جل پريءَ جو پاراتو
انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ ۽ آئرلينڊ جي ڀر ۾ هڪ ٻيٽ Isle of Man آهي، جيڪو عظيم برطانيه جو ئي حصو سمجھڻ کپي. هڪ ڏينهن لنڊن جي ٽلبري بندرگاهه ۾ اتي جي مهاڻن سان خبرون ڪندي هنن ٻڌايو ته سندن ڄار ۾ جڏهن مڇيون نه اينديون آهن ته هو سمجھي ويندا آهن ته سندن ٻيڙيءَ ۾ ڏائڻ چڙهيل آهي ۽ ان ڏائڻ کي ڀڄائڻ لاءِ هڪ مهاڻو ڪاٺيءَ جي اماڙي ٻاري ان کي ٻيڙي جي چوڌاري گهمائيندو آهي ته جيئن اها لڪل ڏائڻ ڀڄي وڃي.
سندس ڀڄائڻ جو ٻيو طريقو اهو آهي ته ان ٻيٽ جي ڪجهه خوشبودار ٻوٽن جو ٻيڙيءَ جي وچ ۾ ڍڳ ٺاهي ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ سان ان کي باهه ڏجي، پر ان ٻرندڙ ٽاريءَ کي پهرين ٻيڙيءَ جي اڳ پٺ مٿان ضرور گهمائجي.
اڃا به جي ڀاڳ سٺو نه ٿئي ته ڪن جڙين ٻوٽين کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي ان جي ڇنڍڪار مڇين ڦاسائڻ جي ڄارين تي ڪجي ۽ ان ڪاڙهي جي ڦوڳ کي اڳڙيءَ ۾ ويڙهي ٻيڙيءَ جي اڳئين ڪنڊ ۾، اندرين پاسي ٻڌي ڇڏجي، جيئن ڏائڻ يا ڪو ٻيو نڀاڳ ۽ بدروح ٻيڙيءَ ۽ ڄاريءَ جي ويجھو نه اچي.
مڇين ڏيارڻ جي ديوتا کي خوش ڪرڻ ۽ گهڻين مڇين کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ٻيٽ تي اهو به رمل عام آهي ته جنهن مهاڻي جي ڄار ۾ گهڻيون مڇيون ڦاسن ان جي گهر ٻاهران ڌڪين جي مٽي ميڙي اچجي ۽ اها خاڪ پنهنجي ڄار جي مٿان اچي ڇڻڪارجي. پر اهو ڪم پوري آڌي رات جو ٿيڻ کپي. ائين ڪرڻ سان هنن انگريز مهاڻن جو اهو وهم آهي ته ٻئي جو ڀاڳ مليو وڃي. ڪن حالتن ۾ هو ڀر واري گرجا گهر جي چائنٺ جي مٽي پڻ کڻي پنهنجي ڄار مٿان هارين ۽ هنن ٻڌايو ته هنن کي يقين آهي ته ٻيو ڪو جادو يا رمل اثر ڪري يا نه ڪري پر هي ضرور ڪري ٿو.
هن ٻيٽ Isle of Man تي صبح پهر جيڪو ڌنڌ يا ڪوهيڙو ٿئي ٿو، ان لاءِ هتي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”اهو هڪ خوبصورت جل پريءَ جو پاراتو آهي.“ هونءَ ڏٺو وڃي ته اهو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو نه فقط ان ٻيٽ تي پر آئرلينـڊ، انگلينـڊ، ناروي، ڊئنمارڪ، جتي ڪٿي اتر ۾ آهي. خاص ڪري صبح پهر. اهو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو نه فقط ٻيڙي هلائيندڙ انهن مهاڻن لاءِ مصيبت آهي پر وڏا جهاز هلائيندڙ اسان جهڙن جهازين لاءِ پڻ. هن ٻيٽ جا هي مهاڻا سمجھن ٿا ته اها ڪا ويڌن فقط ساڻن ئي آهي ۽ سندن دماغ ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته سندن علائقي جي سمنڊ جي هڪ جل پريءَ جڏهن هڪ نوجوان مهاڻي کي خراب نيت ڪارڻ سڏايو هو ته نوجوان کيس جسماني لست وٺائڻ بدران ڌڪاري ڇڏيو هو. ان بي عزتي ۽ چڙ ۾ هوءَ هر وقت ٻيٽ جي چوڌاري ڦوڪارا هڻي ڌنڌ پيدا ڪندي رهي ٿي جيئن مهاڻا ڌنڌ ۾ چڱيءَ طرح ڏسي نه سگهن ۽ سندن ٻيڙيون هڪ ٻئي سان يا سمنڊ اندر نڪتل ٽڪرين سال لڳي ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃن.
هن ٻيٽ جي ماڻهن جو هڪ ٻيو به اعتقاد آهي ته هوا کي رسيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌي سگهجي ٿو. سڙهه واري ٻيڙيءَ جي هلڻ لاءِ هوا جي ضرورت هوندي هئي ۽ جڏهن هوا نه هوندي آهي ته هتي جا مهاڻا نوڙيءَ کي ڳنڍ ڏيئي پوءِ ان کي آهستي آهستي ان اُميد تي کوليندا آهن ته ائين ڪرڻ سان ڳنڍ ۾ ٻڌل هوا آزاد ٿي سندن سڙهن کي لڳندي. جيڪڏهن گهڻي هوا جي ضرورت هوندي آهي ته پوءِ هو هڪ بدران ٽي چار ڳنڍيون ٻڌن.