پئسفڪ سمنڊ جو فجي ٻيٽ
ڌارين مسافرن کي رهڻ جي آسائش پيدا ڪري ناڻو ڪمائڻ لاءِ جتي ڪٿي اعليٰ قسمَ جون فائيو اسٽار هوٽلون ٺهي رهيون آهن جيئن ڪراچيءَ ۾ انٽر ڪانٽينينٽل، شيرٽن ۽ هلٽن آهن. اهـڙين هوٽلن کي چويهه ئي ڪلاڪَ ٿڌو يا گرم رکڻ لاءِ وڏا وڏا سينٽرل ايئرڪنڊيشنڊ پلانٽ ۽ بوائلر آهن. شهر جي لائيٽ بند ٿيڻ تي منهن ڏيڻ لاءِ هوٽلن کي پنهنجا جنريٽر ٿين. سئمنگ پول ۽ مٿاهين ماڙين کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ هر هوٽل ۾ طاقتور پمپ ٿين. ڪن عرب ملڪن ۾ جتي مٺي پاڻيءَ جي کوٽ آهي، اتي سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل هوٽلن ۾ کاري مان مٺو پاڻي ٺاهڻ جون مشينون F.W. Evaporator لڳل ٿين ٿيون. ان کان علاوه ڪن ڪن فائيو اسٽار هوٽلن ۾ Sewage-Plant ۽ اليڪٽرڪ ٽرانسفارمر ۽ Distribution-Plants ٿين ٿا. بهرحال هي مڙيئي اهي مشينون آهن جيڪي سمنڊ تي هلندر هڪ معمولي جهاز ۾ ٿين ٿيون ۽ انهن جي سارَ سنڀالَ ۽ صحيح ريت هلائڻ کان هر جهاز انجنيئر Marine-Engineer چڱيءَ طرح واقف ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ اڄڪلهه هر هوٽل جو چيف انجنيئر اهو رکيو وڃي ٿو جيڪو جهاز جو چيف انجنيئر ٿي رهيو هجي. آمريڪا، انگلينڊ، سعودي عرب، هندستان کان وٺي اسان جي ملڪ پاڪستان جي وڏين هوٽلن جو چيف انجنيئر، جهاز جو انجنيئر آهي.
فجي ٻيٽ تي هڪ اهڙي وڏي هوٽل فجين نالي ٺهڻ تي هنن جهاز جي هڪ چيف انجنيئر لاءِ ملائيشيا جي اخبارن ۾ اشتهار ڏنو. نئين جڳهه تي وڃڻ جو شوق مون کي به ٿيو. پنهنجي هِڪَ دوستَ چيف انجنيئر اجتبا زيديءَ کي ان بابت خط لکيم جيڪو ڪيترا دفعا ان ٻيٽَ تي جهاز کي وٺي وڃي چڪو آهي. ورندڙ ٽپالَ ۾ جواب موڪليائين ته نوڪري يا ملڪ خراب نه اٿئي.“ فجي پهچڻ ساڻ.“ هن ان خط ۾ لکيو، ”ائين نه لڳندئي ته ڪو پئسفڪ سمنڊ جي ڏورانهن ٻيٽَ تي آهين پر لڳندئي جهڙوڪر هندستان جي ڪنهن الهندي ڪناري واري ڳوٺڙي ۾ پهچي ويو آهين. گهـٽي گهٽيءَ ۾ انڊين گانن جي ڪئسٽن جي ڌم لڳي پيئي هوندي. ڀاڄي مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ رنگين ساڙهين ۽ ڌوتين ۾ عوررتن مردن کي ڏسي بنارس، بڙودا يا بريليءَ جو گمان ٿيندءِ. انڊين جي ننڍن دڪانن تي به پاڻ، پاپڙ پڪوڙن کان آچار، چٽڻيون ۽ گلن جا هار وڪامندا ڏسي ائين لڳندئي ڄڻ حيدرآباد جي سري گهاٽ، فقير جو پڙ يا گڊس ناڪي تي ويٺو آهين. فجي ملڪ جي اصل رهاڪن جي جيتوڻيڪ زبانَ ٻي آهي، پر انگريزي سڀ سمجھن ٿا ۽ ٻي نمبر تي گجراتي لهجي ۾ هندي ڳالهائي وڃي ٿي. ڊريس ۽ کاڌا پيتا به پاڻَ سان گهڻو ملن ٿا، بس رڳو نالو پئسفڪ جو آهي باقي لڳي پاڻ وارو علائقو ٿو.“
فجي دراصل هڪ نه پر ڪيترن ئي ٻيٽن جو جھڳٽوآهي جيڪي اٽڪل ٽي سؤ کن ٿيندا. انهن مان سؤ کن ٻيٽن تي ته ماڻهو رهن ٿا باقي ائين ئي ويران پيا آهن، يا ايترا ننڍا ۽ جابلو آهن جو نه پاڻي آهي ۽ نه پوکَ، نه اليڪٽرڪسٽي آهي ۽ نه انهن تائين پهچڻ لاءِ ڪا آمدرفت، جو کڻي ڪو ماڻهو اتي رهي سگهي. فجي ملڪ جي انهن مڙني ٻيٽن جي پکيڙ ست هزارَ کن چورس ميل آهي ۽ ڪل آدمشماري اڄڪلهه ست لک کن ٿيندي ـــ جيڪا شايد حيدرآباد شهر جي آدمشماريءَ کان به گهڻو گهٽ ٿي. گاديءَ جو هنڌ سووا شهر آهي جنهن ۾ ڪل آدم لک کن رهي ٿو ۽ هي شهر مٿين ٻيٽن مان سڀ کان وڏي ٻيٽَ وتي ليو (Viti-Levu) تي آهي. ٻيٽ جي اصلوڪي ۽ پراڻي زبان ۾ فجيءَ کي وتي ٿا چون ۽ ليوو Levu معنيٰ وڏو آهي.
