دنيا جي ڊگهي سرنگهه
”باءِ روڊ هڪيدو ڇو نه ٿو وڃين؟“ پڇيومانس.
”اڇا تائين ته ناممڪن آهي. پر ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن وڃي به سگهجي.“
”ڪيئن؟“ مون پڇيومانس.
”بس گذريل ڏهن سالن کان جپاني سمنڊ اندر سرنگهه کوٽي رهيا آهن. جيسين وڃي ٻئي ٻيٽ ڳنڍجن.“ هن ٻڌايو هو.
ڪو زمانو هو جڏهن سڌو رستو ٺاهڻ لاءِ جبلن کي ٽڪي سرنگهون ٺاهيون وينديون هيون. پر اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سمنڊ اندر سرنگهون عام ٿينديون وڃن. جيئن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾ سمنـڊ اندر سرنگهه ٺهيل آهي. ان کان اڳ ڪولون ۽ هانگ ڪانگ ماڻهو فقط فيرين (ٻيڙين) ذريعي ايندا ويندا هئا. پر پوءِ ايڏي اچ وڃ وڌي ويئي جو سرڪار سمنڊ جي هيٺان سرنگهه کوٽرائي هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ شهر کان اچي ڪڍي جيئن ماڻهو سمنڊ جي ڪناري تي بيهي فقط فيرين جو انتظار ڪرڻ بدران ڪارين، بسن ۽ گاڏين ذريعي هانگ ڪانگ کان ڪولون ۽ ڪولون کان هانگ ڪانگ سفر ڪري سگهن.
ڪولون کي هانگ ڪانگ سان پل ذريعي به ڳنڍي سگهيا ٿي، جيئن ملائيشيا جا شهر پينانگ ۽ بٽرورٿ ڳنڍيل آهن يا پاڻ وٽ دادو ۽ نوابشاهه ضلعو. پر هت اهو ڏکيو ڪم هو ڇو جو ڪولون کان هانگ ڪانگ تائين سمنڊ وارو حصو ٻه ٽي ميل کن ٿيندو ۽ ٻيو ته پل ٺاهڻ سان سڄي ٽرئفڪ وري سمنڊ جي ڪناري تي ڳهت ٿئي ها ۽ ٽين ڳالهه ته ايڏي ڊگهي پل ٺهڻ ڪري وڏا جهاز هيٺان لنگهي نه سگهن هئا جيئن ڄامشوري جي پل ٺهڻ بعد پاڻي جي آمدرفت ۾ رُنو پئجي ويو آهي.
سمنـڊ اندر سرنگهه، سمنڊ جي تري کان پوءِ به گهڻو هيٺ مٽيءَ جي کوٽائي ڪري ٺاهي وڃي ٿي. هونءَ ته سمنـڊ اندر گاڏيون موٽرون هلائڻ لاءِ هڪ لوهي سلينڊر ٺاهي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري سگهجي ٿو، جيئن اندر سمنڊ جو پاڻي گهڙي نه سگهي. پر ان کي مٿان لنگهندڙ جهاز نقصان رسائي سگهن ٿا. ان ڪري هي سرنگون سمنڊ جي تري کان پوءِ به ڪيترائي ميٽر هيٺ کوٽيون وڃن ٿيون، جنهن جو مدار سمنڊ جي تري واري مٽي تي رهي ٿو ۽ ان سرنگهه کي ڪناري وٽ آڻڻ بدران شهرن جي وچ تائين پهچايو وڃي ٿو، جيئن ماڻهن جي پيهه پيهان ڪناري وٽ نه ٿئي..... جِتي بندرگاهه جي ڪري اڳهين پاڻيءَ جي جهازن ۽ ٻيڙين جي رش رهي ٿي. اهو مثال ائين آهي جيئن سکر ۽ روهڙيءَ کي سرنگهه رستي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو درياهه جي اندر سرنگهه کوٽي اتي جو اتي ڪناري وٽ ڪڍڻ بدران سرنگهه کي ڊگهو ڪري ٻنهي شهرن جي ريلوي اسٽيشن وٽان اچي ٻاهر ڪڍجي. ان ۾ کوٽائي تمام گهڻي ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته درياهه يا سمنڊ جي ٽن چئن ميلن سان گڏ خشڪيءَ جا به ٽي چار ميل کوٽي سرنگهه کي ٻيڻو ڪرڻو پوي ٿو ۽ شهر جي جن جن گهرن هيٺان سرنگهه لنگهي ٿي انهن کي اطلاع ڪيو وڃي ٿو، متان ائين نه ٿئي ته هو گهڻ ماڙ گهر ٺهرائڻ لاءِ جيئن ئي بنياد اونها کوٽر ائين ته ڏسن ته هيٺان موٽر لاريون ۽ روهڙي ايڪسپريس پيئي لنگهي.
اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهه آمريڪا، جپان يا يورپ جي شهرن ۾ جيڪي سرنگهون يا زمين دوز گاڏين جا رستا ٺهن ٿا اهي ڪوشش ڪري عمارتن هيٺان لنگهائڻ بدران پڪن رستين هيٺان ئي لنگهائين ٿا ۽ نالا به هيٺين سرنگهن (Subways) تي اهي ئي رکيا وڃن ٿا جيڪي مٿين روڊن جا آهن.
جيئن ڪرچيءَ ۾ جيڪڏهن گرو مندر کان ڪياماڙيءَ تائين زمين دوز رستو ٺاهجي ته سڀ کان بهتر اهو ٿيندو ته ايم اي جناح روڊ (بندر روڊ) جي هيٺان ئي هيٺان سرنگهه کوٽي رستو ٺاهجي. جيئن پاسن تي رمپا پلازا جهڙيون عمارتون ٺاهڻيون به پون ته هيٺ وهندڙ رستي کي نقصان نه رسندو. ساڳي وقت ان زمين دوز رستي تي ساڳيو نالو ايم اي جناح رکڻ سان هيٺ سفر ڪندڙ ماڻهن کي ڄاڻ رهندي ته هو ڪٿي آهن ۽ رستي تي بولٽن مارڪيٽ يا ٽاور وغيره جي اسٽاپَ تي لهي ڏاڪڻيون چڙهي مٿي اچي سگهن ٿا. جپان پاسي انڊر گرائونڊ (زمين دوز) هلندڙ گاڏين جو ڪجهه اهڙو نظام آهي. ڪن ڪن هنڌن تي هڪ زمين دوز رستي بدران ٻه ۽ ٽي به آهن. يعني بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) کان ڏهه فوٽ هيٺ هڪ رستو آهي هلندڙ ريل گاڏين لاءِ يعني پئسينجر ٽرين لاءِ. ان بعد چاليهه فوٽ کن اڃا به هيٺ هڪ ٻيو رستو (مٿئين جي ئي سنوت ۾) تکين ريل گاڏين، ايڪسپريس ٽرين لاءِ. پوءِ جنهن کي جناح جي مزار کان رمپا پلازا يا بولٽن مارڪيٽ وڃڻو آهي اهي ويهه کن ڏاڪا هيٺ لهي پئسينجر ٽرين جھلي سگهن ٿا ۽ جن کي سڌو آخري اسٽاپ ڪياماڙيءَ تائين وڃڻو آهي سي پئسينجر ٽرين بدران، اڃا به هيٺ پنجاهه سٺ کن ڏاڪا لهي ايڪسپريس ٽرين ۾ سواري ڪري سگهن ٿا.
انڊر گرائونڊ سسٽم سمجھائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي رستن تي في الحال اهو خيالي پلاءُ پچايو اٿم. هونءَ ڪراچي شهر سطح سمنڊ کان تمام هيٺ آهي ۽ خبر ناهي اڳتي هلي ميونسپل ڪارپوريسن وارا اهڙو رستو ٺاهڻ چاهين ته ڪاميابب ٿي سگهندا يا نه، ان جو جواب سول انجنيئر ئي ڏيئي سگهن ٿا. ظاهري طرح ته ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ فوٽ کن زمين کوٽ ته هيٺان پاڻي نڪريو اچي.
بهرحال اڄ جي اخبار ۾ هڪ ننڍڙي خبر پڙهي اڄ کان ڏهه سالَ اڳ جو اهو وقت ياد اچي ويو جڏهن اشفاق ميمڻ ٽوڪيو جي بندرگاهه تي هڪيدو وڃڻ لاءِ جهاز جي لنگر کڄڻ جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ هڪ ڏينهن هيڪدو ڪار رستي (باءِ روڊ) وڃڻ جي اميد ظاهر ڪئي هئائين. اڄ جي اخبار ۾ هو ته هن مهيني (مارچ 1985ع) جي ڏهين تاريخ جپان جي ساءِ ڪان (Seikan) سرنگهه جي کوٽائي پوري ٿيندي.
