ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  13

اسٽائيل ۾ ڏيکاريل حقيقت کي ڏسڻو آھي، اھو ناول ڀل توکي نہ وڻيو ھجي، جو ناول خود ناول بہ ڪونھي. ناول جي ٽيڪنڪ ۾، آلوچڪن جي ٽڪراءُ وارو لنبو مضمون آھي. ليڪن ان Last poem مان کنيل ھڪ ڳالهه تان ٿي توکي ساھت جي اھميت سمجھڻ کپي. تون ساھت پڙھڻ شروع ڪري ڇڏ سنڌو !. . . ھر ليکڪ جي پٺيان ھڪ فلاسافي ھوندي آھي. ليڪن دنيا ۾ جيترا ليکڪ آھن، اوتريون فلاسافيون بہ آھن، ائين نٿو چوان. ڪيترن ليکڪن پٺيان ساڳي فلاسافي بہ ھوندي آھي تہ ليکڪ جدا جدا ويچار ڌارا سبب، جدا جدا نقطہ نظر سان، انساني جيون جي آلوچنا ڪن ٿا ۽ ائين ھو جيون_ راھ جا سونھان ٿي، اسان کي راھ ڏيکارين ٿا. اسان جي ديس ۾، رام ۽ ڪرشن جي پوڄا ڪئي ويندي آھي. پوڄا ڇا آھي ۽ اھا ڪرڻ گھرجي يا نہ، ان سان ھن وقت منھنجو ڪوئي واسطو ڪونھي، سوال آھي تہ انھن جو سرجڻ ڪنھن ڪيو؟_
سنڌو! توکي ساھت سان چاھ رکڻ گھرجي. ساھت مان تون اھو ڪجهه قبول ڪر، جنھن لاءِ عقل توکي اجازت ڏي.“
''ٺيڪ آھي.“ ائين چئي مون ساھت جو ساھ کنيو.
ھن مسڪرائي پنھنجو ھٿ منھنجي ھٿ ۾ ڏنو ۽ مون چيو، ''ساھت پڙھڻ مان ٻہ فائدا ٿيندم. گھڻي ڄاڻ ھئڻ سبب، تون مون اڳيان، ھر ڳالهه کولڻ جي ڪوشش نہ ڪندين ۽ ٻيو تہ اھڙين جھڙين ڳالهين تي تہ بحث ئي نہ ڪندين.“

مون ساھت پڙھڻ شروع ڪري ڇڏيو.
شيام جي ھڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکيم؛ تہ:
ساھت_ ڪلا جي رچنا، ان جي آنند ۽ سکيا جي اڀياس ۾ مخمور ٿي پاڻ کوئڻ يا گھري سوچڻ کي پڙھڻ جي رفتار جي ماپي سان نہ ماپجي تہ بھتر ٿيندو. رچيندڙ، جنھن رچنا کي جنھن روپ ۾ رچيو آھي، ان کي، ان جي اصلي روپ کي نہ وٺي، صرف اُڇاتري نھار مٿائنس ڦٽي ڪرڻ 'پڙھڻ` نہ آھي. رچيندڙ پنھنجي رچنا کي رچڻ ۾ جيترو وقت لڳائي ٿو، اوترو وٺندڙ وٺڻ ۾ نٿو لڳائي؛ پر وٺندڙ جي وٺڻ واري سمي کي 'وٺڻ` چوڻ صحيح نہ آھي؛ وٺڻ جي معنيٰ تہ محض اھا آھي تہ جا چيز، جنھن روپ ۾ آھي، ان ئي روپ ۾ وٺجي. مونتي بنگاليءَ ساھت ايترو اثر ڪيو جو ھڪ ڏينھن شيام کي چئي ڏنم، ''ٿجي تہ بنگالي ڪردار ٿجي.“
شيام ناراض ٿي ويو. ڪجهه چيائين ڪونہ، صرف منھن گھنجائي ڇڏيائين.
''توکي اھا ڳالهه ڇا بُري لڳي؟“
''نہ ڏاڍي سٺي لڳي.“
''پوءِ منھن جا ڀاوَ ڇو بدلجي ويئي؟“