ڪراچيءَ جي سواري
مون کانئن جپانيءَ ۾ پڇيو ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ ڊوڪو مادي اڪي ماسوڪا.
”ايئرپورٽ“
”آئون ايئرپورٽ جي اڌ تائين وڃان پيو. چئو ته اوستائين وٺي هلانوَ پوءِ توهان پاڻهي هليا وڃجو.“
ٿورو مُنجھي ۽ هٻڪي پوءِ اري گاتو گوذائي ماشتا (مهرباني) چئي منهنجي ڪار ۾ ويٺا. مونکي به گهڻي پڪ نه هئي ته ڪو ويهندا. جو اسان جهڙن ملڪن جي هي ڌاريان ماڻهو اڳهين ڄاڻ وٺي اچن ٿا ته بدامني آهي يا نه ۽ ڌارئين جي ڪار ۾ ائين ويهڻ کپي يا نه. اسان پاڻ به آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به سوچي سمجھي هلندا آهيون ۽ رستي تي مرد ته ڇا پر عورت کان به لفٽ وٺندي گريز ڪندا آهيون ـــ جو ڪيترا اهڙا واقعا ٻڌا هوندا جو ويهڻ بعد کيس ڪجهه سونگهائي ڦريو ۽ ماريو ويو هوندو. اسان جي ملڪ ۾ کڻي آمريڪا، اولهه آفريڪا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن جهڙي بدامني ۽ بي پرواهي ناهي پر ته ڪهڙي خبر ته هي ڌاريان ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌي هتي آيا هجن سو ان ڪري مون گهڻو زور ڪرڻ نٿي چاهيو پر ساڳي وقت جپانين جهڙن ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ ائين وائڙو ڇڏي به نٿي وڃڻ چاهيو جو سندن ملڪ ۾ جڏهن اسين مُنجھي پوندا آهيون ته هنن جو ننڍو وڏو رستو ڏيکارڻ، گاڏيءَ جي ڇٽڻ يا اچڻ جو وقت ٻڌائڻ، ٽڪيٽ جو اگهه معلوم ڪري ڏيڻ وغيره وغيره لاءِ پورو پاڻ پتوڙيندو آهي، چاهي هو ڪيترو به مشغول هجي پر ڌارئين کي دڳ لائيندو آهي.
مونکي شهيد ملت روڊ تي وڃڻو هو سو کين اوستائين وٺي هلڻ جو اردو ڪيم جيئن هنن نوجوانن جو ڪجهه ڀاڙو بچي پوي. پنهنجي جپاني تکي ڪرڻ ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ساڻن جپانيءَ ۾ خبرون ڪرڻ لڳس: ”ڊوڪوني سندي اماسڪا“ توهان ڪٿي جا آهيو؟
”ٽوڪيو جا.“
”گاڪوسي ديسڪا“ (شاگرد آهيو؟) پڇيومان.
”نه هن وقت شاگرد نه آهيون. تازوتازو ڪاليج پڙهي پورو ڪيو اٿئون.“
مونکي جپانيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي هو وائڙا ٿي نيٺ پڇڻ لڳا:
”انا تا دوناتا ديسڪا ـــ توهان ڪير آهيو؟“
”وتاشي وا فوني نو ڪي ڪان چو ـــ پاڻيءَ جي جهاز جو چيف انجنيئر آهيان، سيلاني آهيان، توهان جو ملڪ به ڪافي جھاڳيو اٿم. اڃان توهان پرائمري اسڪول ۾ مس هوندائو ته ان وقت کان وٺي جپان اچڻ وڃڻ شروع ڪيو اٿم ته هي ڏينهن اچي ٿيا آهن.“
”اسان جو شهر ٽوڪيو ته توهان ڏٺو هوندو؟“
کين تعجب ۾ وجھڻ لاءِ کلي ٻڌايم: ”ٽوڪيو ته ڇا پر اوساڪا، يوڪوهاما، نگويا، ڪوبي، موجي، شمنو سيڪي، هاچي نوحي، شيمزو، وڪاياما، خبر ناهي ڪيترا شهر ڪيترا ڳوٺَ، ڪيتريون وستيون، ڪيترا واهڻ توهان جي ملڪ جا ڏسي ڇڏيا اٿم. توهان ڪريو خبر هنن موڪلن ۾ ڇا گهمڻ آيا آهيو؟“
”جبل تي چڙهنداسين“
”ڪشمير ٿا وڃڻ چاهيو؟ گلگت ۽ هنزا پاسي؟“ مون پڇيومان.
