ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  17

سنڌيءَ ساھت تي بحث ٿيڻ بعد، شيام جو رُخ ڪجهه ڦريل نظر اچڻ لڳو. ايندو ھو تہ ڪجهه گم سم، ڪجهه منجھيل لڳندو ھو. ڳالهاءِ نہ پورو جواب تہ ڏي. ھڪ ڏينھن ھڪ مھيني جو پگھار کڻي آيو، چيائين، '' تون مون سان پيار ٿي ڪرين نہ سنڌو؟“
''ڇو؟“
''جواب ڏي.“
''تون بہ تہ ڪرين ٿو.“
''ھا ڪريان ٿو، ٻئي ڪريون ٿا.“
''پوءِ؟“
ھن اوسي پاسي نھاريو، ڪمري ۾، درين دروازن وٽ ڪٿي بہ، ڪير نہ ھو.
''ڏس سنڌو، اٽڪل مھيني کن کان منھنجي مڱڻيءَ جون ڳالهيون ھليون ٿي.. . .“
دل تي ڄڻ وڄ ڪري.
''مون سخت مخالفت ڪئي.“
''ھون.“
''ڪامياب تہ ويو آھيان؛ ليڪن مائٽ مٿو کائي ويا آھن تہ ھاڻ مان پنھنجن پيرن تي بيٺو آھيان؛ مون کي شادي ڪرڻ ئي گھرجي.“
''پوءِ ڪري ڇڏ نہ؟“
''تو کي ڇا مذاق ٿو سُجھي.“
''چڱو، ان لاءِ مان ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھان؟“
''ھل تہ ڀڄي ھلون.“
''تنھنجو دماغ تہ ٺيڪ آھي نہ؟“
''دماغ ٺيڪ آھي، ليڪن مان ٺيڪ ڪونہ آھيان.“
''اسٽائيل.!“
''ڀلي ڇا بہ سمجھ، ان ۾ صرف سچ آھي.“
''ليڪن ڀڄجي ڇو؟“
''تون تہ ڄاڻين ٿي تہ مان حيدرآبادي آھيان، اسان ۾ ڏي_وٺ جو اُگرو مرض آھي. مائٽن کي ان مرض جي ترشنا آھي. ھنن کي کپن ڏھ ھزار.“
''پوءِ؟“
''مون شروع ۾ ئي چيو، مان ان سان شادي ڪندس، جنھن سان منھنجا ويچار، جذبا ملي ايندا. جيئن صورت کان اڳ سيرت ڏسڻ گھرجي، تيئن ٻيون لياقتون ڏسڻ کان اڳ ويچار ڌارا ڏسجي ۽ پوءِ مون ٻڌايو تہ مون ڇوڪري ڳولھي آھي.“
''اڇا.“
''پڇيائون ڪير آھي؟ چيم شڪارپور جي آھي، ٻڌي بگڙجي ويا. چيو اٿن يا الڳ گھر ڪري وڃي رھ، يا اسان جي چوڻ تي حيدرآبادي ڇوڪريءَ سان شادي ڪر.“
''پوءِ ڪنھن حيدرآباديءَ سان شادي ڪرين ٿو؟“
''۽ تون؟“
''منھنجو ڇا، مان ٿوريئي حيدرآباد جي آھيان.“
''پوءِ، ڇا سنڌي نہ آھين، استري تہ آھين.
''استريون تہ حيدرآبادي بہ ٿينديون آھن.“
''حاضر جوابي ڏيکارڻ لاءِ جواب ڇو پيئي ڏين سنڌو! مان سچ پچ گنڀير ٿي ٿو چوان: ھل تہ ڀڄي ھلون.“
''ڪيڏانھن؟“
''بمبئي راجيہ کان ٻاھر.“
''رھنداسين ڪٿي؟“
''مڪان ۾.“
''کائينداسين ڇا؟“
''روٽي.“
''ڪندين ڇا؟“
''نوڪري.! نوڪري نہ ملي تہ مزوري.“
''ڪتاب مان بہ پڙھندي آھيان.“
''يعني؟“
''يعني تہ اھي ڪتابي ڳالهيون آھن. ڪتاب لکيا ئي ان ڪري ويندا آھن تہ جن حالتن ۾ جي چڪون ڪتابي ڪردار ڪن ٿا، سي چڪون، ساڳين حالتن ۾ اسين بہ ڪيون، تہ اسان کي کپي تہ اسين سٺن ڪردارن جي نقش قدم تي ھلون. مان تنھنجي تہ آھيان ئي شيام. ليڪن مان ڇا سڄي، سموري تنھنجي آھيان؟ مون لاءِ گھر، سماج، دنيا ڇا سڀ ڪوڙ آھي؟ چڱو مڃيم ڪوڙ آھي، ليڪن ھڪ ڳالهه جو جواب ڏيندين شيام؟“
''چئہ.“
''سو تہ مان ڄاڻان ٿي تہ تون مون سان پيار ڪرين ٿو. ليڪن تو مون کي اڃا مڪمل تہ پاتو ڪونھي. سڀاڻ جڏھن مان سموري تنھنجي بڻجي ويندس، تڏھن تون ڇا سچ پچ مون کي ايترو ئي چاھيندين، جيترو اڄ چاھين ٿو؟ اڄ تون مون کي پائڻ جي جوش ۾ پنھنجو گھر، سماج، دنيا سڀ وساري رھيو آھين، ليڪن مان جڏھن سمپورڻ تنھنجي بڻجي ويندس، تڏھن زندگيءَ جون تلخ حقيقتون ان جوش جو اثر ڇا گھٽائي نہ ڇڏينديون؟ پوءِ تڏھن ڇا منھنجو ملھ گھٽجي نہ ويندو؟ صرف جذباتي ٿيڻ سان ئي تہ زندگيءَ جا مسئلا حل نٿا ٿين. ھي سڀ ڇو_ ڇو؟“
ھن جو منھن ننڍو ٿي ويو.
''نہ شيام نہ، ڀڄڻ کان نٿي ڊجان. ڀڄڻ جواب ڪونھي، ڀڄڻ ۾ وڏائي بھادري ڪجهه ڪانھي. ڀڄڻ سان ڪجهه بہ حل نہ ٿو ٿي سگھي. جن جيون ڀر پاليو نپايو، تن جي حسرتن جو خون ڪري ھليو وڃجي؟ اھو ڪو طريقو ڪونھي، جيڪڏھن تون صحيح آھين ۽ مائٽن کي مڃائي نٿو سگھين تہ پوءِ اھوئي چئبو تہ تو ۾ پرشپڻو ڪونھي.“
''صرف تون ئي چوندي ويندينءَ؟“
''ري شيام اڄ ڪلھ توکي ڇا ٿي ويو آھي.“
ڪرائي ۾ ھٿ وجھي چيائين، ''چڱو لڙندس.! حالتن سان لڙندس، صرف ايترو ٻڌائينم، تون آھين تہ منھنجي ئي.“
''منھنجي دل ڀرجي آئي.
چيم، ''ڀڄڻ ۾ توکي ساٿ نٿي ڏيان. ان جي اھا معنيٰ تہ ڪونہ تہ مان پاڻ کي....“