الطاف شيخ ڪارنر

دُنگي منجهہ درياھہ

دنگي منجهه درياهه، جيڪو هئڻ ته دنگي وچ درياهه کپندو هو، ڪيترن قومن، قبيلن، معاشرن جي مزاجن ۽ روين جو مجموعو ۽ مختلف ملڪن جي ترقيءَ جي ليول جي دري آهي جا سٺي اسٽائيل ۾ قلمبند ڪيل آهي.
مظهر الحق صديقي
  • 4.5/5.0
  • 2347
  • 741
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دُنگي منجهہ درياھہ

Not Born in U.S.A

A

دنيا جي سمنڊن جي گند ڪچري کان صاف رکڻ، جهازن کي حادثن کان محفوظ رکڻ ۽ جهازين جي تعليم ۽ امتحان جو معيار بلند کان بلند تر ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن طرفان آءِ ايم او (International Maritime Organization) نالي هڪ کاتو آهي. ان کاتي طرفان ايشيا جي مڙني ملڪن ۽ پئسفڪ سمنڊ جي سڀني ٻيٽن جي نمائندن جي گڏجاڻي 18 فيبروري 1986 تي ملاڪا (ملائيشيا) ۾ ٿي. ٻن هفتن لاءِ ايشيا جي ملڪن: ايران، پاڪستان، سريلنڪا ۽ برما کان چين، ٿائلنڊ ۽ ويٽنام ڪوريا تائين ۽ پئسفڪ سمنڊ جي انيڪ ننڍن وڏن، ويجھن ڏورانهن، ٻڌل اڻ ٻڌل ٻيٽن: پاپاءِ نيوگني، فجي، سولومن آئلينڊ کان ٽونگا، تووالو، وانوئاتو ۽ مارشل آئيلينڊس جي جهازراني ۽ جهاز سازيءَ جي کاتن جا همراهه هِتي اسان وٽ ملاڪا ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. سندن اچڻ کان اڳ اسان ڌارين مان هر هڪ کي پنهنجي ملڪ جي نمائندي معلوم ڪرڻ جو انتظار هو ته ڪير ٿو اچي جنهن کان پنهنجي مُلڪَ جي خبر چار پڻ وٺجي.
آخر I.M.O جي لنڊن آفيس مهمانن جي سڄي لسٽ ٽيليڪس ذّريعي ملاڪا موڪلي ته هي همراهه سيمينار ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
پاڪستان کان ايندڙ چيف انجنيئر عارف حسين نه فقط سڃاڻو نڪتو پر سندس واسطو ساڳي جهازران ڪمپني PNSC سان آهي جنهن طرفان ٽن سالن جي lien تي آئون هتي ملائيشيا ۾ نوڪريءَ لاءِ آيو آهيان. بنگلاديش واري خاني ۾ ڪئپٽن فضل الرحمان چوڌري جو ۽ مالديپ ٻيٽ واري ۾ مسٽر احمد شريف جو نالو هو جيڪي ٻئي پراڻا واقفڪار آهن. بنگلاديشي ڪئپٽن چوڌري 1963ع ۾ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڊيڪ ڪئڊٽ هو جِتي آئون ان وقت انجنيئرنگ ڪئڊٽ هوس. ان بعد هو پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپنيءَ جي جهازن: سفينئه جمهوريت، سفينئه عرب ۽ سفينئه اسماعيل تي ڪيترائي سالَ رهيو. پوءِ بنگلاديش جي جهازن: بنگلار آسا، بنگلار مامتا، بنگلار غُراب، بنگلار مان وغيره جو ڪئپٽن ٿي رهيو. ان بعد سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ بنگلاديش جي وزارت جهازراني ۽ آمدرفت ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو جِتي اڃا تائين آهي ۽ ڍاڪا ۾ رهي ٿو.