پئسفڪ سمنڊ جو هي سهڻو ٻيٽ فجي، ڇهانوي سالن تائين انگريزن جي ڪالوني ٿي رهيو. ڏهين آڪٽوبر 1970ع تي برطانيه کيس آزادي ڏني. فجي ٻيٽ تي جيڪي پوءِ آيا آهن انهن ۾ انڊين گهڻا آهن. جيڪي اوڻهين صديءَ جي شروعات ۾ هندستان کان نڪري ۽ واپار وڙي لاءِ لڏي آيا هئا. ڪجهه يورپي ۽ چيني ماڻهو پڻ رهن ٿا ۽ ڪجهه اهڙن ملڪن ۽ قومنجا، جن جا جهاز اوسي پاسي ۾ طوفانن ۾ ڀڄي ڀري ويا ۽ پوءِ پنهنجي وطن وڃڻ بدران اتي ئي ٺـام ٺـڪاڻو ٺاهي ترسي پيا. مختلف قومن ۽ مذهبن هوندي به سنگاپور وانگر فجيءَ ۾ به ماڻهو امن ۽ سانت ۾ گذارين ٿا. ڪڏهن به ڪو گوڙ فساد يا دنگل بازي ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي. هن ٻيٽ جي ماڻهن جو گهڻو گذران پوکَ تي آهي ۽ سڀ کان گهڻي ڪمائي ڪمند ۽ کنڊ مان ٿئي.
فجيءَ جي وڏن ٻيٽن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي سمنڊ اندر جبل هئا جيڪي پوءِ ڦاٽي پيا ۽ منجھانئن لاوا ايترو ته نڪتو جو سمنڊ کان ٻاهر اهي ٻيٽن وانگر نظر اچڻ لڳا. ان لاوا ڪري وڏن ٻيٽن جي زمين پوکَ لاءِ تمام ڀلي آهي. باقي ننڍا ٻيٽَ، سامونڊي ڪورال هڪ ٻئي سان چنبڙي چنبڙي دڙن جهڙا ٻيٽ ٺاهي وڌا.
فجي ٻيٽن تي شروعات ۾ رڳو ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻي زندگي هئي، پوءِ اوڻهينءَ صديءَ ۾ يورپين جي پهچڻ بعد فرق آيو. هندستان کان انگريزن شروع ۾ يعني 1879ع کان، اهي پورهيت آندا جيڪي انگريزن جي رهائش لاءِ شهري نموني جا گهر ٺاهين ۽ ڪمندَ جي پوکَ ۾ هارپو ڪري سگهن. فجيءَ ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقو ٻي وڏي جنگ کان پوءِ هندستان کان آيو. پهرين يا پوءِ جي انڊين ۾ گهڻو ڀاڱو هندن جو آهي. پر ڪجهه ڪجهه مسلمان، عيسائي ۽ سک پڻ آهن. هن ٻيٽَ جي رهاڪن ۾ جيڪي يورپي سڏائين ٿا انهن ۾ گهڻا انگريزن جي بڻ جا آهن جيڪي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان لڏي آيا. ڪجهه يوروشين پڻ آهن يعني ماءُ پيءُ يا ڏاڏيءَ مان هڪ يورپ جو هو ته هڪ ايشيا جي ڪنهن ملڪَ جو.
فجيءَ جي گادي وارو شهر سووا (SUVA) هتي جو بندرگاهه پڻ آهي، بلڪه ان کي گهڻي اوندهي سمنڊ وارو بندرگاهه چئي سگهجي ٿو ۽ پاڻيءَ جا وڏا وڏا جهازَ به بي ڌڙڪ اچي سگهن ٿا. شهر ۾ ڪيترائي وڏا دڪان آهن جن مان گهڻا تڻا يورپين جا آهن، ڪجهه ڪجهه انڊين واپارين جا پڻ آهن. باقي شهر توڙي ڳوٺن جي ننڍن دڪانن تي انڊين جو قبضو آهي. سنڌ جا پڻ ڪيترا هندو سنڌي واپاري رهن ٿا جن مان ڪيترا ته ورهاڱي کان به اڳ جا آيل آهن ۽ گهڻو ڪري ڪپڙي ۽ اليڪٽرڪ جي سامانَ جا دڪان هلائين ٿا. شين جي وڪري تي ٽيڪس نه هجڻ ڪري ڪنهن زماني جي عدن، ڪولمبو، ممباسا وانگر، يا هاڻ جي سنگاپور،هانگ ڪانگ، دبئي وانگر هر شيءِ سستي اگهه تي ملي ٿي.
فجي هڪ صاف سٿرو ۽ مڇي ماني وارو ملڪ/ٻيٽ آهي. سڄو سال يورپ ۽ آمريڪا جا ٽوئرسٽ چڪر تي ايندا رهن ٿا جن مان پڻ چڱي اپت ٿئين ٿي. هتي مليريا جهڙيون بيماريون ته بنهه ناهن. ماتا، ٽائيفائيڊ ۽ ٻين ٽراپيڪل بيمارين جي به صفا پاڙ پٽي ويئي آهي. ان ڪري هتي جا ماڻهو توڙي ٻاهرين ملڪن کان آيل صحتمند رهن ٿا ۽ ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جا کين گهٽ چڪر هڻڻا پون ٿا.