جھوني جڳ جا جهاز.....
”سر، توهان جي ڏينهن ۾ ڀلا ڇا حساب ڪتاب هوندو هو؟“ مون کانئس پڇيو.
”اسان جي ڏينهن ۾ يعني ويهين صديءَ جي انهن شروعاتي ڏينهن ۾ جهاز جي قد بت سارو سندس تري ۾ پاڻيءَ جي فقط هڪ ٽانڪي هوندي هئي جنهن مان هٿ واري پمپ ذريعي پاڻي مٿي ڇڪي ڪڍبو هو. روز قطار ۾ بيهي هر هڪ جهازي حساب موجب پاڻي وٺندو هو. ڊگهن سفرن ۾ ته پاڻي به راشن مطابق ملندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هر ماڻهوءَ کي سڄي ڏينهن لاءِ فقط هڪ گئلن پاڻي ملندو هو. جنهن مان هن کي پيئڻ لاءِ پورت ڪرڻي پوندي هئي ته هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ به ــ جيڪو جهڙو تهـڙو ڌوئي سگهبو هو. بس اکين تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻڻو پوندو هو، ننڊ مان اُٿڻ مهل. وهنجڻ ته ڪنهن خوش نصيب ڏينهن تي ئي ٿيندو هو جڏهن زبردست مينهن ڪري جھجھو پاڻي گڏ ٿيندو هو.
”پاڻي ايڏي اهم شيءِ هوندي هئي جو شيشو، جڳ يا ٽڀو رکڻ لاءِ ڪاٺ جو مندن يا ڇڪو ٺهيل هوندو هو جنهن ۾ حفاظت سان رکي سگهجي. پاڻيءَ جي ڏهاڪي ورهاست بعد پاڻي ڇڪڻ واري پمپ جي هٿئي کي ڪنڍو ڏيئي وڏو تالو لڳائڻو پوندو هو. جهاز تي اهو پمپ ئي هڪ مشينري سمجھيو ويندو هو. هڪ جهاز تي وقت جي تقاضا ۽ سائنس جي ترقيءَ موجب ڪئپٽن ڪئبن ۾ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ڪونڊي (بئسن) لڳايو ويو جنهن ۾ کڏ تي رکيل ٽانڪيءَ مان پاڻي پائيپ مان ٿي گول ڦرڻ واري ٻنجي واري نلڪي مان نڪتو ٿي.
”اها اسان مڙني لاءِ وڏي ۽ حيرت انگيز ڳالهه ٿي پيئي هئي. ان جو پاڻي کپڻ تي جهاز جا خلاصي پاڻيءَ جون ڀريل بارديون کڏ تائين کڻي ان ٽانڪيءَ کي ڪناتار ڪندا هئا.“ پوڙهو جهازي ڪجهه دير پنهنجي ان ڳالهه تي کلڻ لڳو. وارو وٺائڻ لاءِ آئون به مرڪيس. پوءِ سلفيءَ مان ڪش ڀري ڳالهه جاري رکي.
