پارواڻيءَ سان ملاقات
”ڪيڏانهن؟“ پڇيومانس.
”واندو هجين ته هل هڪ هنڌ ماني کائي اچون.“
”ڪٿان؟“
”هتان ٽيهه ڪلوميٽر کن پري مسجد تاناح شهر کانپوءِ جيڪو سنگائي اڊانگ نالي شهر آهي، اتان.“ ڪئپٽن مخدوم ٻُڌايو.
”ڀلي هل. پر ايڏو پري.“
”اتي هڪ ريسٽورنٽ آهي جنهن تي چيني کاڌو ذري گهٽ پاڪستان جي چيني هوٽلن جي نموني ۽ ذائقي جهڙو آهي.“
آئون سندس ڪار ۾ اچي ويٺس ۽ اڪيڊميءَ جو علائقو لتاڙي، مکيه دروازي وٽ ٺهيل گارڊ روم ۽ گارڊ کي پنهنجي وڃڻ جو اطلاع ڪري ٻاهر مين روڊ تي آياسين ۽ مسجد تاناح ڏي هلڻ لڳاسين جنهن کانپوءِ سنگائي اڊانگ شهر اچي ٿو.
اسان جي هيءَ اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان ائين پاسيري آهي جيئن ملير ۾ آرمي وارن جون ڪئمپون صدر ڪراچي کان آهن. يا پي اي ايف ڪورنگي (هوائي فوج جو ڪاليج) وچ شهر کان ـــ فرق فقط اهو آهي ته ڪراچيءَ جي آدمشماري اڄڪلهه ايڏو وڌي ويئي آهي جو رستي وارا ڳوٺ، ملير، لانڍي، چنيسر ڳوٺ يا کارادر، مٺادر، چاڪيواڙو وغيره ملي هڪ ٿي ويا آهن جيڪي ڪنهن زماني ۾ الڳ الڳ هوندا هئا ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين وچ ۾ ڪافي غير آبادي هوندي هئي. لالو کيت کان صدر يا ايئرپورٽ کان ڪلفٽن ويندي به لڳندو هو ته ماڻهو ڄڻ ٻئي شهر پيو وڃي.
بهرحال اسان جي هيءَ مئري ٽائيم اڪيڊمي جنهن هنڌ (ڪئالا سنگائي بارو) ۾ آهي اها ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي جيترو پيٽارو جو ڪئڊت ڪاليج حيدرآباد شهر کان ۽ بيهڪ ۽ نموني ۾ وري ائين آهي جيئن ڪورنگي جو ايئرفورس بيس يا ماريپور جي مئرين اڪيڊمي يعني شهر کان الڳ ٿلڳ، جتي زمين وڃي سمنڊ سان ملي ٿي ۽ ٻئي جو گهڻو گس ۽ اچ وڃ نه هجي. ملاڪا جو وچ شهر اسان جي اڪيڊميءَ کان اٽڪل ٽيهه ميل کن پري آهي. رستي تي ڏهن ڏهن ميلن تي مسجد تاناح ۽ سنگائي اڊانگ جهڙا ڳوٺ هتان جي حساب کان چڱا وڏا شهر آهن. هتي آدمشماري ايتري گهٽ آهي جو سڄي ملاڪا رياست جي آدمشماري ڪوٽڙي شهر کان به گهٽ آهي. ”ملاڪا رياست“ جو ملاڪا شهر هيڏو وڏي پيماني جو شهر آهي جنهن ۾ ڪراچيءَ جي انٽر ڪانٽينينٽل ۽ شيرٽن جهڙيون ٻه چار فائيو اسٽار هوٽلون آهن، جهڙوڪ: ميريلين، رامادا اِن، ملاڪا وليج ريستورنٽ وغيره ۽ حيدرآباد جي فاران يا فاتاز جهڙيون ته ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، پر سڄي ”ملاڪا شهر“ جي آدمشماري شهدادپور يا ٽنڊو آدم جيتري مس ٿيندي. ان بابت ٻڌائي چڪو آهيان ته سڄي ايسٽ ۽ ويسٽ ملائيشيا جي جملي آدمشماري ئي ڪراچي شهر جيتري آهي.
انهن ٻن شهرن: مسجد تاناح ۽ سنگائي اڊانگ جي وچ ۾ به ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ تجنگ بدارا، تجنگ ڌان، ڪمپنگ تنگا وغيره اچن ٿا. بلڪه جيئن پاڻ وٽ نديءَ جي ڪناري تي آدمشماري ۽ ڳوٺ هوندا آهن تيئن هتي ملائيشيا ۾ رستي جي ٻنهي پاسي گهرن ۽ ڳوٺڙن جي ڄار نظر ايندي. ملائيشيا سهڻو ۽ سرسبز ملڪ آهي. ٻارهوئي جهڙالي موسم ۽ امن امان آهي، ان ڪري ٻاهرن ملڪن جا سياح خوب گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچن ٿا جن لاءِ جتي ڪٿي رهائش جو جوڳو بندوبست ۽ سرڪار طرفان حفاظت جو سخت اونو آهي. ان ڪري تجنگ بدارا جهڙي ننڍڙي ڳوٺ، جنهن جي آدمشماري پنج سؤ ماڻهو به نه هوندي پر هر وقت يورپي، آمريڪن ۽ جپاني واندن جا ڪٽڪ نظر ايندا ۽ هڪ اڌ ڪراچي ءَ جي فور اسٽار هوٽل مهراڻ ۽ تاجل محل جهڙي هوٽل پڻ آهي جن ۾ ٻاهران آيل مهمان رهي سگهن. (تجنگ بدارا ڳوٺ جي اها خاصيت آهي ته سندس چوڌاري تمام سهڻا ۽ تانگها سمنڊ جا ڪنارا آهن جت ٻڏڻ جو ڊپ ڊاءُ نه هجڻ ڪري ننڍا توڙي وڏا پاڻيءَ ۾ تڙڳندا رهن ٿا.)
ملائيشيا جي شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن ۾ ڪئالا (ندي) ، سنگائي (نديءَ جو ڇوڙ)، ڪمپونگ (ڳوٺ، ديرو يا حويلي، ڪمپونگ لفظ مان انگريزي لفظ ڪمپائونڊ ــ جڙيو آهي)، اڊانگ (گانگٽ) اِڪان (مڇي)، بارو (نئون)، تجنگ (جاءِ يا ديرو) جهڙا لفظ تمام گهڻا ملندا. جيئن پاڻ وٽ آباد، پور، ديرو، ٽنڊو، نئون، پراڻو ۽ ڳوٺ جهڙا لفظ ڪيترن ئي شهرن جي نالن سان گڏ استعمال ٿين ٿا. (شڪارپور، جيمس آباد، ٽنڊو آدم، رتوديرو، پراڻو هالا، نئين سعيد آباد، ڳوٺ ڇتو چنڊ، وغيره).
اسان رستي جي ٻنهي پاسن تان ايندڙ ويندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ۽ مال جا ڌڻ، گهر ۽ پام جا وڻ، ڪٺل، انبن ۽ ناريلن جا ڊگها وڻ جيڪي ڄڻ آسمان ۾ گهـڙي ٿا وڃن، گاهه ۽ وليون، گل ۽ ڪسيون ڏسندا مسجد تاناح پهتاسين ۽ ان بعد ٻيا ڏهه ميل کن لتاڙياسين ته سنگائي اڊانگ آيو. سنگائي اڊانگ ۾ رستي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي دڪان ۽ هوٽلون ائين آهن جيئن اسان وٽ بس اسٽاپن تي پٺاڻن جون ٿين. پر هتي بس اسٽاپن وارين هوٽلن جو نمونو به شهر جي اندروني هوٽلن جهڙو آهي. يعني اتي ئي چيني، ملئي ۽ انڊين (ڏکڻ هندستان جا تامل هندو ۽ مسلمان) جون هوٽلون ۽ پٺيان يا مٿان گهر هوندا.
ملئي هوٽل ۾ رڳو ملئي کاڌو ٿئي. مثال طور روٽي چنائي (ميدي جوست پڙو اڦراٽو ۽ چڻن جي دال جي ڀاڄي، روتي تيلور يعني بيضي بصر ۽ ٽماٽن جي ڪاتر سان ڀريل اڦراٽو، مرتباڪ (جنهن ۾ بيضي بدران قيمي، بند گوبي ۽ بصر جي ڪاتر ٿئي)، ناسي گورينگ (فراءِ ٿيل چانور)، ناسي ليماڪ (ناريل جي کير ۾ ننڍڙن گانگٽن سان گڏ رڌل چانور)، ناسي ايام (ڀت سان گڏ ڪڪڙ)، مي گورينگ (ٻوڙ جي رس ۾ فراءِ ٿيل سنهيون سيويون) وغيره.
چينين جي هوٽلن تي چيني کاڌو ملي. مثال طور بدڪ يا ڪڪڙ جا ٽڪر مٺي چاش ۾ فراءِ ٿيل ڪڪڙين، بدڪن، تترن ۽ ڪمين جا اوٻاريل بيضا مختلف جـڙين ٻوٽين، مڇين ۽ ميون جا آچار، پاڻي ۾ اوٻاريل چانور، قسمن قسمن جون کنڀيون، سوئر جو گوشت وغيره. ڪي ڪي چيني رڳو حلال شيون رکن ۽ چيني کاڌي کان علاوه ملئي ڊش به رکن. رڌ پچاءَ ۽ آيل گراهڪن جي خدمت لاءِ ڪجهه ملئي ڪم واريون عورتون ۽ مرد پڻ رکن ۽ ٻاهران ”حلال“ لفـظ جو بورڊ هڻن جيئن سندن هوٽل ۾ چيني ماڻهن سان گڏوگڏ ملئي ماڻهو پڻ اچن ۽ هونءَ به کائڻ ۽ پئسو چٽ ڪرڻ ۾ چينين کان وڌيڪَ ملئي وڌيڪَ مڙس ماڻهو آهن.
چيني ۽ ملئي هوٽلن کان علاوه ٽيون هوٽلون انڊين جون آهن. انڊين هوٽلن مان مطلب پنجابي، يورپي ۽ ڪشميري وغيره کاڌن جون اهڙيون انڊين هوٽلون نه آهن جهڙيون هانگ ڪانگ، جپان يا انگلينڊ، آمريڪا ۾ آهن، يا ويندي هتي جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪوالالمپور ۾ خيام، شيراز يا بلال آهن. هتي ڏکڻ هندستان جي تامل ناڊو يا ملباري مسلمان، هندن ۽ ڪرسچنن جون سادي ۽ سستي نموني جون آهن جن ۾ کاڌي جي لذت ۽ سواد ۾ ڪو اوڻهين ويهين جو فرق مس ملندو. مرچن مسالن جو استعمال البت گهڻو ڪن ٿا. ڪن ڪن فراءِ ڀاڄين جو سواد بولٽن مارڪيٽ جي تاج هوٽل ۽ طارق روڊ واري شيراز جهڙو آهي.