مسٽر احمد شريف جو واسطو پڻ جهازن سان آهي. پاڻ شروعاتي تعليم هندستان جي مئرين اڪيڊمي ڊفرن مان ورتائين (جيڪا هاڻ راجيندر سڏجي ٿي)، ان بعد پنهنجي ملڪَ جي مختلف جهازن تي نوڪري ڪري هاڻ ڪجهه سالن کان مالديپ ٻيٽن جي وزارت جهازراني ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي آهي ۽ اڪثر هن قسم جي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ ميٽنگن ۾ ملندو رهي ٿو. مالديپ ملڪ دراصل انيڪ ننڍن وڏن ٻيٽن جو جھڳٽو آهي جيئن فلپين يا فجي آهي. مالديپ ڪو امير ملڪ ناهي پر تنهن هوندي به کيس ڪنهن زماني ۾ ڪافي جهاز هوندا هئا. گذريل چند سالن کان سامونڊي آمدرفت کي اهڙي نظر لڳي آهي جو ڏينهون ڏينهن پٺتي ٿيندي وڃي. بقول اسان جي هڪ سيڪنڊ انجنيئر وقار حسين جي ڪو زمانو هو جو مرچنٽ نيوي جا آفيسر پنهنجي شاهي ”شان ـــ مان“ مان سڃاتا ويندا هئا پر هاڻ هو مفلسي ۽ مسڪينيءَ مان. جهازرانيءَ جي ڪرندڙ حالتن جو اثر دنيا ۾ جِتي ڪٿي ٿيو آهي ۽ جِتي يورپ، جپان ۽ آمريڪا جون P & O ۽ سنڪو شپنگ لائين جهڙيون ڪمپنيون ئي ترپٽ ٿي ويون آهن اتي غريب ملڪن جو ڇا حال چئي سگهجي ٿو. نه ته 1970ع تائين عربي سمنڊ جي بندرگاهن: ڪراچي ۽ ڪولمبو کان بمبئي ۽ بصري تائين، مالديپ جي جھنڊي وارا جهاز چڱي اندازَ ۾ نظر ايندا هئا. هاڻ بقول احمد شريف جي جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ جهاز وڃي بچيو آهي اهو هن ڏکئي وقت ۾ فقط تيل جا پئسا پورا ڪرڻ لاءِ واجھائي رهيو آهي ته من ڪو ايترو ڪارگو (سامان) ملي وڃي جنهن جي ڀاڙي مان جهاز جي هلڻ جو تيل ۽ کيس زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ رنگ روغن جو خرچ پورو ٿي سگهي. وري به مالديپ جي اها خوش نصيبي آهي جو سندس جهازي عملو بيروزگار نه ٿيو آهي. بنگلاديش ۽ مالديپ ٻيٽن جا جهازي (خلاصي) بيحد چئيوان، غريب سڀاءُ، جسماني طرح ڪمزور هجڻ جي باوجود اڻ ورچ ۽ پورهيت، ٿوري ۾ خوش رهڻ وارا آهن. ان ڪري دنيا جي سوين غريب توڙي امير جهازران ڪمپنين ۾ توهان کي بنگالي ۽ مالديپي ملندا.
ٻئي يا ٽئي ڏينهنَ شامَ جو ڪٿي ٻاهر هوٽل ۾ هلي ماني کائڻ لاءِ عارف حسين چيو. رستي تان بنگلاديش جي ڪئپٽن چوڌري ۽ مالديپ جي احمد شريف کي پڻ کنيوسين. چوڌري ننڍپڻ کان چرچائي آهي. هر وقت خوش رهڻ ڪري وڃيس ٿو ڏينهون ڏينهن ماس چڙهندو. پاڻ پراڻن ڏينهن ۽ ننڍپڻ جي ساٿين جا چرچا ٻڌائيندو رهيو.
”يار ٻڌو اٿئون ته فلاڻو همراهه جيڪو پاڻ کان سالَ کن جونيئر هو اڄڪلهه پاپاءِ نيو گني ملڪ جي ڪنهن نيول ڪاليج جو پرنسپال آهي؟“
اسان پڇيس.
”ادا اهو هاڻ ڪٿي نه رهي سگهندو.“ چوڌرريءَ وڏو ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو.
”ڇو ڀلا؟“ اسان وائڙو ٿي پڇيس.