”نه اوڏانهن نه.“ هنن وراڻيو.
”ته پوءِ ايئرپورٽ تان ڪيڏانهن ويندائو؟“ مون پڇيومان.
”تنزانيا.“
”ڪليمنجا روجبل لاءِ؟“ مون پڇيو مان
”ڪلمينجارو جبل توهان ڏٺو آهي؟“ هنن مونکان پڇيو.
”نه يارو، رڳو ٻڌو اٿم. ٻڌا ته ٻيا به خوبصورت جبل، نديون، ڍنڍون ماٿريون اٿم پر هن کي ان ڪري ڏسڻ جو شوق اٿم جو منهنجي دلپسند ليکڪ هيمنگوي هن جبل جو ذڪر پنهنجي ڪِتابَ ۾ تفصيلَ سان ڪيو آهي.“
ان تي جنهن جپاني نينگر کي انگريزي صفا نه پئي آئي تنهن جپانيءَ ۾ وراڻيو: ”مون به هيمنگوي جو اهو ناول پڙهيو آهي.“
”وائڙو ٿي پڇيومانس: ”تو پڙهيو آهي ـــ انگريزي ليکڪ هيمنگوي کي؟ ڪهڙا ڪهڙا ناول پڙهيا اٿئي؟“
”ذري گهٽ سڀيئي“ هن سڪون سان وراڻيو.
”سڀيئي!“ مون کان رڙ نڪري ويئي. آرسيءَ ۾کيس گهوريندي چيم، ”پر توکي ته يارَ انگريزي صفا نٿي اچي؟“
”او جپاني ايڊيشنو“ هن کلندي وراڻيو. مون کان به کل نڪري ويئي. دل ۾ چيم ته اها ڳالهه ڪر نه ته اهوڪم ائين پئي لڳو جيئن آئرلينڊ جو انگريز چوي ته هن عبدالحسين جي سنڌي پڙهي آهي يا مشتاق شوري جا سنڌي افسانا پڙهيا آهن.
بهرحال ترجما ادب ۾ اهم رول ادا ڪن ٿا. ڌارئين زبان سکڻ پٺيان سالَ وڃائڻ بدران ڌارئين زبان جو ادب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو پڙهڻ هڪ وڏو سک آهي. جيتوڻيڪ ترجمو مڃيان ٿو ته اصل جو سواد ۽ سڳنڌ نٿو ڏئي. مرزا قليچ بيگ جهڙي عظيم انسان اسان کي ٻين ملڪن جي اديبن جي لکڻين کان واقف ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻا ترجما ڪيا، ان بعد سنڌ ۾ ترجمي جي ميدانَ ۾ يڪي ماٺ رهي آهي. رکي رکي ڪو هوا جو جھوٽو لڳندو هوندو نه ته ڪيترائي سالَ صحرا واري سانت هئي. هاڻ مڙيئي ڪجهه چرپر ٿي آهي. ولي رام ولڀ، قاضي خادم، نصير اعجاز، فضل احمد بچاڻي، حنيف صديقي، گوپان، پهلاجاڻي وغيره جا نالا ترجمي جي دنيا ۾ اُڀرن ٿا.
