ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  29

مون چيو ھو، '' جو جيون ۾ سک پيدا ڪري ٿو، اھو ئي ستيہ آھي. تنھنجي جھڪڻ ۾ سنگھرش کان منھن موڙڻ ۾ ڪھڙو سک آھي . . . “
تو چيو، ''شيام، سک جو دائرو ڪنھن ھڪ شخص تائين محدود نہ آھي. جو سک جي ڦھلاءُ کي اسيم سمجھي ٿو، اھو پاڻ کان وڌيڪ گھر، سماج، قوم جو ڀلو چاھي ٿو.“
رات جو بستري تي لڇندي ڦٿڪندي منھنجي من ۾ ھڪ ئي ڳالهه وڃي رھي؛ مان چند گھڙين جي ستيہ جو شڪار ٿي ويو آھيان. . .
مون اھو ڪونہ سوچيو تہ جو شڪار ڪندو آھي اھو ستيہ نہ ھوندو آھي. اصل ۾ مان شڪار چند گھڙين جي اُن ستيہ جو نہ، بلڪہ پنھنجي اگيانتا جو ٿيو ھئس؛ جنھن سبب اُن ستيہ کي ڪڏھن بہ ڪوڙ ۾ نہ بدلجبدڙ ستيہ سمجھيو ھئم.
ان اگيانتا جي خبر تڏھن پيئي، جڏھن دھليءَ ۾، پاڻ کان ڪٽجي، تو کي ۽ پاڻ کي پاڻ کان دور بيھاري زندگيءَ جي ھر ھڪ واقعي، رُخ، رد _ عمل وغيره جو اڀياس ڪيم. فيصلي جي مون قبوليت ڇو ڏني . . . اِھو تڪڙو فيصلو آھي . . . جڏھن ميلاپ نا ممڪن نہ آھي تہ پوءِ وڇوڙو ڇو . . . ڇو؟
ھڪ کن جي ھزار پتيءَ جيتري وقت لاءِ مونکان پاپ ٿي ويو؛ اھو تون ڄاڻين ٿي سنڌو.!؟ . . . .
''ممڪن آھي سنڌو مونکي ايترو نہ چاھيندي ھجي، جيترو مان کيس چاھيان ٿو.“ تڏھن، اُن وقت ديوار سان سر ٽڪرائڻ جو خيال بہ آيو. مون کي ياد آيو تہ جدائيءَ جي اُن ڀيانڪ فضا ۾ اَسھيہ پيڙا وچان جنھن رُنو ھو، اُھو مان نہ، ڪوئي ٻيو ھو _ منھنجي سنڌو ھئي.!
اُن رات، خواب ۾ پٿر جو ھڪ پتلو ڏٺم؛ جو تنھنجو ھو.
تون شانت، اَچل، اواڪ سماڌيءَ ۾ لين ھئين. پرڀات جي پھرين سرخ ليڪ کي ڏسڻ سان جو اکين کي آنند ايندو آھي، ڪجهه اھڙي ئي قسم جو آنند منھنجي دل ۾ پئدا ٿيو تنھنجي اُن روپ کي ڏسي. اُن رات بہ خوب ڪويتائون پڙھيون ھئم. ھوا جو ھڪ جھونڪو ڪو سنديش کڻي وڃي، پاسي واري وڻ کي ٻڌايو ۽ اُن گھڙيءَ، اُن وڻ ڇِي ڇِي ڪري مونکان پڇيو، ''اِن سماڌيءَ جي ڪھاڻي ڄاڻين ٿو.“
چيم، ''ڄاڻان ٿو؛ جا اِن ۾ آھي، اُن کي ڄاڻان ٿو.“
چيائين، ''نہ، تون ھن کي نہ ٿو ڄاڻين . . . اچ مان توکي ان جي واقفيت ڏيان. . . .
It tells of passion long subdued,
of wisdom`s calm repose,
of Patrice bom of pain and strife,
And strength to her, who knows.

(اِھا ھڪ قابو پاتل ترشنا ۽ گيان شانت جي ٺھراءُ جو بيان ڪري ٿي. گيان، جو پيڙا، صبر ۽ ٽڪراءُ مان پئدا ٿيو آھي. جو ئي ھن کي شڪتي ڏئي ٿو، ھوءَ گيانا آھي.)

منھنجي ڪھڙي حالت ٿي، اِھو تون ڄاڻين ٿي سنڌو.!؟ . . . .مون پاڻ کي بلڪل اڌورو، اَڪيلو محسوس ڪيو. تڏھن جدائيءَ جو اُھو تڙپائندڙ منظر منھنجي اکين آڏو ڦري ويو ۽ ائين خواب ٽٽي پيو. . . ڏٺم، دل، دماغ، ٻنھي ۾ جلن ھئي.
اڄ تنھنجو خط پڙھي، مان يڪدم بانولو ٿي ويس. تڏھن مون کي اھو بہ خيال آيو تہ اِنساني دماغ آھي جو حالتن کي ٺاھي، جوڙي ٿو. سوال صرف طريقي جو آھي. تون اھنسا سان جيت پاتي آھي ۽ مون ھنسا سان. . .
تون جُھڪي جُھڪي اُڀري آئي آھين ۽ مان اُڀري اُڀري جھڪي ويو آھيان. . . . . . . . . تو سک جي ڦھلاءُ جي ڳالهه ڪئي ھُئي نہ؟ ان کي ھاڻ مون بہ قبول ڪيو آھي. صرف ڪويتا جون ٻہ سٽون پڙھي. ھيءَ اُھا ڪويتا آھي جنھن معرفت تو پنھنجو سچو ۽ سمپورڻ روپ ظاھر ڪيو آھي ۽ جنھن کي پڙھي منھنجي اُنتر آتما جھومي اُٿي آھي.

مان پاڻ ۾ نٿي رھان،
جو ڪجهه منھنجي اوسي پاسي آھي،
مان اُن جو ھڪ حصو ٿي بڻجان.