دور باش خوش باش
فرانس جي نيپوليئن بونا پارٽ کي انگريزن ڏيهه نيڪالي طور سينٽ هيلانا ٻيٽ تي نظر بند ڪيو هو ۽ ڀرپاسي وارن مڙني ٻيٽن تي پهري لاءِ انگريز سپاهين کي رکيو ويو. هن ٻيٽ ٽرسٽان تي ان کان اڳ ڪو به بني بشر نه هو. سمنڊ مان نڪرندڙ جبلن جون هزارين فوٽ اتاهيون چوٽيون هيون جن سان سڄو ڏينهن سمنڊ جي ڇولين ٽڪرائي گجي پيدا ڪئي ٿي ۽ انهن ٽڪرين جي پويان زمين جو ڪجهه حصو سنوت وارو هو جنهن تي انگريز بهادر جا ڪجهه سپاهي گهر اڏي رهيا ٿي.
آخر ڪار انهن سپاهين کي پنهنجي وطن (انگلينڊ) سڏايو ويو. ان سڏ تي سڀ موٽي ويا سواءِ هڪ همراهه جي جيڪو زالَ ۽ ٻار سان گڏ ان ٻيٽ تي آيو هو. هن اتي ئي ٽڪڻ جو فيصلو ڪيو. هن سان گڏ انگلينڊ جي ڊيون شهر جا ٻه ٻيا سپاهي پڻ رهي پيا. اهڙي طرح زال مڙس، پٽ ۽ ٻن همراهن کان علاوه هن ٻيٽ تي ٻيو ڪير به نه هو، رڳو ڇولين جو آواز ۽ هوا لڳڻ تي کجي ۽ ناريل جي وڻن جي ٽارين جو سيسراٽ هو. ڪڏهن ڪڏهن هِتان هُتان جا لنگهندڙ يا ڀٽڪيل، سڙهن وارا جهاز پاڻيءَ لاءِ اچي لنگر انداز ٿيندا هئا ۽ موٽ ۾ کين ڪا شيءِ شڪل يا سامان ڏيئي ويندا هئا. ڪنهن ڪنهن جهاز تان وقت بوقت هڪ اڌ خلاصي جهاز ڇڏي هتي پڻ ٽڪي پيو ٿي تان جو ڪجهه سالن بعد هن ٻيٽ تي ست ماڻهو مختلف ملڪن ۽ قوميتن جا ٿي ويا. جهڙوڪ: ڊچ، آئرش ۽ اطالوي. ۽ پوءِ هڪ ڀيري هڪ جهاز جي ڪئپٽن ڪٿان ڇهه زالون کڻي اچي هنن حوالي ڪيو نه ۽ اڄ جيڪي هن ٻيٽ تي ماڻهو نظر اچن ٿا، اصل ۾ انهن شروعاتي ماڻهن جو اولاد آهن جن جي شروعاتي زندگي بيحد ڏکي رهي هئي. ايندڙ ويندڙ جهاز کان کين ڪجهه وهٽ: ڍڳيون رڍون ۽ ڪتا پڻ ملندا رهيا ٿي. پر ساڳي وقت ايندڙ جهازن مان ڪوئن جا ڌڻ پڻ ڪناري کان اچي نڪتا ٿي. جيڪي ٿورا گهڻا مرد ماڻهو هئا، سڄو ڏينهن مڇيون ۽ وهيلون ڦاسائڻ ۾ هوندا هئا. مڇيون کائڻ لاءِ يا انهن جو تيل ٻيڙين ۽ پاڻ کي مکڻ مهٽڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا يا کين سڪائي وڪڻڻ لاءِ رکندا هئا.
پاليل رڍن مان کين اُنَ ملي ٿي ۽ کلن مان سياري لاءِ ڪوٽ. جهازن مان اڇلايل اهو ڪاٺ جيڪو تري اچي هن ٻيٽ جي ڪناري کان نڪتو ٿي بيحد ڪمائتو هو ڇو جو گهر، ٻيڙي يا فرنيچر ٺاهڻ لاءِ هرڪو ان کي گڏ ڪندو هو. سائوٿ آفريڪا جو بندرگاهه ڪيپ ٽائون کين سڀ ۾ ويجھي کان ويجھُ هو پر اتان جيڪو سيڌو راشن آيو ٿي اهو وقتائتو نٿي آيو. ڪڏهن ڪو جهاز آيو ٿي ته مهيني ۾ ٻه دفعا به اچي نڪتو ٿي نه ته هن نٻيٽ ڏي سالن جا سالَ ڪو رُخ نٿي ڪيو هو ۽ اهو سامان کڻي اچڻ وارن کين مهانگو ڪري وڪيو ٿي.
