08
ھو ڪجهه نٿو ٻڌائڻ چاھي، مان ڇو ديوانين جيان ٻاڏائيندي رھانس.
ھن واچ ۾ ٽائيم ڏٺو مسڪرائي ڏنائين، واچ بيھجي ويئي ھيس. سندس پيشانيءَ تي پسيني جون ھلڪيون ريکائون ظاھر ٿيون؛ ھن کيسي مان رومال ڪڍي، منھن اگھيو، جو سندس کيسي مان ھڪ ڀڳل ڦڻوٽو پٽ تي ڪِري پيو. سندس منھن ننڍو ٿي ويو. چيائين، ''اڄڪلهه جا ڦڻوٽا ڪھڙا نہ ڪچا ٿا ٿين، ڪالهه ورتم، صبح ڀڄي پيو.“
۽ مان سوچڻ لڳيس: فل سوٽ، بيٺل واچ، کوٽو پئسو، ڀڳل ڦڻوٽو، جو چوڻ چاھڻ اھو نہ ٻڌائڻ، جو نہ چاھڻ، اھو ئي ٻڌائڻ، ھي سڀ ڇا آھي؟ تہ ھاڻ ھو پريشان ڇو ٿي ويو آھي؟
ھن ڦڻوٽو کڻي ان ڏانھن نھاريو ۽ مون پڇيو، ''ھلون؟“
مون ڏانھن نھارڻ بنا چيائين، '' ھلڻو تہ آھي ئي.“
اھو ئي ڪروڻا ڀريو آواز، ڪجهه اھڙي ئي سر ۾ ھن چيو ھو؛ ''منھنجو پيٽ ڀريل آھي.“
واٽ تي مون ھن کي ٻڌايو تہ ٻن ڀائرن مان ننڍي ڀاءُ کي بئنڪ ۾ نوڪري ھئي. وڏو ڀاءُ گھٽ پڙھيل ھو، ان ڪري ان جو واسطو مِلن وغيره سان رھندو ھو سندس طبيعت ۾ مزوريءَ ڪرڻ جي ترشنا تہ ھئي ڪونہ، ان ڪري مزوري ڪندي بہ ھو ٻي نوڪريءَ جي ڳولھا ڪندو ھو ۽ ھاڻي ھو شھر جي بس سروس ۾ چيڪر ٿي ڪم ڪري رھيو ھو. پيءُ لاءِ چيم تہ عمر چڙھي وڃڻ ۽ صحت سٺي نہ رھڻ سبب، گھر ۾ ئي ھوندو ھو. سڀني کان ننڍو ڀاءُ،؟ نہ، ان جو ذڪر نہ ڪيومانس. ھاڻ ھو رھيو ئي ڪٿي ھو! امي ڇا ڪندي ھئي؛ اھو ٻڌائڻ بہ عبث ھو.
موٽ ۾ شيام ٻڌايو تہ سندس ماءُ پيءُ ٻئي پڙھيل ڳڙھيل ھئا. پيءُ ايم، اي، ايس ۾ ڪلارڪ ھو، ٻہ ڀينر ھئس، ٻئي کائنس ننڍيون، جي اسڪول پڙھي رھيون ھيون.
اسٽيشن تي ٻنھي موڪلايو.
وري منزل تي گڏياسين. چيائين، '' وري ملندينءَ؟“
''ھا، ممڪن آھي تہ ساڳي آفيس ۾ ملون.“
''ممڪن تہ گھڻيون ئي ڳالهيون آھن.“
''ليڪن سڀ سڀاويڪ ھونديون، اھو تون بہ قبول نہ ڪندين.“
ھلندي ھلندي ھو رڪجي ويو. سماجي شعور ھئس ان ڪري يڪدم خبردار ٿي اڳيان وڌيو، ليڪن ان کان اڳ چيائين، '' تہ توکي نندا يا تنقيد جي رد عمل واري رشتي ناتي جي ياد آھي؟“
چاھيندي بہ مسڪرائي نہ سگھيس ۽ ان ناڪاميءَ جي آخرت ۾ اکين ۾ ڪجهه چرندو پرندو محسوس ڪيم.
آنسو! منھنجا پلڪ ھڪ انوکي آگ ۾ جلي اٿيا. اکيون ھڪ مِٺي آنند وچان پوسرڻ لڳيون. ٻي گھڙيءَ جو ڪجهه ڏسي رھي ھئس، ان ۽ منھنجي وچ ۾ پاڻيءَ جي ديوار اچي ويئي.
''سنڌو.“
مون کي پنھنجي ڪمزوريءَ تي غصو اچڻ لڳو.
''مان سڀ ڄاڻي ويو آھيان. سنڌو، سچ پچ، سڀ ڪجهه.!“
''ان جو ڏک اٿم.“
''ڏک! ھي تو ڇا چيو سنڌو، ڏک.!“
مان چپ چاپ ھلندي رھيس.
''چڱو، اڄ شام جو ملي سگھندينءَ؟“
''ڇو؟“
''ائين ئي توسان ڪجهه دل کولي ڳالهيون ڪرڻيون اٿم.“
''گھر اچج.“
''ٺيڪ آھي.“ ھن ڌيرج سان وراڻيو.
۽ ائين موڪلاڻي ٿي.