ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

 24

ڪرشن ساري برھمانڊ کي آتم_ سمرپڻ ڪيو ۽ پوءِ ھن پرڪرتيءَ جي ھڪ ھڪ چيز ۾ پاڻ کي ڏٺو.! تڏھن تہ ھن چيو: مان ھن ۾ بہ آھيان تہ ھن ۾ بہ آھيان . . . سڀ مون ۾ آھن ۽ مان سڀ ۾ آھيان.!
ڌرتيءَ جي ڇايا (رات) ڌرتيءَ جي گول ڦرندي رھي تارن کي چمڪائيندي رھي . . . ڇايا دور ٿي ويئي تہ سورج جي باکن اڳيان تارا بہ ڄڻ وسامڻ لڳا.
اکيون ڳوريون، مٿي ۾ سور ھئم، ٺيڪ اھڙي حالت ٻين جي بہ ٿي لڳي. ڪير ٿو ڄاڻي تہ ٻين بہ ننڊ ڪئي ھئي يا نہ . . . مان پٽ تي فراسي وڇائي پئجي رھيس. حال ۽ آئيندي جي وچ ۾ شروع ٿيل سنگھرش تي سوچيندي، کڙڪيءَ مان آسمان جو رنگ بدلجندو ڏٺو ھئم. من ۾ ھڪ کن لاءِ اھو بہ سوال پيدا ٿيو ھو: ڇا جيون بہ آسمان جيان شوقيہ آھي؟ . . . آسمان شوقيہ آھي، تڏھن بہ ان کي معنيٰ آھي؛ ان ۾ سھسين تارا، چنڊ، گرھ آھن. . . آسمان جو رنگ بہ انھن ڪري بدلجي ٿو. . . جيون ۾ 'مان` 'تون` ۽ 'ھو` رھي ٿو. ان سبب ئي جيون کي روپ آھي. بدلجندڙ روپ! جو ڪجهه آسمان ۾ آھي، ان ۾ ھڪ سٻنڌ آھي، ھڪ سلسلو آھي . . . ۽ جيون ۾؟ . . . اچي ويو آھي اھو ئي انسان جو وشو روپ . . . وشو روپ، جو انيڪ روپن مان ٺھيو آھي. . . انھن روپن ۾ ھڪ سٻنڌ آھي، ھڪ سلسلو آھي . . . آسمان ۽ جيون! جنھنجو ڪوئي آد، ڪوئي انت نٿو ڄاڻي، جنھن جو ڄڻ آد، انت آھي ئي ڪونہ. پوءِ بہ ان کي ھڪ معنيٰ ان جو ھڪ رھسيہ آھي، تڏھن ئي تہ ساھت ۽ وگيان جو سرجڻ ٿيو آھي.
آسمان روپ بدلايو تہ گھر جو بہ روپ بدليو.
ھيڏانھن ھوڏانھن ۽ پوءِ سڀني ڀاتين ڏانھن نھاري ڪجهه سوچي، ننڍي منھن کي اڃا بہ ننڍو بڻائي، ڀائو نزديڪ آيو. چيائين، '' دنيا ۾ پاپ بہ ٿيندو آھي ۽ پاپ جي سزا بہ ٿيندي آھي. پڇتاءُ ڪرڻ سان، ان سزا کان ڇا ڇوٽڪارو ملي سگھندو؟. . . تون تہ ڄاڻين ٿي نہ سنڌو تہ مان ڪيترو نہ اڀاڳو؛ اگياني آھيان. ڪجهه سمجھان نٿو، پوءِ بہ ڪجهه نہ ڪجهه ڪندو ٿو رھان . . . آخر مان ڪريان بہ ڇا . . . زندگيءَ کي سھڻو بڻائڻ چاھيان ٿو، پر زندگي سھڻي بڻجي نٿي . . .“
''ھاڻ زندگي سھڻي بڻجي ويندي ڀائو.“
'' ڪيئن؟“
''ھاڻ جيئن تون چوندين تيئن ئي ڪنديس.“
''سنڌو.!“
''مان ڄاڻان ٿي ڀائو . . . تنھنجي زندگيءَ جون تمام حسرتون ڄاڻان ٿي. تون جو چاھين ٿو، اھو توکي ملي نٿو، ان لاءِ تون لڙين ٿو. اھا ڳالهه سٺي آھي. توکي صرف لڙڻ جي طريقي ۽ جنھن سان لڙڻ گھرجي، ان جي خبر ڪونھي. نتيجو اھو ٿو نڪري جو تون پنھنجو پاڻ سان لڙڻ شروع ٿو ڪري ڇڏين اھو ئي سبب آھي جو تون خود بہ اشانت رھين ٿو ۽ جي توکي چاھين ٿا، اھي بہ اشانت رھن ٿا.“
''تون سچ پچ ديوي آھين.“
''سچ؟“
''ھا.“
''تہ پوءِ پنھنجي ديوي ڀيڻ جي ھڪ وينتي قبول ڪندين؟“
''ھا، ھا، تون حڪم ڪر.“ ھن جي دل ڀرجي آئي.