سمنڊ تي رهندڙ ڪي مڇيون ڪونجن وانگر سالَ بَسال لڏ پلاڻ ڪنديون آهن ۽ وري موٽي اينديون آهن. پر ڪي مڇيون ويهه پنجهويهه سالن کان پوءِ اهڙي لڏ پلاڻ ڪنديون آهن جو اهي تڙ توائي ڪري وينديون آهن. وٿاڻن جا وٿاڻ اهي پٽ خالي ڪري وڃي سمنڊ جو ٻيو جڳ وسائينديون آه. پوءِ جن جو هو کاڄ قوت ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو هونديون آهن، اهي پنهنجي بد نصيبيءَ تي مُنهن مٿو پٽي ويهي رهندا آهن ۽ جـِتان هو وڃي نڪرنديون آهن انهن ڪنارن جي ماڻهن جا ڀاڳَ کلي پوندا آهن. ساڳي ويڌن هن ٻيٽ جي ماڻهن سان ٿي جن جي گـذر سفر جو وڏو ذريعو وهيل مڇيون هيون. جن جي بدلي هو ايندڙ جهازن کان ضرورتن جو ٻيو سامان وصول ڪندا هئا. اوچتو ئي اوچتو ٽرسٽان ٻيٽ جي چوڌاري رهندڙ انهن وهيل مڇين جا ڌڻ اتان لڏي ڪنهن ٻي جوءِ ڏي روانا ٿي ويا. ساڳي وقت سائنس جي ترقيءَ ڪري ٻاڦَ جي انجڻ ايجاد ٿي ۽ سڙهه تي هلندڙ جهازن بدران هاڻ جـِتي ڪٿي آگ بوٽ هلڻ لڳا جن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هن ٻيٽ تي کٽل راشن پاڻي کڻڻ ۽ ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ آيو ٿي. هڪ دفعي ته ٽي سالَ گذري ويا ڪنهن جهاز هن ٻيٽَ جو رخ نه ڪيو. تنهن هوندي به هن هيڪلي ٻيٽ جا رهاڪو جيئڻ لاءِ جتن ڪندا رهيا.
هن ٻيٽ جي رهاڪن رسم رواج ۽ اخلاق جا سخت قاعدا ۽ قانونَ ٺاهي ڇڏيا هئا ته هر هڪ ماڻهوءَ کي ٻئي سان ڪهڙو برتاءُ ڪرڻ کپي. انهن مڙني قاعدن کي سختيءَ سان عمل ۾ آندو ويو ٿي. ماءُ پيءُ جو حڪم آخري فيصلو سمجھيو ويو ٿي. هر هفتي دٻي جي دهل ۽ تاڙين جي آوازَ تي راڳ گاني ۽ ڊانس جو پروگرام هليو ٿي. پر نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هڪ ٻئي سان فري ٿي ڳالهائڻ نٿي ڏنو ويو. هر وقت وڏي جي اک ننڍن جي چال چلت ۾ رُڌل رهي ٿي. شاديءَ جي خيال ڏيکارڻ تي ڇوڪري لاءِ لازمي هو ته هو يڪو مهينو ڪنواريتن جي گهر جي حاضري ڀري. هڪ ڏينهن به گسائڻ سان مڱڻو ختم سجُيو ويو ٿي ۽ ساڳي وقت ڪنوار، جنهن جي گهر همراهه کي روز اچڻو پيو ٿي، جو اهو ڪم هو ته لڳي ويهي پنهنجي ٿيڻ واري مڙس لاءِ سئيٽر اُڻي. پوءِ جيڪڏهن ڇوڪري به راضي هوندي هئي ته هن کي مهيني جي آخري ڏينهن تي اهو سئيٽر سوکڙيءَ طور ڏيندي هئي. پر هنن جي ان هوندي به ايترو جھٽ شادي نه ٿيندي هئي جيسيتائين هو ڪاٺ جا تختا گڏ ڪري رهڻ لاءِ پنهنجو گهر ٺاهي نه وٺن. ان ڪم ۾ کين ڪڏهن ڪڏهن ڏهه سالَ به لڳي ويندا هئا. ڪاٺ جا تختا گڏ ڪرڻ لاءِ کين روز سمنڊ جي ڪناري تي وڃڻو پوندو هو جيئن ڪنهن جهاز مان ڪو اڇلايل تختو اچي هنن وٽ پهچي يا ايترو پئسو گڏ ڪرڻوُ پوندو هون جو ڪيپ ٽائون شهر مان اهو ڪاٺ ناڻي تي گهرائي سگهن.