”ساڳيو حال بجليءَ جو هو. جنريٽر اڃا نه نڪتا هئا جو ڇت يا ٽيبل وارو پکو هلي. يا بجلي ٻاري سگهجي. هر هڪ کي شامَ جو شيشي ۾ تيل ذرو ملندو هو. جو ايترو مس هوندو هو جو ڪلاڪ ڏيڍ ڏيئو ٻاري سگهجي. آئون ڏهاڙيءَ جي راشن مان ٿورو ٿورو بچائي رکندو هوس جيئن موڪل واري رات جو گهڻي دير تائين پڙهي يا پتي راند کيڏي سگهان.“
”ٿڌن ملڪن ۾“ مون پڇيو، ”ته توهان بلاڪيٽ، سوڙيون اوڍي سمهندا هوندائو، يا ڪاٺيون ۽ ڪوئلا ٻاري ڪمري کي گرم رکندا هوندائو. پر، سَر! گرم ملڪن ۾ ڇا ڪندا هئا؟“
”جيئن ئي يورپ جا ٿڌا ملڪ لتاڙي آفريڪا جي گرم ملڪ ماريطنيا ۽ سينيگال وٽ پهچندا هئاسين ته گرميءَ کان ساهه نڪرندو هو ۽ سڀ جهازي ٻارهين ڊيڪ تي اچي سمهندا هئا ڇو جو خط استوا کان ڏهه پندرهن ڊگريون مٿاهين توڙي هيٺاهين حصي جي گرمي سهڻ پنهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. ساڳي حالت گلف پاسي يا هندستان، برما، ملايا، انڊونيشيا ڏي ٿيندي هئي. اڳتي هلي ڪاٺ بدران لوهه جا جهاز ٺهيا ته انهن جو ڊيڪ (ترو) رات جو به دير تائين گرم رهندو هو. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪمري ۾ ئي سمهي رهندا هئاسين. گرمي گهٽائڻ لاءِ درين مٿان ڳوڻ آلي ڪري ٽنگيندا هئاسين جيئن ٻاهر جي گرم هوا آلي ڳوڻ مان لنگهڻ ڪري ڪجهه ٿڌي ٿئي. هونءَ ٽراپيڪل ملڪن ۾، ٻاهر سمهڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ اسان يورپين لاءِ کلئي آسمان هيٺان سمهڻ هڪ نئين ڳالهه ۽ نئون تجربو هوندو هو. آسمان ڄڻ مڇرداني وانگر لڳندو هو. اُڀ ۾ ٽم ٽم ڪندڙ تارا ائين لڳندا هئا ڄڻ مڇر دانيءَ ۾ کڙ کٻيتا ڦاسي پيا هجن. چوڏهينءَ تي جڏهن سڄو چنڊ کڙيل هوندو هو ته مٿان ڪجهه ٽنگي سمهبو هو، جيئن چانڊوڪي سندس منهن تي نه پوي.“
”ڇو ڀلا؟“ وائڙو ٿي پڇيومانس.
”بس خبر ناهي ڇو تن ڏينهن ۾ سختيءَ سان تاڪيد ڪئي ويندي هئي ته چنڊ هيٺان نه سمهجي. تن ڏينهن ۾ اهو ڊپ يا وسوسو ماڻهن جي دلين ۾ هو ته چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊوڪي جنهن به ستل ماڻهوءَ تي پوندي ته اهو چريو ٿي پوندو. جنهن کي انگريزيءَ ۾ Lunatic سڏبو آهي. اهو لفظ چنڊ سان ئي واسطو رکندڙ آهي يعني Lunar مان ٺهيو آهي. جيتوڻيڪ مون کي ان ڳالهه تي يقين نه هوندو هو پر ته به ڊڄندو هوس ۽ چانڊوڪيءَ ۾ سمهڻ جو ڪڏهن به جوکم نه کنيم، تون ڀلا ڪڏهن ستو آهين؟“ هن مون کان پڇيو.
”سنڌ“، مون ٻڌايو مانس. ”۽ سڄي عربستان، راجستان جا ماڻهو ته اڄ به پنکي ۽ ايئرڪنڊيشنر هوندي اڱڻ ۾ سمهن ــ چاهي چوڏهين جو چنڊ هجي يا اماس جي رات.“
”شاعري يا ادب سان به دلچسپي اٿئي؟ پڇيائين.
”ها. ٿوري گهڻي مڙيئي.“ وراڻيومانس.
هن ڪنهن جو شعر ٻڌايو جنهن مان سندس سامونڊي زندگيءَ لاءِ اڃا تائين سڪ.
“One Road Leads to London
One Roads Runs to Wales
My Road Leads me Seaward
To the White Dipping Sails”.
