فوٽو سيل ۽ ٻوڙ گرم ڪرڻ
جپان مان ويجھڙائيءَ ۾ هڪ نئون نڪورو جهاز ورتوسين جيڪو چڱي حد تائين اهڙي قسم جو آٽوميٽڪ هو. نه فقط موسم جي ٿڌاڻ ۽ گرم هجڻ تي سندس ائرڪنڊيشنر ۽ هيٽر گهربل ٿڌ يا گرمائش مهيا ڪندا هئا پر رات جي وقت ڪيئي ڪَمَ پاڻهي ٿيندا رهندا هئا، جيڪي هونءَ عام جهازن تي انجنيئرن کي ڪرڻا پون ٿا. مثال طور هلندي هلندي ڪو جنريٽر خراب ٿي پوندو هو ته يڪدم ٻيو جنريٽر هلڻ شروع ٿي ويندو هه ۽ جهاز جي ڪنڊَ ڪڙچَ ۾ ان جنريٽر رستي اليڪٽرسـٽي جاري ٿي ويندي هئي. پر جيڪڏهن اهو ٻيو جنريٽر به ڪنهن خرابيءَ سبب خراب ٿيل هوندو هو ته ٽيون جنريٽر هلڻ شروع ٿي ويندو هو ۽ اهو جي خراب هوندو ته پوءِ آخري سهارو ايمرجنسي جنريٽر هلي ويندو هو. ان سان گڏ ڊيوٽي انجنيئر جي ڪمري ۾ خطري جو الارم وڄي ويندو هو ته اُٿي کڙو ٿي جنريٽرن جي خرابي هينئر ئي ٺيڪ ڪر. اهو الارم وڄندو رهندو آهي جيسين ڊيوٽي انجنيئر انجن روم ۾ نه پهچي. پر جي خدانخواسته ڊيوٽي انجنيئر سستي ڪئي ۽ جنريٽر ٺاهڻ لاءِ انجڻ روم ۾ نه پهتو ته پورن پنجن منٽن جي انتظار بعد چيف انجنيئر جي ڪمري ۾ خطري جو الارم وڄي ويندو آهي. معنيٰ انجڻيون ته صحيح نه اٿئي پر زيردست عملو به سست اٿئي.
ان جهاز تي ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي حِساب رکيل هئا. انهن مان هڪ باهه جي ڳولا جو سسٽم هو. باهه دکڻ سان پهرين دونهون نڪري ٿو، پوءِ آهستي آهستي روشني (ڄڀون) ۽ ان بعد گرمي (تپش) . اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکي اڄڪلهه جي جهازن جي ڪنـڊ ڪڙچ ۾ ڪجهه اليڪٽرانڪ جا پرزا (Detector - Heads) هنيا ويا آهن جن مان ڪي دونهين تي چرپر ۾ اچي الارم وڄائين ٿا ته ڪي باهه جي ڄڀن (شعلن) تي ته ڪي باهه جي تپش تي.
جهاز جي قانون موجب باهه جي الارم تي هر هڪ جهازيءَ کي هڪ هنڌ گڏ ٿي، باهه لڳڻ واري هنڌ جي ڳولا ڪري باهه وسائڻي پوندي آهي. دونهين تي خطري جو الارم ڏيڻ وارو پرزو Smoke-Detector سڏجي ٿو جيڪو فوٽو سيل تي ڪم ڪري ٿو.
فوٽو اليڪٽرڪ سيل جي ڪم جو دارو مدار روشني ۽ اوندهه تي آهي. بلب، ٽارچ يا سج جي ڪرڻن جي روشني جيسين فوٽو سيل تي پوي ٿي هو ماٺ ۾ رهي ٿو. پر جيئن ئي ٿوري لمحي لاءِ توهان ٽارچ بند ڪئي يا وچ ۾ آڏا ٿي بيٺائو ته فوٽو سيل سان ڳنڍيل اليڪٽرڪ ڪرنٽ چرپر ۾ اچيو وڃي. فوٽو سيل جي ان خاصيت ڪڪري اهو ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿو. وڏن دڪانن ۽ آفيسن جا ٻاهران دروازا جيڪي پاڻهي پٽجن پورجن ٿا انهن جي پويان پڻ هن فوٽو سيل جو هٿ آهي. اهـڙن درن جي هڪ پاسي کان بلب يا ٽارچ جي نڪرندڙ روشني ٻئي پاسي فوٽو سيل تي پوندي رهي ٿي. جيئن ئي ڪو ماڻهو در جي ويجھو پهچي ٿو ته آڏ ڪري فوٽو سيل تي اوندهه ٿيو وڃي، جنهن ڪري اليڪٽرڪ ڪرنٽ چرپر ۾ اچي موٽر هلائي ٿو، جيڪا در کي کولي ٿي.
آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ رڍن يا ڍڳين ٻڪرين جي وٿاڻن ۾ جِتي هزارين وهـٽ هڪ هڪ وٿاڻ ۾ رهن ٿا، در وٽ اهڙو فوـٽو سيل لڳل هوندو آهي. رڍ جي وٿاڻ ۾ گهڙڻ سان فوٽو سيل چرپر ۾ ايندو آهي. پر اتي سندس چرپر کان دروازو پٽڻ يا پورڻ جو ڪم وٺڻ بدران ڳڻن جو ڪم ورتو وڃي ٿو. جيترا دفعا فوٽو سيل تي آڏ (اونداهه) ٿي اوترا انگ ـــ معنيٰ اوتريون رڍون وٿاڻين آيون. نه ته روز روز ايتريون رڍون ڪير ڳڻي.
ڪيترن هنڌن تي ته مالڪ آخري انگ ڏسڻ جي به تڪليف نه ڪندو آهي. مثال طور هن وٽ ست هزار رڍون اهن. اليڪٽرانڪ جو اهو حِساب ڪِتاب اهڙي طرح سان ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويندو اهي ته سج لٿي تائين جيڪڏهن فوٽو سيل ست هزار دفعا ائڪشن ۾ نه آيو ته الارم وڄي وڃي. معنيٰ اڃا ڪجهه رڍون کٽل آهن. مالڪ ۽ ڪم وارا گهرن مان نڪري انهن جي چراگاهن/ٻيلن ۾ ڳولا ڪن يا ٿاڻي تي چوريءَ جي رپورٽ لکائين جيئن چور جي هڪدم وٺ پڪڙ شروع ٿي وڃي.
مالڪن سان گڏ چور به اهڙا سياڻا ۽ اليڪٽرانڪ جا ڄاڻو ٿي ويا آهن، جو هڪڙا ٻيلي مان رڍون چورائي ويندا آهن ته ٻيا سندن ساٿي وٿاڻ جي در وٽ فوٽو سيل اڳيان پاڻ ئي اويترا دفعا اچ وڃ ڪري کٽل انگ پورا ڪري ڇڏيندا آهن جيئن مالڪ آرام جي ننڊ ۾ ئي ستو پيو هجي ۽ چورايل مال وڃي درياءَ جي ٻي پار ٻي رياست جي سلاٽر هائوس (ڪوس گهر) کان نڪري.
سو ان فوٽـو سيل کان باهه ڳولڻ جو ڪم پڻ وٺبو آهي. باهه دکڻ سان نڪرندڙ دونهون فوٽو سيل تي اوندهه ڪري ٿو ۽ سرڪٽ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪرنٽ کان خطري جي الارم وڄائڻ جو ڪم وٺي سگهجي ٿو. جپان مان ورتل مٿئين جهاز ۾ ان قسم جا ڪيترائي Smoke Detectors پڻ هئا.
جپانين کان ان جهاز جي چارج وٺڻ واري ڏينهن سڀني کي ڪافي ڪم ڪرڻو پيو. ات جي ماني به سڀني بيٺي پير کاڌي. يارهين بجي ڌاري واندا ٿي سڀ سمهڻ لاءِ وياسين جو صبح جو وري سوير چئين بجي ڌاري اُٿي جهاز کي ٽوڪيو جي بندرگاهه مان ڪڍي ڀر واري شهر يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ وٺي هلڻو هو.
ستي اڃا اڌ ڪلاڪ به ڪو مس گذريو ته باهه کان وڄندڙ خطري جي الارم تي ننـڊ مان اُٿڻو پيو. ڪنٽرول روم مان ايتري خبر پئجي ويئي ته جهاز جي رهائش واري علائقي ۾ باهه لڳڻ ڪري هي الارم وڳو آهي، پر ڪهڙي هنڌ، ڪنهن جي ڪمري يا آفيس ۾. ڪهڙي گهـٽيءَ يا ڪنڊ پاسي ۾ ـــ اهو ڳولڻو هو. قانون موجب خطري جي گهنٽي وڄڻ سان جهاز جو سڄو عملو اچي گڏ ٿيو. هر هڪ پنهنجي ڪئبن جانچي، گهٽيون آفيسون ۽ اسٽور ڏٺا پر ڪٿي به باهه جا آثار نظر نه آيا. تيسين الارم به بند ٿي ويو. سڀني اهو سمجھيو ته پڪ False-Alaram (غلطيءَ ۾ وڳو) هوندو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ٿي ويندو آهي. ان بعد سڀ وري سمهي رهيا.
