڏريو جبل نڪتو فقط ڪوئو ــ استعمال ڪن ٿا. اسان جو يار اقبال سولنگي سنڌي ۾ ڳالهائڻ وقت سنڌي پهاڪو ”سهسين ڪرين سينگار، ته به کودڙو پٽ کودڙي جو.“ استعمال ڪري ۽ جپانيءَ ۾ ڳالهائيندي وقت ان ئي مفهوم جو جپاني پهاڪو ڏيندو: ”ڪائيرو نوڪو وار ڪائيرو“ ڏيڏر جو ٻچو سو ڏيڏر يا جيئن پاڻ وٽ ان جهڙو هڪ ٻيو به سنڌي پهاڪو آهي: ”جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.“
پهاڪن جو ڀنڊار ظفر شيخ آهي. جنهن جي نيٺ، ادبي ۽ نيٺ جپاني ٻوليءَ تي جپاني به کيس داد ڏيندا اهن. سندس واتان ٻڌل ڪجهه جپاني پهاڪا: ”ڪامي نو ڪو يوري توشي نوڪو“ (عمر سان ئي عقل اچي ٿو)، هونءَ جپاني لفظ ”ڪو“ جي معنيٰ ڪڇونءَ جو مٿيون ڍڪ/پُڙ پڻ آهي، پر هتي ”ڪو“ عمر يا تجربو ٿيندو.
هڪ ٻيو جپاني پهاڪو جيڪو اسان جو يار شايد سنڌي چوڻي: ”جيڪو ڳڙ سان مري تنهن کي زهر ڇو ڏجي“ جي بدران استعمال ڪندو آهي، اهو آهي: نيوا توري اوساڪو ني ازو ڪو نزو گوتو او موچي اِين“ (ڍور کي ڪُهڻ جو ڪات ڪڪڙ تي ڇو استعمال ڪجي).
يا هڪ ٻيو سندس دلپسند جپاني پهاڪو هوندو آهي: ”ميڪئو سوها ڪُووسو او ورائو“ اکين جون پچيون ٿيون نڪ جي پچين تان ٺٺوليون ڪن. جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ آهي ته ”مينهن چويءَ ڍڳيءَ کي هل ڙي پڇ ڪاري“ ان قسم جو هڪ ٻيو به پهاڪو جپانيءَ ۾ آهي ته ”جهڙا پنجاهه قدم موٽڻا تهڙا سؤ.“ اها چوڻي هڪ جپاني قصي تان ٺهيل آهي جنهن ۾ جنگ دوران پنجاهه قدم پٺتي ڀڄڻ وارو سپاهي سؤ قدم پٺتي آيل سپاهيءَ تان ڇٿرون ٿو ڪري.
جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: ”ڪمزور (بيڪار) گاهه جلدي اڀري ٿو.“ اهو ٻڌي امر جليل جي ان جهڙي چوڻي ياد ايندي آهي جيڪا گهڻو اڳ سندس افساني ۾ پڙهي هيم ته اناج ۽ ڪارائتيون شيون ته محنت سان ئي پيدا ٿي سگهن ٿيون. پنهنجي ساءِ ڌرتيءَ ۾ رڳو ڊڀ، ڪرڙ، ڪنڊا ۽ ٿوهر ئي ڦٽي سگهن ٿا.
شاهه لطيف جو شعر آهي ته: صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن کان. اهو گهڻو ڪري ان وقت ياد ايندو آهي جڏهن جپان جا اڪثر بندرگاهه ڇڏيندي وقت، جتي طوفان ۽ هوائون عام آهن جپاني مڪاني ماڻهن واتان نصيحت ۽ صلاح خاطر هي جپاني پهاڪو ٻڌبو آهي: ”ماتيبا ڪائيرو نو هيبوري“، سڻائو سمنڊ ان کي ئي ملي ٿو جيڪو انتظار/صبر کان ڪم وٺي ٿو، يعني سٺي موسم ۽ سمنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ضروري آهي.
”ڏڌل کير وري ٿڻن ۾ نه پوي“ اهو هڪ سنڌي پهاڪو آهي، جنهن جو لفظ به لفظ جپانيءَ ۾ ترجمو ڪري اشفاق ميمڻ استعمال ڪندو آهي. ان سان ملندڙ جلندڙ جپانيءَ ۾ پڻ هڪ پهاڪو آهي: ”فوڪو سوئي بان ني ڪائي رازو“ يعني هاريل پاڻي وري گڏ ڪري نٿو سگهجي.
اسان جو ڳوٺائي اسڪارڊرن ليڊر عبدالرزاق جپانيءَ ۾ گهٽ قابل ناهي. جپان ۾ پڙهائيءَ دوران پنهنجي سبجيڪٽ اليڪٽرانڪس کان علاوه جپاني ٻوليءَ جي لکت واري امتحان ۽ ريڊيو ٽي ويءَ تي جپاني ۾ ڪيل تقريرن ۾ به نمبر کنيائين. ظفر شيخ وانگر سندس جپاني ڳالهه ٻولهه پهاڪن، چوڻين ۽ شعرن سان ٽمٽار هوندي آهي. سندس واتان ڪجهه ٻڌل چوڻيون جيڪي هن وقت هُري رهيون آهن:
”جھرڪ سؤ سالن جو ٿي پوءِ ڪو نچڻ وساري.“
”بنبو ِنين نو ڪو دا ڪُو سان“ معنيٰ غريبن کي بار به گهڻا ته ٻار به گهڻا.
سندس خبرن ۽ خطن مان ڪجهه ٻيا ڪوريل جپاني پهاڪا
”سؤٽن ماساتن کان پاڙيسري چڱا.“
”عشق جي مرض کان نه گوتم ٻڌ ڇوٽڪارو ڏياري نه ڪوسي پاڻيءَ جو چشمو.“
”ڪاني وات تنيڪا نو ماوا رموچي“ معنيٰ پئسو ايندڙ ويندڙ شيءِ آهي، جيئن اسان وٽ پڻ سنڌيءَ ۾ اهو عام آهي: ”پئسو هٿن جي مَرُ آهي“
”اونا نو ڪامي نيوا اوزو موتسو نگارو“ معنيٰ عورت جا وار ته متاري هاٿيءَ کي به سوگهو جھلي سگهن ٿا.
پر اسان جو جپان ۾ رهندڙ هڪ ٻيو يار چوندو آهي ته جيڪڏهن ڪا جپاني ڇوڪري سنڌي سمجھي ته ان جپاني چوڻيءَ بدران کيس ايترو چوڻ گهڻو رهندو ته:
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا
زندان هزارين مان نه رڳو“