20
. . .ھوا جي تيز جھپٽ، جيئن کيتن جي سنگن کي، جھڪائي ھلي ويندي آھي. ٺيڪ تيئن. حالتن کي ڇا نٿو نٿو نمائي سگھجي؟
. . .دنيا ۾ ھڪ سؤ ويهه ڪروڙ عورتون آھن، ڪوڪو لائيف جي سيٺ کي تون ئي کپين؟
. . .تون نہ. تہ ڪا ٻي! ڪنھن کي تہ وڃڻو ئي پوندو. ليڪن جنھن کي نہ ڄاڻجي نہ سڃاڻجي، ان اڳيان ئي پاڻ ارپي بہ ڪيئن ٿو سگھجي؟
. . .دنيا ۾ ڀلا پئسي جو ئي قدر ڇو آھي؟ پئسي سان ڪير ڪنھن جي دل تہ ڇا، ھڪ خواب بہ خريد ڪري نٿو سگھي، پوءِ ان پريم جو ملهه ڇو نہ آھي؟ سرسوتيءَ جو اھو ڪھڙو سراپ آھي، جنھن سبب وديا پائيندي بہ انسان جيون جو ملهه پورو نٿو ڄاڻي!
. . .تون جيڪڏھن مون سان ڀڄي ھلين تہ شايد تنھنجي ڀائوءَ کي بہ اھو روئي چوڻو پوندو. ناحق ڀينڙيءَ کي راھ رلايم. پڇتائڻو ئي آھي تہ پوءِ زيادتي ڪجي ڇو ٿي؟
. . .ھر پيڙت انسان ھڪ ئي رات ۾ امير ٿي وڃڻ ٿو چاھي. ھن جي دماغ ۾ بنگلا، ڪاريون، ڪلبون ۽ نہ معلوم ڇا ڇا ھوندو آھي! جو ڪجهه ھو نٿو پائي سگھي، ان کي ئي دماغ ۾ کڻي گھمي ٿو. کيتن جا سنگ، شاداب ماٿريون، شربتي نديون، امرتي چشما، سيتل جھرڻا، برفاني پھاڙ، نيرو آسمان ۽ بلوري سمونڊ، انھن کي ڏسڻ، ڏسي طبيعت کي خوش ڪرڻ جو فڪر ھو ڪرڻ نہ ٿو چاھي. آرٿڪ ڍانچي ھن جي آتما کي ماري ڇڏيو آھي. ھو نئين زندگيءَ جا خواب لھي ٿو. ليڪن ان کي ساکيات پائڻ جون راھون اُلجھيل، ۽ لنبيون ڏسي فراريتوادي ٿي وڃي ٿو. زندگي ھن کي گھوٽي ٿي، ھو زندگيءَ کي گھوٽي ٿو، پل پل ۾ جيئي ٿو ۽ ائين جنم مرڻ جي ان چڪر ۾ ڦاسي پنھنجو سڀ ڪجهه کوئي ويھي ٿو.! سڀ ڪجهه کوئي ئي ھو بغاوت ڪري ٿو ۽ ائين ھڪ ئي رات ۾ امير بڻجڻ جا خيال بہ لاھي ٿو ڇڏي!!
. . . سنڌو ! مون کي وشواس آھي. تنھنجو ڀائو ضرور پاڻ کي درست ڪندو. پورھئي کان نفرت ڪرڻ سان مڪتيءَ جا سپنا سچا نہ ٿا ٿين. زندگي خواب نہ آھي. فراريت مڪتيءَ جي راھ_ لوڀ حل ڪونھي! خواب کڻي زندگي ٺاھبي آھي. ليڪن خوابن لاءِ زندگي بگاڙبي نہ آھي.!
