ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  28

ڌيءُ.! سامھون، جاري تي رکيل ڪرشن جي مورتي ڏسين ٿي، مان ان جو قسم کائي چوڻ لاءِ تيار آھيان، مان پئسي کان وڌيڪ پنھنجي پٽ جو سک چاھيان ٿي. پوءِ بہ مون کي ٻہ ڌيئرون آھن؛ اھو ڪيئن وساريان. . . چيائين، جنھن سان مان شادي ڪندس، اھا ۽ مان ٻئي ڪمائينداسين، ايتري ۾ زمانو بہ چڱو بدلجي ويو ھوندو. مون چيومانس؛ زمانو بدلجي الائي نہ، پر زال نوڪري ڪري اھو ڇا سٺو آھي؟_ ڇو نہ توکي ڪنھن حيدرآبادڻ . . . جام ڏيتي ليتي . . . چيائين؛ اھو غلط قدم آھي. جي ڏين ٿا اھي بہ غلط آھن ۽ جي وٺن ٿا، اھي بہ_ زندگي جوا جو کيل ڪونھي؛ جتي ائين ڪنھن جي قسمت جي بازي لڳائي وڃي. مون ڇوڪري پسند ڪئي آھي . . . انکي عقل، علم، اخلاق، سونھن، سڀ ڪجهه آھي. نالو اٿس . . . ۽ پوءِ تنھنجو نالو ورتائين.''پر ھاڻي ڪٿي آھي؟“
''دھليءَ.“
''ويو ڇو؟“
''چيائين مھينو کن گھمي ٿو اچان. موڪل وٺي ھليو ويو. اتان وڃي خط لکيائين؛ مان دھليءَ ۾ نوڪري ڳولھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان، ڇو تہ ايڏانھن اچڻ تي دل نہ ٿي وري. توھين پئسي جي لوڀ ۾ ڦاسي مون تي ۽ ڪنھن گھر تي جو ظلم ڪرڻ چاھيو ٿا، اھو مان ڪڏھن بہ برداشت ڪرڻ نٿو چاھيان. زندگيءَ ۾ ڪڏھن بہ مائٽن جي چئي کان ڪونہ ويو آھيان، پر اڄ جڏھن مان ڏسان ٿو تہ توھين منھنجي زندگيءَ جو فيصلو ٺيڪ ٺيڪ نٿا ڪري سگھو، تڏھن مان چپ چاپ، توھان کان ڪٽجي، دور ٿي ويو آھيان، جيڪڏھن اھا گستاخي آھي تہ معاف ڪجو ۽ جي نہ تہ آشيرواد ڏجو.“
مان چپ.
''پوءِ لکيو مانس، چڱو جنھن سان کپيئي، ان سان شادي ڪر_ پر گھر موٽ.! لکيائين_ توھين ماڻھو، وڃائي ئي پائڻ جو ملهه ڄاڻندا آھيو، خير مان نٿو اچڻ چاھيان_ ضد نہ ڪريو.“
چپ.
''ڌيءَ، ڀلا اھو تہ ٻڌاءِ، توسان بہ تہ جھڳڙو ڪري ڪو نہ ويو آھي؟“
''نہ.“
''توکي چٺي لکي اٿائين؟“
''نہ.“
''توکي ٻڌائي ويو آھي؟“
''نہ.“
''ڀلا، توکي ھن جي ايڊريس آھي؟“
''نہ.“
''کيس خط لکڻ چاھيندين؟“
مون ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو.


گھر اچي شيام کي خط لکيم: جنھن ۾ سندس ۽ پنھنجي گھر جي حالتن جو ريکا چتر چٽيم.
لکيم؛
I live not in my self, but become
Portion of that around me.
۽ مون کي تنھنجا اھي لفظ ياد آھن؛ پيار ۾ پائڻ چاھيو آھي، پائڻ بعد سمرپڻ سڀاويڪ آھي.


پورن چئن ڏينھَن بعد . . . . . .
اڄ شيام جي ڀيڻ آئي، چيائين، اڄ شيام اچي رھيو آھي. ھن ھڪ ننڍو لفافو بہ ڏنو. ھوءَ ويئي تہ مون لفافو کولي، خط پڙھڻ شروع ڪيو.
شيام لکيو ھو:
ان رات منھنجي ڪھڙي حالت ٿي ھئي، اھو ڄاڻين ٿي سنڌو_ طوفان سمي ساگر ۾ ڇا لوڇ پيدا ٿيندي آھي، اھا ڇا تو ڪڏھن ڏٺي آھي؟ چاھي نہ ڏٺي ھجي، تڏھن بہ تون ان لوڇ جو انڀؤ ڪري سگھين ٿي؛ جدائيءَ جي سيما تي صرف مان ئي ڪونہ ھئس.
گھر آيس. انگريزي ڪويتائن جو ھڪ ڪتاب کوليم. مون کي پنھنجي پيڙا ٻين جي لوڇ ۾ گم ڪرڻي ھئي.
ڪنھن چيو؛
New occasions teach new duties.
(نوان موقعا نوان فرض سيکارين ٿا.)
تڏھن منھنجي سيني ۾ اُٿيل ڀينڪر طوفان ڌيري ڌيري ٿمجڻ لڳو. ۽ ساڳئي وقت مون ائين محسوس ڪيو، منھنجي اندر ڪنھن ڄڻ جڙ پٿر بڻجڻ شروع ڪيو ھو.
ٻئي چيو:
All are architects of fate,
Working in these walls of time.
(وقت جي ديوارن تي جي ڪم ڪن ٿا، قسمت جا سڀ ڪامگار آھن.)
تڏھن من جي ڪنھن حصي مان سوال اٿيو: جيون جي سک لاءِ، ڇا سچ پچ وڇوڙي جا ٻہ آنسو ڪافي آھن؟ چڱو مڃجي ڪافي آھن، پوءِ بہ سيني ۾ ڇا ميلاپ جي تمنا نٿي رھي؟ جيون جو، جو ڦھلاءُ ٿيندو آھي، اھو ڇا پاڻ سڪوڙجي ايترو مختصر ۽ اھڙي سڌي ليڪ جو روپ وٺي سگھي ٿو، جو اھو اکين مان نڪري، ڳلن تان وھي، زمين تي ڪري ختم ٿي وڃي؟ زندگيءَ ۾ ھڪ ٻئي سان جدا ٿيڻ جو ٺاھ ڪري، پريم سان الڳ ٿيا آھيون، جدا ٿي رنو رڙيو ڪونھي، اھو بہ مڃان ٿو، پر آتم _ ترپتيءَ لاءَ اھو سڀ ڪيئن ڪافي ٿيو؟ . . . سيني ۾ ميلاپ جي حسرت جو باقي رھجي ويئي آھي.!
وڇوڙي جي ٻن آنسن جي جا سک جي ڌارا جدائيءَ جي سيما تي منھنجي سيني مان ڇٽڪي ھئي. اھو ستيہ ضرور آھي. ليڪن اھو ستيہ انھن گھڙين جو آھي: جن گھڙين ۾ تو پنھنجو منھن منھنجي سيني ۾ لڪائي رُنو ھو_ سسڪيون ڀريون ھيون. جيڪڏھن اھو ڪڏھن بہ ڪوڙ ۾ نہ بدلجندڙ ستيہ ھجي ھا تہ پوءَ طوفان سمي ساگر واري لوڇ منھنجي سيني ۾ پيدا ڇو ٿئي ھا؟ . . . . .