اسان هوٽلن جي ڌڻ مان هڪ چيني هوٽل جي ٻاهران ڪرسين تي اچي ويٺاسين. مخدوم ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ کي چڪن ڪَري (ڪڪڙ جو ٻوڙ) ۽ فراءِ چانور (گانگٽن ۽ بيضي) ۾ آڻڻ لاءِ چيو. ان سان گڏ پيئڻ لاءِ سويابين کير جي بوتل جيڪا بنهه نه وڻي. شايد سويابين کير جي مختلف ذائقي ڪري يا بوتل جي گهڻي ٿڌي نه هجڻ ڪري. ٿوري دير بعد ڪم ڪندڙ ڇوڪري چانور ۽ ٻوڙ کڻي آئي. تيسين مخدوم هن هوٽل جي ”لذيذ“ چيني کاڌي جي تعريف ڪرڻ سان قهر ڪري ڇڏيا. پر پوءِ شايد گهڻي تعريف ۽ گهڻي اُميد رکڻ ڪري کاڌو اهڙو سٺو نه لڳو. يا شايد ٻوڙ دير سان آڻڻ ڪري مزو نه آيو جو اسان ان چڪر ۾ هئاسين ته ٻوڙ به گڏ ملي ته ڀت ۾ ملائي کائجي. پر هوٽل واري کي اها ڳالهه شايد عقل ۾ نه آئي. جيسين ٻوڙ آيو تيسين چانور ٿورا ٿورا ڪري ڦڪي چڪا هئاسين. ان کان علاوه ان ڳالهه جو به دخل هو ته اسان جو پيٽ اڳهين ڀريل هو. مخدوم کي خبر ناهي ڪٿان ٻڪ چونئرن جو ملي ويو هو سو سڄي واٽ گلائن سان گڏ اهي ڦڪيندا آياسين. بهرحال جهڙي شوق ۽ اتساهه مان سنگائي اڊانگ جو رُخ رکيو هئوسين اهڙي ڳالهه بيٺي ڪانه جنهن جو احساس مخدوم کي به ٿيو. اُٿڻ مهل رستي جي ٻي ڀر دڪان جي قطار ڏي اشارو ڪندي مخدوم ٻڌايو:
”هتي هڪ سنڌي پارواڻيءَ جو به دڪان آهي. ملندين؟ مون کي به ڪئپٽن دادلاڻيءَ ٻڌايو هو.“
سامهون نهار ڪيم. هڪ دڪان مٿان وڏن اکرن ۾ Parwani لکيل هو. دڪان اڳيان بيٺل گاڏي واري چيني پير مرد کان سرو نگن (گوڏين) ۾ ٽي ملئي ڇوڪريون آئر تابو (ڳني جو رس) وٺي رهيون هيون. ڀر ۾ هڪ انڊين فئملي ۽ ڪجهه چيني ٻار ملاڪا ڏانهن ويندڙ بس جو انتظار ڪري رهيا هئا. سج لهي چڪو هو. ٿوري دير ۾ دڪان بند ٿيڻ وارا هئا. اسان به ٿڪل هئاسين ۽ پهريون دفعو ملڻ معنيٰ خبر چار وٺي يڪدم قلمبند ڪرڻ پر ان لاءِ گهڻي وقت جي ضرورت هئي ۽ انهن شروع وارن ڏينهن ۾ آفيس ۾ ايترو ڪم هو جو انٽرويو/خبرچار وٺڻ ۽ لکڻ جي همت نه هئي. ڳالهه اها آهي ته انٽرويو وٺڻ بعد يڪدم نه لکڻ ڪري اڳلي جون ٻڌايل ڳالهيون ۽ خيال هيٺ مٿي ٿيو وڃن. سو مخدوم کي چيم ته پارواڻيءَ سان ضرور ملندس ــ پر ڪجهه عرصي بعد.
مٿين ڳالهه کي ست اٺ مهينا گذري ويا. وچ ۾ ڪيترائي دفعا سنگائي اڊانگ مان لنگهندي پارواڻيءَ جي دڪان جي نالي تي نظر پوندي هئي پر هڪ ئي وقت واندڪائي ۽ موڊ نه هجڻ ڪري نه پئي ترسيس۔ هڪ دفعي اسان جي ڪليگ ڪئپٽن پوريءَ به پارواڻيءَ فئمليءَ جو ذّڪر ڪيو ته هيءَ سنڌي فئملي آچر ڏينهن کين سکن جي گوردواري ۾ اڪثر ملندي آهي. اهو ٻڌي مون کي هيڪاندي هورا کورا ٿي ته ساڻن ملي کوڙ خبرون پڇجن جو هي هتي عرصي کان رهيل هجڻ ڪري ملائيشيا جي وقت بوقت بدلجندڙ ماحول ۽ حالتن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندا هوندا.
آخر هڪ ڏينهن ملاڪا شهر ڏي ويندي پارواڻيءَ جي دڪان اڳيان اچي گاڏي بيهاريم. در وٽ سندس دڪان جون ٻه چيني ۽ هڪ انڊين (ڏکڻ هندستاني) تامل ناڊو سيلز گرل بيٺي هئي. کانئن دڪان جي مالڪ (پارواڻيءَ) جو پڇڻ تي ٻڌايائون ته اندر ويٺوڳ آهي. ڊگهو دڪان لتاڙي اندرينءَ ڪنڊ تائين ويس، جتي پنجونجاهه سٺ سالن جي عمر جو رنگ ۾ ڪڻڪ رنگو همراهه ٽيبل جي پويان آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. دڪان اٽڪل پنجاهه باءِ ويهه فوٽ کن هوندو. مختلف قسمن جون شيون رکيل هيون پر گهڻي ڀاڱي ملٽريءَ جي ڏانءَ جون هيون يعني خاڪي ۽ ساوا بيلٽ، ڪلهن جون ائپليٽون، مختلف قسمن جا بيج، خاڪي رنگ جون قميصون ۽ جئڪيٽون، راندين جو سامان ۽ ٻيو روزمرهه جو سامان: صابڻ، تيل، ڦڻيون، جوراب، رومال وغيره.
سلام ڪري سنڌيءَ ۾ کيڪاريومانس. پهرين وائڙن وانگر ڏسڻ لڳو. ڪجهه نه ڪڇيو. ايتري قدر جو مون کي به شڪ ٿيو ته الائي سنڌي آهي به يا نه. جي سنڌي آهي ته سنڌي سمجھي به ٿو يا نه. ساڳي وقت هو به سڄو ڏينهن دڪان تي انگريزي، ملئي، تامل ۽ چيني زبانون ٻڌڻ بعد اوچتو سنڌيءَ جا جملا ٻڌي وائڙو ٿي ويو.
پنهنجو تعارف ڪرايومانس ۽ ٻڌايومانس ته توهان جو مون کي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ٻڌايو. هو توهان سان مليو ناهي پر توهان جو کيس ڪئپٽن دادلاڻيءَ ٻڌايو هو جيڪو پڻ هتي ملاڪا ۾ ٽي سالَ رهي ويو آهي.
”ها. دادلاڻي جيسين هتي هو ته اڪثر دڪان تي ملڻ لاءِ ايندو هو يا مندر گوردواري ۾ پيو ملندو هو. منهنجي خيالَ ۾ ملاڪا ڇڏي به کيس سالَ ڏيڍ اچي ٿيندو.“
”ها. ٿي سگهي ٿو وري هتي بدلي ٿي اچي. اڄڪلهه شارجا، عربي گلف ۾ اتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائي ٿو.“
”سٺو ماڻهو آهي.“ پارواڻيءَ ڳالهه شروع ڪئي، ”هن پاسي چڱو عرصو گذاريائين. ملاڪا کان اڳ سنگاپور جي يونيورسـٽي ــ پوليءَ ۾ به ست اٺ سالَ مرچنٽ نيوي وارن کي پڙهائين. اڄڪلهه توهان جو ڪئپٽن پُوري ڪڏهن ڪڏهن گوردواري ۾ ملندو آهي. ان سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي. هتي ننڍي کنڊ جا گهڻا تڻا مدراسي تامل آهن. ٻئي نمبر تي گجراتي هندو، مسلمان ۽ پنجابي سک آهن، ٽئين نمبر تي اٽي ۾ ڄڻ لوڻ برابر سنڌي، پنجابي هندو، پنجابي مسلمان، پٺاڻ ۽ بنگالي آهن.“
هتي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ايترو لکڻ ضورري ٿو سمجھان ته اسان وارو ڪئپٽن پُوري يا پارواڻي صاحب جيتوڻيڪ هندو آهن پر ٻين هندن وانگر مندر کان علاوه سکن جو گوردواري ٽڪاڻي ۾ به وڃن. بلڪه هن پاسي جا سنڌي هندو گوردوواري ۾ گهڻو ٿا وڃن. ملاڪا وارو گوردوارو ته وچ شهر ۾ آهي ۽ هتي جا سڀ عبادت گهر ڌارين لاءِ کليل هوندا آهن. هڪ آچر تي منهنجو به وڃڻ ٿيو. پرساد هلي رهيو هو. کيرڻي ۽ دال ماني هئي. نوجوان سک گائيڊ ٻڌايو ته ان ڏينهن هڪ سنڌي فئمليءَ وڏو خيرات ڪيو هو. کڻي ان ئي نموني ۾ سڄن چانورن جي، مائي جهڙي گهاٽي کير ۾ رڌل هئي جنهن نموني ۾ اڄ به سنڌ ۾ رڌي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ ٻين هنڌن تي چانورن جو ڏارو يا چورو ڪري پوءِ کيرڻي ٺاهي وڃي ٿي ۽ کير کي گهڻو ڪاڙهي مائي وانگر گهاٽو ڪرڻ بدران ٿورو ڪسٽرڊ وڌو وڃي ٿو.
سکن جي گوردواري ۾ هندن جي مندرن جهڙآ بُت نه ٿين. اتي فقط گرو نانڪ جو لکيل ٿلهو ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ اتاهين صندل تي رکيل ملندو. جنهن کي معتقد/پوڄاري اچي چُمندا آهن. گوردواري ۾ مرد ٿوڙي عورت کي مٿو ڍڪڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. گرنٿ صحب ڪتاب جيتوڻيڪ پهرين گروءَ، گرو نانڪ لکيو پرپوءِ ان ۾ ٻين گروئن به واڌارو آندو. ان ڪتاب تي ڪافي بحث هليل آهي ته ان ۾ ڪيتريون ڳالهيون گرو نانڪ اهڙيون لکيون آهن جن مان اشارو ملي ٿو ته هو شايد مسلمان هو ۽ نماز تائين پڙهندو هو ۽ پهتل ٻانهو هو.
اورنگزيب جي ڏينهن ۾ سنڌي هندن سکن جي وڏي مدد ڪئي. لوڪرام ڏوڏيجا جي ڪتاب ”منهنجو وطن ۽ منهنجا ماڻهو“ مطابق انهن ڏينهن (يعني اڄ کان چار سؤ سالَ اڳ ) ڪيترائي سنڌي هندو پنهنجو ٻيو نمبر پٽ خالصو ڪندا هئا يعني سک. هو سکن وانگر ڏارهي ۽ مٿي جا وار وڌڻ ڏيندا هئا ۽ پنهنجي نالي پٺيان ”سنگهه“ معنيٰ شينهن لکائيندا هئا. (سک عورتون نالي پويان ”ڪور“ لکائين معنيٰ شينهڻ) پوءِ هڪ ئي پيءُ کي ٻه پٽ هوندا هئا ته هڪ ڀاءُ لڇمڻ داس ٿيندو هو ته ٻيو ڇڳا سنگهه، يا پيارو سنگهه، مهندر سنگهه يا ڪرشن سنگهه وغيره.
