10 مون ٺيڪ سمجھيو ھو، تڏھن ئي تہ ھن سان ٺيڪ طرح ملندي رھيس، ڪڏھن ھو منھنجي گھر ايندو ھو ۽ ڪڏھن مان ھن جي گھر ويندي ھيس ۽ ائين اچڻ وڃڻ جي سڌي ليڪ پڪڙي جيون_ راھ تان اڳيان وڌياسين. ليڪن سڌي ليڪ پڪڙي اڳيان وڌڻ ۾، انساني دل جي روماني آوارگيءَ ساٿ نہ ڏنو. انساني دل جي روماني آواراگي جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي. ديون/ پرين جون ڪھاڻيون مون بہ ٻڌيون آھن. منھنجو اھو وشواس آھي تہ اھي ڪنھن بہ زماني جي وقت جي تقاضا تي پورو نٿيون اُترن. ليڪن تڏھن بہ ڇا انھن ۾ ڪوئي رھسيہ_ ڪوئي مطلب ڪونھي؟ منورنجن ٻن قسمن جو ٿيندو آھي. ليڪن منورنجن وارين ڳالهين مان منورنجن وٺڻ وارا بہ ٻن قسمن جا ٿيندا آھن. ھڪ منورنجن ۾ مطلب وارو مذاق ھوندو آھي ۽ ٻئي ۾ مذاق بيوقوفي، جنھن ۾ تلخ مذاق جو احساس نہ ھوندو آھي، اھي بي مطلب چرچن تي کليو ويھن. ديو/پرين جون ڪھاڻيون ڇا صرف اھڙن ماڻھن لاءِ آھن؟ بابا چيو: ڌيءُ، ھنن ٽن رستن مان جو رستو پسند ھجيئي اھو وٺج، ليڪن ھن چوٿين رستي ڏانھن نہ وڃج. ان رستي ۾ جن ڀوت اٿيئي. ليڪن ڌيءُ فيصلو ڪيو، پھرين اھو رستو ڏسنديس. انسان کي جنھن ڳالهه ڪرڻ لاءِ روڪيو ويندو آھي، انسان اھا ئي ڳالهه ڪرڻ چاھيندو آھي ۽ اھڙا رھسيہ، ستيہ، ديو، پرين جون ڪھاڻيون نٿيون ٻڌائين. اھڙي دعويٰ اڃا تہ ڪنھن نہ ڪئي آھي، تہ، اوسي پاسي جي ٽڪرين، ڇوٽين موٽين ندين، وشال کيتن، ٻارين کي ڏسندي، شيام سان اوڏانھن وڃڻ، گھمڻ، ڳائڻ جھومڻ ۽ نچڻ لاءِ دل تڙپڻ لڳي، نہ نرتيہ نٿي ڄاڻان، تڏھن بہ دل چاھيو. 'دل`، دل جو ٿي.! ليڪن مان ڇا اوڏانھن وڃي سگھيس ٿي. سماج!؟ سماج چوندو: اھو پاپ آھي. ڪنھن بہ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ. . . رھڻ ڏيو ان کي. منع نہ ڪجي تہ روماني آوارگيءَ جي سڀاويڪ لوچ سيني ۾ پيدا ئي ڇو ٿئي؟ ليڪن چاھڻ ۽ پائڻ ۾ تفاوت تہ آھي ئي. دل جي ڳالهه زبان تي اچي بہ ڪيئن! وچ ۾ سنڪوچ جي سئنا، عادت انوسار، ھٺ ڌرميءَ جا ھٿيار جو کڻي بيٺي ھئي. ليڪن سئنا ۽ ھٿيار، سڪ سنيھ جي سفارت کي ڇا روڪي سگھندا آھن. . . ؟ شيام چيو، ''اڄ جيڪر ڏکڻ واري مندر ۾ ھلجي تہ؟“ ''جو ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر پٺيان آھي؟“ ''ھا.“ مون کلي ڏنو ۽ ھن چيو، ''ھٿ ملاءِ.“ مون ھٿ ملايو، تہ چيائين، ''منظور؟“ دل مان ڪنھن چيو، ''ڀلا اھا بہ ڪا پڇڻ جي ڳالهه آھي.“ چيم، ''البت.“ * * *