02
رستي تي اوچتو برسات پيئي. مون کي ڪوٽ، ڇٽي وغيره ڪجهه نہ ھو.
چيائين، ''سنڌو، اعتراض نہ ھجيئي تہ. . .“
مون آس پاس نھاريو.
''مان ٻين جي اعتراض جي ڳالهه نٿو ڪريان.“
تڏھن مان چپ چاپ، ھن سان ڪَٺو، ھن جي ڇٽيءَ ھيٺان ھلڻ لڳيس.
''ھتي جي برسات ڪھڙي نہ واھيات آھي. ڪڏھن بہ سڌي نہ پوي. ڇٽي اڌ جسم بہ بچائي نٿي سگھي.“
''۽ اڄ منھنجي ڪري، صرف مٿو ئي بچائي سگھندين.!“
''نہ نہ، منھنجي چوڻ جو مطلب ٻيو ھو.“
ھلڪو ٽھڪ نڪري ويم، چيم، ''منھنجي مطلب ۾ بہ ڪجهه ٻيو ئي ھو.“
ھاڻ ھن بہ ٽھڪ ڏنو.
تڏھن اڳيان ويندڙ ٻہ وديارٿي بيھي رھيا، ھن سچ پچ زوردار ٽھڪ ڏنو ھو.
وديارٿي بيٺا، شوڪي نھاريائون ۽ پوءِ ويندا رھيا.
منھنجو گھر اچي ويو. تڏھن مينھن گھٽ ٿي چڪو ھئو.
''شڪريہ.“ مون چيو.
ھن مسڪرائي تہ ڏٺو، ليڪن سندس اکين مان سوالي نھار ظاھر ٿي.
''ڪجهه چوڻ ٿو چاھين؟“
''مڃيندينءَ؟“
''ڪيئن چئجي.!“
''تون ھيءَ ڇٽي کڻي وڃ.“
مون ٽھڪ ڏنو.
''ان ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالهه آھي؟“
''ھاڻ مان ڇٽي ڪيڏانھن ڪنديس، ھڪ تہ گھر اچي ويو آھي؛ ٻيو برسات ذري گھٽ بند ٿي چڪي آھي.“
''متان سڀاڻ برسات پوي تہ؟“
مون وري بہ ٽھڪ ڏنو.
''دل ۾ ڇا سوچيو اٿيئي؟“ پڇيو مانس.
ھن جو منھن ٿورو ننڍو ٿي ويو، پر يڪدم پاڻ تي قابو پائي مسڪرائي چيائين، ''سوچڻ جو ڪم دماغ ڪندو آھي، دل نہ.“
''تہ سچ پچ ڪجهه سوچيو اٿئي.“
''ھا، سوچيم مون وٽ ٻہ ڇَٽيون آھن، ھڪ توکي ڏيندس تہ تون تڪليف کان. . .“
''ڇُٽي پونديس، ۽ جڏھن مرداني ڇَٽي کڻي بزار مان لنگھنديس، تڏھن ڪھڙيون مشڪلاتون پيدا ٿينديون؛ اھو ذرو بہ نٿو سوچين.“
''ماڻھو بيوقوف آھن.“
''اسين بہ تہ ماڻھو آھيون.“
''چڱو، ان تي پوءِ سوچينداسين ۽ ھاڻ ھلان ٿي، تڪليف لاءِ معاف ڪج.“
''ڏس، ماڻھو تڪليفون ڏيندا آھن، ليڪن معافي نہ وٺندا آھن، تو تڪليف ڏني بہ ڪانھي؛ تڏھن بہ معافي ورتئي، تڏھن تہ چيم تہ اسين ماڻھو نہ آھيون ۽ ماڻھو بيوقوف آھن.“
مان کلندي گھر ھلي آيس.
ٻئي ڏينھن برسات ڪونہ ھئي. ´اسڪول` پھتيس تہ ساھيڙيون سوالن مٿان سوال ڪرڻ لڳيون:
. . .ڪڏھن کان سڃاڻينس؟
. . .ڪھڙين ڳالهين تي ٻنھي ٽھڪ پئي ڏنا؟
. . .گھر ٻاھران ناٽڪ ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ وغيره.
داديءَ بہ سُس پُس ٻڌي، ٽيچرس روم ۾ گھرائي سوال ڪيو، ''اھو ڇا سچ آھي؟“
''ھا.“
''توکي اھو سڀ پسند آھي؟“
''نقطچيني؟“
''نہ، ناٽڪ.“
''ناٽڪ؟“
''ائڪٽنگ نہ ڪر.“
''ائڪٽنگ مان ٿي ڪريان يا ٻيو ڪير؟“
''چڱو ٻڌاءِ تہ ائين ڇٽيءَ ھيٺان وڃي ٽھ ٽھ ڪرڻ جي ضرورت آھي؟ڪنھن بہ ڇوڪريءَ کي ڇوڪري سان ڳالهائڻ نہ گھرجي.“
'' پوءِ ڀلي گڏ پڙھندا ھجن؟“
''ليڪن ان ڏينھن تہ توھان ئي چيو ھو نہ تہ وديا جو اديش آھي جيون کي سمجھڻ. اُن کي ٺاھڻ ۽ سڃاڻڻ. سھارو ڏيڻ، سھارو وٺڻ. ليڪن اڄ. . . . . .“
''ھا، اڄ کان تون ھن سان گڏجڻ بند ڪري ڇڏ.“
مون ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
موڪل مھل ھن سان مليس، سڀڪجهه ٻڌايومانس.
''چيم نہ ماڻھو بيوقوف آھن.“
''مان تہ مُنجھي پيئي آھيان.“
''تنھنجي بدنامي ٿئي، اھو سٺو نہ آھي. اسان جي ديس جي ڪيترن ماڻھن کي گھڻو ڪجهه سکڻو سمجھڻو آھي، بيوقوفيءَ جي عالم کان ٻاھر اچڻو آھي. پر بہ جي اسين نہ ملياسين تہ ڏک جي ڪھڙي ڳالهه آھي. اسين ھڪ ٻئي کي پريم پريم تہ ڪيون ڪونہ. جدا ٿي وياسين تہ غم ڇاجو؟“