سنڌي سکن ۽ پنجابي اصلي سکن ۾ اهو فرق هوندو هو ته سنڌي سک يا خالصا جڻيا پائيندا هئا، مندر ۾ ويندا هئا، شادي يا موت جو ڪريا ڪرم ٻانڀڻ کان ڪرائيندا هئا ۽ ٽڪاڻن ۾ ”گرنٽ صاحب“ (سکن جي پاڪ ڪتاب) سان گڏ رامائڻ (هندن جي پاڪ ڪتاب) ۽ ڀڳوت جون ڪٿائون به ڪندا هئا. هندو پٿر جي ديوتائن ۽ ڪاغذ جي مورتين کي پوڄيڻ پر سک ان جي خلاف آهن جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڪتاب گرنٿ صاحب کي پوڄڻ جي حد تائين مانُ ڏين ٿا. کيس چُمندا، ان اڳيان ڪنڌ جھڪائيندا ۽ ايترو خيال ڪندا ڄڻ جيئري جاڳندڙ شيءِ هجي. ويندي ڪن ڪن گوردوارن ۾ ان ڪتاب کي انهاري ۾ ململ جي ڪپڙي سان ڍڪيندا، متان گرمي لڳيس ۽ سياري ۾ گرم اوني پوٽڙي سان.
اڄڪلهه سنڌي سک ورلي ڪو ملندو پر ته به سڀ سنڌي هندو سکن جي رسمن رواجن جي عزت ڪن ٿا. هو گروئن جا جنم ڏينهن ملهائين ٿا ۽ گرنٿ صاحب جو پاٺ به رکائين ٿا. بقول مٿي بيان ڪيل ليکڪ جي اڄ کان سٺ ستر سال اڳ اڪالين زور ورتو ۽ پاڻ کي هندن کان عليحده تسليم ڪرڻ لڳا، تڏهن سنڌي خالصا به پنهنجا جھنڊولا ڪوڙائي آيا ۽ سنگهه چوائڻ ڇڏي ڏنائون. اهڙي طرح لکين سنڌي خالصا سک ڌرم کان پري ٿي ويا پر تنهن هوندي به هنن انهن گرن جو گيان ۽ سکا نه ڇڏي آهي. سريلنڪا هجي يا سنگاپور، ملائيشيا هجي يا انڊونيشيا کڻي لاس پاماس، فجي ۽ ٽرينڊاڊ ٻيٽ هجن، ڪيترن ئي سنڌي هندن جي دڪانن ۽ گهرن ۾ ڪنهن نه ڪنهن گروءَ جي تصوير ضرور ٽنگيل هوندي ۽ هو پنهنجي مندر ۾ وڃڻ سان گڏ گوردواري ۾ به ايتري ئي عزت ۽ ادب سان وڃن ٿا. ملائيشيا ۾ به ڪيترائي گوردوارا آهن. ملائيشيا جي هر رياست (نيگري) جي هر وڏي شهر ۾ توهان کي گوردوارو ضرور ملندو. ڪوالالمپور شهر ۾ ويهارو کن ننڍا وڏا گوردوارا آهن. اهڙي طرح پينانگ، اپوح، ڪوٽابارو، جوهوربارو، مور، ملاڪا جتي ڪٿي آهن ۽ سکن جو ايڏو وڏو تعداد ملائيشيا ۾ رهي ٿو جو اخبار ۾ روز ڪنهن هڪ يا ٻن جي ٽيجھي چاليهي (ڀوگ رسم) جو اطلاع هوندو ئي هوندو آهي ۽ ان سان گڏ ان سردارجي يا سردارڻي جي تصوير پڻ هوندي آهي ته سردار ڀڳت سنگهه جي زال جسونت ڪور ٻياسي سالن جي ڄمار ۾ رات مري ويئي. پويان چار پٽ: (1) ناريندر سنگهه ڪانڍا (رهندڙ ڳوٺ ڪلانگ)،2 . بي. ايس سنگهه (پينانگ)، 3 بي. آر سنگهه (سريمبان)، 4. ميجر آر. ايس ڪانڍا (آرمي ڪئمپ ٽرينڊا) ۽ چار نهرون: 1. شانتي ديوي، 2. ڪلونت ڪور، 3. جاسبير ڪور ۽ 4. ليلا ۽ چار ڌيئرون: 1. جيتيندر ڪور، 2. جوگندر ڪور، 3. سريندر ڪور ۽ 4. راجيندر ڪور ۽ ناٺي : 1. سردار سربن سنگهه، 2. سردار ڪرشن سنگهه، 3. مسٽر مراد (اهو شايد هندو يا مسلمان ناٺي ٿو لڳيس) ۽ 4. مسٽر چندر راڪيش (اهو ناٺي راجيندر ڪور جو مڙس نالي مان هندو ٿو لڳي) ۽ ڪيترائي پوٽا پوٽيون، ڏهٽا ڏهٽيون ۽ انهن جو به اولاد سندس لاءِ ماتم زده آهي. سندس رسم ڀوڳ سيلايانگ شهر جي سک مندر ۾ پرهين جولاءِ تي منجھند جو ٻارهين وڳي ٿيندي. ان بعد لنگر شروع ٿيندو. لنگر جي انگريزي Langgar ئي لکيل هوندو آهي ۽ انهن اشتهارن جي مٿان Path Da Bhog لکيل هوندو آهي.
ڪن ڪن سکن جا ته اڃا به وڏا اشتهار هوندا آهن ته موتيءَ جي مرڻ وقت فلاڻي نوڪري هئي: رٽائرڊ پوليس انسپيڪٽر هو، يا فائر برگيڊ ۾ هو يا رٽائرڊ ريلوي ماسٽر يا پوسٽ ماسٽر هو ۽ ان سان گڏ سندس اولاد ۽ ناٺي نهرن جون نوڪريون ۽ رهائش جا هنڌ ڏنل هوندا آهن. يعني فوتي مڇي ماني وارو ۽ ملائيشيا جو معزز شهري هو، ائين نه ته رٻڙ جي پوک ۾ ٻين ايرن غيرن جيان هارپو ٿي ڪيائين يا تمپين ريلوي اسٽيشن تي رڪشا ٿي هلائين.
ان کان علاوه وقت بوقت سکن جي ميٽنگن ۽ رهنمائن جي ڪيل ڪارنامن جا اشتهار ۽ احوال ملائيشيا ۽ سنگاپور جي انگريزي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. يعني ڳالهه جو مطلب اهو ته سکن جو به ملائِشيا ۾ ايترو ئي مانُ ۽ زور آهي جيترو هندو، ڪرسچنن ۽ ٻڌن وغيره جو. ۽ ملاڪا شهر ۾ ته سکن جو گوردوارو به اهڙي هنڌ تي وچ شهر ۾ آهي جتي ديسي توڙي پرديسي آسانيءَ سان پهچي سگهي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان جو ڪليگ ڪئپٽن پُوري يا هي سنڌي همراهه اوڌارام پارواڻي جن پوڄا پاٺ لاءِ مندر بدران گوردواري ۾ وڃن ٿا.
پارواڻي صاحب ٻڌايو ته پاڻ اصل ڪوٽڙي جا آهن ۽ پاڪستان هندستان ڌار ٿيڻ وقت لڏي ملائيشيا ۾ آيا جتي اڃا انگريزن جي حڪومت هئي. هي دڪان پاڻ ۽ سندس ڀاءُ هلائي ٿو.
ان وقت آئون جلدي ۾ هوس سو کيس ڪجهه پنهنجا سنڌي ڪتاب ڏيئي موڪلايومانس ۽ ٻڌايومانس ته اڄ فقط کيڪار لاءِ آيو آهيان سگهوئي ڪنهن ڏينهن تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ايندس. پاڻ رڳو واپاري نموني جو ڪونه ٿي لڳو جو ڪتاب به وڏي چاهه سان ڏٺائين ۽ رکي رکي چانهه ڪافيءَ جي به صلاح پئي ڪيائين، جيڪا سکڻي نٿي لڳي.
هفتو کن رکي پوءِ ٻئي دفعي جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ آيس ته ان ڏينهن وري پاڻ نه هو پر سندس پنجاهه ورهين جي ڄمار جو ننڍو ڀاءُ راڌا ڪرشن ويٺو هو جنهن سان پاڻ اڳهين منهنجو ذڪر ڪيو هئائين. ان ڪري وڌيڪ ڪنهن تڪلف جي، فري ٿي کانئس خبرون چارون پڇڻ لڳس.
راڌا ڪرشن پارواڻيءَ ٻڌايو: ”اسان پاڻ ۾ پنج ڀائر آهيون. وڏو اوڌارام آهي، جيڪو توهان سان ان ڏينهن مليو. آئون چوٿون نمبر آهيان، ٻيو نمبر اسان جو ڀاءُ گوبندرام آهي. اهو هانگ ڪانگ ۾ ٿو رهي ۽ واپار وڙو به اتي ئي اٿس. ٽيون نمبر لڇمڻ داس آهي جيڪو جپان جي شهر اوساڪا ۾ رهي واپار ڪري ٿو. هو جپاني ڪپڙو ۽ ساڙهيون ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪندو آهي ۽ ننڍو ڀاءُ ڀڳوان داس ڪڏهن ڪٿي هوندو آهي ته ڪڏهن ڪٿي. اڄڪلهه هو آمريڪا ۾ آهي ۽ واشنگٽن شهر ۾ بيئر جو PUB (ميخانو) کوليو اٿس.
”اسان جو اصل ڳوٺ ڪوٽڙي آهي. اسان جو پتا تمام وڏو ڪانگريسي هو ۽ سياست ۾ ناليرو هو. سندس نالي جي ٺهيل ڀاڄي مارڪيٽ، اسان ٻڌو آهي ته ڪوٽڙيءَ ۾ اڃا موجود آهي جنهن جي مٿان اسان جي پتا جو نالو: ”هوندراج مولچند پارواڻيءَ ڀاڄي مارڪيٽ“ لکيل آهي. وڏي ڄمار وارا هندو توڙي سنڌي مسلمان پڪ پتا کان واقف هوندا. هونءَ اسان هتي اچڻ کان اڳ وارا ڪجهه سالَ ڪراچيءَ ۾ به رهياسين پر تنهن هوندي به مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته ڪچهري روڊ جي ڇيڙي تي جيڪا سئنيما (لائيٽ هائوس سئنيما) آهي اتي ڪٿي رهندا هئاسين.“
”هتي ڪڏهن آيائو؟“ مون پڇيومانس.
