16
ٽھڪ نڪري ويم.
''تون اڃا ننڍو آھين.“
''پر واشو بہ تہ ننڍو آھي. گوبند بہ تہ. . . “
''تہ ڇا، ھو غريب ٿورئي آھن.“
راجوءَ ڪو بہ جواب نہ ڏنو، چپ چاپ ڇت ڏانھن نھاريندو رھيو.
مھيني بعد ھن مون کي پنج روپيہ ڏنا، پڇيومانس،
''ڪٿان آندءِ؟“
''ٽڪو ٽڪو ميڙي اٺ آنا ڪيم، اٺين آنن جا کٽمڙا ورتم، روز لوڪو ۽ ھيمن سان ٻہ ڪلاڪ گاڏيءَ ۾ وڪڻدو آھيان. ڪيئن سنڌو، ھاڻ تہ سوٽ ٺھرائي ڏيندينءَ نہ،؟ بابا نٿا ڪمائن، روپو نٿو ڪمائي، ھاڻ مان ڪمايان ٿو نہ؟“
منھنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
گھر ڳالهه نہ ڪيم، کيس سوٽ سبائي ڏنم، پر ھو ڇا سوٽ پائي سگھيو؟ کيس ڪيترو ئي منع ڪيم: راجو دٻو نہ، ڪتاب کڻ، تون پڙھ.
''چيائين؛ ''پر اسان جي گھر ۾ ڪير ڪمائي ڇو نٿو،؟ واشو ۽ گوبند کلندا آھن، تون روئين ڇو ٿي؟ نہ نہ، مون کي قسم آھي نور جو، مان ھلندڙ گاڏيءَ مان ڪڏھن ڪونہ لھندو آھيان.“
۽ ھڪ ڏينھن ھيمن اچي ٻڌايو. . . .رھڻ ڏيو ان کي.
راجو جو نہ رھيو. پر مان اھو ڪيئن ٿي وساري سگھان، جڏھن ھنجي لاش کي ڏسي ڊاڪٽر چيو: ''جڏھن بہ ڪو ٻار گاڏيءَ مان ھيٺ اچي ويندو آھي، تڏھن مون کي اھو ئي ڀرم ٿيندو آھي تہ اھو ضرور سنڌي ھوندو، ھن جي ھٿ ۾ ڇٻو يا دٻو ھوندو، پويان ڪوئي ٽي-سي وغيره ھوندو.“
تڏھن مون ڪيترو رُنو، ان جو بيان مان نٿي ڪري سگھان. البت ياد اٿم تہ ان رات 'انسان ۽ حالتون` ان تي ڪجهه سوچيو ھيم. راجوءَ ڄڻ گھر کي ٺاھيو ٿي. پنھنجو گھر ٺاھڻ معنيٰ ٻئي جو گھر اُجاڙڻ ڪونھي. ليڪن ٻئي جي گھر ٺاھڻ مان جي پنھنجو گھر بگڙجي وڃي تہ، تہ،؟ نہ مان بنگالڻ نہ ٿيندس. مان پنھنجو گھر ٺاھيندس. حالتن سان لڙنديس. ٻين سان محبت ڪنديس، رھنديس سنڌي، ڇو تہ اھو سنڌي ڪلچر آھي، جنھن بکاريءَ نہ، محنت ڪش پئدا ڪيا آھن.
ھا، ان سنڪلپ جو منھنجي زندگيءَ تي خاص اثر نہ ٿيو، ڇو جو منھنجي جيون ۾، شخصي ڳالهيون ئي ڪجهه اھڙي انداز سان گذريون آھن، جو ڄڻ ھاڻي ئي ساھ کڻڻ جي فرصت ملي آھي.