ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

 19

شيام جي گھر پھچندئي، يڪايڪ قدم رُڪجي ويا. چڱو وقت شيام جي گھر نہ ويئي ھيس؛ ممڪن ھو، ھن جي مائٽن مون کي وساري ڇڏيو ھجي ۽ مون تہ چاھيو بہ ٿي تہ ڪاش مان ھنن کي ياد نہ ھجان. جنھن جڳھ تي انسان جو مُلهه، سندس شخصي پئسي جي مدنظر جاچيو وڃي ٿو، اتي ھڪ خوددار ماڻھو وڃي بہ ڪيئن ٿو سگھي. اھو بہ تہ ممڪن ھئو تہ مون کي شيام جي 'ھوءَ` پائي، گھٽ نظر سان ڏٺو وڃي ھا. اھا ڳالهه جيئن ٻين ڄاتي ٿي تيئن مان بہ ان کان بيخبر نہ ھئس تہ اڄڪلهه ڇوڪرن جي مائٽن ۾ ان چوڻ جو فئشن جو ٿي پيو آھي تہ اڄ جون ڇوڪريون، پاڻ سجائي پنھنجي سواميءَ جي کوج ۾ ڀٽڪنديون ڦرنديون آھن. مترتا جي يگ کي جيئن ٻڌيوان ماڻھوءَ تسليم ڪيو آھي، تيئن سموري سنسار نہ ڪيو آھي. پوءِ اھي گمان جاڳندا بہ ڪيئن نہ؟. . . پر ان گمان سبب ڇا ميدان مان نڪري وڃڻو پوندو؟ جتي ڪير گھٽ نظر سان ڏسي، اتي پاڻ کي ٺھڪائي بہ ڪيئن ٿو سگھجي؟ ھڪ ھڪ ماڻھوءَ کي ڳچيءَ کان پڪڙي گيان ڏيڻ سان ڇا ٿو ٿئي. ھتي تہ سرشتي ۾ ئي غلطي آھي، پر جيستائين جيون جا مُلهه نہ آھن بدليا، تيستائين ڇا چپ رھڻو پوندو، پر ائين نہ ڪرڻ سان معاملو منجھندو، سلجھندو ڪيئن.!. . . .
مان پويان موٽيس جو شيام جو آواز ٻڌم.
''سنڌو.!“
روڪجي ويس.
''واپس ڪيڏانھن؟ گھر ھل نہ.“
''نہ، گھر نہ، ڪنھن کُلي ميدان تي گھمڻ جو شوق آھي.“
سورج لھي رھيو ھو.
ٻئي ڊيلي گرافڪ ڪلب جي ڀرسان واري سنسان رستي جي ھڪ ٿلھي تي اچي ويٺاسين.
ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالهيون ٿيون. جيئن روشنيءَ جو ماحول جھڪو ٿيندو ويو، تيئن من اداس ۽ پريشان ٿيندو ويو. ايندڙ ڏينھن ۾ ڪوئي خوفناڪ طوفان اچڻو آھي. رکي رکي من مان ڪنھن چلائيندي ان جو اطلاع ٿي ڏنو.
لال ڪناريءَ سان سفيد ساڙھي پئي ھيم. جھمپر جو رنگ سائو ھو. وار ڪلھن تي پريشان پيا ھئس ۽ مان پنھنجو پاڻ کان دور ٿي. پاڻ کي جاچي رھي ھيس. ڇا ھئڙي شرير کي طوفان ساگر جي ھڪ ئي لھر ۾ لڙھي وڃڻو پوندو؟ ڪوئي بچائيندو نہ. آتم_رکيا ايتري آسان تہ نہ آھي ۽ ھيءُ شيام؟ منھنجو ئي تہ آھي تہ پوءِ آتم رکيا جو بوجو صرف پنھنجي ئي ڪلھن تي ڇو رکان؟ مان تہ خود ھڪ ئي اڌوري رچنا آھيان. ھن ۾ ئي تہ مان پنھنجو سمپورڻ روپ پايان ٿي. ھو بہ تہ جنم کان اڌورو آھي.تہ ھو ڇا پنھنجي سمپورڻ روپ جي جٽاءُ لاءِ منھنجي اڌوري روپ جو بوجو پنھنجي ڪلھي تي نہ کڻندو؟ کڻي نہ کڻي، منھنجو فرض تہ ٻڌائڻ ئي آھي،واپارين جيان فائدو نقصان تہ سوچڻ نہ آھي.