شعر جو داد ڏيندي پڇيومانس.: ”ڀلا پوءِ چاچا، ماڊرن جهازن تي به ڪو رهڻ ٿيو يا نه؟“
”ها. پر آخري ٻه چار سالَ. پر خبر اٿئي شروعاتي ڏينهن ۾ به هر ايندڙ سال گذريل سال جي مقابلي ۾ ماڊرن لڳندو هو. مثال طور 1923ع ڌاري هڪ جهازي ٿرڊ آفيسر هوس. ان تي پهريون دفعو مون وائرليس سيٽ ڏٺو. اها جيتوڻيڪ اليڪٽرونس جي هڪ معمولي ۽ شروعاتي ايجاد هئي. پر سائين تن ڏينهن ۾ وڏي ڳالهه ٿي لڳي جنهن لاءِ هڪ خاص ڪئبن مقرر ڪئي ويئي. ان ۾ آپريٽر صاحب ـــ جنهن کي Sparks سڏبو هو (۽ هاڻ ريڊيو آپريٽر يا ريڊيو آفيسر ٿو سڏجي) ويهي ٻاهر جي دنيا سان ٽڪ ٽڪ، ٽڪ ٽڪ جي آوازن سان نياپا ڏيندو ۽ وٺندو هو. اهو وائرليس سيٽ ڇا هوندو هو ــ هڪ ٽيبل تي ڀوائتي قسم جي پيتي رکيل هوندي هئي جنهن ۾ پتل جون تارون ۽ شيشي جي والن جي قطار هئي. ٻه ويڪريون ۽ چمڪندڙ پتل جون تارون، جيڪي ان جو پالڻ وارو اسپارڪي، هميشه چمڪائي رکندو هو، سڀ ۾ نمايان هونديون هيون ۽ جن کي لوهي ڪنجيءَ (Key) رستي ملائڻ سان نياپو (Signal) ويو ٿي. انهن تارن جي ملڻ سان چڻنگون نڪتيون ٿي. هوشيار وائرليس انچارج (اسپارڪي) پنهنجي اڳيان رکيل فائيل Notices of Mariners مان پني ڀور ڦاڙي انهن چڻنگن اڳيان جھليندو هو ۽ پني کي باهه لڳڻ تي فخر سان سگريٽ دکائي، پنهنجي تجربي ۽ سائنس جي فائدن جو اسان جهڙن چوڌاري بيٺلن کان اکين ۾ داد وٺندو هو.
”هڪ ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ دٻلي جهـڙي شيءِ رکيل هوندي هئي، جنهن کي اسپارڪي ”ٽرانسميٽر“ سڏيندو هو. ان پيتيءَ جي ڀرسان هڪ عدد پاڻيءَ سان ڀريل باردي پڻ هوندي هئي جيئن متان هن جي انهن ٽپڙن کي باهه لڳي ته جھٽ وسائي سگهي. انهن ڏينهن ۾ نه هئا Satellite Navigators يا ڊيڪا لورين جهڙا رستو ڳوليندڙ اوزار ۽ نه هو ڪو Direction-Finder وغيره.
بندرگاهه ڇڏڻ بعد فقط الله جو ئي آسرو هوندو هو. ڪڪرن ڪري آسماني شيون چنڊ، تارا ۽ سج سيارا به ڪڏهن ڪڏهن گم هوندا هئا. پوءِ اسان جا هوندا هئا رڳو ڌڪا. هوشيار ڪئپٽن تجربي مطابق ۽ ڪجهه هوا جي رُخ ذريعي يا لهرن جي سنوت مان ڪجهه ڪجهه رستو ڳولي وٺندا هئا. يا وري هيئين جي سوجھري تي هلندا هئا.
”ماني ٽڪيءَ لاءِ ڇا ڪندا هئائو، سر!“ مون پڇيومانس.
”بس يار پهريان ٻه چار ڏينهن ته تازو گوشت هلندو هو. ڪاٺ جي وڏين پيتين ۾ برف جون سرون رکي مٿان گوشت رکي هلندا هئاسين. پر اهو بچ بچاءُ فقط قطبي ملڪن جي ٿڌ ۾ ٿي سگهندو هو. ٽراپيڪل (گرم) ملڪن ۾ پهچڻ سان برف وٽڙي ويندي هئي ۽ پوءِ يا گوشت کي لوڻي ۽ سڪائي رکبو هو يا خراب ٿيل به مرچ مسالا هڻي جيستائين ٿي سگهندو هو گذارو ڪبو هو. اهڙا ڪن سن کائڻ ڪري پيٽ جون بيماريون عام هونديون هيون. ڇا ڪجي بک بڇڙو ٽول داناءِ ديوانا ڪري. اڄڪلهه جي جهازن وانگر تڏهن جي جهازن تي ڪولـڊ اسٽوريج ۽ Domestic Fridge پلانٽ نه هئا جيڪي مڇي يا گوشت کي ڪاٽو ويهه ڊگري تائين ٿڌو رکي سگهن ۽ آرام سان ڇهه اٺ مهينا اهو راشن هلي سگهي.