مرد ماڻهو ۽ ڇوڪرا واندڪائيءَ ۾ فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ سان ملندڙ جلندڙ راند کيڏندا هئا. عورتون سئيٽر اُڻنديون هيون يا چرخو چوري اُنَ ڪتينديون هيون. ڪجهه عرصي بعد هن ٻيٽ تي زلزلي جا لڳاتار ڌوڏا محسوس ڪيا ويا. ڪناري جي ڀرسان ڦاٽندڙ جبل مان ٿورو ٿورو لاوا نڪرندو ڏٺو ويو جيڪو پوءِ آهستي آهستي وڌندو ئي ويو. ٻيٽ جي مکيءَ ۽ پئنچن ماڻهن کي هن ٻيٽ تان في الحال لڏرائڻ جي فيصلي خاطر، کين ڀر واري ٻيٽ تي موڪليو ۽ واقعي پوءِ ٽهڪندڙ لاوا ايترو وڌيو جو سڀ گهر سڙي ٻري راک ٿي ويا. يا لاوا جي ڍير ۾ ڍڪجي دفن ٿي ويا. اهو حال ڏسي ڪيترائي لڏي انگلينڊ آيا. انهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ريلَ گاڏي، ڪار يا ٽي وي نه ڏٺي هئي. جراثيم کان پاڪ هوا کائڻ وارا انگلينڊ جي گهٽيل فضا ۾ رهي نه سگهيا. خاص ڪري پوڙها ته اگها ٿي پيا ۽ هر قسم جي وائرس ۽ جراثيمن مٿن حملو ڪيو. ڏهه ٻارهن سالَ ڏکيا سکيا گهارڻ بعد هنن واپس وڃڻ جون وايون شروع ڪيون. آخر ڪار موٽي پنهنجي ماڳ آيا پر سڄي زندگيءَ جو تاڃي پيٽو کين بدليل نظر آيو. گهر ته وري نئين سنئينءَ جوڙيا ويا. بندرگاهه جي چوڌاري سمنڊ جي ڇولين جو زور ڀڃڻ لاءِ بچاءُ بند ٺاهيو ويو. ڍور ڍڳا ۽ رڍون وري گهرايون ويون ۽ پوڙها ماڻهو، هن ٻيٽ جي پُر سڪون فـضا جا هريل ۽ تازي هوا کائڻ جا عادي، هڪ دفعو وري بيحد خوش ٿي رهڻ لڳا. پر نوجوان طبقي تي انگلينڊ ۾ گهاريل ڏينهن جو چڱو اونهو اثر ويٺو. هو انگلينڊ جي فش ۽ چپس کي سارڻ لڳا. آئيس ڪريم ۽ هئم برگر لاءِ سندن من ماندو ٿيڻ لڳو. ٽيليويزن ۽ ڊسڪو کي ياد ڪرڻ لڳا. ان ڪري ڪيترا نوجوان هن هيڪلي ٻيٽ کي هميشه لاءِ الوداع چئي انگلينڊ هليا ويا باقي ماڻهو هن ٻيٽ تي ئي رهيا. انهن کي پنهنجي گرجا گهر ۽ ڪِتابن سان پڻ لڳاءُ ۽ دلچسپي آهي. هن هيڪلي ۽ الڳ ٿلڳ ٻيٽ تي هنن لاءِ هڪ پنهنجي قسمَ جي خوش ڀاش زندگي آهي چاهي کڻي هو سڄي دنيا کان دور پاش آهي.