”ابا هو جهاز جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد چٽاگانگ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ پرنسپال جي پوسٽ تي سکيو ستابو ويٺو هو. کڻينس ٿي کٽي جو هيڪاندو وڌيڪَ تعليم لاءِ انگلينڊ هليو ويو. اتان ايڪسٽرا چيف انجنيئر جي Qualification حاصل ڪري آيو. ان بعد پاڻ کي هيڪاندو وڏو سمجھڻ لڳو ۽ ايڏو وڏو سمجھڻ لڳو جو هنجي ملڪ جي هر ڪا ڪرسي کيس ننڍي محسوس ٿيڻ لڳي. اڄڪلهه حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو جن ڪپتانن ۽ چيف انجنيئرن بين الاقوامي سمنڊ ۾ وڏا وڏا جهاز هلايا ٿي سي هينئر روزگار خاطر پنهنجي ملڪَ جي بندرگاهن ۾ ڊريزر ۽ ٽگ (ننڍا ٻيڙا) هلائڻ لاءِ به واجھائين پيا. اتي هن کي اهو ڪُڏ ته ”آئون ايڪسٽرا چيف انجنيئر جو ٿي آيو آهيان سو مونکي اڃا به وڏي نوڪري ۽ وڏو پگهار ملڻ کپي.“ آخر پنهنجو ملڪ بنگلاديش ڇڏي جپان جي هڪ وڏي جهازران ڪمپنيءَ جي جهاز تي وڃي چڙهيو. اتي به ساڳي کِٽ کِٽ ته آئون ايڪسٽرا چيف انجنيئر آهيان. مونکي اڃا به ڪجهه ملڻ کَپي. هڪ ڏينهن ان جهازران ڪمپنيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سمجھائيندي چيس ته ”جهاز ان مان اڄڪلهه ڪمائي ٿئي ڪانه ٿي. روز روز نقصان جو ٻڌي مالڪ جو پيون هينئون ٻڏي ۽ هو ته چاهي ٿو ته وس پڄي ته جهاز جي آفيسرن کي مانيءَ جو ويلو به گهٽ ڏجي ۽ تون پيو ڳالهيون ڪري 1975ع کان اڳ جون جڏهن جهاز جي عملي کي واقعي سونن چمچن سان کارايو ويندو هو.“
”ابا هن جو ائين چوڻ ۽ اسان جو يار ان کي عزت جو سوال سمجھي، پاڻيءَ جو جهاز اتي ئي ڇڏي هڪ هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز جي ايڪانامي ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي پئسينجر جي حيثيت سان ڍاڪا کان اچي نڪتو. ان بعد پاپاءِ نيو گني ويو برابر پر اتي به جھيڙا جهٽا ڪري موٽي آيو. نه ته اهو ملڪ تازو هاڻ آزاد ٿيو آهي. ڄمي پوي ها ته ٻين لاءِ به نوڪري حاصل ڪري سگهي ها. هاڻي خبر ناهي ڪٿي آهي. ”امي جاني نه. (مونکي ڪا خبر ناهي.)“ ڪئپٽن چوڌريءَ آخر جملو بنگاليءَ ۾ چيو.
”يار تون چيف انجنيئر افتخار کي سڃاڻين؟“ ڪئپٽن چوڌريءَ کان مون هڪ بنگالي دوست جو پڇيو، ”ساڻس ڪجهه فئملي پرابلم هو.“
”ها .ها. سمجھيم، سلهٽ وارو.“ چوڌريءَ چيو. ”هاڻ اهو ٻي زالَ سان خوش آهي، باقي توهان وارو ڪلاس ميٽ، فلاڻو ڪئپٽن جيئري دفن ڪرڻ جهڙو آهي، ٻن زالن کي طلاقون ڏيئي چڪو آهي ۽ هاڻ.“
”۽ هاڻ ڇا ٽينءَ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو؟“ عارف حسين سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪپيندي لقمو ڏنو.