”اسان سان گڏ ڪجهه مسلمان خلاصي به هوندا هئا. اهي ان قسم جو برف وارو يا لوڻيل گوشت نه کائيندا هئا. انهن لاءِ ج يئريون رڍون جهاز تي کڻي هلبيون هيون. پوءِ ضرورت وقت هنن جو پنهنجو ڪاسائي، جيڪو اڪثر حاجي هوندو هو اسلامي طريقي موجب رڍن کي حلال ڪندو هو. اهي ختم ٿيڻ تي هو فقط دال کائيندا هُئا. کين هر هفتي چانور ۽ گيهه جو ڪچو راشن ملندو هو جيئن هو پاڻ پنهنجي مرضيءَ موجب رڌين.
”ڪئپٽن لاءِ ڪجهه جيئريون ڪڪڙيون کڻبيون هيون جيڪي Crow - Mast (کوهي) تي ٺهيل ڇڪي ۾ رکبيون هيون. جيئن ئي ڪا ڪڪڙ مرڻ تي هوندي هئي ته ان کي ديڳڙي حوالي ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي هڪ ڪڪڙ بيضو ڏنو جيڪو اسان ٻن ڪئڊٽن ڏسي ورتو ۽ بورچيءَ کي منٿ ميڙ ڪري بصر جي ڳنڍ سان تري کاڌو هو. ان جو سواد اڄ به نٿو وسري.“
”پوءِ آهستي آهستي جنريٽر ۽ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻيون آيون ۽ رهائش جي ڪئبنن ۾ بلب ٻرندي ۽ ڇت جا پنکا هلندي ڏسي خوش ٿياسين ته سائنس ڪيڏي ته ترقي ڪئي آهي جو جهاز تي ڪَلَ تي هلن ٿا پر روشني ۽ هوا به م شين رستي ملي ٿي. ان کان اڳ، مون کي ياد آهي ته بصري ۾ ايڏي گرمي ٿي هئي جو ڪمري ۾ ويٺي ويٺي آئون بيهوش ٿي ويو هوس. شل نه ڪنهن دشمن کي اڄ به دبئي، دوحا، بحرين، ڪويت، عراق يا مسقط جهڙي هنڌ تي اونهاري ۾ وڃڻو پوي اتي جي گرمي ۽ ناروي سئيڊن، فن لئنڊ وارن پاسن جي سرديءَ کان جهازيءَ کي هر وقت بچاءُ ڪرڻ کپي.“
”مڃيان ٿو“، پوڙهي انگريز جهازيءَ وراڻيو ”تن ڏينهن ۾ سائنس ايڏي ترقي نه ڪئي هئي. ايتري قدر جو جهاز تي Echo-Sounder جهـڙي به ڪا شيءِ نه هئي جنهن جي بٽڻ دٻائڻ سان ان ئي وقت جهاز هيٺان سمنڊ جي اونهائي جي ڄاڻ پئجي سگهي پر اهو هو ته سائنسي پڦڙن جي محتاجي ڪڍڻي نه پوندي هئي. اليڪٽرڪ پاور هجي يا نه هجي. هٿ ۾ ڳوڙهي واري رسي (Lead-Wire) کڻي سڌو ڊيڪ تي اچبو هو ۽ سمنڊ ۾ اڇلي اونهائي معلوم ڪري وٺبي هئي.
اهڙيءَ طرح انجڻيون نه هجڻ ڪري سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ ڪرينون يا ونچون نه هيون جيڪي ٻن ٽن ڏينهن ۾ جهاز خالي ڪري ڇڏين. تن ڏينهن ۾ سامان لاهڻ چاڙهڻ جو ڪم مڪاني مزور ڪندا هُئا ۽ هفتن جا هفتا، اڃا به مهينا، جهاز بندرگاهه ۾ بيٺو هوندو هو. هڪ دفعي ڪلڪتي مان اڱارن (ڪوئلن) سان جهاز ڀرائڻو هو. ڌڪي جي بنگالي مزورن ٽي مهينا پئي پٺيءَ تي ڳوڻيون ڍوئي جهاز ۾ رکيون تيسين اسان موڪلون ڪندا، پرايو ملڪ گهمندا رهياسين.