”هن پاسي واپاري وڙي لاءِ ڀائرن ۽ اسان جي ٻين مائٽن جو اچڻ ته ڪڏهن کان ٿيندو رهندو هو پر هميشه لاءِ لڏي اچي رهڻ 1947ع کان پوءِ ٿيو. سالَ ٻه کن اسان انڊيا جي شهرن: بمبئي، پوني ۽ اندور ۾ پڻ رهياسين پوءِ سنگاپور هليا آياسين جتان پوءِ ملايا جي شهر جوهور باروءَ ۾ دڪان کوليوسين. تن ڏينهن ۾ انگريز بادشاهه جي حڪومت هئي. هنن کي ڪو اعتراض نه هو ته اسين ملايا يا سنگاپور ۾ رهون يا ڪينيا نائجيريا ۾. بس جتي به رهون ته امن امان سان واپار ڪريون. حڪومت جي خلاف سياست ۾ حصو نه وٺون. سو اسان جو ڪهڙو ڪم انهن ڳالهين سان. اسان جو ڪم واپار ۽ پئسي ڪمائڻ سان سڌ ورڪي هندو ته ورهاڱي کان به اڳ دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ پکڙيل هئا جن کان اسان انهن ملڪن جو سامان گهرائي هتي ملايا ۾ فائدي تي وڪڻندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ جوهر باروءَ ۾ فوجين جي ڪئمپ هوندي هئي انهن کي مختلف قسمن جو مال سپلاءِ ڪندا هئاسين.“
پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ايترو لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ٻن قسمن جا هندو مشهور هئا. هڪڙا ڀائيبند ٻيا عامل. ڀائيبند واپار وڙي تي ڇانيل هئا. شهري ڀائيبند پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم به ڏيندا هئا پر گهڻو تڻو واپار ۾ ئي لڳائي رکندا هئا. عامل پـڙهي ڳڙهي سرڪاري نوڪريون ڪندا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگريزن جي حڪومت ۾ ته سنڌي مسلمانن کان سنڌي هندو تعليم ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويا هئا پر انگريزن کان اڳ جي دؤر ۾ ڪيترائي سنڌي هندو حساب ڪتاب، صلاح مشوري ۽ ڏيتي ليتيءَ جي ڪمن ۾ وڌيڪَ قابل سمجھيا ويندا هئا جو سنڌ جي حاڪمن ـــ ميرن ٽالپرن وٽ به حساب ڪتاب لاءِ هندو صلاحڪار هئا. ويندي ايران ۽ عرب ملڪن ۾ پڻ سنڌ جا هندو لکائي پڙهائي جهڙن ڪمن ۾ مٿانهون مانُ ماڻيندا هئا. سنڌ ۾ حڪومت کڻي سنڌي مسلمانن جي هوندي هئي پر ڪجهه نه ڪجهه عقل جي آڱر هندو عامل جي هوندي هئي ۽ واپار وڙي تي ڀائيبند اهڙا ڇانيل هوندا هئا جو اڄڪلهه آمريڪا ۾ ايترو يهودي به نه آهي. ڀائيبند ۽ عاملن جا پاڻ ۾ ڪجهه ذات پات جا چڪر ضرور هئا. عامل ڀائيبندن کي ڪجهه گهٽ سمجھندا هئا. پنهنجا پٽ هنن وٽان پرڻائيندا هئا پر کين پنهنجيون ڌيئون ڏيندي عيب محسوس ڪندا هئا. پر پوءِ اڳتي هلي جڏهن وڏيون سرڪاري نوڪريون ۽ انهن جا شانَ مانَ جھڪا ٿيا ته ان سان گڏ پڙهيل ڳڙهيل عالمن جي لئه به گهٽجڻ لڳي. ساڳي وقت هوڏانهن ڀائيبند زور ٿيندا ويا. هنن واپار ذريعي نه فقط سنڌ مان پر خراسان، توران، بصري بغداد ، سنگاپور ملايا ۽ ٻين دور دراز ملڪن مان خوب کڻي ناڻو ڪٺو ڪيو ۽ ويا ايڏا امير ۽ ناليرا ٿيندا جو ويندي ڪيترن عاملن جا ٻار هنن وٽ نوڪريون ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ ته هڪ ٻئي سان سڱابندي ڪندي عيب به محسوس نه ڪندا هئا. ڀائيبندن ۾ جيڪي سنڌ کان ٻاهر ولايت ۾ نوڪري ڪندا هئا اهي سنڌورڪي سڏبا هئا. هي اسان جو پارواڻي يا ٻيا هزارين هندو سنڌي دڪاندار جيڪي دنيا جي هر ملڪ ۾ واپار ڪندي نظر اچن ٿا سي گهڻو ڪري سنڌورڪي آهن.
”توهان جو هور باروءَ کان هتي ملاڪا ڪڏهن آيائو ۽ هيڏانهن ڪهڙي خيالَ کان آيائون؟“ مون پارواڻيءَ کان پڇيو.
”جوهورباروءَ ۾ جيڪا فوجين جي ڪئمپ هئي اها ننڍي هئي. پوءِ هتي سونگائي اڊانگ (ملاڪا) ۾ ٽرنڊا ڪئمپ نالي انگريز سرڪار ٻه سؤ ملين ڊالرن جي تمام وڏي ٺهرائي جت واپار جا وڌيڪَ موقعا ڌيان ۾ آيا. ان ڪري اسان جوهورباروءَ کان لڏي هتي هن ڪئمپ وٽ اچي هي دڪان کوليو. ان ڳالهه کي به ويهه ٻاويهه سالَ اچي ٿيا آهن. پهرين هن ڪئمپ ۾ رڳو انگريز ۽ نيوزيلينڊ آسٽريليا جا فوجي ۽ سپاهي هئا. انهن لاءِ اسان هي سامان نه رکيو. اهي پنهنجين زالن يا گرل فرينڊس ڏي هتان وڏا وڏا قيمتي ۽ ولائتي تحفا وٺي موڪليندا هئا. ان ڪري اسان جي به وڏي ڪمائي ٿيندي هئي. پوءِ ملائيشيا کي آزادي ملڻ بعد هڪڙي سلاَ ملائيشيا وارن سڀني کي واپس روانو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ انهن ولايتي فوجين جي رهائش جو مدو اڃا هو. پوءِ هن ٽرنڊا ڪئمپ ۾ سڀ فوجي آڦيسر هتي جا م لئي، چيني ۽ انڊين اچي رهيا. پهرين اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته دڪان تي ڪهڙي نموني جو شيون رکجن جو وڪروڳ ۽ فائدو ٿئي، ڇو جو انگريزن جي پسند ٻي هئي ۽ اهي مهانيون شيون هتي جي لوڪل ماڻهن نٿي وٺڻ چاهيون جن جا پگهار به انگريزن کان گهـٽ هئا. نتيجي ۾ چار سال اسان جو وڪرو بيهي ويو. پر واپار ۾ ڪڏهن اهڙا به ڌڪ لڳندا آهن جو مور جو مور به نه موٽندو آهي. صبر کان ڪم وٺي جيڪي ٻه پئسا ڪڏهن ففائدو ٿيو ٿي ته ان تي پئي گذر ڪيوسين. پوءِ نيٺ ڀاڳ کليا ۽ هاڻ ڏينهون ڏينهن وڌ آهي. تو9هان جي اڪيڊمي لاءِ ڪئڊٽن جون ٽوپيون به اسان کان وٺندا آهن. اهي نيوي يونيوفارم واريون ٽوپيون ۽ بيچ اسان پاڪستان کان امپورٽ ڪندا آهيون. هي ڏس سيلاڪوٽ کان ڪالهه سامان آيو آهي. پارواڻيءَ هڪ کوکي ڏي اشارو ڪندي بڌايو.
”ڀلا توهان کي قومت ۽ پاسپورٽ ته هتي جو هوندو؟“
”ها. اسان جا وڏا واپار وڙي لاءِ هيڏانهن ايندا هئا پر کين هتي هميشه رهي هن ملڪ مان فائدو وٺڻ جو ڪڏهن به خيال نه ايندو هو ۽ مال متاع ڪمائي وري موٽي پنهنجي وطن سنڌ ويندا هئا. اهڙي طرح ڌارين ملڪن جي قوميت نه وٺڻ ڪري هو هت يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پنهنجي نالي تي نه گهر ۽ نه دڪان وٺي ٿي سگهيا ۽ نه وري ڪا زمين يا فئڪٽري ڪارخانو. پر پوءِ ورهاڱي بعد اسان هتي هميشه لاءِ لڏي اچي رهڻ جو سوچيو. هاڻ اسنا وٽ هن ملڪ جي قوميت ۽ پاسپورٽ آهي. پنهنجي هتي دڪان، گهر ۽ ملڪيت اٿئون. مون شادي نه ڪيئ آهي پر وڏو ڀاءُ اوڌارام جيڪو هتي مونس ان گڏ آهي. ان کي ٻه پٽ ۽ ڌيءَ آهي جيڪي هتان پڙهي وڏا ٿيا ۽ سرڪاري خرچ تي وڌيڪَ ولايت مان پڙهي هاڻ نوڪري ڪري رهيا اهن.“
جيئن اسان لاءِ ولايت معنيٰ انگلينڊ تيئن هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور وغيره جي ماڻهن لاءِ ولايت معينٰ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جيڪي ملڪ هنن کي تمام ويجھا ٿا پون ۽ پڙهائيءَ جي لاءِ ائين سهولت ڀريا آهن جيئن اسان لاءِ انگلينڊ. هتا ڪو ورلي انگلينڊ ويندو هوندو.
راڌا ڪرشن کان پڇيم ته هينئر جي کانئن پڇيو وڃي ته آيا هو هتي ملائيشيا ۾ رهڻ پسند ڪندو يا هندستان ۾؟
”هاڻ هن ڄمار جي پيٽي ۾ جهڙو هندستان تهڙو هي ملڪ.“
”پر تڏهن به“، مون زور ڪيومانس، ”توهان جا ٻيا مٽ مائٽ هن وقت بمبئي ۾ آهن. اتي پنهنجي زبان ۽ مذهب اٿانو. ڪڏهن ڪڏهن ته دل گهرندي هوندانوَ ته واپس هندستان هلي رهجي جو ڌاريو ملڪ آخر ڌاريون آهي. ڏينهون ڏينهن هتي ملائيشيا ۾ بهوڌيڪَ نوڪريون، سهولتون ۽ موقعا ڌارين ماڻهن لاءِ گهٽبا وڃن ۽ وڌيڪَ سهولتون فقط هن ڌرتيءَ جي ڄائلن، ڀومي پترن کي ملي رهيون آهن. توهان جهڙن انڊين يا چيني نسل جي ماڻهن کي اهو احساس ته ضرور ٿينود هوندو ته ٻئي ڪلاس جي شهرين واري زندگي بسر ڪري رهيا آهيون.“
ڪجهه دير سوچي راڌا ڪرشن پارواڻيءَ جواب ڏنو:
”اهو سڀ ڪجهه هوندي به هتي اسان وڌيڪَ Secure (حفاظت ۾) مهسوس ڪريون ٿا. نوڪرين ۽ سياست ۾ هتي جي حڪومت پنهنجي ڀومي پرتن (ملئي ماڻهن) کي فائدو رسائڻ چاهي ٿي. پر ان هوندي به اسين ڌاريان، پوءِ جا آيل تامل توڙي مليالم ملباري، هندو توڙي سک عيسائي، پنجابي توڙي پٺاڻ مرهٺا سڀ سڪون محسوس ڪريون ٿا. جو ڪجهه به آهي اسان ان سان مطمئن آهيون. هتي سڀ کان وڏي ڳالهه ته ملڪ ۾ امن امان آهي. قاعدو قانون سخت آهي ۽ ننڍي وڏي لاءِ اهو ساڳيو آهي. پوليس رستن تي نظر نٿي اچي ۽ به هوءَ ايتري طاقتور آهي جو معمولي ڏوهه ٿيڻ تي به ڏوهاريءَ کي بخشي نٿي. ڏوهه جي پاڙ تائين جيسين پهچي ڏوهارين کي سزا نٿي ڏئي تيسين حڪومت سڪون سان نٿي ويهي. اهو ئي سبب آهي جو هروڀرو هت ڪي وارداتون نٿيون ٿين. هرڪو لچو لفنگو ڊڄي ٿو ته ڪا کيچل ڪندس ته نه پوليس ڇڏيندي نه ڪنهن چاچي مامي جو زور هلندو. چاهي اهو وزير هجي. بلڪه اهڙي بدمعاش کي سندس وڏي نوڪريءَ وارو مائٽ ويتر اک ڏيکاري چوندو ته ٻيلي ٺيڪ ٿي هل ماڳهين منهنجي رتبي ۽ عزت کي ٿو داغ لڳائين. نتيجي ۾ Crime Rate ۽ غربت گهٽ آهي. ماڻهو به جيتوڻيڪ ڀانت ڀانت جا رهن ٿا پر هتي جا رهاڪو هڪ ٻئي جي عزت ڪن ٿا ـــ دل ۾ ضرور چيني، ملئي يا اسين انڊين ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کي نه پسند ڪندا هونداسين پر ظاهري طرح هو هٿ چراند يا منهن ماري نٿو ڪري. هرڪو پنهنجي پورهئي ۾ مگن آهي. جيڪو جيتري محنت ڪري ٿو ان کي اوترو ملي ٿو. ائين نه آهي ته ڪڙميءَ کي ڪمائي ملڻ تي پوليس، وڏيرو، وڪيل، بشني ڦريو اچن ۽ سندس ڪمائي اهي هضم ڪري عيش ڪن ٿا ۽ پوءِ غريب /ڪڙمي جيڪو ڪمائيءَ جو بنياد آهي اهو وري پيٽ بکيو، انگ اُگهاڙو، هن جا ٻچا بيمار، ڪمزور ۽ گهر جي عزت غير محفوظ رهي ٿي. نتيجي ۾ هن جي پورهئي تان ڏينهون ڏينهن دل کنيل ٿئي ٿي. هوڏانهن ٻي ڌر لاءِ سولائيءَ سان پيسو ملڻ ڪري Easy Come ۽ Easy Go وارو حساب ٿيو پوي ۽ وتي اجايا خرچ ۽ عياشيون ڪندي. منجھس پوءِ غلط ڳالهين جي عادت پئجيو وڃي. پوءِ ڪڏهن عيش لاءِ پئسو غريب هاريءَ يا هيڻي مان نٿو مليس ته پنهنجي علت جي پوئواري ڪرڻ لاءِ وتي چوريون ۽ ڌاڙا هڻندو يا وڃي ٿو پنهنجيون ٻنيون ٻارا ۽ پاڻ کي قرض لاءِ واڻئي وٽ گروي رکندو. نتيجي ۾ سڄو معاشرو معمولي ڳالهين ڪري برباد ٿيو وڃي.