''بابا ۽ اميءَ کان معافي وٺ.“
موٽ ۾ ھن ڪجهه بہ نہ چيو.
۽ پوءِ، ھن جو ڪجهه ڪيو، جو پڇتاءُ جو اظھار ڪيو، ان تي اميءَ روئي ڏنو. روپ جون اکيون نير سان ڀرجي ويون. بابا شايد ڳوڙھا لڪائڻ لاءِ ئي پاسو ورائي ڇڏيو ۽ مون ڪرائيءَ سان آنسو پوڇيندي، گھر جي سُک لاءِ، پنھنجي سک جي تياڳ جو سنڪلپ دھرائي ڏنو.
گرافڪ ڪلب جو ٻاھريون پاسو، اوندھ، اڪيلائي . . .
رات جو ڪجهه گھر ۾ ٿيو ھو، اھو بنا پنھنجي راءِ گڏڻ جي شيام اڳيان رکي چپ ٿي ويئي ھئس.
ھو چپ ھو.
فضا جي خاموشيءَ برھ جو گيت ٿي ڳايو. . .
مون کي وڃڻو ھو، جلدي وڃڻوھو، ارادي جي شڪتي مون ۾ ھئي، ليڪن اھڙين ڳالهين ۾ ان کي آزمائڻ جو تجربو اڃا پائي نہ سگھي ھئس، پائڻ جي اڇا بہ نہ ھئم، متان ناڪامي پلئہ پئي، ان ڪري. ناڪاميءَ جي حالت ۾ گھرو جيون بگڙجي سگھيو ٿي. مون چاھيو، جلدي جلدي ھلي وڃان، ڪٿي شيام جي پريشان آتما جو رودن ٻڌي فيصلو ڦيرائي نہ وھان
''پوءِ . . . پوءِ سنڌو؟“
''پوءِ.! . . پوءِ فيصلو ڪيم تہ پنھنجي اڇا سان پنھنجين اڇائن تان ھٿ کڻان.“
''تنھنجو مطلب؟“
''مطلب ڄاڻڻ چاھين ٿو شيام . . . ٻڌندين . . ٻڌي سھي سگھندين.!“
چوٽ کائي، ھو تڙپي اٿيو.
''اھو تو ڇا چيو سنڌو.! . . . تون اڪيلي ۾ اھڙا فيصلا ڪري سگھين ٿي. جنھن ۾ سھڻ نہ سھڻ جو سوال پيدا ٿيندو آھي؟“
''حالتن التجا ڪئي.“
''التجا التجا آھي، حڪم نہ آھي.“
مان چپ.
''نہ نہ سنڌو . . . ائين ٿي نٿو سگھي. مون تنھنجي ڪري. گھر سان جھڳڙو ڪيو آھي.“
''تہ پوءِ منھنجي ڪري اھو بہ ڪر نہ.“
''حالتن اڳيان جھڪڻ ڪمزوري آھي. . . ڇا تون چاھين ٿي مان ڪمزور ٿيان.“
''پنھنجي اڇا سان جھڪڻ ڪمزوري ڪونھي.“
''آھي.“
''ڪجهه وڃائڻ جي پيڙا ۾، غصي سبب تون ستيہ کان دور وڃي رھيو آھين.“