”نه بابا نه. هاڻ چوي ٿو ته ٻيءَ کي ساڙڻ لاءِ وري پهرينءَ سان شادي ڪندس. رڳو سندس ٻيو مڙس کيس طلاق ڏيڻ لاءِ ڪنهن طرح راضي ٿئي.“
پوءِ ٿوري دير ساهه پٽي اسان کان پڇيائين: ”يار توهان جي فلاڻي مولوي ريڊيو آفيسر ٻڌو اٿم ته آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڇوريءَ سان ٻي شادي ڪئي آهي. مولويءَ جي اها ڳالهه ٻڌي مونکي ڏاڍو تعجب لڳو ته پهرين زالَ کي ست پڙدن ۾ ويهاري هاڻ پيريءَ ۾ هڪ ماڊرن سان شاديءَ جو خيال آيو اٿس.“
”نه يار. اهو هن تي اجايو بهتان آهي.“ عارف حسين ڳالهه سمجھائي، ”هن پاڻ نيڪيءَ جو ڪم ڪيو آهي. هڪ غريب بيواهه تي آفيس ۾ هرڪو الزامَ گهڙيندو وتندو هو. ان کي پناهه ڏيڻَ لاءِ هن شادي ڪئي آهي.“
ڪئپٽن چوڌري روايتي قسم وارو ٽهڪ ڏنو. جڏهن هن کي زبانَ سان ”ڏاڍي ٻڌائي.“ نه چوڻو هوندو آهي ته ان وقت ان قسم جو ٽهڪ ڏيندو آهي. پوءِ رومالَ سان نرڙ تان پگهر اگهي چيو: ”ٺهيو. چئبو ته هاڻ ڏاڙهين تي به اعتبار نه رهيو.“
”ڀلا توهان واري ڪئپٽن وسطڙو جو ڪهڙو حال آهي؟“ چوڌري چيو.
”صحيح آهي. مالمو يونيورسٽي (سئيڊن) مان فِليٽ مئنيجمينٽ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي.“ مون ٻڌايومانس.
”گذريل سال آئون هفتي لاءِ سئيڊن ۾ هوس. سندس يونيورسٽيءَ وارن سيمينار ڪيو هو ۽ اسان مهمان طور هئاسين. بشير وسطڙو سان اتي روز ملاقات ٿيندي هئي. آهي وڏو لاهه. هڪ ڏينهن چيائين: ”يونيورسٽي وارن جي روز دعوت ٿو کائين اڄ مون غريب وٽ هلي دال ماني کاءُ.“
”پاڪستاني برياني، پلاءُ، پلي مڇي، پڪوڙي ڪواب کي کاڌي سال ٿي ويا هئا. سو سئيڊ ميزبانن جي ست رڇي ڇڏي سخت سيءَ ۽ برفاني هوا ۾ ميل کن پنڌ ڪري هاسٽل ۾ وسطڙو جي ڪمري تي اچي ڏسان ته واقعي دال ماني رڌي آيو هو. چيومانس ”يار هي ڇا آهي؟ رڳو دال، ٻيو ڪجهه به ناهي.“ ته ماڳهين مون تي جلهه ڪري چوڻ لڳو: ”ڇا وري ڇا؟ مون ته اچڻ کان اڳ ئي ٻڌايو مانءِ ته دال ماني هلي کاء. سؤ رپئي ڪلو آهي هِتي دال به . سا به سئيدن ۾ ملي ڪانه ٿي. چيٽيءَ چنڊ، ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ڪو ويندو آهي ته اتان گهرائيندو آهيان.“ چُپڙي ڪري ويهي کاڌم. سو اهڙا ماڻهو مون ڪٿي به نه ڏٺا جيڪي نه رڳو ”دال مانيءَ“ جي دعوت ڏين پر کارائين به دال ماني ئي. ۽ اهو ٻڌائڻ ته وسري ويم ته دال به رڌي ٺاهي نه آيو هو. اڌ گابري رڌي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ هليو ويو هو. سو جيئن ڪمري ته پهتاسين ته ڏوئي هٿ ۾ ڏيئي چيائين ”پارٽنر! دل ۾ نه ڪرين ته دال گهماءِ ته آئون اٽو ڳوهي ماني پچايان.“
ڪئپٽن چوڌريءَ جي ڳالهه ڪرڻ جو نمونو اهڙو آهي جو اُداس ماحول ۾ خوشيءَ جو وسڪارو ٿيو وڃي. ڏکويل ۽ غمگين ماحول ۾ ٽهڪڙا اچيو وڃن. شاگرد پائيءَ جي زماني کان وٺي دل ۾ درد هوندي به ٻين کي خوشيون ۽ کلڪا ڏيندو اچي. پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ظاهر کل ۽ چرچي جي ڳالهه مان اندر جو ڏک ۽ غم پڻ ليئو پائي وٺندو آهي ۽ ڳالهه ٻڌائيندي هڪدم پاڻ به سنجيدو ٿي ويندو آهي. ان رات به ائين ٿيو.