”هتي مذهب ۽ رسم رواج جي به اسان کي آزادي آهي. هندو مسلمان، سک، عيسائي ۽ چينا ٻڌ سڀ سک شانتيءَ ۾ رهيا پيا آهن. جيتوڻيڪ ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي پر ڪنهن به هندو عيسائيءَ کي شڪايت ناهي. ساڳي طرح سنگاپور جيتونيڪ چيني جو آهي جيڪي ٻڌ، عيسائي يا دهريا آهن پر منجھانئن ڪنهن به شيعي سني يا کوجي بوريءَ کي شڪايت ناهي. عام ماڻهوءَ کان وٺي حڪومت جو وڏو ڪامورو ڌارين جي مذهب ۽ سندن مندر، مسجد، گوردواري، گرجا جي عزت ڪري ٿو.“
”هتي ملائيشيا يا سنگاپور ۾ جنهن کي جيڪي وڻي ٿو اهو عزت جي روٽي ڪمائڻ لاءِ پورهيو يا واپار ڪري مقرر ٿيل ٽئڪس حڪومت کي گهر ويٺي ادا ڪري ٿو. ڇا جو غنڊه ٽئڪس ڇا جو سرڪاري آفيسرن کي رشوتون کارائڻ ۽ مقامي پوليس کي هٿ ٻڌڻ. پر پاڻ وٽ بمبئيءَ ۾ ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي. بندو بندي جو گلو ڪٽي رهيو آهي ته تون مسلمان آهين يا تون هندو آهين ۽ مزي جي ڳالهه اها ته انهن ۾ گهڻا اهڙا آهن جن مندر مسجد جو ڪڏهن منهن به نه ڏٺو هوندو. سچو پوڄاري ته اڄ به ڪنڊ پاسو وسايو ڀڳوان کي ياد پيو ڪري.
پارواڻيءَ مٿيون اشارو اڄڪلهه بمبئيءَ ۾ هلندڙ هندو مسلمانن جي خونريزين ڏي ڪيو. جيڪي هونءَ رڳو ڪلڪتي يا دهلي پاسي ٻڌبيون هيون پر هاڻ پهريون دفعو بمبئيءَ ۾ به شروع ٿي ويون آهن ۽ تمام گهڻي حد تائين، ايتري قدر جو هتي ملائيشيا جي اخبار ۾ به روز سرخيون اينديون آهن.
”سو ادا دل ته گهڻي ٿي چوي ته واپس هندستان هلي رهجي جتي اسان جون پاڙون آهن.“ پارواڻيءَ چيو، ”پر ههڙن حالن ۾ هن عمر ۾ ڇا سودمندي ٿيندي. اسان ته کڻي رهي به سگهون پر اسان جي ننڍي ٽهي جيڪا ڄائي نپني، رهي ڪهي هن سڪون ڀرئي ماحول ۾ سا اتي ٻاتاري ٿي پوندي.“
”توهان ته شادي نه ڪئي پر توهان جي وڏي ڀاءُ اوڌارا جو اولاد ڇا ٿو ڪري؟“
”اوڌارا کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. وڏو پٽ ارجن داس ملائيشيا مان بنيادي تعليم وٺي پوءِ نيوزيلينڊ وڌيڪَ تعليم لاءِ ويو هو. هن اتاگو يونيورسٽي (ويلنگٽن جي ڀر ۾) مان فزڪس ۾ ميجر ڪيو ۽ هتي هڪ جپاني فرم ۾ نوڪري ڪري رهيو هو، پر تازو هن اها ڇڏي آهي ۽ ٻي ڪنهن سُٺي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهي. اڃا تائين نه ملي اٿس.....“
مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽي ان مسئلي ڏي وري ڌيان ڇڪايو جيڪو هن ملڪ ملائيشيا ۾ پوءِ جا لڏي آيل چيني ۽ انڊين محسوس ڪري رهيا آهن: ”پارواڻي صاحب! اخبار ۾ نوڪرين جا اشتهار ته گهڻائي اچن ٿا پر ان لاءِ اسان ڌارين ملڪن جا ماڻهو نه Apply ڪري سگهون ٿا ۽ نه وري ملائيشيا سعودي عرب جهڙن ملڪن وانگر چاهي ٿو ته ڪو ڌارئين ملڪ جو اچي ڪمائي، سواءِ انهن چند ڌارين جي جيڪي اهم نوڪريون ڪن ٿا يا UNO وغيره جي طرف کان هتي آهن. پنهنجي ملڪ جي ماڻهن مان به پهرين ملئي ڀومي پترن جي همت افزائي ڪن ٿا ته جيئن اهي نوڪريءَ ۾ چان . ٻئي نمبر تي چيني يا انڊين نسل وارن ملائيشين کي ـــ جيتوڻيڪ توهان ۾ ڪيترائي انڊين ۽ چيني ته هتي سؤ سالن کان به اڳ جا Settle آهن. ان قسم جون ڳالهيون سوچي توهان کي ڪجهه محسوس نٿو ٿئي ته توهان جهڙن جي ٻارن لاءِ هتي مستقبل روـشن ناهي.“
”ٿئي ته ٿو.“ پارواڻيءَ وراڻيو، ”پر حالتون اهـڙيون به خراب نه آهن. ظاهر آهي هي ملڪ ملئي ماڻهن جو آهي سو هنن کي پنهنجن جو پهرين خيالَ رکڻ جڳائي به ۽ هنن ٻين ملڪن جو اڀياس ڪري ڏٺو آهني جي نوڪريون هن وقت ڌارين کي ڏيئي ڇڏيندا ته سڀاڻي جڏهن سندن پنهنجا ملئي پڙهي ڪري ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻيا گريجوئيٽ ٿيندا ته انهن لاءِ ته ڪجهه به نه هوندو ـــ سڀ نوڪريون اسا جي يا چينين جي حوالي ٿي و ينديون جيڪي هن وقت ملئي مسلمانن کان وڌيڪَ تيز ۽ پڙهيل آهن ۽ هونءَ به سڄي ملڪ جو واپار ذري گهٽ اسان جي هٿن ۾ اچي چڪو آهي. سو ظاهر آهي ته هتي جي حڪومت هتي جي اصل باشندن جو ان معاملي ۾ اڳتي جي سوچ خيال ٿي رکي. ساڳئي وقت ڏٺو وڃي ته اسان پنهنجا وطن ڇڏي هتي آياسين ـــ پوءِ چاهي پنج ڏهه سالَ اڳ يا پنجاهه يا سؤ سالَ اڳ پر ان لاءِ ته هرگز نه آياسين ته ڪو هنن جي اچي خدمت ڪجي يا قرباني ڏجي. اسان هتي تڏهن به پئسو ڪمائڻ لاءِ آيا هئاسين. پوءِ جڏهن ڏٺوسين ته هتي موج مزا لڳا پيا آهن ته ٽيڪي پياسين. هاڻ کڻي ٻاهران چئون ته اسان هن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، اسان جو به عياشيءَ ۾ حصو هئڻ کپي. پر حقيقت ۾ اسان ڪمائيءَ جي لالچ ۾ هتي اچي نڪتاسين يا اسان جي ملڪن: هندستان، افغانستان، توڙي چين منگوليا يا انڊونيشيا ۾ سياسي معاشي حالتون ٺيڪ نه هيون سو ان ڪري سُکَ جي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ هيڏانهن اچي رهياسين. بهرحال اڄڪلهه هن ملڪ ۾ اهو ضرور آهي ته نوڪريون ۽ سهولتون پهرين پنهنجن کي ٿا ڏين پر ساڳي وقت اسان به ڪي ڏکيا نه آهيون. اسان جو به سٺو وقت پيو گذري. جيڪو جتي آهي اتي خوش آهي، پورهيو توڙي واپار ته آزاديءَ سان ڪري رهيا آهيون. نوڪريون به جي تمام وڏيون نه ته به چڱيون خاصيون مليو وڃن ۽ اڃا به ويهن سالن تائين ته حالتون بهتر ٿيون لڳن. ان بعد ڪير جيئن ڪير مرن ـــ جيڪي جيئن سي منهن ڏين بيروزگاري ڪٿي ناهي، وڌندڙ گهرجن سڄي دنيا جون حالتون خراب ڪري ڇڏيون آهن. ويندي انگلينڊ، جرمني ۽ ٻين يورپي ملڪن جو به حال خراب آهي. سڀ ڪو ڀانئي ته ڌاريون اڄ نڪري ته سڀاڻ ٻيو ڏينهن ٿئي. انگريز انگلينڊ مان پاڪستاني، هندستاني ۽ جئميڪين ڪڍڻ جي فڪر ۾ آهي چاهي انهن جون پنج پنج پيڙهيون اتي رهي مري ويون. جرمن پنهنجن ملڪن مان ترڪن کي، فرينچ سينيگالين کي ته اٽلين لبين وغيره کي. اهڙي طرح پنهنجن ايـشين ملڪن انگريزن ۽ يورپين کي ته ڀڄائي ڪڍيو آهي ۽ هاڻ پنهنجن ايشيائي ماڻهن جي پويان آهن. حالت اها اچي ٿي آهي ته هڪ عرب ملڪ جا ماڻهو ڏکيا ٿا ٿين ته ڀر وارو عرب ملڪ جيڪو نه فقط امير آهي، پر ساڳيو دين ايمان، رسم رواج ۽ زبان اٿس ٻئي کي پاڻ وٽ رکڻ نٿو چاهي ۽ ڪو اچيو به وڃي ٿو ته ان کي ڀڄائڻ جي چڪر ۾ آهي. سو هت ملائيشيا ۽ سنگاپور، انڊونيشيا وغيره جهڙن ملڪن ۾ اڳتي هلي ڇا ٿو ٿئي اها ڀڳوان کي سُڌ! في الحال ته رڳو پنهنجي گهر کي ڏسجي ته ڪو زمانو هو سڀ ڀائر ته گڏ هڪ گڏيل ڪٽنب ۾ رهندا هئا پر سوٽن پڦاٽن جون فئمليون به ساڳي گهر ۾ خوش گذارينديون هيون. پر هاڻ هر هڪ ڀانئي ته ٻيو گهر مان نڪري وڃي ته سُٺو.“
