ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3155
  • 1356
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

ٻہ اکر

قلمڪار جو عام ماڻھن جي 'زندگيءَ` سان انتھائي ويجھو قريبي ڳانڍاپو ھوندو آھي. انسانيءَ زندگيءَ، ھن سماج جي گھاڻي ۾ ڪھڙي نموني ٿي پيڙھبي رھي، انسانيءَ زندگيءَ ھن سماج ۾ ڪيڏن نہ ڏکن، ڏولاون، اھنجن، ايذائن، عذابن ۽ مصيبتن ۾ پئي گذري ۽ اڄ جي انسان جي 'زندگيءَ` ڪيڏي نہ پيڙا ۽ غم ۾ پئي گذري، ان سموري زندگيءَ جي ذري پرزي جي فوٽو گرافري، ڀيانڪ ۽ غمناڪ، اَصل ۽ سچا منظر ڏسڻا آھن تہ حساس قلمڪار جي تحريرن کي ڏسجي، قلمڪار جي تخليق کان سواءِ اسان کي ٻئي ڪنھن ھنڌ اھي منظر چٽا ۽ واضع نظر نہ ايندا. ان جو سبب رڳو ھيءُ آھي تہ اديب، عام ماڻھوءَ جي درد کي انتھائي ويجھائپ کان ڏسندو آھي ۽ دُکي دل ۾ پيھي ويندو آھي. ان جو انتھائي ٻاجھائپ ۽ پيار سان مطالعو ۽ مشاھدو ڪندو آھي. ھو ھر ماڻھوءَ جي درد کي پنھنجو درد سمجھندو آھي، اھوئي سبب آھي جو ھڪ حساس ليکڪ جون لکڻيون پڙھبيون تہ اھي اسان کي غم مان ٻڏي نڪتل محسوس ٿينديون ۽ سمورو غم، اسان کي ٻئي ڪنھن ماڻھوءَ جو نہ پر خود اديب جو ئي لڳندو آھي.
اديب، ھن دُکي، غمناڪ، ڏکاري ۽ وياڪل انساني زندگيءَ مان دُک ۽ درد،غم ۽ ستم، ظلم ۽ جبر ڪڍي ان کي خوشين ۽ سرھاين ۾ تبديل ڪرڻ جو خواھشمند ھوندو آھي ۽ سدائين پيو ان ڏکن ڀري زندگيءَ کي سُکن جي سيج تي سمھارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ سچ ھيءُ آھي تہ انساني زندگيءَ جي خوشين ۽ سرھاين جا سمورا ذريعا جيڪڏھن اديبن جي ھٿ وس ھجن تہ ھوند ڪٿي بہ ڪائي دک جي جھلڪ نظر نہ اچي. چؤ طرف خوشي، محبت، پيار ۽ امن جي بادشاھي نظر اچڻ لڳي.
ائين بہ ناھي تہ ھر اديب وٽ ماڻھن جي درد جو دارون موجود ھوندو آھي. درد کي ڄاڻڻ ٻي ڳالهه ھوندي آھي، درد جي دوا ڪرڻ ٻي ڳالهه. ھڪڙن وٽ نراسائيءَ ۽ نااميدي جو علاج خودڪشيءَ ھوندو آھي. فراريت ھوندي آھي تہ ٻين وٽ ماحول سان جھيڙا ۽ جھٽا ڪري، ھر رڪاوٽ سان مقابلو ڪري/ زندگيءَ کي سڦل ۽ بھتر بڻائڻ ھوندو آھي. پھريان، قوم جي ڪابہ رھنمائي ڪري نہ سگھندا آھن. قوم کي ان درياھ تي وٺي ويندا آھن، جتان بچڻ جو سوال ئي ڪونھي ۽ ٻيا قوم جي نہ رڳو رھنمائي ڪندا آھن، پر ان کي امر ۽ زندھ جاويد بڻائي ڇڏيندا آھن.
اسان وٽ، اسان جو اديب 'چريو` ۽ ديوانو سڏبو آھي. ڇو تہ ڪن ماڻھن ۽ پاپي ذھن رکندڙن وٽ ھن مصروف دور ۾ ڪنھن جي درد ۽ ڏک تي روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ ڪرڻ وقت جو زيان آھي. سڀ ڪو پاڻ ڄاڻي، ٻئي جي دردن سان، اسان جو ڪو سروڪار ئي ڪونھي. ٻئي طرف اديب جي حالت ڏسو، ڀلي ان ويچاري کي پاڻ وٽ مٿي لڪائڻ لاءِ جاءِ نہ ھجي پر ٻين کي پريشان ڏسندو تہ چوندو؛ '' بي اجھن کي اجھو ڏي.“ پاڻ ڀلي پنھنجن ٻچن سميت فاقا ڪڍندو رھي پر ٻين کي بکيو ڏسندو ۽ لولي لاءِ در در واجھائيندي ڏسندو تہ ھاءِ گھوڙا مچائي ڏيندو تہ ھيءَ بک ختم ڪريو. پاڻ ڀلي بي ڪفنو مري، سڄي زندگي روئندي ۽ پريشانين ۾ گذاري، پر سندس تمنا اھا ھوندي تہ دنيا کي سک ملن.
ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي. جن ڳالهين کي اسان جي ٻوليءَ جي ڏاڍي سٻاجھي ۽ سُرت رکندڙ قلمڪار، موھن ڪلپنا جا لفظ مليا ۽ ھيءُ ناول اسان وٽ ھن حالت ۾ پھتو ۽ اھو ناول سنڌيءَ زبان جي اصلوڪن ناولن ۾ چڱي جاءِ ٿو والاري. جيڪو پورا 28 سال اڳ ھندستان ۾ شايع ٿيو ۽ ھتي ان جي ھڪ اڌ ڪاپي پھتي. ھاڻي ان ناول جو ھيءُ ٻيو ڇاپو موھن جي جنم ڀومي سنڌ ۾ شايع ٿي رھيو آھي. ھيءُ اسان جي اداري جو ڏھون ڪتاب آھي ۽ موھن جو اداري پاران ٻيو. ھن ڪتاب لاءِ اسان سان پياري ڀاءُ اسلم خواجي وڏو سھڪار ڪيو.

ناز سنائي
25 جولاءِ 1975
ڪراچيءَ سنڌ.