. . . سنڌو! منھنجي سنڌو!! مون کي پنھنجو ھٿ تہ ڏي. . . اوچتو مون ائين محسوس ڪيو آھي. ڪوئي شايد توکي پڪڙي مون کان دور وڃڻ ٿو چاھي. مان نٿو چاھيان تہ تون مون کي ڇڏي ڪيڏانھن ھلي وڃين. توکان سواءِ جي نہ سگھندس، ائين نٿو چوان. ليڪن توکان سواءِ زندگي ڪھڙي آھي! تو ۾ مون آدرشن جي ايڪتا ۽ ڀاونائن جي سمانتا جو پاتي آھي.“
حالتون انسان کي ڪيترو ڪمزور ڪن ٿيون؛ اھو مون ان رات ئي ڏٺو. انسان جي وشوروپ جي ڳالهه نٿي ڪريان. وشوروپ وارو انسان تہ ھميشہ جيتي ٿو. تاريخ ساکي آھي. پر اسان جو صرف وشوروپ ئي تہ نہ ٿيندو آھي. قومي، سماجي، انفرادي روپ بہ تہ ٿيندو آھي. پوءِ ھر فرد، ڇا پنھنجو وشو روپ ڄاڻي ٿو. . ؟ ڄاڻي تہ پوءِ دنيا ۾ اڄ جو شورغل متو پيو آھي. ان جو نالو بہ ڇو رھي! اھو ڇا ھر فرد ڄاڻي ٿو تہ دنيا ۾ جو ڪجهه ٿيو آھي ۽ ٿيندو رھي ٿو. اصل ۾ ان منجھ انساني دماغ جو ئي دخل آھي. ڏي وٺ جو مسئلو ڪڏھن ڪيئين شروع ٿيو. اھو بہ تہ سڀ نٿا ڄاڻن. ليڪن تڏھن بہ. آھي تہ اھو بہ انساني دماغ جو کيل. . .وشو روپ انسان سمونڊ چيري رستو ٺاھيو آھي. آسمان ۾ بہ راھون ٺاھيون آھن. گوري شکر تي ھن پنھنجي شڪتيءَ جو امٽ نشان قائم رکيو آھي. جنھن جو انفرادي روپ آھي. اھو بنا گيان، سھڪار ۽ ايڪتا جي ڪجهه ڪري بہ ڇا ٿو سگھي؟ ٻن ھٿن سان پاڻيءَ ۾ تري سگھجي ٿو. ھوا ۾ اڏامي نٿو سگھجي. ھر فرد لاءِ زندگي ھار_ جيت جو افسانو آھي؛ صرف جيت جو اتھاس ڪونھي. تڏھن مان ڀائوءَ کي ڪھڙو ڏوھ ڏيان؟ چوٽ پھچڻ سان برابر پيڙا تہ ٿيندي آھي. جيئن اھو ستيہ آھي. تيئن پيڙا کان مڪتي پائڻ جو ڀاو بہ ستيہ ئي آھي. چئن ديوارن ۾ بند پيل قيديءَ کي خبر آھي تہ کيس مھيني بعد آزاد ٿيڻو آھي؛ پوءِ بہ موقعو ملندي ئي ھو ڀڄي ڇو ٿو وڃي؟ جيون جا ملھ سڀ تہ ڄاڻن نٿا؛ ڄاڻن نٿا تڏھن ئي تہ فراريت جي ڪمزوري پئدا ٿئي ٿي. . .منھنجو ڀائو!. . .جڏھن سماج جي نظر سان ڏسان ٿي. سوچيان ٿي. ھو تہ آھي ئي نفرت جي لائق. . . . ھليو آھي ڀيڻ کي وڪڻڻ!. . . ليڪن ھڪ انسان جي دل جي ڪنھن ڪنڊ مان؛ ڪوئي ھڪ سوال نٿو نڪري: پر بہ ھن کي نفرت لائق بڻايو ڪنھن؟ حالتن؟ حالتون ڪنھن پيدا ڪيون؟ صحيح علم سان صحيح راھ ملندي آھي. مڃان ٿي. ليڪن صحيح علم ڪيئن پائجي؟ ساھت پڙھڻ سان انساني جيون کي ۽ وگيان پڙھڻ سان پرڪرتيءَ کي سمجھي سگھجي ٿو. ليڪن ساھت ۽ وگيان پڙھڻ جو شوق ڪير پئدا ڪري؟ ھرڪو تہ سڀ ڪجهه ڪري نٿو سگھي ۽ جي ڪري سگھن ٿا. انھن ڪيترو ڪجهه تہ اڃا ڪيو ڪونھي. نہ نہ لوڀ موھ اھنڪار خلاف پرچار جي ڳالهه نٿي ڪريان. انھن جو واسطو بہ حالتن سان ئي آھي. اندرين ۽ ٻاھرين حالتن سان جيڪڏھن ھر ڪنھن کي لياقتن آھر ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ چاھڻ سان ئي پائڻ جون راھون کليل رکيون وڃن تہ پوءِ لوڀ رھندو بہ ڪيئن؟ آھي تہ ان ۾ بہ ھڪ وڏو سوال. لياقتن جو فيصلو ڪير ڪندو؟ خير ڇڏيو ان کي. ارٿ شاسترن جا انيڪ پوٿا پڙھي. طرح طرح جي سماجي ڍانچن تي نظر ڦٽي ڪري. ان جي جواب کي بہ پائي سگھجي ٿو. ليڪن جواب ئي پائجي ٿو؛ ٻيو ڪجهه بہ نہ. جي ائين نہ ھجي تہ دنيا ۾ ڪي بکيا ڇو ھجن؟ ۽ جي بکيا نہ آھن تن جي چپن تي مسڪراھٽون ڇو نہ آھن؟ ۽ اھي مسڪراھٽون ٻين جي پيڙا سبب گم آھن تہ پوءَ پيڙا جي فيلسوفيءَ کي قبول ڇو نٿو ڪيو وڃي.