05
ڪسٽمس ۾، ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج معرفت ڪوٺايل اميدوارن جو امتحان ھو.
شيام مون کي ڏٺو، ڏسي اڳيان وڌي آيو. چيائين، ''تون.!“
مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد گڏجڻ نہ ٿيو ھو. ھڪ دفعو لوڪل ۾ ڏٺو ھومانس. پاسي مان لنگھي ويو ھو. ڏٺو ھئائين يا نہ، ڪيئن چوان. ھڪ دوست کي چوندو ويو: ڪنھن مقرر آفيس ۾ مقرر جڳھ مون کي نہ ملي تہ ڇا ٿيو؟ بيڪاريءَ جو مسئلو وڌيو ٿوريئي اھا جڳھ ٻئي کي نہ ملندي ڇا؟ نوڪري اڄ نہ ملندي تہ سڀاڻ، سڀاڻ نہ پرھينءَ ملندي ۽ ڀارت، ٻين ڪيترن ملڪن جيان سونھري زماني ڏانھن وک وڌائي تہ رھيو ئي آھي. سوچيم: نوڪري نٿي مليس، ائين نٿو چوي: سرڪار بدلي ڇڏيو، جنھن نعري جو مرض ڀارت ۾ گھٽ پکڙيل نہ آھي ۽ ھاڻ ھو فل سوٽ ۾ سامھون بيٺو ھو. مون طرف وڌڻ کان اڳ واچ ۾ ٽائم ڏٺائين_ تہ کيس واچ بہ ھئي.
مان مسڪرائي رھي ھيس.
''مسڪراھٽ سان سواگت مان آرٽسٽڪ سمجھندو آھيان.“
پھرين عجب پوءِ خوشيءَ_ڳالههايائين ائين، ڄڻ ھميشہ ملندڙ ھو.
''ڪا ڳالهه آرٽسٽڪ آھي يا نہ، چوندا آھن، ان جو سوال پوءِ اٿندو آھي، ان کان اڳ اھو ڄاڻڻ ضروري آھي تہ آرٽ ڇا آھي.“
''اڄ جي امتحان ۾ اسان جو جنرل ناليج ڏسڻ لاءِ؛ اسان کان جي بہ سوال پڇيا ويندا اھي، اھڙي بلند پائي جا نہ ھوندا، . . . .جو سوال تو ڪيو آھي؛. . . . .اھڙا.“
مون ھلڪو کليو.
''پنھنجن حواسن وسيلي محسوس ڪيل حقيقتن جو، اکرن، رنگن، ريکائن، اشارن، سر وغيره رستي ٻئي کي انڀو ڪرائڻ آرٽ آھي. اھو تون بہ ڄاڻندي ھوندينءَ. تنھنجي مسڪراھٽ ۾، 'ڀلي ڪري آئين` جو ڀلو اظھار ھو، تڏھن چيم تہ سواگت آرٽسٽڪ آھي.“
''آرٽ ڇا آھي، اھو نٿي ڄاڻان. منھنجو گھڻو واسطو انھن ڪتابن سان رھيو آھي، جن کي پڙھڻ سان نوڪري جلدي ملي سگھندي آھي.“
''۽ ساھت؟“
''نہ پڙھندي آھيان. اخبارن کي ساھت ڪوٺبو نہ آھي ۽ مان اخبارون پڙھندي آھيان. وندر لاءِ سينمائون تہ آھن ئي.“
''ساھت نہ پڙھندي آھين. تہ پوءِ تون ڇا سمجھندينءَ تہ زندگي ڇا آھي؟“
''ساھت ۾ ڪھاڻيون ۽ ڪويتائون ھونديون آھن؛ ٻيو ڇا؟ ۽ اھو سڀ پڪچر ۾ تہ ھوندو ئي آھي. پڪچر ۾ تہ سنگيت بہ ھوندو آھي. فوٽو گرافي ۽ ٻيو بہ ڪجهه ھوندو آھي. ھڪ سٺي پڪچر، ڏھن سٺن ناولن جي برابر آھي. لئبرريءَ ۾ وڃ، دلپسند ناول ملي نہ ملي.“
''ضروري نہ آھي تہ جڏھن پڪچر ڏسڻ جو موڊ ھجي، تڏھن شھر ۾ سٺي پڪچر ھلندي ھجي ۽ پڪچر ۾ اداڪارن جي اندر جي ڪشمڪش، ھنن جي گفتگو يا اداڪاريءَ مان ظاھر ٿيندي آھي؛ ليڪن ساھت ۾ ليکڪ گفتگو ۽ اداڪاريءَ سان گڏوگڏ سندس اندر جو حال پاڻ بہ اوريندو ھلندو آھي. . .مثلن: ھن سوچيو تہ ھاڻ جي جواب نہ ڏيندس تہ فلاڻيءَ جي زندگيءَ برباد ٿي ويندي. اھو ´سوچڻ` فلمائي نٿو سگھجي. پڪچر ۾ تون سڀني کي جھٽي نہ بہ سگھين، ليڪن ناول تہ تنھنجي ھٿ ۾ آھي ئي. چاھين تہ روڪجي بيھي رھ. پڪچر ڪانہ بيھندي. ھزار دفعا ڏس، تڏھن بہ ڪانہ بيھندي ۽ ناول تنھنجو چئيوان دوست آھي ۽ زندگيءَ ۾ سوچڻ جي وڏي معنيٰ آھي. ڪنھن ´ڇا` ڪيو، ´ڪيئن` ڪيو، اھو ڄاڻڻ بلڪل ضروري آھي ٖ ليڪن ڪنھن ´ڇا` ´ڇو` ڪيو ٖ ´ڇا` سوچي ڪيو؛ اھو ان کان بہ وڌيڪ ضروري آھي؛ جا ڳالهه توکي سمجھڻ کپي ٖ پڪچر ۾ بہ ڪي ڳالهيون آھن ٖ جي ساکيات ڏسون ٿا ٖ ليڪن ساھت ۾ ٖ اھي ساکيات نہ پائي بہ ٖ جنھن روپ سان چاھيون ان سان ڏسي سگھون ٿا ٖ فلمن جي برابر پنھنجي اھميت آھي؛ ليڪن ان سبب ڪير ساھت کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٖ اھا دک جي ڳالهه آھي.“
مان چپ رھيس.
ھو بہ کلي چپ ٿي ويو.