ڳالهيون ڪندو ايئرپورٽ تي ڪسٽم وارن جي چڪاس جي ڳالهه نڪتي. مون چيو ته هِتي ملائيشيا ۾ ڪسٽم وارا ڌارين کي ايترو تنگ نٿا ڪن.
عارف حسين چيو: ”منهجي ته بئگ کولرايون.“
تنهن تي ڪئپٽن چوڌريءَ چيو: ”ڪن جي چڪاس ڪن ٿا ڪن جي نه. منهنجي اڳيان ٽي چار گورا هئا تن جي سامان کي هٿ به نه لاٿائون. انهن بعد جڏهن آئون ڪسٽم ڪائونٽر تي پهتس ته ڪسٽم واري مون کان پڇيو ”ڪهڙڙي ملڪ جا آهيو؟“ وراڻيومانس ته بنگلاديش جو آهيان. يڪدم چيائين: ”بئگ کولڻي پوندئي“. بئگ کولي سندس اڳيان ريڙهي چيم: ”بلڪل جناب ڪيئن نه کوليندس.“ ۽ پوءِ آهستي ڀڻڪيس: “Not Born in U.S.A” (بس آمريڪا ۾ جو نه ڄائو آهيان.) ڪسٽم وارو ڪو سمجھو هو جو اهو ٻڌڻ سان منهنجا هٿ جھلي بئگ جو سامان ٻاهر ڪڍڻ کان روڪي، اتي جو اتي بند ڪري چاڪ جو نشان هنيو. ”آءِ ايم ساري. توکي بئگ کولڻ جي تڪليف ڏنم.“
”نقلي مرڪ چپن تي آڻي، واڇن کي ٽيڙي، ڏند ڪڍي زبان سان ”ٿئنڪ يو“ چيومانس. دل ۾ سوچيم ته تو هڪ ته کڻي منهنجو سامان نه ڦولهيو پر دنيا ۾ ڪيترا آهن جي اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن سان سٺو برتاءُ ڪن ٿا.“ ڪئپٽن چوڌري ٿڌو ساهه کڻي، خلائن ۾ گهوريندي چيو: ”بس يار هڪ غريب ملڪ جو باشندو ٿيڻ به ڪيترو ذهني عذاب آهي. توهان کڻي ڪيڏا به اهم آفيسر هجو، ايماندار هجو، نيڪ ۽ متقي هجو، سچار ۽ صحيح هجو، پر جيئن ته بنگلاديش جهڙي هڪ غريب ملڪ ۾ پيدا ٿيا آهيو، اتي ڄاوا نپنا آهيو ۽ توهان تي ان ملڪ جو ٺپو لڳل آهي، ان ڪري توهان جو چور هجڻ ممڪن آهي ۽ جيڪو تيڪو توهان جو پٽڪو لاهي سگهي ٿو ۽ هوڏانهن يورپ يا يو ايس اي جهڙن ڪنهن امير ملڪ جو ڪيڏو به چور ۽ ٺڳ هجي ته به عزت لائق آهي. خاص ڪري اسان جو ايشيائي ڪسٽم آفيسر ساڻس جھڪي جھڪي پيو ڳالهائيندو. متان سندس حڪومت يا سفارتخانو ناراض نه ٿي پوي.“
ڪئپٽن چوڌريءَ جي ان ڳالهه بعد اسين سڀ چپ ٿي وياسين. شايد سڀني کي پنهنجا پراڻا سور ياد اچي ويا. نوڪريءَ دوران ڪيترن ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن يا بندرگاهن تي اسان سڀني کي اهو تجربو ٿيو هوندو. پوليس، ڪسٽم، اميگريشن وارن واٽ ويندي سڏي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو هوندو. فقط ان ڪري جو اسان جو واسطو پاڪستان، هندستان، بنگلاديش يا برما جهڙي غريب ايشيائي يا آفريڪي ملڪ سان آهي. جنهن وٽ نه پيٽرول آهي نه پوليٽيڪل پاور ـــ جنهن سان ڪا گلوبل تبديلي اچي سگهي.