منهنجي خيالَ ۾ سائنس ۽ انجنيئرنگ جو اهو هڪ وڏو ڪارنامو ٿيندو ۽ بنا ڪنهن شڪ جي ساءِ ڪان سرنگهه دنيا جي وڏي ۾ وڏي سرنگهه ٿيندي. اشفاق جڏهن ان رات مونکي ٻڌايو ته گذريل ڏهن سالن کان ان تي کوٽائي هلي رهي آهي ته منهنجي دل ۾ جپانين لاءِ ان وقت خراب اثر ويٺو هو ته معمولي سرنگهه لاءِ ڏهه سالَ ٿي ويا اٿن. مون ٻنهي ٻيٽن جي وچ ۾ ايترو رستو ٿي سمجھيو جيترو ڪولون ۽ هانگ ڪانگ جي وچ ۾ يا سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ . پر پوءِ ان ئي رات جهاز جي چارٽ روم ۾ پهچي جپان جي سوگارو سمنڊ جو نقسو ڪڍي ڏٺو ته حيرت ۾ پئجي ويس ته هيڪدو ٻيٽ ۽ هونشو ٻيٽ (جنهن ۾ ٽوڪيو آهي)، جي وچ ۾ ڪو ميل ڏيڍ جو معمولي سمنڊ ناهي جنهن اندر سرنگهه ٺاهڻ چرچي جهڙي ڳالهه سمجھي وڃي پر اهو سامونڊي مفاصلو پورا پندرهن ميل (چويهه ڪلوميٽر) کن آهي.
اڄ ٻين به ڏهاڪو سالن گذرڻ بعد اها سرنگهه وڃي مڪمل ٿي آهي جنهن جي ڪل ڊيگهه چوونجاهه ڪلوميٽر آهي. جنهن مان چوويهه ڪلوميٽر سوگارو ڳچي سمنڊ جا ٿيا ۽ ٽيهه ڪلوميٽر خشڪيءَ جا ڇو جو سمنڊ هيٺان کوٽيل دنيا جي هيءَ وڏي سرنگهه سائي ڪان ڪناري وٽ ختم ڪرڻ بدران سترهن ڪلوميٽر خشڪيءَ ۾ هلي پوءِ هڪيدو ٻيٽ جي مٿاڇري مان نڪري ٿي ۽ هوڏانهن هونشو ٻيٽَ تي ڪناري تائين پهچڻ بعد ٻيا به تيرهن ڪلوميٽر خشڪيءَ جا هلي پوءِ ٻاهر نڪري ٿي.
هيءَ سرنگهه شڪل ۾ اڌ سلينڊر وانگر آهي، جنهن جي ويڪر ٻارهن ميٽر رکي وئي آهي ۽ اوچائي نَوَ ميٽر، يعني مسافر توڙي بار گاڏي هڪ ئي وقت لنگهي سگهي ٿي ۽ بار گاڏيءَ تي ڪارن ۽ ٽرڪن جهڙو اُڀو سامان پڻ رکي سگهجي ٿو. هيءَ سرنگهه جنهن جي کوٽائي 1964ع کان 1985ع تائين هلي آهي ۽ 1987ع تائين آمدرفت لاءِ کولي ويندي، ان تي خرچ جي تخميني لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٽيهه بلين يعني (ٽي هزار ملين روپيا) ٿيندو. هن جي کوٽائي مان ڇهه ملين ڪيوبڪ ميٽر مٽي جيڪا نڪتي ان مان ڪجهه ته سيمنٽ سان ملائي واپس استعمال ڪئي ويئي ۽ باقيءَ سان سمنڊ جو وڏو حصو بند ڪري ان جي مٿان رهائش لاءِ زمين حاصل ڪئي ويئي آهي. هن سرنگهه ۾ جيڪو پوڻا ٻه ملين ٽن لوهه (رڪ) استعمال ٿيو آهي، ان مان پئرس جي ايفل ٽاور جهڙا ٻائيتاليهه ٽاور ٺهي سگهن ٿا.