مون پنهنجو ڌيان هن جپاني ڇوڪرن ڏي ڏنو جيڪي جبلن تي چڙهڻ جا ڪارناما ۽ پنهنجي پهلوانيءَ بابت ٻڌائي رهيا هئا ته هو هر سال ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ جهڙو جوکم وارو ڪم ڪندا آهن ۽ ائين ڪندي ڪندي هڪ ڏينهن هماليه جبلن جي اتاهين چوٽي ايوريسٽ تي به پهچي ويندا!
جبل تي چڙهڻ واقعي سولو ڪم ناهي. جيئن جيئن ماڻهو مٿي چڙهي ٿو تيئن هوا جو دٻاءُ گهٽجڻ ۽ سخت سيءَ ٿيڻ ڪري ساهه کڻڻ ۽ جسم گرم رکڻ ڏکيو ٿيو پوي. اڃا به مٿي پهچڻ تي چوڌاري برف ئي برف تي ڏينهن جا ڏينهن هلڻ، تنبو کوڙي رات جو سمهڻ، چانهه يا ٻيو ڪو هلڪو کاڌو ٺاهڻ لاءِ برف ڳارڻ تمام ڏکي ڳالهه ٿيو پوي. سڀ کان وڏي ڳالهه مٿي چڙهڻ لاءِ رسو اڇلي پوءِ پاڻ کي مٿي ڇڪڻ ان بعد وري ٻي ساٿيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪڻ! ان چڪر ۾ ڪڏهن ڪڏهن همراهه هيٺ به ڪري پوندا آهن. بهرحال اهي وڏي دل ۽ جگر وارا ئي ڪري سگهن ٿا ۽ جبلن تي چڙهڻ وارا واقعي همت وارا ۽ دلير ٿين ٿا. هنن اڳيان سرڪس جا ڪرتب به ڪجهه نه آهن.
اسان نرسريءَ وارو علائقو به ٽپي اڳتي نڪري چڪا هئاسين. شهيد ملت روڊ تائين پهچڻ ۾ باقي ڪو ٿورو پنڌ هو جتي مونکي کين لاهڻو هو جيئن ايئرپورٽ تائين پاڻهي هليا وڃن. ٽئڪسي، بس يا ڪنهن ٻي سواريءَ ۾. خبر ناهي هي ڇا ۾ وڃن. آهن ته امير ملڪ جا ۽ هنن لاءِ هتي جي ٽئڪسي تمام سستي آهي پر جيئن ته غريب شاگرد آهن ان ڪري ٽئڪسيءَ ۾ پڪ نه چڙهن. هونءَ به بس ۾ ڀاڙو گهٽ لڳندن ۽ وڏي ڳالهه ته گهڻن ماڻهن سان گڏ هوندا. مون ان بابت کانئن مرضي معلوم ڪئي:
”ايئرپورٽ تائين ٽئڪسيءَ ۾ ويندائو يا بس ۾؟“
”بس ۾.“ هنن وراڻيو.
اهو تمام سٺو، مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ باقي رستو اڪرڻ تائين وري جبلن جون ڳالهيون شروع ڪيونسين اڌ گابريون رهجي ويون هيون. خاص ڪري هو پنهنجا تجربا ٻڌائڻ لڳا ته گذّريل سال جپان جي هڪ جبل تي چڙهندي ڪيئن هنن جو ذري ذري پير ترڪي رهيو هو. پر هنن ان جي ڪا به پرواهه نٿي ڪئي. هڪ ٻئي جبل جي اتاهينءَ تي هنن ڪيئن همٿ کان ڪم ورتو جتي ساهه کڻڻ به ڏکيو ٿي لڳي ۽ جتي ٻيا پٺتي موٽي ويا اتي هي همت ڪري چوٽيءَ تي وڃي پهتا.