”توهان جي ڀاءُ جا باقي ٻار ڇا ٿا ڪن؟“
”ٻيو نمبر ڌيءَ ٿي. سندس نالو رڪمڻي آهي. رڪمڻيءَ جي تازو گذريل سال دبئيءَ ۾ شادي ٿي. سندس گهوٽ دبئيءَ جي هڪ فئڪٽريءَ ۾ انجنيئر آهي. پاڻ اصل بمبئيءَ جو سنڌي آهي. ٽيون ٻار پٽ هاسارام اٿس جيڪو هتان ملائيشيا مان STPM (سجل ٽنگي پرسيڪولان ملائيشيا)، يعني انٽر ڪرڻ بعد وڌيڪَ پڙهائي انگلينڊ مان ڪئي، هو ڪامرس پڙهيل آهي ۽ ملاڪا جي يونائيٽيڊ ايشيا بئنڪ جو اسسٽنٽ مئجينر آهي.،
”هت رهندڙ چيني واپاري ۽ امير ماڻهو ۽ توهان ـــ ”توهان“ مان منهنجو مطلب فقط توهان هڪ سان نه پر هت جيڪي ننڍي کنڊ جا تامل، گجراتي، سنڌي، ملباري، پنجابي وغيره واپاري طبقو آهي، ڪمايل پئسو هتي ملائيشيا جي بئنڪن ۾ رکڻ وڌيڪَ سلامت محسوس ڪريو ٿا يا ڪنهن ڄاتل اڻ ڄاتل خوف کان ڀر وارن ملڪن: سنگاپور، آسٽريليا يا نيوزيلينڊ وغيره جي بئنڪن ۾ رکڻ وڌيڪَ بهتر سمجھو ٿا، جت سياسي ۽ معاشي حالتون سٺيون ۽ جٽادار آهن.“
”نه اهڙي ڳالهه ناهي. ملائيشيا جي بئنڪن ۾ به هرڪو رکائي ٿو ۽ هر قسم جون مقامي يا ولايتي بئنڪون هتي آهن جن ذريعي سولائيءَ سان ناڻو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ اُماڻي ۽ گهرائي سگهجي ٿو. حڪومت به ان سلسلي ۾ دِلجاءِ ڪرائيندي رهي ٿي جيئن مقامي ۽ ڌارين سيڙپ وارن جو وشواس برقرار رهي. پهرين نه ته چيني ماڻهو سڄو پئسو هتان ڪڍي چين (تائيوان، فارموسا وغيره) ۽ هانگ ڪانگ جي بئنڪن ۾ موڪليندا رهيا ٿي، جيئن پش پيش هي ملڪ ڇڏڻو پوي ته ٻاهر ته ناڻو هجي. پر پوءِ گهڻو اڳ، انگريزن جي وڃڻ کان سگهوئي پوءِ هتي جي حڪومت سڀني کي چيو ته جن کي هي ملڪ ڇڏي ٻي ڪنهن هنڌ وڃي رهڻو هجي ته هينئر هليو وڃي ۽ جي رهڻ چاهي ته هتي جي کيس قوميت ڏني ويندي ۽ ڀلي هتي جو ماڻهو ٿي رهي. اهڙي اعلان بعد هاڻ چيني خوش آهن. جيتوڻيڪ اڃا به ڪجهه نه ڪجهه ناڻو حفاظت طور آسٽريليا ۾ رکائين ٿا ۽ پنهنجن ٻارن مان هڪ يا ٻه آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ۾ رهڻ لاءِ ڇڏين ٿا جيئن متان حالتون خراب ٿين ته ٻي هنڌ به ته ٺام ٺڪاڻو ٺهيل هجي.“
”اڄڪلهه سنگاپور جي دڪاندارن جا اشتهار سون ۽ هيرا خريد ڪرڻ لاءِ ملائيشيا جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ته پئسو سون ۽ هيرن جي خريداريءَ ۾ لڳايو. توهان جوان بابت ڇا خيال آهي ۽ هتان ملائيشيا مان ڪهڙي طبقي جا ماڻهو اهڙي خريداري ٿا ڪن؟ انڊين ۽ چيني يا ملئي پڻ؟“
پارواڻيءَ ٿوري دير لاءِ سوچي پوءِ چپن تي مرڪ آڻي چيو: ”سون جا ڳهه ۽ هيرا بيڪار شيون آهن جن پٺيان پئسو بيوقوف ماڻهو وڃائين ٿا. مثال طور هيرا ڇا آهن؟ پٿر آهن پٿر. ۽ پٿر ڪهڙي ڪم جا. پر يورپي قوکين من اسان کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ اهي سانگ سٽيا آهن ۽ وري انهن جو اگهه به مقرر ڪيو اٿن ته ڪو چاهي ته وڪڻي يا ڏيتي ليتي به ڪري سگهي ٿو پر تڏهن به آئون کي پٿر ئي سمجھندس. اُنَ جي گهڙ جوڙ ۽ ٽڪ ڇلائيءَ جي ڪمائي پاڻ کايو امير پيا ٿين. ساڳيءَ طرح سونا ڳهه به ڪهڙي ڪم جا؟ اڃا به ڪچو سون ڪجهه بچت پاڇيءَ خاطر ماڻهو بچائي رکي سگهي ٿو. پر ڳهن جو مثال هيئن آهي ته ٻن هزار ڊالرن جي سوني سيٽ ۾ نج سون فقط هزار ڊالر جو هوندو باقي گهڙائي، اونڌن اُبتن موتين جي قيمت ۽ جڙائي جو خرچ هزار ڊالر، يعني ٻئي ڏينهن ئي ڪو موٽائي ڏئي ته ان ٻن هزار ڊالرن واري سيٽ جا فقط هزار ڊالر ملندس جيڪي اصل موجود سون جي قيمت آهي. ڳهه لڳاتار پائڻ ۽ پالش ڪرائڻ سان به گسي ٿو سو ان کوٽ جو نقصان ڌار مٿي ۾ ۽ پنهنجي جسم سان هيرا يا سونا ڳهه لڳائي هل معنيٰ چوري ۽ جان جو خطرو الڳ. بهرحال فائدو واڻئي جو يا وري چور جو.
”هتي ملائيشيا ۾ چيني يا انڊين ايترو سون ڏي لاڙو نٿا رکن. ملئي ماڻهو ان پٺيان گهڻو پئسو چٽ ڪن ٿا. منجھن هڪ ٻئي کي ڏيکاءُ ۽ ريس جي عادت آهي. پوءِ هتي جا چيني يا انڊين دڪاندار اهڙا استاد آهن جو سال اڌ بعد وري کين ٽيڪرون ڏيندا ته ”بابا اهي گذيل سالَ وارا ورتل ڳهه پراڻا ٿي ويا آهن. سندن هينئر ڪو فئشن ناهي ۽ عام ٿي ويا آهن. اهي ڀڃائي وري ٻئي فئشن جو هار ڪنگڻ يا چوڙيون ٺهرايو. هڪ نمونو مون وٽ تازو آيو آهي جيڪو سڄي شهر ۾ ناهي. اهي پراڻا ڏيو ته ڀڃي نئين فئشن جا ٺاهي ڏيانوَ. مٿان رڳو هزار ڊالر ٻيو خرچ ايندانو. پائڻ سان سڄي ڪاڄ ۾ واهه واهه توهان جي پئي ٿيندي.“ پوءِ هتي جا ملئي ماڻهو سادا سودا ڳالهين ۾ اچي پراڻا ڳهه ۽ وڌيڪَ پئسا ڏيندا ته جيئن دڪاندار اهي ڀڃي کين ٻيا ٺاهي ڏئي ان ۾ ڏٺو وڃي ته سڄو فائدو دڪاندارن کي ٿئي ٿو. ڀڃڻ جي ته رڳو ڳالهه ٿيندي آهي. سندن اهي پراڻي ڊزائين وارا ڳهه دڪاندار اڪثر پالش ڪري ٻئي شهر ۾ ڪم ڪندڙ سندن دوست يا مائٽ سوناري ڏي موڪلي ڏيندا آهن. جتي هو انهن ڳهن کي اتي نئين ڊزائين جو هوڪو ڏيئي وڪڻي ڇڏيندا آهن. ساڳي طرح پاڻ ان شهر مان پراڻا ورتل ڳهه پهرين ڏي موڪليندو رهي ٿو ۽ اهڙي طرح دڪاندارن جو ٿيو فائدو ۽ ڪوڙي لئه ۾ اچي ڦريو ملئي ڄٽ.“
پارواڻيء صاحب ”ڄٽ“ لفظ زبان تي آڻيندي آڻيندي گهڻو ئي جھليو پر نڪري ويس جنهن بعد هڪدم منهنجو خيال آيس ته متان مونکي دل ۾ ٿيو هجي جو ورهاڱي کان اڳ هندو عامل توڙي واپاري اهو لفظ سنڌي مسلمانن لاءِ گهڻو تڻو استعمال ڪندا هئا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ ڪو پنهنجي پوزيشن صاف رکڻ لاءِ چوي ته ”ڄٽ“ لفظ سنسڪرت مان نڪتل آهي. معنيٰ ”ڄٽ قبيلي جو“ يعني جيڪو قبيلن ۾ رهي، عزت وارو وغيره وغيره. پر اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ”ڄٽ“ لفظ جي استعمال ۾ نفرت ۽ ٻي لاءِ حقارت جو وڌيڪَ پهلو هو جيڪو اڄ به بيوقوف سادي ۽ جاهل ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ويندي هينئر به اسان مسلمان ڳوٺاڻن ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن لاءِ چڙ ايندي وقت استعمال ڪريون ٿا. جيڪو لفظ اڳ ۾ هندو وڏي پيماني ۾ اسان سڀني لاءِ ڪندا هئا. اهو شايد ان ڪري به جو اسان جو عام ماڻهو توڙي وڏيرو زميندار نه ايترو پڙهيل هو ۽ نه کيس دنيا داري جون اٽڪلون ۽ کيڏون آيون ٿي.
بهرحال موٽي اچون هلڪين ڦلڪين ڳالهين تي. ملائيشيا جي جھڙالي موسم ۽ چوڌاري ڳتيل ساوڪ ۾ پارواڻيءَ صاحب کان ورتل انٽرويو تي جيڪو سون ۽ هيرن سان گڏ هتي جي سون ۽ هيرون جهڙن ماڻهن جون به ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو.
”پارواڻي صاحب ڀلا توهان جي خيال ۾ پئسو ڇا ۾ لڳائڻ کپيئي“ مون پڇيو.
