ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  26

طرح طرح جا ويچار من ۾ اچي رھيا آھن. اڄ ٻڌم ھو اچي رھيو آھي. ھو ڇا اچي رھيو آھي، منھنجو ڄڻ انسان جي شڪتيءَ ۾، امٽ شڪتيءَ ۾ وشواس پختو ٿي رھيو آھي_ اٽوٽ ٿي رھيو آھي.
مون کي ياد آھي_ ياد آھي ڇو تہ ڀُلائي نٿي سگھان. ڀائو جو سمپورڻ بدليل روپ ڏسي، من خوشيءَ ۾ اُڇلجي پيو. شيام جي ڇاتيءَ ۾ منھن لڪائي مون رُنو ھئو ۽ ھاڻ ھڪ دفعو وري بہ اھڙي نموني ھن جي سيني ۾ منھن لڪائي روئڻ جي اڇا مون کي تڙپائي ڇڏيو.
ھن اڳيان وڌڻ ۾ بہ ساٿ ڏنو ھو ۽ منھنجي ڀلي لاءِ منھن جي گھر جي ڀلي لاءِ، مون کي ڇڏڻ ۾ بہ ساٿ ڏنو ھو.
ھن روپ جو موھ ڇڏيو ھو. پئسي جو موھ تہ ھن ۾ ھو ڪونہ. ھن پنھنجي تمام اڌيڪارن کي ڇڏيو ھو. چاھي ھا تہ ڪنھن نہ ڪنھن اڌيڪار جي نالي، پريم جي نالي ھيڏانھن ھوڏانھن جون مٺيون، موھ ڀريون ڳالهيون ٻڌائي، مون کي پنھنجي سھواس ۾ آڻي سگھي ھا پوءِ بہ . . . ڪيتري نہ پيڙا ھئي ھن جي من ۾ . . . ھن جيون ۾ ھميشہ پاتو ئي ھو. وڃائڻ تي ھو ھريل نہ ھو. پوءِ بہ ھيڏو وڏو نقصان سھڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ پنھنجي جيون جي سک لاءِ برھ جي ان ڳوڙھن کي ڪافي سمجھيو . . .
ھن پريم ڪيو ھو.
پريم.!
پريم، جو موھ ۽ تياڳ جي اسنڀوءَ سنگم کي سنڀؤ جي قريب آڻي ٿو، جو مون کي تياڳ اڳيان آڻي، مون کي تڇ بڻايو ڇڏي. جو خود پنھنجي ڌرا ۾، تياڳ جو گيت ڳائي ٿو. موھ جا بلبلا پوءِ بہ اٿن ٿا. پر اھي تہ ان گيت اڳيان تڇ آھن، جي اسٿر بہ رھي نٿا سگھن . . .
اھو ڏينھن ڪيئن ڪٽيو؟ . . . اھو ڏينھن ھڪ گيت ھو . . . ڪويتا جي ڌارا ھئي ان ۾ . . . جيون جي فيلسوفي ھئي ان ۾ . . .
انسان چاھي تہ ڇا نٿو ڪري سگھي. صرف پنھنجي سوارٿ تي سوچڻ سان تہ جيون سکميہ نہ آھي بڻجڻو . . . ھرڪو صرف پنھنجي سوارٿ جو سوچي ٿو ۽ وري پنھنجي سوارٿ کي ڪنھن جي بہ سوارٿ کان گھٽ نٿو سمجھي. دنيا ۾ صرف تڏھن ئي ٽپ ٽپ تي ڇڪتاڻ آھي، شور آھي.
صرف اَرٿڪ ڍانچو بدلجڻ سان ئي جيون سکي نہ آھي ٿيڻو. وديا جو ڍانچو بہ بدلجڻ ئي گھرجي. وديا، جنھن جو اديش جيون ۽ پرڪرتي ۽ انھن جي وشال دائري ۾ سمائجي ويندڙ ھر چيز جي سمجھاڻي آھي. سوني جي چمڪ ۽ ٻن چپن جي مسڪراھٽ وچ ۾ جو انتر رھندو آھي؛ اھو صاف ظاھر ٿيڻ گھرجي تہ ھڪ طرف جيوت آھي، سيتا، مارئي ۽ راجلڪشميءَ کي جو ڪجهه رام، کيت ۽ شريڪانت مان مليو، اھو لڪشمي ڪڏھن بہ ڏئي نٿي سگھي.
وديا سان جيون جا ملهه بدلجن ٿا.
آچاريہ چيو، ''يڌشٽر، تو اڃا بہ ٻاٽ ياد ڪيو آھي، ڇهه مھينا ٿي ويا اٿئي. تنھنجي ڀائرن ۽ سوٽن تہ سڄو ڪتاب . . . .“
''سبق ڪھڙو ھو؟ . . . ھميشہ سچ ڳالهائجي.