چيم، ''چڱو جي مان توکي ملي سگھان تہ؟“
''ملي تہ آھين سنڌو.!“
''سمپورڻ؟“
''سمپورڻ اپورڻ ڪجهه بہ، ملي تہ آھين ئي. پرساد ٿورو ملي يا گھڻو، ان ۾ ڪوئي انتر تہ آھي ڪونہ.“
''اھا اپمڪا ٺيڪ ناھي شيام. جنھن کي پرساد چيو وڃي ٿو. ان کي ٿوري، گھڻي جي سوال مان لڳائي نٿو سگھجي. من ھڪ طرف ھجي ۽ مان ٻئي ھند ھجان اھا ڳالهه آتما کي پريشان ڪري ٿي ڇڏي. ھڪ گھڙيءَ جي ھزار پتيءَ جي عرصي لاءِ ان جو تصور ڪري ڏس، ڏس تہ اھا پريشاني سڀاويڪ آھي نہ؟“
''ھن اچرج ۾ پئجي چيو، ''يڪايڪ تنھنجو آواز ڇو بدلجي ويو سنڌو.!“
ھن پنھنجون ٻئي ٻانھون منھنجي بازوئن ۾ کپائندي چيو، ''تنھنجو منھن اداس ڇو؟ تنھنجي اکين ۾ تارن جي روشني ٿي ڏسڻ ۾ اچي. اھي آنسو ڇو سنڌو.!“
''آنسو.!. . . .
چوندا آھن پيڙا سان ئي نيتر کلندا آھن. ليڪن پيڙا کي سھجي بہ ڪيئن.! اکيون پوسڙڻ ٿيون لڳن. دل جلڻ، ڇاتي ڇڄڻ ٿي لڳي. جسم جي رڳ رڳ تاڻجي ڄڻ پٿر ٿيو وڃي. اکين کي ھر چيز مان آر پار ڏسي سگھڻ جو اھڙو تہ مرض وٺيو ٿو وڃي، جو پائڻ ۾ ئي پاڻ کوئجي ٿو وڃجي ۽ نيتر کلن ڪٿي ٿا؟ اھي تہ مرڳو ئي بند ٿي وڃن ٿا. شايد آتما جون اکيون کلن ٿيون. ليڪن ان درشٽيءَ جو ملھ ڪھڙو؟ ڇا ان درشٽيءَ ۾ پيڙا جا مُلهه بدلجي وڃن ٿا. زھر جو پيالو پيئڻ ۾ ڇا ميران کي ٿوري بہ پيڙا نہ ٿي ھوندي! اھا ڪھڙي درشٽي آھي جنھن ۾ پيڙا سک ۾، زھر امرٿ ۾، انڌڪار پرڪاش ۾ بدلجي ٿو وڃي. ڇا پيڙا سھڻ ۾ ئي پيڙا کان مڪتي ملي وڃي ٿي؟ جيڪڏھن اھوئي سچ آھي تہ پوءِ دنيا ۾ ھيترا ماڻھو دُکي ڇو آھن؟ پيڙا سان ھنن جا نيتر کلن ڇو نٿا؟ پيڙا انسان کي ڳاڙي ماري ختم ڇو ٿي ڪري ڇڏي؟ ڇا آتما جي نھار ۾ موت، موت نٿو رھي؟ ڇا پيڙا جي فيلسوفيءَ ۾ پنر_ جنم کي قبول ڪرڻو پوندو؟
چيم، ''پيڙا سان نيتر کلن ٿا، تنھنجو ان ۾ وشواس آھي شيام؟“
''۽ منھنجي سوال جو جواب؟“
''نمبر ڏسڻو آھي، اھميت ناھي ڏسڻي؛ ڪيئن؟“
ھن ٻئي ھٿ مٿي وڌائي منھن طرف آندا؛ ٿورو زور بہ ڏنائين ۽ پوءِ اڃا بہ ھٿ مٿي ڪري ٻئي ڪن بند ڪري نہ معلوم ڇا چيائين.