پندرهن ويهه منٽ ڪي مس گذريا ته وري ساڳيو الارم وڳو ۽ ان بعد باهه ڳولڻ جي ساڳي ڊرل. پر حاصل ڪجهه نه ٿيو. وري سڀ موٽي ويا. منهنجو ۽ سيڪنڊ انجنيئر جو سک ڦـٽي پيو ته جيڪڏهن ڪٿي باهه لڳي رهي آهي ته به خطرو پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ جي ڪوڙو الارم وڄي رهيو آهي ته به ان غلط سموڪ ڊٽيڪٽر کي صحيح لاءِ انجنيئرن جو ڪم آهي. ان لاءِ اسان ممڪن سببن تي ويچاري رهيا هئاسين ته ٽيون دفعو وري دونهين جو (يعني باهه) جو الارم لڳو.
سيڪنڊ انجنيئر کي چيم ته اٿ ته هلي پاڻ هڪ هڪ ڪمرو جاچيون...... ڪجهه گڙ ٻڙ ضرور آهي.
ٽارچ ۽ ماسٽر ڪي (هر ڪمري کي لڳندڙ هڪ استاد ڪنجي) پاڻ سان کڻي هڪ ڪنڊ کان شروع ٿياسين. گرائونڊ فلور تي قطار ۾ ٽي يا چوٿين ڪئبن ڊيڪ ٽوپاس (ڀنگيءَ) جي هئي. کوليون کڻي ته اسان سڀ وائڙا ٿي وياسين ته هي اقبال مسيح (ڀنگي) ڪري ڇا پيو. ڪو سگريـٽ سلفي دکائي اٿس يا ڪا ٻي شيءِ جنهن جو دونهون ٿيو آهي ۽ الارم به حق تي وڄي رهيو آهي. دونهون ڪمري ۾ رکيل ڪچري جي دڱٻي مان نڪري رهيو هو. اسان کي ڪمري ۾ گهرندڙ ڏسي يڪدم گلاس ڀري پاڻيءَ جا ڇنڊا ان تي هڻڻ لڳو. سيڪنڊ انجنيئر رڙ ڪري چيس:
”اڙي نڀاڳا هي ڪرين ڇا پيو؟“
تعجب ۽ پريشانيءَ مان چوڻ لڳو: ”ڪجهه به نه. سڄو ڏينهن ڪم ۾ مشغول هجڻ ڪري ماني ڪانه کاڌي اٿم. سيءَ ڪري ٻوڙ ٺري ويو آهي. رڌڻي جي اليڪٽرڪ چلهه ٻارڻ نٿي اچيم، سو پنا ٻاري ٻوڙ ڪوسو پيو ڪريان.ل“
ڪمري ۾ باهه ٻارڻ جي ڏوهه جي باوجود سندس معصوم منهن ڏسي کيس ڪجهه چوڻ بدران سڀني کي ساڻس همدردي ٿي. بورچيءَ ان ئي وقت رڌڻو کولي کيس ٻوڙ گرم ڪري ڏنو. اسان کي ان وقت ته کل نه آئي جو ٿڪ ۽ اوجاڳي کان حالت خراب هئي. پر پوءِ ٻن ٽن ڏينهن بعد جڏهن هر شيءِ نارمل ٿي ويئي ۽ جهاز آٽوميٽڪ پاڻهي لس ئي لس هلڻ لڳو ته پوءِ اها ڳالهه ياد ڪري ڏاڍو کليا هئاسين. هينئر به اهو نظارو اکين اڳيان ڦري رهيو آهي ته ڪيئن ڊيڪ ٽوپاس اقبال مسيح جپانين جا اڇلايل ڪاڳر ڪچري جي دٻي ۾ ٻاري برف جهڙو ٿڌو ٻوڙ لوهي مگ ۾ جھلي دونهين تي گرم ڪري رهيو هو. کيس ذري جي به ڄاڻَ نه ته هي سڄو ملاکڙو سندس ٻاريل باهه مان نڪرندڙ دونهون مچائي رهيو هو.