''مان تہ اڃا ستيہ کي اپنائي نہ سگھيو آھيان، پوءِ مان ڪيئن چوان تہ مان سبق ياد ڪيو آھي.“
مان ڪيئن چوان تہ مون سبق ياد ڪيو آھي.
وديا ۾ صرف ياد نہ آھي ڪرڻو، اپنائڻو آھي ۽ اھو بہ وديا ئي ٻڌائي ٿي.
ھيءُ ڏي_ وٺ ھيءُ ذات پات جا جھڳڙا، پرانتڪ ڀيد ڀاو، فرقيوار ٽڪر، قومي جنگيون، سڀ ڪجهه روڪي سگھجي ٿو. انساني جيون امھ آھي، اھو ئي ياد ڪرڻو آھي. ياد ڪرڻو آھي يڌشٽر جيان . . . جي جيون لاءِ، ستيہ لاءِ، سندرتا لاءِ، انھن جي عزت ۽ رکيا لاءِ سنگھرش ڪن ٿا، تن کي ساٿ ڏيڻو آھي. جيون شوقيہ ٿيو تہ ڇا ٿيو؟ ان ۾ 'اھم` تہ آھي. 'اھم` کي 'اھم` سان ملي 'پرم` بڻجڻو آھي. 'پرم` ئي وشو روپ انسان جي 'آتما` آھي. 'پرم` ۾ ئي لين ٿيڻو آھي.! وديا معرفت آدرشن ۾ سمانتا آڻجي تہ پوءِ پرڪرتيءَ کي انسان جا چرڻ چمڻا ئي پوندا.
شام جو شيام جي گھر طرف رُخ رکيم. چڱي عرصي بعد گڏجڻ ٿي رھيو ھو. شيام جي گھر ۾ پيدا ٿيل مسئلي کان بي خبر ھئس، ائين ڪونھي، تہ منھنجي من ۾ صرف اھا ئي ڳالهه ھئي، شيام سان گڏجڻو آھي، ڊيلي گرافڪ ڪلب ڏانھن وڃڻو آھي ۽ ھن جي ڇاتيءَ ۾ منھن لڪائي . . .
مون کي ڏسي، منھنجون ڳالهيون ٻُڌي، شيام جي من جي ڪھڙي حالت ٿيندي، رستي تي اھو ئي سوچيندي ٿي ويس.
ھن جون ڳالهيون وري ياد اچڻ لڳيون.
ھلندي ھلندي دل ڀرجڻ لڳي.
اکين ۾ آنسو بہ اچي ويا.
تڏھن يڪايڪ ڪو خيال ايندي، روڪجي بيھي رھيس. بيھڻ ٺيڪ نہ ھو، رستي تي آمدرفت چالو ھئي. مان مقرر وقت کان ڪجهه اڳ ۾ ئي نڪري پيئي ھئس. ۽ ٻي ڳالهه مون اتي نہ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ھو تہ ھاڻ جڏھن مان آزاد ٿي ويئي آھيان تہ ڇا مون کي ھن کي غلام رکڻو پوندو . . . نہ نہ نہ.! ھو اڄ بہ آزاد آھي. پريم ڪرڻ لاءِ بہ آزاد ۽ نہ ڪرڻ لاءِ بہ.!
مان پويان موٽيس.
اھوئي ڪلب جو ٻاھريون پاسو، ٿلھو، ايڪانت.!
ھيءَ اھائي جڳھ ھئي جتي اسان ھڪٻئي کي ڇڏڻ جو سنڪلپ ڪيو ھو.
سنڪلپ.!
تڏھن ڦري آيو اھو نظارو . . . انڌڪار . . . پريشاني.!
''مون جيون ۾ ھميشہ پاتو ئي آھي. وڃايو ڪجهه ڪونھي. ليڪن اڄ جو ڪجهه مان وڃائي رھيو آھيان، اھو ڇا وري ڪڏھن پائي سگھندس؟ نہ؛ سنڌو، نہ.! . . . .“
''جيون ۾ مان توکي ڪجهه بہ ڏيئي نہ سگھيس. ان جو مونکي بيحد دک آھي شيام . . . اھو دک منھنجي جيون ۾ ڪڏھن بہ سک کي پرويش ڪرڻ نہ ڏيندو. . . .“
''نہ نہ سنڌو، تون دک نہ ڪر . . . تو منھنجي ڇاتيءَ ۾ منھن لڪائي جو ڪجهه مون ڏنو آھي، منھنجي جيون جي سک لاءَ بس ايترو ئي ڪافي آھي.!.“