”وقت موجب حالتون بدلجنديون رهن ٿيون. اڄڪلهه جي وقت ۽ حالتن موجب پئسو Real Estate يعني زمين وٺڻ ۾ لڳائجي. هتي جا امير ماڻهو ملائيشيا کان علاوه ٻين ملڪن ويندي سنگاپور ۾ به جايون ۽ پٽ وٺن ٿا.“
”ڀلا ڪنهن کي سنگاپور جي قوميت نه هجي ته به سنگاپور ۾ پٽ خريد ڪري سگهي ٿو؟“
”قوميت کڻي نه هجي پر اتي گهمڻ خاطر رهڻ، مسواڙ تي ڏيڻ يا اگهه وڌڻ تي وڪڻڻ لاءِ زمين يا جايون ڪنهن به ملڪ جون خريد ڪري سگهي ٿو. اڳ ۾ ملائيشيا ۾ به ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي زمين ۽ جايون وٺڻ جي اجازت هئي پر پوءِ سنگاپرو جي چينين کڻي جوهوباروءَ ۾ ايتريون ته زمينون ۽ گهر وٺڻ شروع ڪيا جو حڪومت سڀني فارينرن کي وڌيڪَ وٺڻ کان منع ڪري ڇڏي. هاڻ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا امير ماڻهو اڄڪلهه آسٽريليا ۾ جام زمينون وٺن ٿا جو لڳي ٿو ته اتي ڪجهه سالن کان پوءِ اگهه وڌي ويندا.“
”ڀلا اڄڪلهه سنگاپور توڙي ملائيشيا ۾ ڌارئين ملڪن جي ماڻهن کي هميشه لاءِ رهڻ ڇو نٿا ڏين يا قوميت ڇو نٿا ڏين. توهان کي هتي جي قوميت ڪيئن ملي ـــ سولي يا ڏکي؟“
”اڄڪلهه سنگاپور، ملائيشيا يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي قوميت ملڻ تمام ڏکي ڳالهه ٿي پيئي آهي. هر ڪو ڀانئي ته سندن ملڪ ۾ سندن ئي ماڻهو هجن ٻيو ڪو ڌاريو نه اچي رهي. ملائيشيا جو ملڪ جيتوڻيڪ تمام وڏو ۽ امير آهي، آدمشماري به تمام گهٽ اٿس ۽ جيڪر موجوده آدمشماري جيترا ٻيا به اچي رهي پون ته به ڪو خاص فرق نه پوي. پر جپان، سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻين ڏاهن ملڪن وانگر ملائيشيا به چاهي ٿو ته سندن ملڪ ۾ ڪو هڪ ماڻهو به وڌيڪَ رهڻ لاءِ نه اچي. ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڀلي اچي. سدا اچي جو ان ريت اچڻ ۾ هو پئسو ڏوڪڙ خرچي ٿو ۽ ملڪ جو فائدو ٿئي ٿو. باقي هميشه لاءِ هتي ٽڪي ملڪ لاءِ ذرو به بار نه بڻجي. ملائيشيا جي آدمشماري گهٽ آهي ته وڌائڻ لاءِ اصل رهاڪن کي پنج ٻار ڄڻڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي، جن جي پڙهائي، دوا درمل سڀ مفت رکي ويئي آهي. بلڪه جنهن کي گهڻا ٻار ان کي ٽيڪس ۾ به وڌيڪَ ڇوٽ ڏني ويئي آهي. ڇو جو هي سمجھن ٿا ته ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ تي ڪو ڀروسو نٿو ڪري سگهجي ۽ هو ڪيترائي سالَ گذارڻ بعد به وفادار پنهنجي ئي ان ملڪ سان رهي ٿو، جتي هن جون اصل پاڙون آهن.
”اسان کي هتي جي جڏهن قوميت ملي تڏهن دنيا جون حالتون ڪجهه ٻيون هيون. هندستان جي ورهاڱي ۽ لڏ پلاڻ وارن ڏينهن ۾ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايتري ڇڪتاڻ نه هئي جيڪا اڄڪلهه آهي. جيڪو جنهن ملڪ ۾ ٿي ويو سولائيءَ سان ان ملڪ ۾ کيس رهڻ جي موڪل ملي ٿي ويئي. سو اسان هيڏانهن هليا آياسين يا ٻيا اسان جا ڀائر متر هانگ ڪانگ، فجي، انگلينڊ، انڊونيشيا، آمريڪا، جتي جتي به ويا سولائيءَ سان کين اتي جي قوميت ۽ پاسپورٽ ملي ويو ۽ هاڻ مزي سان اتي ڄمايو ويٺا آهن. پنهنجيون جايون جڳهيون دڪان ٺهرائي قبضا ڪريو ويٺا آهن. جيڪڏهن لڏ پلاڻ ۾ اسان کي اٺ ڏهه سالَ ٻي دير ٿئي ها ته پوءِ ڪيترن ڌارين ملڪن ۾ رهڻ اسان لاءِ مشڪل ٿي وڃي ها ڇو جو پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هر ملڪ سياڻو ۽ خبردار ٿي ويو ته ٻيلي ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي راهڻ مان ڪو فائدو ناهي. ماڳهين پنهنجي روزگار ۽ وڪري کان هٿ ڌوئڻا آهن ۽ ملڪ جو سماجي طرح پڻ ماحول خراب ڪرڻو آهي. ڇو جو ڌارئين آيل کي ملڪ ۽ ان جي اصل ماڻهن جي عزت آبروءَ جو ڪهڙو خيال ۽ هو وڃي ٿو اصل رهاڪن کان به وڌيڪَ ڄمت ڪندو.“
بهرحال ڪجهه سالَ اڳ تائين هيڏانهن ملائيشيا يا سنگاپور ڏي هميشه لاءِ رهڻ سولو ڪم هو. ڪو به سالَ ٻه رهيو ٿي ته کيس قوميت نه ته گهٽ ۾ گهٽ پي. آر. (Permanent Residency) ته آرام سان ملي ويئي ٿي. پوءِ آهستي آهستي ڏکي ٿيڻ لڳي. مثال طور سنگاپور وارا ان ماڻهوءَ کي پي. آر ڏيئي ڇڏيندا هئا جيڪو ماڻهو پاڻ سان ڇهه لک رپيا کن کڻي اچي جو حڪومت کي ايترو ڏڍ هو ته اهو ماڻهو پوءِ چوري نه ڪندو. ايترن پئسن مان ڪا هلڪي ڦلڪي بسڪيٽ چالڪيٽ جي پيڊي يا هٽڙو ڪڍي ويهندو ته به پنهنجو روزگار پيو ڪڍندو ۽ حڪومت کي به ٽيڪس پيو ڏيندو ۽ مقامي ماڻهن ۽ ملڪ تي بار به نه پوندو. ماڻهن جي گهڻي تعداد کي ايندو ڏسي سنگاپور حڪومت ناڻي جي ان اگهه کي وڌائيندي ويئي. هاڻ گذريل ٻن سالن کان يعني 1981ع کان جڏهن هانگ ڪانگ جو مسقبل رولڙي ۾ نظر اچڻ لڳو آهي ته اتي جا واپاري سنگاپور ڀڄڻ لڳا آهن ته سنگاپور حڪومت هڪ ملين ڊالر ـــ يعني ڏهه لک سنگاپور ڊالر اگهه ڪري ڇڏيو آهي (جيڪو ستر لک رپيا پاڪستان جا ٿيا جو اڄڪلهه سنگاپور جو هڪ ڊالر پاڪستاني ستن رپين برابر آهي.) جنهن تي به ڪافي وڏا واپاري هانگ ڪانگ کان سنگاپور ڏي لڏي اچڻ لڳا. بهرحال جيڪو ايڏو ناڻو پاڻ سان آڻي سنگاپور ۾ اچي رهي ٿو ان مان حڪومت ۽ ملڪ کي فائدا آهن. حڪومت کي تمام گهڻو ٽيڪس ملي ٿو جيڪو رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ لڳائي مقامي ماڻهن جو فائدو ڪري سگهي ٿي ۽ ساڳي وقت آيل امير ماڻهو جڏهن سنگاپور ۾ واپار وڙي لاءِ ڪوٺيون دڪان هوٽلون وغيره کولين ٿا ته آٽوميٽيڪلي مقامي آدمشماري کي به نوڪريون ۽ ڌنڌا ملن ٿا.
امير ماڻهن کان علاون سنگاپور ۾ اهڙن اعليٰ تعليم يافته ۽ اسپيشل برانچ جي انجنيئرن، سرجنن، ڊاڪٽرن، پروفيسرن کي پڻ عارضي/مستقل رهائش جي اجازت ملي ٿي جن جي هن ملڪ کي سخت ضرورت آهي يا اهڙي نوڪري يا تعليم وارو مقامي ماڻهو موجود ناهي.
ملائيشيا ۾ اڄ کان ويهارو کن سال اڳ رهائش يا قوميت آسانيءَ سان ملي ويئي ٿي. خاص ڪري ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ سان ڌاريون پڻ ملائيشيان ٿي ٿي ويو بلڪه ان به ڀومي پتر ٿي سڏايو. پر هاڻ ته سائين اهڙي سختي آهي جو کيس ته نٿي ملي ويتر چونس ٿا ته زالَ سان گڏ رهڻو اٿئي ته جوءِ کي به پنهنجي ملڪ وٺي وڃ ۽ کيس ان ملڪ جي قوميت ۽ پاسپورٽ وٺرائي ڏي نه ته وڌ ۾ وڌ زالَ کڻي ملائيشيا ۾ ئي رهي باقي تون پنهنجي ملڪ. زالَ سان ملڻو به اٿئي ته پندرهن ڏينهن جي ملڪ گهمڻ جي ويزا تي اچي سگهين ٿو. ان بعد ملڪ ڇڏي وري ٻين پندرهن ڏينهن لاءِ نئين سنئينءَ اجازت وٺ. ها البت ملئي زالَ مان ٻار ملائيشيا ۾ ئي ٿيو ته ان کي هن جي قوميت ڏين ٿا پر ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ته پوءِ هرگز به نه. اها سختي فقط ايشيا جي غريب ملڪن جي ماڻهن لاءِ آهي پر يورپ آمريڪا آسٽريليا جو هڪ گورو گذريل ڇهن ستن سالن کان ملاڪا بندرگاهه جو هاربر ماسٽر آهي. سندس هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو. مسلمان ٿيو ۽ شادي ڪيائين ان کي به ٽي چار سالَ ٿي ويا آهن ۽ ٽن سالن کن جو ٻار اٿس. پر مڙسالي کي ملائيشيا هميشه رهڻ جي موڪل هرگز نٿي ملي جيتوڻيڪ ملائيشيا جي مقابلي ۾ سندس وطن آسٽريليا وڌيڪَ سکيو آهي ۽ هيڏي وڏي نوڪري ۽ قرباني ڏيندڙ لاءِ ايترو حق هئڻ کپي پر ملائيشيا جي حڪومت ايڏي سخت ۽ قاعدي قانون جي پابند آهي جو ان معاملي ۾ بلڪل نٿي ٻڌي ته ڪو ڌاريو ماڻهو سندن ملڪ ۾ هميشه جو سوچي اچي رهي.