اتي شهيد ملت روڊ جو چواوٽو اچي ويو. ڪار کي رستي جي پاسي تي نيشنل بئنڪ وٽ بيهاري ساڻن گڏ رستي تي بس جي انتظار ۾ اچي بيٺس بس ڪو گهڻو انتظار نه ڪرايو جو ان رستي تي هڪ ٻئي پويان بسون پئي آيون. پر جا ڳالهه لکڻ لاءِ هي سڄو قصو کنيو اٿم اها هيءَ ته جبل تي چڙهڻ وارا هي نوجوان اسان جي بس ۾ چڙهي نه سگهيا. ظاهر آهي اسان جون بسون يورپ، آمريڪا ۽ جپان جهڙيون ته آهن ئي ڪونه، اهي ملڪ ته پري پر ڪولمبو ۽ بمبئي جي بسن جهڙيون به نه آهن جن ۾ ماڻهو اول ته آرام سان چڙهي سگهي ۽ ٻيو ته ان ۾ ويهڻ جي جاءِ وٺي سگهي.
بسون ته هڪ ٻئي پويان اينديون رهيون پر هنن جي حسابَ سان ٽٻ ڀريل هيون. جيتوڻيڪ بندر روڊ واريون بسون هنن کان وڌيڪَ سٿيل هونديون آهن. هنن ۾ ٺونٺ هڻڻ ۽ پير چپڻ سان بيهڻ جي جاءِ مليو پئي ويئي پر بس هڪ ته بيٺي ئي چند سيڪنڊ ٿي ۽ ٻيو ته در وٽ لڙڪندڙن جو تعداد ايترو ته گهڻو هو جو اسان جي جپاني همراهن سمجھي ورتو ته هي جوکم جو ڪم اهوئي ڪري سگهي ٿو جنهن گهٽ ۾ گهٽ گذريل جنم ۾ ”موت جي کوهه“ ۾ ڦٽ ڦٽي هلائي هجي. هڪ ٻن بسن ۾ همراهن ڪوشش به ڪئي پر ٻين چڙهندڙن ۽ لهندڙن جي ٿونن ۾ هي فوٽ پاٿ به لتاڙي اچي ڪچي تي ٿي پيا. مون ڏٺو ته ٻئي جوان جيڪي اتاهن جبلن تي چڙهي سگهيا ٿي، جن جو جبل جو چوٽيءَ تي به ساهه نٿي گھٽيو، جن جي اڳيان سرڪس جا ڪرتب به ڪجهه نه هئا، اهي ڪراچيءَ جي بس اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ساڻا ٿي بيهي رهيا. لڄارا ٿي چوڻ لڳا: موزوڪشي (تمام ڏکيو ڪم اهي). تمام جوکائتو آهي بس ۾ چڙهڻ. ڪا ٽئڪسي ملي ويندي.“
سندن اهو حال ڏسي کين ايئرپورٽ تائين ڇڏي آيس ۽ سوچيم ته واقعي ڪراچيءَ جي بس ۾ چڙهڻ تنزانيا جي ڪليمنجارو يا اسان جي ملڪَ جي ڪنچن چنگا جبل تي چڙهڻ کان به ڏکيو ڪم آهي.
ڪراچيءَ جي فقط بس ۾ پر رڪشا ۾ پڻ. جنهن لاءِ هڪ لطيفو مشهور آهي. ٿي سگهي ٿو حقيقت ئي هجي. هڪ جرمن سرڪس ٽيم ڪراچيءَ ۾ آئي ۽ بندر روڊ تي رڪشائن کي خوفناڪ طريقي سان هلندو ڏسي چيائون: ”هن شهر جو ڪهڙو ماڻهو اسان جا ڪرتب ڏسندو جڏهن هو روز ههڙي خطرناڪ شيءِ ۾ ويهي اهي ڪرتب پاڻ سرانجام ڏيندا رهن ٿا ـــ جنهن ۾ سيفٽي (بچاءَ) جو جزو ٻه سيڪڙو به ناهي.“