ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  15

''چڱو رھڻ ڏي، ان کي سنڌو! تنھنجي نالي جي جئہ ھجي ۽ تنھنجي نالي پٺيان جنھن پؤتر امرت ڌارا جو وھڪرو آھي، اھو شل سدا قائم رھي. اسان جو واسطو پنھنجي فرض سان آھي. نہ تہ ڀلا سنڌو ندي وھندي رھي ۽ سنڌي ختم ٿي وڃن ڀلا ائين بہ ٿي سگھي ٿو. سنڌونديءَ جي ڪنارن تان جنھن سڀيتا ڪالهه ڦھلڻ شروع ڪيو آھي، اُھا اڄ بہ ڪندي، سڀاڻ بہ ڪندي، ڇو تہ اُتي جو ماحول ڪجهه اھڙو آھي. وڌ ۾ وڌ ڀاڳيہ جو ٻيو ڪھڙو مذاق ٿيندو، اھوئي تہ سنڌي سنڌي ھوندي بہ ڪجهه ٻيو بڻجي ويندا ۽ غير سنڌي، غير ھوندي بہ سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي سنڌي بڻجي ويندا. سنڌي زندھ رھندا، رھندا رھندا.! ھن روپ ۾ نہ تہ ٻئي روپ ۾. ڪوشش محض اھا ٿيڻ گھرجي تہ انسان جا تمام مختلف روپ قائم رھن ۽ ھميشہ انھن روپن ۾ پورن سندرتا آڻڻ جي ساڌنا ڪئي وڃي.“
تڏھن مونکي روئڻ اچي ويو.
چيم، ''مان بيوقوف آھيان، شيام نٿي ڄاتم: ٻولي ڪلا جو ھڪ روپ آھي. ٻئي جو بنگلو ڏسي پنھنجي جھوپڙيءَ ڊاھڻ ۾ تہ وڏائي نہ آھي. وڏائي نہ آھي تہ پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڪير ختم ڪري سگھندو بہ ڪيئن؟ ان ۾ تہ منھنجو سمپورڻ وشواس آھي تہ انسان آدجڳاد کان ستيہ جي کوج ۾ ڀٽڪندو رھيو آھي. ننڍن ننڍن ستين کي ملائي ھو ڪٿي پھتو آھي، اھا ٻي ڳالهه آھي. ليڪن اھو بہ ھڪ ستيہ آھي تہ ٻولي بہ ڪلا جو ھڪ روپ آھي. تہ پوءِ جي ماڻھو سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪرڻ جي فائدي ۾ نہ آھن، سڀاڻ اھي ستيہ جا اُپاسڪ تہ ٿيندا ئي تہ مان سنڌي آھيان ۽ سنڌي ٿي. . . .ري شيام تنھنجين اکين ۾ ھي پرڪاش ڪھڙو.!“
شيام ھليو ويو. وڃڻ کان اڳ اھو ٻڌائي ويو تہ کيس ڪسٽمس مان نوڪريءَ جو آرڊر آيو ھو.
ھو ھليو ويو ۽ مان سنڌي ڪلچر تي سوچڻ لڳيس.
تڏھن اوچتو منھنجي نظر ننڍي ڀاءُ راجوءَ جي تصوير تي پيئي.
تصوير مان ھن آھستي چيو، ''مان سنڌي آھيان.“
سنڌ ڇڏي ڀارت آيا ھئاسين، تڏھن ھو بلڪل ننڍو، ستن سالن جو ھو.مفت ۾ راشن ملندو ھو، ليڪن اُن مان پورت تہ صرف نالي ماتر ئي ٿيندي ھئي.
ھڪ دفعي راجوءَ چوري ڪئي. ھڪ آني جي چوري.! راجوءَ چوري ڇو ڪئي؟
شايد ان ڪري جو ٻين ٻارن کي ڦٽاڪا ٻاريندو ڏسي کيس بہ دل ٿي ھوندي تہ ڦٽاڪا ٻاريان. ڇو تہ اميءَ جڏھن سندس نڪر لاھي مار ڏني، تڏھن سندس کيسي مان آني وارو ڳاڙھين تيلين جو ماچيس نڪري آيو.
مان اڪثر ھر رات کيس لوڪ_ ڪٿائون ٻڌائيندي ھئس.
اُن رات اچي پاسي ۾ ليٽيو.
پڇيو مانس، ''آکاڻي ٻڌڻ آيو آھين؟“
ڪڙي آواز ۾ چيائين، ''آکاڻي ڪو نہ ٻڌندس.“
''ڇو؟“
''ڇو تہ تون ڪوڙي آھين.“
''مان، ھان راجو، مان.!“
''ھا تون،! تون ڪوڙي آھين، تون ڪِني آھين.!“
''پر بہ ڪيئن؟“
''اڳي اڳي تو ٻڌايو ھو ڪرشن جڏھن چوري ڪندو ھو، تڏھن سڀ کيس پيار ڪندا ھئا.
''پوءِ اميءَ مون کي مار ڏني، توکي ڪوڙي نہ چئجي؟“
مون کلي چيو، ''اڙي پوءِ ڪرشن ڪو پئسن جي چوري ٿورو ئي ڪندو ھو، ھو تہ مکڻ چورائيندو ھو.“
''پر اسان جي گھر ۾ مکڻ آھي ڪٿي؟“
ھي ڪھڙو سوال ھو؟