هونءَ دنيا ۾ ڪيترا اهـڙا ملڪ آهن جتي ڪنهن ڌارئين کي ٻار ڄمي پوي ته ٻار کي By Birth ان ملڪ جي قوميت مليو وڃي. مثال طور سريلنڪا، بنگلاديش، انڊيا کان وٺي ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۽ آمريڪا تائين. ملائيشيا ۾ ڪنهن ڌارئين قوميت واري کي ٻار چمي پوي ته کيس قوميت ته پوءِ به نه ملندي البت شناختي ڪارڊ ملي سگهيس ٿو. پر اهو شناختي ڪارڊ تڏهن ان ٻار کي ملندو جڏهن هو لڳاتار ٻارهن سالن لاءِ ملائيشيا ۾ رهندو. برونائيءَ ۾ ته ان جو مدو اڃا به وڌائي ٻاويههَ سال ڪيو ويو آهي. يعني مٿوئي ويو. ڪير تيسيتائين جيئي ڪير مري ۽ ان وچ ۾ خبر ناهي ڪهڙا ٻيا قاعدا قانون ٿي وڃن. ڪو مولانو جنت لاءِ ٻڌائي رهيو هو ته جنت ۾ پهچڻ لاءِ جيڪو رستو آهي اهو وارو جهڙو سنهو آهي، تلوار جهڙو تکو آهي، وغيره وغيره. هڪ ڳوٺائي وائڙن وانگر نهاري چيس: ”مولوي صاحب صاف صاف چئو ته جنگ ۾ وڃڻ جو رستو آهي ئي ڪونه.“ سو صاف صاف اهو ته هاڻ انگلينڊ، جرمني، آمريڪا وانگر سنگاپور، ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن ۾ به ڌارين لاءِ هميشه رهڻ جو ڪو رستو آهي ئي ڪونه. پارواڻيءَ کي چيم ته ملائيشيا جي پنهنجي آدمشماري ته ڪجهه به ناهي، ڌارين کي به اچڻ نٿا ڏين پوءِ سندن ڪم ڪاريون خاص ڪري هيٺاهين درجي جا مثال طور وڻن مان رٻڙ ڪڍڻ، کاڻين مان شيهو ۽ جست ڪڍڻ يا پام جي وڻن مان تيل جون ککڙيون گڏ ڪرڻ......... ڪير ڪندو؟ انجنيئرن، ڊاڪٽرن وغيره جي ته کڻي هاڻ سگهوئي ضرورت ختم ٿي وڃين جو سعودي عرب، لبيا، اردن، ڪويت وانگر هنن ملڪن جا ماڻهو به تيز رفتاريءَ سان ڊاڪٽر انجنيئر ٿي رهيا آهن.“
”ڏکين ۽ نيچ ڪمن لاءِ اڄڪلهه هندستان بدران انڊونيشيا مان مزور طبقو گهرائين.“ پارواڻيءَ ٻڌايو، ”انڊونيشيا ملڪ هنن کي ويجھو به آهي، اتي جا ماڻهو هتي جي ماڻهن وانگر مسلمان آهن، زبان به ذري گهٽ ساڳي اٿن. جيئن هندي ۽ اردو زبان آهي، تيئن ملئي ڀاشا ۽ انڊونيشيا ڀاشا آهي. بلڪه اهي ته لکڻ ۾ به ساڳيون آهن ـــ سو هنن کي انڊونيشي مزور گهرائڻ سولو ٿو لڳي. جيڪو ڪمائڻ بعد هتي ٽڪڻ جو به نٿا سوچين ۽ پنهنجي وطن هليا وڃن.“
”ڀلا توهان گذريل ويهه ٻاويهه سالن کان هتي ئي دڪان کوليو ويٺا آهيو، ڪوالالمپور جهڙو وڏو شهر هتان کان فقط سٺ ستر ميل کن ٿيندو، توهان جي دل نٿي چاهي ته هتان لڏي ات هلي دڪان کولجي.“
”دل ته ڏاڍو ٿي چوي ۽ هونءَ به جيڪي سهولتون شهرن ۾ آهن اهي ڳوٺن ۾ نه آهن. شهرن ۾ اسپتالون، ٻارن جا اسڪول، آفيسون ۽ فارينرن جي اچ وڃ گهڻي آهي پر هڪ ته اسان جا هاڻ ٻار وڏا ٿي جدا جدا هنڌن تي هليا ويا آهن ۽ هاڻ آهي فقط اسان جو پنهنجو سِرُ! ۽ ٻي ڳالهه ته ڪوالالمپور ۾ دڪان هلي ڪڍڻ جوويچار ڪيترا دفعا ڪري وري اهو سوچي ماٺ ٿيو وڃون ته ائين نه ٿئي جو هن آسودگيءَ کان به هليا وڃون. هو ڇا چوندا آهن ته اڌ کي ڇڏي جو سڄي ڏي ڊڪي ان کان ڪڏهن اڌ به هليو ويندو آهي.“
”ڪوالالمپور جو مشهور گلوب سلڪ اسٽور ٻڌو اٿم ته هڪ سنڌيءَ جو آهي. اتي ٻيا به سنڌي آهن يا بنهه گهٽ؟“ مون پڇيو.
”ملائيشيا ۾ ايترا سنڌي نه آهن. واپاري طبقي ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ کن فئمليون هونديون ڀر ۾ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جيتوڻيڪ ننڍڙا ملڪ ٻيٽ نما آهن پر اتي سنڌي فئمليون ڏهه هزارن کان به مٿي ٿيون رهن. ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي هندو واپاري ـــ سنڌ ورڪي انڊونيشيا رهن ٿا. ڇڙو جڪارتا شهر ۾ پندرهن سورهن هزار فئمليون آهن ۽ سڄي انڊونيشيا ۾ پنجويهه هزار کن فئمليون ٿينديون.“
پارواڻي صاحب جي ننڍڙي دڪان ۾ ڪم واريون چار پنج ڇوڪريون ڦري رهيون هيون. سندن تعداد ۽ پگهار جو پڇيومانس.
”مون وٽ چار ڇوڪريون فل ٽائيم جاب ٿيون ڪن يعني صبح کان شامَ تائين نوڪريون ڪن ٿيون ۽ ٻه ڄڻيون پارٽ ٽائيم ڪن ٿيون ـــ اهي رڳو شامَ جو اچن. يعني شامَ جي وقت ڇهه ڄڻيون گراهڪن کي منهن ڏين جو مون وٽ شامَ جي وقت گهڻا گراهڪ شيون وٺڻ لاءِ اچن ٿا. جيڪي ڇوڪريون سڄو ڏينهن نوڪري ڪن ٿيون. انهن جو پگهار ٻه سؤ پلس ڊالر ڏيان.“
ٻه سؤ پلس معنيٰ پورا ٻه سؤ نه پر ٻن سون کان ڪجهه مٿي. ملائيشيا ۾ پلس لفظ تمام عام آهي. ڪنهن جو پگهار يا ڪنهن شيءِ جي قيمت يا تعداد پڇبو ته چوندو ته هزار ڊالر پلس يا چار ڊالر پلس يا اسان جي اڪيڊمي ۾ ڪئڊٽن جو تعداد اسي پلس ٿيندو. معنيٰ اسي ته پڪ آهي پر ٿي سگهي ٿو ته ٻياسي کن هجن يا چوراسي پنجاسي کن.
ٻه سؤ ملئي ڊالر پگهار معنيٰ پنهنجا ٻارهن سؤ رپيا ـــ جيڪو ڏٺو وڃي ته ڪو گهڻو پگهار ناهي. جيئن اسان جي آفيسن جي ڪلارڪ ۽ ٽائپسٽ ڇوڪرين کي ٽي سؤ کان چار سؤ کن ڊالر پگهار ملي ٿي. يعني وڌ ۾ وڌ ٻه هزار رپيا کن ٿيا، جيڪي ولايت جي لحاظ کان گهڻو پئسو ناهي. اهڙيءَ طرح مردن جا پگهار به ڪي گهڻا نه آهن پر گهر ٻار سڀني جو سٺو هلي ٿو جو خرچ گهٽ آهي. ٻارن جي پڙهائي ۽ ڪتاب فري جا آهن. صاحت ۽ صفائيءَ جو گهڻو خيال هجڻ ڪري اگهائي گهـٽ آهي جنهن ڪري ڊاڪٽر توڙي دوا جو خرچ گهٽ آهي. ان کان علاوه مفت سرڪاري اسپتالو ڳوٺ ڳوٺ، ڪمپونگ ڪمپونگ ۾ آهن. جھڳڙا فساد ڦڏا گهٽ هئڻ ڪري ماڻهو وڪيلن ۽ پوليس جي خرچن کان بچيل آهن. ڪپڙي جي هڪ ٻئي سان گهڻي ريس ناهي. شهرن جي ڇوڪرين ۽ عورتن ۾ به بنهه ناهي. سو ڪپڙي يا سلائيءَ تي ايترو خرچ نه اٿن. چيني ۽ انڊين ڇوڪريون ته جين جون پتلونون سڄو سال هلايو وڃن. وڏ ڳالهه ته هتي اوچو ڪپڙو پائڻ ڪا وڏي ماڻهپي نٿي سمجھي وڃي. ان ڪري ان ڳالهه ڏي ڪنهن کي گهڻو ڌيان ناهي ته ڪو سادن ڪپڙن ۾ آهي يا اوچن ۾. کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون مهانگيون آهن پر روزمرهه جي استعمال جون شيون: اٽو، کنڊ، ڊبل روٽي، چانور، ڪڪڙ، بيضا، تيل، ٽوٿ برش، صابڻ مهانگا نه آهن. زمين جام ۽ سستي آهي. ڪاٺ ٻيلن ڪري تمام سستو آهي. سو ڪاٺ جا گهر، ڇتيون، چتيون فرش، در دريون ٺهرائڻ سستو آهي. وڏن خرچن واريون دعوتون، برٿ ڊي، افطار پارٽيون ۽ ڊنرون وغيره نه برابر آهن. جن تي خرچ ٿين. سو گهٽ پگهار به هتي گهڻو ٿو لڳي ۽ وڏي ڳالهه ته گهٽ گهرجن ۽ ضرورتن ڪري هتي جا ماڻهو پنهنجي (پاڪستانين جي) مقالبي ۾ سڪون جي زندگي گذارين ٿا ۽ هي ٻه اڍائي سؤ ڊالر پگهار هتي جي ڇوڪرين لاءِ وڏي ڳالهه آهي جن جو خرچ تمام معمولي آهي، ان ڪري بچت چڱي ٿئين ٿي جو ويندي شادي وقت ڪيتريون ئي ڇوڪريون پنهنجي ڪپڙن ۽ زيورن جو خرچ پاڻ ئي ڏين بلڪه ٻئي خرچ ۾ به مائٽن جي مدد ڪن.
پارواڻي صاحب کان آخر پڇيم ته ڪينيا، يوگنڊا، سريلنڪا جي لئبر لاءِ جيان هت به سرڪاري طرفان توهان لاءِ اهو ضرورت ته نه ڪيو ويو آهي ته ڪجهه حصو مقامي ماڻهن جو دڪان ۾ رکو.
”نه. گهٽ ۾ گهٽ هن رياست ملاڪا ۾ اهو قانون اڃا رائج نه ٿيو آهي ته ٽيهه سيڪڙو مقامي ماڻهو رکڻا آهن. مون وٽ ڇهن ڇوڪرين مان چار چيني ڇوڪريون آهن. هڪ ملئي آهي ۽ هڪ تامل (انڊين) آهي.“
”توهان وٽ خريدار ته ڪيترين ئي زبانن جا ايندا هوندا. توهان ڪهڙيون زبانون ڳالهائي سگهو ٿا؟“
”سنڌي، اردو/هندي ۽ انگريزيءَ کان علاوه ملئي ڀاشا پڻ، ٿوري ٿوري چيني به.“
نماشام جو وقت اچي ٿيو هو، سندس دڪان بند ڪرڻ جو وقت هو. آئون به ٿڪجي پيو هوس ته پارواڻي پڻ جو پوءِ جيئن پارواڻي چانهه لاءِ پڇيو ته مون اُٿڻ جي اجازت گهريمانس.