23
''سنڌو.!“
''سنڌو.!“
ماڻھو بلڪل عجب ۾ پئجي ويا.
اڳيان وڌي، ڀائوءَ کي ٻانھن کان پڪڙي، تڙپندي چيم، ''منھنجي ڪري مري رھيو آھين ڀائو_ نہ نہ ڀائو، مان توکي مرڻ نہ ڏينديس. مان ضد بہ نہ ڪنديس. ليڪن توکي بابا کان، اميءَ کان معافي وٺڻي پوندي. روپ مان توکان معافي وٺنداسين . . . منھنجا ڀائو، اھو بہ ڪو طريقو آھي، تون مون کي چوين ھا. . . “
''توکي چيو تہ ھئم.!“
دور کان ڪنھن چيو، ''حالتون . . . خون جا رشتا ناتا بہ . . .“
تڏھن مون کان رھيو نہ ٿيو، چلائي چيم، ''توھان جون اھي ڳالهيون ئي خون جا رشتا ناتا ٽوڙين ٿيون، ٻيو ڪير بہ نہ، ڀڳوان بہ نہ.!“
ڪرشن پڪش جي ان ڀيانڪ رات جي انڌيري منھنجي دل ۾ پرورش ڪري، مون کان نراشا جي چڀ چڀ ڪندڙ ڄار ۾ اُلجھائي ڇڏيو. موڊ نہ ھئڻ جي جا ھڪ خاص موڊ ٿيندي آھي، تنھن منھنجي دل، دماغ تي قبضو ڪري ورتو. دل جي ھڪ ھڪ ڌڙڪن، ارٿ ڀري ٻوليءَ جو روپ وٺي چلايو ٿي: سنڌو ختم . . . سنڌو ختم . . . سنڌو ختم. . .
ڇا سچ پچ ختم؟ سوچيم. . .
مان تہ سمپورنتا جي اُپاسڪ آھيان. مان سڀ ڪجهه سمپورڻ چاھيندي آھيان، چاھي جيت، چاھي شڪست.!
ھوءَ وڃي پيو؛ شيام. . .
ڪرشن پڪش جي رات تہ آھي ئي، ليڪن آسمان ۾ تارا گرھ آھن ڪونہ، ھجن بہ ڇو؟ ھو وڃي جو پيو . . . چال ڍلي، سر ھيٺ ڪيو. . .
اھا راھ ڪلپنا جي ھئي، ڪلپنا، جا شايد سڀاڻي ستيہ جو روپ وٺي. . . . پنھنجي اڇا سان پنھنجي اڇا جو تياڳ ڪرڻ ڇا شڪست آھي؟ پوءِ بہ ھو چال ڍلي، سر ھيٺ ڪيو ڇو ٿو وڃي؟ مان پٺيان رھجي ويئي آھيان. بدلجي ويئي آھيان. ان ڪري؟ ليڪن اھو 'پٺيان` ڇا آھي؟ ھيءَ 'بدل` ڪھڙي؟ اچي ويئي سامھون. . . الجھن.!
الجھن ڪير سلجھائي . . . ڪير ٿو ڄاڻي تہ ان جي پٺيان ڪيترو حصو ستيہ جو آھي ۽ ڪيترو ڪلپنا جو . . . ڪلپنا جو اڌار ستيہ تي ھجي تہ پوءِ اُلجھن ڪھڙي؟ . . . حساب ۾ ڪٿي تہ چُڪ آھي ئي.!
وري بہ اُلجھن.! . . . نہ نہ نہ! ان جي سلجھن آھي. ھو ويو آھي. ڪلپنا ۾. . . ڪلپنا.! جنھن اڃا ستيہ جو روپ نہ ورتو آھي. 'سُڀاڻ` نٿي اچي. 'نہ اچڻ` ستيہ آھي، 'سڀاڻ` نہ! ٺيڪ ائين 'اچڻ وڃڻ` بہ ستيہ ئي آھي. 'سڀاڻ` ھو ويندو . . . وڃڻ ۾ ستيہ ۽ سڀاڻ ۾ مٿيا آھي؛ ان ۾ الجھن ڪھڙي؟. . . ڪلپنا جي آڌار تي ان جو جھڳڙو مٽائي سگھجي ٿو.
نہ نہ نہ . . . ھو ڪونہ ويو آھي.
من ڀٽڪي ٿو. جو وٽس اچي ٿو، ان کي ڀٽڪائي ٿو. من شيام کي ڀٽڪايو آھي . . . . ڪلپنا ۾! نراش ٿي شيام وڃي ٿو . . . چال ڍلي. سر ھيٺ ڪيو . . . مان پٺيان رھجي ويئي آھيان. . . بدلجي ويئي آھيان. . .
پٺيان ۽ بدل.!
زندگيءَ مون کي ٻيءَ راھ تي ھلڻ لاءِ التجا ڪئي آھي ۽ مون رُخ بدلائڻ جو خيال ڪيو آھي؛ اھو درشيہ صرف تڏھن ئي ڏسڻ اچي ٿو.
سلجھي اوسي پاسي نھاريم.
طوفان وڃي چڪو ھو؛ نشان اڃا قائم ھئا.
۽ مان ان طوفان جي وري پاڻ دھرائڻ واري سمڀاونا کان خبردار رھيس. خبردار ھيس تڏھن تہ ڪنھن فيصلي تي پھتي ھيس.
پائڻ بعد سمرپڻ ان گھڙيءَ بہ ستيہ سمجھيم ٿي ۽ ھاڻ بہ سمجھان ٿي، تڏھن بہ ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ھئم، مون آتم سمرپڻ ڪري ڇڏيو ھو پر مان ان کي سمپورڻ نٿي چوان. سمپورڻ ھجي ھا تہ پوءِ پنھنجي جيون جو فيصلو 'پاڻ` نہ ڪريان ھا، جيتوڻيڪ اڄ بہ جڏھن مان پاڻ کان ڪٽجي Detached ٿي، پاڻ کي جاچيان ٿي، تڏھن چوان ٿي، پنھنجي جيون جو فيصلو ٻئي تي ڇڏڻ بہ سمرپڻ سمپورڻ ڪيئن ٿيو؟ جڏھن مان سوچيان ٿي منھنجي جيون جو فيصلو 'مان` نہ، شيام ڪندو، تڏھن، ان مان اھو تہ ظاھر ٿي ٿو پوي نہ تہ ان سمرپڻ ۾ 'مان` آھي.! سچي سمپورڻ سمرپڻ ۾ نہ 'مان` رھڻ نہ گھرجي . . . تڏھن ڇا آتم سمرپڻ ۾ بہ 'اھم` رھي ٿو . . . تہ پوءِ آتم سمرپڻ 'آتم سمرپڻ` ٿيو بہ ڪيئن . . . ۽ مان پيئي سمپورتا جي ڳالهه ڪريان . . . نہ نہ نہ . . . آتم_ سمرپڻ بعد اھم نٿو رھي. آتم سمرپڻ بعد 'ٻہ` ٻہ نٿا رھن . . .