''مان ڇا چوان، تو تہ منھنجا ڪن ئي بند ڪري ڇڏيا آھن.“ مون چيو.
''اوھ“ ائين چئي، ھٿ ھٽائي، کاٻي ھٿ سان پنھنجي پيشانيءَ تي ڪريل وارن کي ھٽائيندي چيائين، ''ھر سوال جو جواب ڀل ٿيندو ھجي، ليڪن اھو ھرڪو ڏئي نہ سگھندو آھي. مون کي نہ تہ پيڙا جو شخصي انڀو آھي ۽ نہ ئي وري ڪو ان جو گھرو اڀياس ڪيو اٿم. النت ھنديءَ ۾ ھڪ اپنياس پڙھيو ھئم، نالو * ''نديءَ ڪي ديپ“ ھئس، ان اپنياس جي ٻاھران ڪويتا جون ڪجهه سٽون ڇپيل ھيون، جي ان اپنياس جي ليکڪ آگيہ جون لکيل ھيون. مون کي انھن سٽن جو ارٿ، اڃا بہ ياد آھي؛ جيتوڻيڪ ان ۾ ستيہ آھي يا نہ، اھو اڃا بہ سمجھي نہ سگھيو آھيان.“
''ڪويا جو ارٿ؟“
''ٻڌ،“ ھن چيو، ''دک سڀني کي گھوٽي ٿو ۽. . . پاڻ ڀلي سڀني کي مڪت ڪرڻ نہ ڄاڻندو ھجي. مگر جن کي گھوٽي ٿو؛ انھن کي اھو سيکاري ڇڏيندو آھي تہ ٻين کي مڪت رکن.“
ھڪ کن ۾ ان جو ڀاو پڪڙي ويس. امرتا جو ڪيترو نہ رھسيہ ڀريل آھي ان ۾ . . . . ۽ اھو سچ ڪويءَ پاتو ڪيئن ھوندو؟. . . پيڙا مان ئي تہ ھن جا نيتر کليا ھوندا. جو ھن جيون جي ان وڏي ستيہ جو ساکيات روپ پاتو ھوندو.
پيڙا پھچائڻ پاپ آھي. اھو خيال ئي صرف تڏھن اچي ٿو. جڏھن ڪنھنجي آتما پيڙا وچان پريشان ٿي وڃي ٿي.

دک گھوٽي ٿو، ڀلي پاڻ مڪت نہ ڪري. ليڪن ٻين کي مڪتي ڏيڻ جو سبق تہ ڏئي ٿو. اھا ئي تہ پيڙا جي فيلسوفي آھي. ان مان ئي تہ نيتر کلن ٿا.
''ڪجهه سمجھيئي؟“ شيام چيو.
''سڀ ظاھر تہ آھي.“
''چڱو، تو اڳاڻي نہ ملي سگھڻ جي ڳالهه ڇو ڇيڙي؟“
''آثار ڪجهه اھڙا آھن.“
''سنڌو . . .“ ھن ڇرڪ ڀري چيو.
''مون کي ان جو دک آھي.“
''دک.! ليڪن ڇو؟“
تڏھن مون ھن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.
شيام اڳيئي گم سم رھندڙ، ڀائوءَ جي ڳالهه ٻڌي پريشان ٿي ويو.
مان آگييہ جي ڪويتا تي سوچڻ لڳس ۽ ھو شايد من ۾ اٿيل طوفان کي اپمائن سان پيش ڪرڻ تي سوچڻ لڳو.
ڪويتا تي ڪجهه جو اڳ ۾ سوچيو ھئم، ان کان وڌيڪ ڪجهه بہ سوچي نہ سگھيس. ساڳئي وقت ان تي وڌيڪ سوچڻ جي ضرورت بہ محسوس نہ ڪيم. ڪويتا جو ارٿ بذات خود واضع ھو ۽ مون کي ارٿ مان انرٿ ڪرڻو نہ ھو. ۽ ھن ڀڻ ڀڻ ڪندي ان نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو ڄڻ پنھنجو پاڻ سام ئي ڳالهائي رھيو ھو.