گڏيل هندستان ۽ برما جي اهميت شخصيت
پاڻ ڪئڊٽ جي حيثيت ۾ سن 1913ع ۾ انگلينڊ جي بحري فوجَ Royal Navy ۾ گهڙيو ۽ ڇاهٺ ورهن تائين، مرڻ تائين ان سان لاڳو رهيو. جيتوڻيڪ مائونٽ ئٽن ايگزيڪيوٽو برانچ مان پر ڪميونيڪيشن برانچ مان هو ۽ شروع ۾ سگنل آفيسر ٿيو هو ۽ پوءِ اڳتي هلي ٽن جنگي جهازن Destroyers جي ڪمانڊ ڪيائين. هڪ دفعي ته جهازن جي سڄي ٻيڙي جي ڪمانڊ سندس هٿ ۾ هئي ۽ آخر ۾ ڪمانڊر ان چيف ٿيڻ کان اڳ هڪ هوائي جهاز کڻندڙ جهاز Air Craft Carrier جو پڻ ڪئپٽن ٿي رهيو.مائونٽ بئٽن پهريون ماڻهو هو جيڪو سامونڊي لارڊ (Sea Lord) ٿيو.
مائونٽ بئٽن مرچنٽ نيويءَ وارن سان آخري وقت تائين واسطو رکندو آيو ۽ کيس پنهنجي هم پيشي جهازين جو ڏاڍو خيال رهندو هو. مرڻ کان ٿورائي مهينا اڳ هن انگلينڊ جي ناٽيڪل اداري کي نه فقط ساراهيو پر سمنڊ تي جهازين جي حفاظت ۽ بهتر تربيت لاءِ پڻ هنن جي همت افزائي ڪئي. جهازين لاءِ شروع ڪرايل ڪنگ جارج فنڊ جو پڻ پاڻ صدر ٿي ڪم ڪيائين. لارڊ مائونٽ بئٽن اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ سياسي طرح کڻي ڇا به هجي پر انگريز قوم لاءِ هڪ وڏو هيرو هو ۽ ساڳي وقت ڪيترن ئي ڪامن ويلٿ جي ملڪن لاءِ پڻ. پاڻ 25 جون 1900ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ اسي کن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي ئي ملڪ ۾ پنهنجن ئي ماڻهن هٿان مارجي ويو.